ٻارؤ! سچ هڪ اهڙي حقيقت جو نالو آهي، جنهن جو ٻيو
ڪو به نعم البدل نه آهي. سچ لفظ جي اُبتڙ، ان جو
ضد ضرور موجود آهي، جنهن جو نالو آهي ڪوڙ. چوندا
آهن، ته
”سچ
ته بيٺو نچ، ڪوڙ جي مُنهن ۾ ڌوڙ.“
اهو هڪ مفروضو نه، پر حقيقت تي مبني آهي. انسان
جڏهن سچ ڳالهائي ٿو ۽ سچ جي راهه اختيار ڪري ٿو،
ته سندس هر منزل آسان ٿي پوي ٿي. پر جيڪڏهن هو ڪوڙ
ڳالهائي، ڪنهن سان دوکو ڪري، پنهنجي ڪم کي آسان
بڻائي ترقي ڪرڻ چاهي ٿو، ته اها کيس هرگز نٿي
ڦَٻي. پر جلد ئي ان جا خراب نتيجا، سندس سامهون
اچڻ شروع ٿي ويندا آهن. ڇو ته ڪوڙ کي پير ڪونه
ٿين. سچ ڳالهائيندڙ هميشه پنهنجا پير
مضبوطيءَ سان کوڙي بيهندو آهي، ۽ سُست روي
سان ئي سهي پر مستقل ترقيءَ جي راهه تي گامزن
رهندو آهي. اڄ
07
جولاءِ تي توڙي جو سچ ڳالهائڻ ۽ معاف ڪرڻ جو عالمي
ڏينهن ملهايو پيو وڃي، پر حقيقت اها آهي، ته اسان
سچ ڳالهائڻ لاءِ ڪو هڪ ڏينهن ته ڇا هڪ منٽ به مقرر
نٿا ڪري سگهون. زندگيءَ ۾ هميشه سچ ڳالهائجي ۽ ڪوڙ
کان پرهيز ڪرڻ گهرجي.
جيڪڏهن ڪو غلط ڪم سرزد ٿي پوي ته فوري طور اُن جي
لاءِ معافي وٺڻ گهرجي، غلط ڪم تي هر انسان کي
معافي وٺڻ گهرجي، ۽ ٻين کي به معاف ڪرڻ گهرجي.
ماڻهوءَ کي کپي ته ٻين کي سندن غلطيون گناهه معاف
ڪري ۽ پاڻ سان به واعدو ڪري ته اڳتي هو به غلط ڪم
نه ڪندو. ان ڪري انسان ۾ سهپ جو عنصر وڌندو رهندو.
ڇو ته معاف ڪرڻ ۽ معافي ڏيڻ
”وڏي
دل ۽ گڙدي جو ڪم“
آهي. ائين ڪرڻ سان جيڪو دل کي اطمينان روح کي راحت
۽ سُڪون ملي ٿو، ان جو ڪو ڪاٿو ئي نه آهي.
ٻارؤ! اهو سڀ تڏهن ئي ممڪن ٿي سگهي ٿو، جڏهن اسان
شروع کان ئي سچ ڳالهائڻ جي تربيت حاصل ڪنداسين ۽
ان تي عمل پڻ ڪنداسين.
’سچ‘
ڳالهائڻ کي زندگيءَ ۾ اولين ترجيحات ۾ رکڻ گهرجي.
حالات ڪهڙا به هجن پر
’سچ‘
ڳالهائڻ کان منهن نه موڙجي ۽ ربّ تعالى تي ڪامل
يقين ۽ ڀروسو رکجي. ربّ تعالى هميشه سچ ڳالهائيندڙ
جو ساٿ ڏيندو رهندو آهي.
ٻارؤ! مان توهان کي مختصر طور هڪ ننڍڙي ڳالهه،
جيڪا حقيقت ۾ تمام وڏي آهي ۽ اهميت واري آهي
ٻڌايان ٿي. مختصر اهو ته
”توهان
ٻارن حضرت عبدالقادر جيلاني رح جي
واقعي کي ته ضرور پڙهيو ۽ ٻڌو هوندو، ته ڪيئن نه
هن جي صدريءَ اندر لڪل اشرفين جي باري ۾ چورن کي
حقيقت ٻُڌائي ۽ چيو ته مون وٽ ڪجهه
’اشرفيون‘
صدريءَ جي اندر لڪل آهن. ٻارو سچ ڳالهائڻ تي جڏهن
چورن ڏٺو ته واقعي ٻار سچ ٻڌايو آهي، ته اهي فوري
طور متاثر ٿيا ۽ ان هڪ سچ جي عيوض اُهي سڀ چور
فوري طور تي معافيءَ جا طلبگار ٿيا ۽ يڪدم خراب
ڪمن ۽ غلط حرڪتن کان توبه تائب ٿيا ۽ دين جي راهه
اختيار ڪيائون.“
سو ٻارؤ! هميشه سچ ڳالهائيندا ڪريو. سچ
”خير
و برڪت“
جو اهڃاڻ آهي.
ولي بروهي
(هالا نوان)
صرف هڪ منٽ ۾!
مسلمان ڀاءُ سا مصافحو ڪرڻ.
سيدنا براء بن عازب رضي الله عنھ کان روايت آهي،
ته رسول اللهﷺ جن فرمايو، ترجمو:
”جڏهن
ٻه مسلمان پاڻ ۾ هڪ ٻئي سان ملن ٿا ۽ مصافحو ڪندا
آهن، ته انهن ٻنهين کي هڪ ٻئي جي جُدا ٿيڻ کان
پهريان بخشيو ويندو آهي.
(سنن ترمذي2727)
سبحان الله الحمّد لله پڙهڻ.
سيدنا ابومالڪ اشعري رضي الله عنھ کان روايت آهي،
ته رسول اللهﷺ جن فرمايو، ترجمو: الحمّدلله ميزان
کي ڀري ڇڏيندو سبحان الله ۽ الحمّدلله هي ٻئي زمين
۽ آسمان جي درميان خال کي ڀري ڇڏيندا يا انهن
منجهان هر هڪ زمين ۽ آسمان جي درميان خال کي ڀري
ڇڏيندو.
(صحيح مسلم
223)
رسول اللهﷺ تي دُرود پڙهڻ.
سيدنا ابو هريره رضي الله عنھ کان روايت آهي، ته
رسول الله ﷺ جن فرمايو ته، ترجمو:
”جنهن
مون تي هڪ دفعو دُرود موڪليو، ربّ تعالى انهيءَ تي
ڏهه ڀيرا رحمّت نازل فرمائيندو.
(صحيح مسلم
408)
هڪ ٻي روايت جا الفاظ آهن، ترجمو:
”قيامت
جي ڏينهن منهنجي ويجهو سڀ کان وڌيڪ اهو شخص هوندو،
جنهن سڀ کان وڌيڪ مون تي دُرود پڙهيو هوندو.
(صحيح الترغيب والترهيب1668)
محمد افضل خان عباسي
چنيھاڻي، ڪنڊيارو
پاڪستان جي باري ۾
20
معلوماتي نُڪتا
·پاڪستان
اھو واحد ملڪ آھي، جنھن جي ڪنهن به حڪمران پنهنجي
حڪومت جا
5
سال مڪمل نه ڪيا آھن.
·پاڪستان
چانورن جي پوک ۾ بين الاقوامي سطح تي
4
نمبر تي آھي.
·ايراضيءَ
جي حساب سان پاڪستان دنيا جو چوٽيھون وڏي ۾ وڏو
ملڪ آهي.
·پاڪستان
۾
11
ٻيٽ آھن.
·پاڪستان
۾
4
ريگستان آھن، جن مان ٿر سنڌ ۾، چولستان ۽ ٿل پنجاب
۾، ۽ خاران بلوچستان ۾ واقع آهي.
·پاڪستان
۾
13
بئراجون آھن جن ۾ گھڻو پاڻي جمع رھي ٿو ۽ ضرورت
وقت زمينن ۾ فصلن جي پيداوار لاءِ ڪم اچي ٿو.
·پاڪستان
جي قومي ٻولي اردو، قومي وڻ
Deodar,
قومي گل
Jasmine
قومي جانور مارخور، قومي پکي چڪور، قومي ميوو انب،
قومي جوس ڪمند جو جوس ۽ قومي راند هاڪي آھي.
·گھڻي
کان گھڻا ھاڪي ورلڊ ڪپ به پاڪستاني ھاڪي ٽيم ئي
کٽيا آھن.
·
دنيا جو ٻيون نمبر وڏي ۾ وڏو جبل
K2
به پاڪستان ۾ واقع آهي.
·پاڪستان
جي وڏي ۾ وڏي مسجد
’فيصل
مسجد‘
آھي ۽ اسلام آباد ۾ واقع آهي.
·Janipur
پاڪستان جو قديم ترين فاريسٽ
آھي.
·آباديءَ
جي لحاظ کان ڪراچي پاڪستان جو وڏي ۾ وڏو شھرآھي.
·ايراضيءَ
(آدمشماري) جي حساب سان پنجاب
پاڪستان جو وڏي ۾ وڏو صوبو آهي.
·پاڪستان
جو پھريون گورنر جنرل قائد اعظم هو،
پھريون صدر اسڪندر مرزا ۽ پھريون وزيراعظم لياقت
علي خان آھي.
·پاڪستان
۾ پھرين آدمشماري
1951ع
۾ ٿي.
·پاڪستان
جي پھرين خاتون وزيراعظم محترمه شهيد بينظير ڀٽو
ھئي.
·ڊاڪٽر
عبدالسلام اھو پھريون پاڪستاني
ھو، جنهن کي
1979ع
۾ فزڪس ۾ نوبل انعام مليو.
·لاھور
شھر دنيا جي ٽن وڌ کان وڌ گندن ترين شهرن(Most
polluted cities of the world)
۾ اچي ٿو. لاھور شھر کي سٽي آف ڪاليجز (City
of colleges)
به چيو ويندو آهي.
·ڪراچي
شھر کي روشنين جو شهر (City
of lights)
به چيو ويندو آهي.
·سکر
بئراج پاڪستان جي قديم ترين بئراج آھي.
نيٽ جي ٿورن سان
ڪمپيوٽر تي ڊگهي وقت تائين ويهڻ جا نقصانات
ڪمپيوٽر تي ڊگهي وقت تائين ويهڻ سان ڪرنگهي جي
هڏيءَ تي مختلف ناڪاري اثر ٿي سگهن ٿا. هتي ڪجهه
اهم نڪتا ڏجن ٿا.
1.
چيلهه جو سُور: گهڻي وقت تائين ويهڻ
سان چيلهه جي هيٺئين حصي ۾ سُور ٿي سگهي ٿو. هي
سُور گهڻو ڪري غلط طريقي سان ويهڻ جي ڪري ٿيندو
آهي. جنهن سان
ڪرنگهي جي هڏي تي زور پئجي ويندو آهي.
2.
ڪرنگهي جي هڏيءَ جو، متاثر ٿيڻ:
گهڻي وقت تائين ويهڻ سان ڪرنگهي جي هڏيءَ ۾ ٽيڻاڻ
پيدا ٿي سگهي ٿي. جنهن کي اسڪوليوسز (Scoliosis)
چئجي ٿو. هيءَ حالت ڪرنگهي جي هڏيءَ جي بناوت کي
متاثر ڪندي آهي.
3.
ڪَنڌ ۽ ڪُلهن جو سُور: ڪمپيوٽر تي
ڪم ڪرڻ وقت ڪنڌ ۽ ڪُلهن تي بار ٿئي ٿو. جنهن سان
سُور ۽ تڪليف ٿي سگهي ٿي. عام طور، غلط پوزيشن ۾
ويهڻ. ان جو سبب هوندو آهي.
4.
رت جي گردش ۾ رُڪاوٽ: گهڻي وقت
تائين ويهڻ جي ڪري رت جي گردش متاثر ٿي سگهي ٿي.
جنهن سان ڄنگهن تي سوڄ ۽ سُور ٿي سگهي ٿو.
5.
مسلسل ويهڻ ۽ خراب پوزيشن ۾ ويهڻ:
مسلسل ويهڻ سان جسم جي رڳن ۽ عضلات تي منفي اثر
پئجي سگهن ٿا. خراب پوزيشن جا ڪجهه اهم اثرات هيٺ
ڏنل آهن
پُٺن ۽ ڳچيءَ جو سور:
خراب پوزيشن ۾ ويهڻ سان پُٺن ۽ ڳچيءَ ۾ سور، مٿي
جو سور، ساهه کڻڻ ۾ تڪليف ۽ رت جي گردش ۾ به
مسئلا پئدا ٿي سگهن ٿا.
پيارا ٻارؤ! انهن مسئلن کان بچڻ لاءِ توهان کي هر
ڪلاڪ کان پوءِ ڪجهه دير لاءِ اُٿي هلڻ گهرجي. صحيح
پوزيشن ۾ ويهڻ گهرجي ۽ ڪمپيوٽر جي اسڪرين کي
پنهنجي اکين جي سطح تي رکڻ گهرجي.
***
صحَتمَند زندگي گُذارڻ جا اصول
روزاني صحت مند زندگي گذارڻ لاءِ ڪجهه اهم اصول
آهن، جن تي عمل ڪري توهان پنهنجي صحت بهتر ڪري
سگهو ٿا.
1.
گهڻو پاڻي پيو: ڏينهن ۾ اٺ کان ڏهه
گلاس پاڻي پيئڻ ضروري آهي. پاڻي جسم جي مختلف ڪمن
کي انجام ڏيڻ، رت کي ڇڊي ڪرڻ ۽ خوراڪ جي جُزن ۽
آڪسيجن کي جسم جي پاسي وٺي وڃڻ ۾ مدد ڪندو آهي.
2.
ڀرپور ننڊ ڪريو: ننڊ جي گهٽتائي،
ٿولهه، شوگر ۽ دل جي بيمارين جو سبب بڻجي سگهي ٿو.
سُٺي ننڊ حاصل ڪرڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ست کان اٺ ڪلاڪ
سُمهڻ ضروري آهي.
3.
باقاعدگيءَ سان ورزش ڪريو: روزانو
ورزش ڪرڻ سان توهان جي صحت بهتر ٿي سگهي ٿي. ورزش
بيمارين جو خطرو گهٽائيندي آهي، هڏين جي ميکَ
وڌائي ٿي ۽ وزن گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿي.
4.
صحتمند کاڌو کائو: ميوا، ڀاڄيون ۽ پروٽين
سان ڀرپور کاڌو کائو. گهڻي سڻڀ ۽ (جنڪ فوڊ
Junk Food)
وارن کاڌن کائڻ کان پرهيز ڪريو.
5.
ذهني دٻاءَ کان بچو: ذهني دٻاءَ کي
گهٽ ڪرڻ لاءِ مراقبه، يوگا يا ڪا ٻي سرگرمي ڪريو.
هاڪاري سوچ پيدا ڪريو ۽ پنهنجي پاڻ کي خوش رکڻ جي
ڪوشش ڪريو.
6.
صفائي جو خيال رکو: پنهنجي جسم ۽
ماحول جي صفائيءَ جو خيال رکو. پاڻ ۾ هٿن ڌوئڻ جي
عادت وجهو ۽ صاف سٿرا رهو.
7.
سماجي تعلقات: پنهنجي دوستن ۽
خاندان وارن سان گڏ وقت گذاريو. سماجي تعلقات
توهان جي ذهني صحت کي بهتر ڪن ٿا ۽ توهان کي خوش
رکن ٿا.
***
انساني دماغ ڪيئن ڪم ڪري ٿو؟
دماغ توهان جي جسم ۾ مختلف ڪم سنڀاليندو آهي ۽ جسم
۾ سڀ کان پيچيدا عضوو/حصو آهي. هتي ڪجهه اهم نقطا
بيان ڪجن ٿا.
1.
دماغ جا حصا: دماغ ٽن مکيه حصن تي
مشتمل آهي اڳيون دماغ، وچ وارو دماغ ۽ پُٺيون
دماغ. هر حصو مختلف ڪمن کي سنڀاليندو آهي.
2.
اڳيون دماغ: هي حصو سوچڻ، سمجهڻ،
يادگيري ۽ جذبات کي ڪنٽرول ڪري ٿو. ان ۾ اهڙو دماغ
شامل آهي، جيڪو دماغ جو سڀ کان وڏو حصو آهي.
3.
وچولو دماغ: هي حصو صحي معلومات کي
پروسيس ڪري ٿو ۽ جسم جي حرڪت کي ڪنٽرول ڪري ٿو.
4.
پُٺيون دماغ. هي حصو بنيادي جسماني
ڪمن کي سنڀاليندو آهي. جيئن ساهه کڻڻ، دل جي
دهڙڪڻ، رفتار ۽ ننڊ کي ڪنٽرول ڪري ٿو. هن ۾
سيريبيلم (Cerebellum)
شامل آهي. جيڪو توازن ۽ هم آهنگي کي برقرار رکي
ٿو.
5.
نظام اعصاب: دماغ باقي جسم کي نظام
اعصاب ذريعي پيغام موڪلي ٿو ۽ وصول ڪري ٿو، جيڪو
جسم
جي مختلف حصن سان رابطو ڪري ٿو.
***
ڪوثر سوز هالائي
هالا نوان
امڙ جي ياد
امڙ جو رشتو به موتين جي اُن مالها مثل هجي ٿو،
جيڪا جڏهن ٽُٽي جو پوندي آهي، ته سنسار جا سمورا
رشتا داڻُو داڻُو ٿي وکري ويندا آهن! هُوءَ منهنجي
امڙ جنهن جي آوازن جا رنگ برنگي گُل منهنجي من
اندر ۾ خوشبوءِ اوتيندا رهندا هئا. هُوءَ هئي ته
منهنجي جيون جي وشال پڌر مان زندگيءَ جي رنگن جي
کيرڌارا وهندي رهندي هئي، جيڪا منهنجي وارياسي
وجود کي هڪ نئين ڪائنات بخشي ڇڏيندي هئي. پر هاڻي
جيون جي پيڙائن ڀري پڌر ۾ انهن رنگن جي اڻاٺِ ئي
اڻاٺ آهي. پري پري تائين ماٺ ئي ماٺ آهي.
امڙ ساڻ کڻي وئي، منهنجو جياپو،
ڪهڙو لاڳاپو، هاڻي هن جهان سان.
هُوءَ جيڪا لطيف سرڪار جي بيتن جي پانڌياڻي ۽
’سُخنور
سوز‘
جي جيون ساٿياڻي به هئي، جيڪا
اسان کي رسالي
”نئين
زندگي“
۽
”مهراڻ“
جا حوالا ڏيندي هئي، پر هن کان پوءِ ايئن لڳي رهيو
آهي، ته ڄڻ منهنجي حياتيءَ جا سمورا سونا روپا ورق
وري چڪا آهن. ڪو زمانو هو، جو
اگر ڪير پن ڇڻ رُتِ ۾ به اُداس نه ٿيڻ جو سبب پڇي
وٺندو هو، ته ڪيڏي لاپرواهيءَ ۽ نازو انداز سان
چئي ڏبو هو ته،
لهڻ ئي نه ٿي ڏي مصيبتون مون تي،
منهنجي امڙ آسمان کي روڪي رکيو آهي.
هاڻي ائين به لڳندو اٿم، ته منهنجو نازن ڀريو
زمانو اکِ ڇنڀَ ۾ گذري ويو آهي. اها
’16هين
جنوريءَ‘
واري سردِ رات ڪا روايتي راتِ
وانگر نه گذري هئي. وڇوڙي جا وڻ رات وچ ۾ ڪيڏا نه
قدآور ٿي ويا هئا ۽ انهن وڻن جا پاڇولا گهر جي درو
ديوار مان اسان کي گهوري رهيا هئا.
جڏهن دعائن جا در بند ٿي ويندا آهن، ته پوءِ
گهاوَن جا گهر جُڙي پوندا آهن ۽ انهن غمگين نِما
گهرن جا اڱڻ ڳوڙهن جي ڳرَن پَٿرن جي پير رکڻ لاءِ
اکين جا اڱڻ ننڍڙا پئجي ويندا آهن.
هوا لوڏيندي هئي، پنهنجا هندورا،
ٿيا آهن ٿورا، ڏينهن انهيءَ ڳالهه کي.
***
عبدالرحمان، عبدالله جتوئي جي گهر ڳوٺ شير علي
خان جتوئيءَ شڪارپور ۾ پهرين نومبر
1946ع
۾ تولد ٿيو. تعليم ميٽرڪ
1963ع
انٽر
1965ع
بي. اي.
1968ع
ايم. اي. (اسلامڪ ڪلچر)
1982ع
۾ ڪيائين.
27
ڊسمبر
1971ع
۾ اُستادي پيشي سان لاڳاپجي ويو ۽ اهڙيءَ طرح
31
آڪٽوبر
2006ع
۾ مُدو پورو ڪري اسسٽنٽ پروفيسر ٿي رٽائر ٿيو.
سندس پهرين لِکڻي مولانا تاج محمود امروٽيءَ جي
حوالي سان نومبر ڊسمبر
1971ع
شريعت رسالي ۾ ڇپي بعد ۾ ادبي سٿ ۾ شامل ٿي.
پنهنجا ادبي جوهر ڏيکارڻ شروع ڪيائين. عبدالرحمان
جتوئيءَ سنڌي ٻاراڻي ادب، خاص طور تي ڪهاڻي
’کيتر‘
۾ پاڻ کي مشغول رکندو آيو آهي ۽ شڪارپور جو حال
حيات بزرگ ترين ٻاراڻي ادب جو لِکاري آهي.
هن وقت تائين ٻاراڻي ادب جي آکاڻين ۽ ڪهاڻين ۾
چڱا ڪتاب سنڌي ٻوليءَ ۾ لکي پاڻ مڃائي چڪو آهي.
جتوئي صاحب ڪجهه ڪتاب ٻين ادبين سان گڏ ٿي لکيا
آهن. انهن سڀني ڪتابن جو مختصر ذڪر هيٺ ڪجي ٿو.
اخلاقي آکاڻيون
1984ع،
عقلمند صوبيدار
1984ع،
عقلمند طوطو، عقلمند درويش، عقلمند ڪانءُ، (ارباب
عادل سان گڏ)، عقلمند جهرڪي
1988ع،
(ارباب عادل سان گڏ)، عقلمند قاضي
1988ع،
(غلام مصطفى سولنگيءَ سان گڏ)، عقلمند فقير
(عبدالجبار عبد سان گڏ)، مزدور شهزادو، حجم ۽ ديو،
هٺيلا جن (عبدالرحمان ميمڻ سان گڏ)، هِيڻن جو
همدرد، سچيون ڪهاڻيون، اسلامي آکاڻيون، ٽي ساڙيل،
سياڻو گدڙ
1992ع،
عقلمند حڪيم، عقلمند پوڙهو، ابابيلن جي بمباري،
ماڻڪ موتي، (چار حصا)، عقلمند مالهي، نِيل نديءَ
جي ڪُنوار، عقلمند ڇوڪرو
1997ع
(وفا منظور چوهاڻ سان گڏ)، عقلمند سهو، عقلمند
سپهه سالار
1998ع
(وفا منظور چوهاڻ سان گڏ)، سوري جني سينگار
(سڪندر علي انڙ سان گڏ).
مٿين ذڪر ڪيل ڪتابن جي نالن کي ڏسجي ٿو، ته انهن ۾
گهڻائي
”عقلمند“
جي عنوان سان آهي. جنهن مان اهو سمجهڻ ۾ آساني ٿئي
ٿي، ته سائين عبدالرحمان ٻارن ۾ عقل ۽ ادراڪ
واريون آکاڻيون ٻُڌائي، ٻارن ۾ به سمجهه ساڃاهه
۽ شعُور آڻڻ جا جَتن ڪري ٿو. انهن ۾ اڪثر ڪهاڻيون
اسلامي تاريخ جي نامور شخصيتن جي زندگيءَ جي واقعن
سان جُڙيل حقيقتون آهن، جن کي آکاڻي يا ڪهاڻي جي
رُوپ ۾ آڻي ٻارن ۾ اسلامي روح ڦُوڪڻ جي ڪوشش ڪئي
وئي آهي. جيئن مختيار احمد ملاح لکي ٿو، ته
”مجموعي
طور تي عبدالرحمان جتوئي پنهنجي هر ڪهاڻيءَ ۾ اهڙا
ڪردار پيدا ڪيا آهن، جيڪي ذهين ۽ عقلمند آهن. سندس
مقصد اهو آهي، ته هو ٻارن کي اهڙيون ڪهاڻيون
پڙهائي ٿو ، جنهن سان زندگيءَ ۾ اخلاقي قدر پيدا
ٿين ۽ ماڻهن ۾ سندس عزت ۽ مانُ مٿاهون ٿئي.“
ڪتاب سنڌي ٻاراڻي ادب جي تاريخ
230
ص.
عبدالرحمان جتوئي جي ٻن ڪتابن تي سرسري نظر ڪندي
مختصر تذڪرو ڪجي ٿو.
حجم ۽ ديو:
هيءُ ڪتاب مهراڻ اڪيڊمي ڇاپيو آهي. هن ڪتاب جو
ڏهون ڇاپو
2009ع
وارو سامهون آهي. هن ڪتاب ۾ هي ڪهاڻيون شامل آهن.
حجم ۽ ديو، حضرت عمر رضي الله عنھ ۽ سندس غلام،
غريبن جو همدرد، بهادر عورت، مخفي خدمتگار، بدلو ۽
سٺو ٻار شامل آهن. هن ڪتاب ۾ گهڻي ڀاڱي اسلامي ۽
تاريخي ڪهاڻيون آهن. جنهن ۾ هڪ
’حجم
۽ ديوَ‘
جي قصي تي مبني آهي. جيڪا ڪتاب
جي عنواني ڪهاڻي آهي. مڱڻهار، حجم ۽ ديو مکُ ڪردار
آهن. ڪهاڻيءَ جو مختصر تت اهو آهي، ته مڱڻهار ۽
حجم ٻئي دوست ۽ پاڙيسري هئا. مڱڻهار شادين مُرادين
تي دُهل وڄائي پيٽ گُذر ڪندو هو. پر حجم وري گهر
۾
”اٽي
تي چٽي“
بڻجي ويهي رهندو هو. اُن ڪري گهر ۾ سُڃ واڪا ڪندي
رهندي هُئي. آخر هڪ ڏينهن حجم جي زال مُڙس کي طعنا
تُنڪا هڻي ڪم لاءِ سنبرايو. حجم مُنهن ڪري جهنگ ۾
ويو هليو. اُتي وڻ هيٺان سُتو، ته نِنڊ وٺي ويس ۽
اک کُلي ته هڪ وڏو ديو سامهون خوشيءَ ۾ هنبوڇيون
هڻي رهيو هو. حجم به هن کي ڏسي ٺينگَ ٽُپا ڏنا.
ديوَ پڇيو، مان ته اُنهيءَ خوشيءَ ۾ نچان ۽ ڪُڏان
ٿو، ته تو جهڙو شڪار گهر ۾ آيو آهي. حجم به سِڌي
ٻُڌائيندي چيو، ته مان به سوا ديوُ آهيان. اسان جي
بادشاهه جي گهاڻي لاءِ ٻه ٿُلها ديوَ گُهرجن. هڪ
تون ملي ويو آهين. اُن خوشيءَ ۾ مان ڪپڙن ۾ نه
ٿو ماپان.
ديو اها ڳالهه ٻُڌي، ته ڇهه ئي ڇِڄي پيس حجم کي
ايلاز ڪري وڏي رقم ڏئي پنهنجي جندُ جانِ آجِي
ڪرائِي. حجم وڏي رقم وٺي گهرآيو ۽ زال کي ڏنائين،
جنهن اُن مان سودو سامان وٺي،
’ست
رڇي‘
طعام تيار ڪيا. مڱڻهار کي جو خبر پئي، ته پنهنجي
زال کي حجم جي گهر واءُ سواءُ لهڻ لاءِ موڪليو.
سڄو احوال اچي
مڱڻهار کي ٻڌايائين. مڱڻهار حجم کي چيو، مون کي به
ساڻ وٺي هل ته مان به ڪي ڏينهن سُک جا گُذاريان.
حجم مڱڻهار کي ساڳي جاءِ تي وٺي آيو، جتي اڄ ديون
جي دعوت هئي. انهن ۾ ڪاڻو ديو به هيو. مڱڻهار ديون
جون عجيب غريب ڳالهيون ٻڌيون، ته مٿي وڻ تي ويٺل
مڱڻهار جو خوف کان دُهل ڇڏائجي ويو.
’ڊان
ڊُون، ٺان ٺُون‘
ڪندي اچي زمين تي ڪِريو. ديون جو اهو آواز ۽ دُهل
ڏٺو، ته هيءَ ڪهڙي مصيبت مٿي ۾ لڳي آهي. حجم سياڻپ
ڪري دهل ڳچيءَ ۾ وجهي زور سان وڄائيندي
’ڊم
ڊما ڊم‘
ڪندي، پڪڙيو ڪاڻي ديو کي به چوندو رهيو. ڪاڻي ديو
جو ڏٺو، ته وٺي کُڙيءَ تي زور ڏنائين.
’کِسڪ
صُورَ‘
پڙهي گُم ٿي ويو. ٻيا به دعوتي ديو گوڏي گاڏي ڪري
ڀڳا. ايئن مڱڻهار ۽ حجم کي طعام ۽ کاڌي جو وڏو
حصو هٿ آيو. گهر اچي گهر ڀاتين سان کائي ڊَڊَم
ٿيا. ڪهاڻيءَ جو تت ۽ مطلب اهو آهي، ته انسان
آهي ته ننڍڙو، پر عقل وڏو اٿس. ديو آهي ته وڏو پر
عقل ۾ کوٽو آهي. مطلب ته انسان هر مخلوق کان
بالاتر آهي .
سياڻو گدڙ:
هيءُ ڪتاب پهريون دفعو
1992ع
۾
’مهراڻ
اڪيڊمي‘
ڇاپيو ۽ بعد ۾ ان جا ڪيترائي ڇاپا نڪري چڪا آهن.
هن ۾ هي ڪهاڻيون شامل آهن.
سياڻو گدڙ ، عقلمند چوڪيدار، جهنڊي جي عزت، اختر
جو جيل وڃڻ، عقلمند پوڙهو،
مهمان جي عزت، ۽ ٻيون ڪهاڻيون شامل آهي. سياڻو
گدڙ هن ڪتاب جي عنواني ڪهاڻي آهي. هڪ بازيگر وٽ
هڪ باندر هو. جيڪو هاڻي ڪراڙو ٿي چڪو هو. جيڪو
هاڻ ناچ نه پيو ڪري سگهي. جنهنڪري بازيگر کي ڪمائي
نه پئي ٿئي. ان ڪري فيصلو ڪيائين، ته ڪنهن
ڪاسائيءَ کي ڏجي، ته ان کي ڪُهي ڇڏي. اها صلاح
بازيگر پنهنجي زال سان ڪئي، جنهن پڻ چيو، ته اهو
ڪم جلدي ڪر. باندر جو اها ڳالهه ٻُڌي، ته هن کي
ڦِڙڪڻي ورتو، ته اجهو ٿو ڪاسائيءَ جي ور چڙهان.
ائين دل ۾سوچ ڪندي خيال آيس، ته پراڻي جگري يار
گدڙ سان صلاح ڪيان، ته هاڻي ڇا ڪريان ۽ سڄو احوال
گدڙ سان ڪيائين. اهو گدڙ تمام سياڻُو هو. پڇيائين،
تنهنجي مالڪ بازيگر کي ننڍڙو ٻار آهي؟ چيائين
هائو. گدڙ چيو ڪم ٿي ويو. بس سڀاڻ جو انتظار ڪر.
وڌيڪ ڪنَ ۾ سُس پُس ڪندي هدايتون ڏنائين. ٻئي
ڏينهن گدڙ بازيگرجو ننڍڙو ٻار چڪَ ۾کڻي ڀڳو.
بازيگر جي زال گهوڙا پِٽَ ڪئي ۽ بازيگر به گدڙ جي
ڪڍ لڳو. پر گدڙ جهنگ ۾ ٻار کڻي گم ٿي ويو. ٻئي
ڏينهن باندر به جهنگ ۾ ويو. گدڙ ۽ باندر پاڻ ۾
’سٽل
مٽل‘
ڪئي. باندر بازيگر جو ٻار گدڙ کان
ڇڏائي بازيگر جي گهر کڻي آيو، ته بازيگر
ڏاڍو خوش ٿيو. پوءِ بازيگر ۽ ان جي زال باندر کي
شاباس ڏني ۽ اڃان به وڌيڪ باندر جي خاطري ڪرڻ لڳا.
اها سڀ گدڙ جي سياڻپ هئي. جنهن باندر جي جان
بچائي. مطلب ته هر ڪنهن ڪهاڻيءَ ۾ ڪانه ڪا لڪل
نصيحت رکيل آهي.
عبدالرحمان جتوئي ادبي پورهئي جي حوالي سان انعامن
۽ ايوارڊن جو حقدار به بڻيو آهي.
1994ع
۾ سنڌي ٻوليءَ جي
”بااختيار
اداري“
پاران ٻاراڻي ادب تي پهريون
نمبر انعام، ٻه هزار نقد ۽ سَندَ ملي.
2000ع
۾
’عباسي
ڪلهوڙا تنظيم‘
طرفان تنوير عباسي ايوارڊ مليو.
1994ع
مکڙي آرٽ سرڪل شڪارپور پاران بيسٽ رائيٽر جو مڃتا
سرٽيفڪيٽ
2022ع
۾ مهراڻ ادبي سنگت شڪارپور طرفان ادبي مڃتا
سرٽيفڪيٽ پڻ مليو.
عبدالرحمان جتوئي ادبي تنظيم فڪر و نظر سنڌ جي
مرڪزي مجلس عامله جا رڪن به آهن. سنڌي ساهت
سوسائٽي سنڌ شڪارپور لاڙڪاڻو جا جنرل سيڪريٽري
آهن.
’عبدالله
اڪيڊمي‘
شڪارپور جا پڻ صدر آهن. عبدالرحمان جتوئي سنڌي
ٻاراڻي ادب کان علاوه مذهبي ادب تي قلم هلائيندا
اچن ٿا. جنهن جي نتيجي ۾ مختلف عنوانن تي وقت
بوقت ڪتاب منظرِ عام تي ايندا رهن ٿا. جيڪو سلسلو
اڄ سوڌو جاري ۽ ساري آهي.
عبدالسميع ملاح
(ڪنڊريارو)
هڪ خواب جي تعبير
خراسان ملڪ جي هڪڙي بادشاهه سُلطان محمود سبڪتگين،
کي اُن جي مرڻ کان پوءِ خواب ۾ ڏٺو، ته سندس اکيون
اڃا ٽِمڪن پيون. هيڏي هوڏي پيون نهارين. ڪيترا
عالم ۽ داناءَ ان خواب جو تعبير ڪري نه سگهيا. پر
هڪڙي درويش ان جي تعبير هن طرح ٻڌايو، ته سلطان
محمود اڃا ڏسي پيو، ته سندس ملڪ ٻين جي هٿن ۾ آهي.
مطلب ته سلطان محمود جهڙو بادشاهه هتان خالي هٿن
سان ويو. مال ملڪيت نه کڻي ويو. ان جي بادشاهي،
مال ۽ ملڪيت ٻين جي هٿ ۾ آيو. سياڻن چيو آهي، ته
ڪيترا نالي وارا بهادر زمين ۾ دفن ٿيا. جن جو زمين
تي ڪو نشان ئي نه بچيو. مئل ماڻهو کي جڏهن مٽيءَ ۾
پوريائون تڏهن مٽي ان کي ائين کاڌو جو ڪو هڏو به
نه بچايائينس. نوشيروان بادشاهه جو نالو اڄ به
نيڪيءَ سان ياد آهي. جيتوڻيڪ ان کي وفات ڪئي ڪافي
عرصو گذريو آهي. (ڇو ته هو رعيت سان چڱو هليو ۽
پنهنجو نيڪ نالو زندهه ڇڏي ويو.)
پيارا ٻارؤ! توهان ۽ اسان پنهنجي عُمرکي غنيمت
سمجهئون. نيڪي ڪندا رهون. دنيا ۾ ايئن زندگي
گُذاريو، (چڱن ڪمن ۽ اخلاق سان) جو زنده هجو، ته
ماڻهو اوهان سان ملڻ جو شوق رکن ۽ جيڪڏهن مري وڃو
ته توهان کي ياد ڪر روئي پون.
اياز لطيف دايو
سيوهڻ
”عبدالحئي
ڀٽو“
سادگيءَ جو سمبل
سادگيءَ جي ستارن جي پنهنجي هڪ الڳ خوبصورتي هوندي
آهي. اها خوبصورتي انهي وقت اکين کان اوجهل ٿي
ويندي آهي، جڏهن چنڊ پنهنجي جوڀن ۾ هوندو آهي،
اسان جي ادبي قافلي جي ساٿي عبدالحئي ڀٽي جي سادگي
جڳ جهان ۾ مشهور آهي. هو ته
’سادگيءَ
جو سمبل‘
آهي. پر جڏهن ادبي اُفق جو سمنڊ هن جي وجود کي
روشني ڏيندو آهي، ته سندس سادگي سراپا روشني ٿي
ويندي آهي. سندس جنم ڏينهن جي پهرين ڏينهن کان
وٺي، انهيءَ روشنيءَ کي سندس جيجل ۽ هن خطي جي برک
عالم سندس والد صاحب مولوي محمود ڀٽي اوستائين
سنڀاليو، جيستائين هو پنهنجي وکن کڻڻ جهڙو نه ٿيو
هو.
80
واري ڏهاڪي کان هن سنڌ جي تاريخي ماڳ
’مومل
جي ماڙي‘
۾ پنهنجي پرائمري تعليم حاصل ڪرڻ جي شروعات ڪئي،
ته اسان جي سماج ۾ آمريت جا ڪارا بادل ڇانئيل هئا.
آمريت جي وحشي روپ جا پاڇا سنڌ جي وجود کي ڏائڻ
جهڙو ڏيک ڏيئي رهيا هئا. سنڌ جي ڪُنڊ ڪڙڇ ۽ وستي
واهڻ ۾ انهن خوفناڪ پاڇن جي خلاف نفرت ڦهليل هئي ۽
انهيءَ جو گهڻو تڻو اظهار ادب جي ذريعي ٿيندو هو.
اها لاٽ اڳ ۾ ئي عبدالحئي جي گهر ۾ سندس والد صاحب
جي روپ ۾ موجود هئي ۽ اُٿندي ئي سندس تربيت پنهنجي
دور جي ناليواري ليکڪ ۽ شاعر سائين امير بخاري جي
هٿن ۾ ٿي. سندس استاد سائين امير بخاري به پنهنجي
شاگرد جي انهيءَ ذوق کي سمجهي، پنهنجي ويجهو ڪري
عام شاگردن جي ڀيٽ ۾ کيس اهميت ڏني. اهڙي طرح هن
اٺين ڪلاس کان پهريون ٻاراڻو شعر لکي ادبي آمد جي
نويد ڏني.
نائين درجي ۽ ميٽرڪ ۾ پهچڻ تائين، هن ڪهاڻي کيتر
سان گڏ نثري دنيا ۾ به پير پاتو ۽ ڪُلهن تي اجرڪ
اوڍي هٿ ۾ ادبي ڪتابن، رسالن، ۽ ضروري سامان جي
ٿيلهي کڻي، مومل جي ماڙيءَ کان گهوٽڪيءَ ۾ ادبي ۽
سماجي گڏجاڻين ۾ شريڪ ٿيڻ شروع ٿيو، ته اسان جي
ساڻس واقفيت ٿي ۽ اڄ ٽيهن سالن کان وڌيڪ عرصو گذري
ويو آهي، جو اسان جي ادبي سٿَ جي کاهوڙي ساٿِي
رئوف پارس دايو ۽ مون سان ول جيان ويڙهيل آهي.
هن جي وجود ۾ سچائيءَ جو واسُ سمايل آهي. منافقت
جي ڪوٽن ۾ قيد ٿيل، سندس انهيءَ واسَ کان محروم
رهندا آهن. ڇاڪاڻ ته هن وٽ
’سڌِي
راند سونٽي‘
جي آهي. ڪنهن جو ڪيڏو به قدُ ڪاٺ هجي، هو سڀني کي
حق ۽ سچ مُنهن تي ڦهڪائي ڏيندو آهي. ۽ انهيءَ جي
کيس غرض به نه هوندي آهي. نه هن کي اجائي واهه
واهه جي ضرورت آهي ۽ نه وري هو مفادن جو متلاشي
آهي. هو سنڌي ٻولي ۽ ادب جو پروانو آهي. جنهن
پنهنجي ٻالڪپڻ، ڦوهه جواني ۽ تعليمي اوسر بعد
اُستاد جي پيشي سان مڪمل انصاف ڪيو آهي.
سندس ٻاراڻي ادب ۾ لازوال خدمتون آهن، جنهن کي
سموري سنڌ وڏي مڃتا جي نگاهه سان ڏسندي رهي آهي.
هن پنهنجي انهيءَ پورهئي جي موٽ ۾ سرڪاري تمغن
بدران علمي ۽ ادبي ايوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ حاصل ڪيا
آهن، جنهن جو ڪاٿو ئي ناهي. هن سنڌي ٻولي جي
جهوليءَ ۾ گلابن جي خوشبوءِ،
’سُهڻا
ٻالڪ سنڌ جا‘
۽
’ماڻڪ
هر هڪ جي هٿ ۾‘
جهڙا ڪتاب ڏنا آهن ۽ اڌ ڊزن جي لڳ ڀڳ اڻ ڇپيل
ڪتابن جي مواد کان سواءِ ڪيترن ئي اخبارن ۽ رسالن
جو مواد موجود آهي.
هن وقت جي جيد عالم ۽ پنهنجي والد صاحب جي حوالي
سان، ڪتاب علم جو پيڪر مولوي محمود ڀٽو ترتيب ڏنو
آهي. سنڌي ادبي سنگت سان سندس ٽيهن سالن کان وڌيڪ
نينهن جو ناتو رهيو آهي، جنهن کي وقت جو ڪوبه
طوفان ماٺو ڪري نه سگهيو آهي. جنهن تي اسان سڀني
کي مٿس فخر آهي.
عبدالحئي ڀُٽي جو اهو خوبصورت سفر جاري آهي ۽ اڃا
هن کي گهڻو ڪجهه ڪرڻو آهي. هو مستقل مزاجيءَ سان
لکي رهيو آهي. ادبي اُفق جي هن پياري ساٿي لاءِ هر
وکَ، هر قدم، هر موڙ ۽ هر گس تي منهنجون نيڪ
تمنائون ساڻس گڏ آهن.
اُستاد گل دايو
لاڙڪاڻو
آڪڙ جي سزا
ھڪ دفعي جهنگ جو بادشاهه (شينھن) پنھنجي لاءِ ھڪ
ٿُلھي متاري ھرڻيءَ جو شڪار ڪري کڻي آيو ۽ شڪار کي
اچي پنھنجي ڏر جي ٻاھران رکي، مٿس پھرو ڏيڻ لڳو.
عام طور تي شينھن، پنھنجو ڪيل شڪار ھڪدم نه پر
ٿورو پاروٿو ڪري کائيندو آھي. شينھن ھو سڄي ڏينھن
جو ٿڪيل، کيس پھرو ڏيندي ڏيندي ننڊ اچي وئي.
گدڙ، بگهڙ ۽ لومڙ اھو سمورو لقاءُ پري کان بيٺي
ڏٺو. اھي ٽئي ڄڻا به سڄي ڏينھن جا بُکايل ھئا. سو،
وات پاڻي پاڻي پئي ٿين. نيٺ بُک کان مجبور ٿي صلاح
ڪيائون، ته شينھن ٿورو ھيڏي ھوڏي ٿئي، ته سندس ڪيل
شڪار ھٿ ڪري ڏاڍا ڍَؤ ڪجن. ھنن کي شينھن بادشاهه
کان ڀوءُ به ڏاڍو پئي ٿيو، نيٺ دل ٻڌي، پير پير ۾
ڏيئي وڃي، شڪار جي مٿان بيٺا. ڏٺائون ته شينھن
اَلُوٽ ننڊ ۾ سُتل آھي! سو ڏاڍا سُرھا ٿيا ۽
موقعي مان فائدو وٺندي، شينھن بادشاهه جو ڪيل شڪار
کڻي ڀڄي ويا . ٿوري دير کان پوءِ شينھن سُجاڳ
ٿيو، ڏٺائين، ته ڪاريءَ وارا ڪک! شينھن کي شڪار
چوري ٿيڻ تي ڏاڍي ڪاوڙ ھئي. ھن ڪاوڙ ۾ سڄو جهنگ
ڳوليو، پر سندس ڪيل شڪار جو ھڏو به ھٿ ڪونه
آيس. اھو سڀ ڪجهه ٿيڻ کان پوءِ شينھن فيصلو ڪيو،
ته سڀاڻي جهنگ جي سمورن جانورن جي ميٽنگ سڏائبي ۽
کانئن چوري ٿيل شڪار جي ساکَ پتِ وٺبي. ھن اھو به
فيصلو ڪيو، ته جنھن تي به چوري بيٺي، ان جو جڻ ٻچو
رلائي ڇڏبو. شينھن رات جو سڀني جهنگ جي جانورن
ڏانھن نياپو ڪيو، ته سڀاڻي صبح جو سائي تلاءَ تي
گڏ ٿيو، ته جيئن ميٽنگ ڪري سگهجي. صبح ٿيو، ته
جهنگ جا سڀئي جانور شينھن بادشاهه جي حڪم تحت،
اچي سائي تلاءَ تي گڏ ٿيا.
جانورن کي ميٽنگ تي ويندو ڏسي، ھڪ ڪوئي، ٻلن جي
ٽولي کان پڇا ڪئي، ته
”ڪاڏي
ٿا وڃو؟“
چيائونس،
”ڪالهه
شينھن بادشاهه جي چوري ٿي ويئي آھي، ھن جي سڏايل
ميٽنگ تي ٿا وڃون.“
ڪوئي ھنن جي ڳالهه ٻُڌي وڏو ٽھڪ ڏنو ۽ آڪڙ مان
ڊگهين مُڇن کي وٽُ ڏيندي چيائين،
”ٻڌو
ٿم مون تي به شڪ ٿس.“
ٻلن جي ٽوليءَ ڪوئي جي ڳالهه تي اچرج کاڌو ۽ تڪڙا
تڪڙا اچي ميٽنگ ۾ پھتا، جتي سمورن جانورن جي
سامھون شينھن به وڏي ڪاوڙ ۾ ويٺل ھو. ميٽنگ شروع
ٿي، جهنگ جو بادشاهه واري واري سان سڀني جانورن
کان پڇا ڪندو رھيو ته، شڪار ڪنھن چورايو آھي؟ جڏھن
ٻلن جو وارو آيو، ته ھنن ڊڄندي، ڊڄندي چيو،
بادشاهه سلامت، جان جي امانَ ملي، ته ھڪڙو عرض
ڪيون.“
شينھن ڀڀڪيدار آواز ۾ چين، چئو، چئو، شينھن پاران
ڳالھائڻ جي اجازت ملڻ تي ٻلا صفا ڀوڪرجي ويا. ھو
اڳي ئي ڪُوئن تي ڏمريل ھوندا آھن، ويتر جو موقعو
ملين، ته ڳالهه ۾ مرچ مصالحا ملائي ڪُوئي واري ڊاڙ
کي کڻي سڀني جي سامھون رکيو! ٻلن جي اھا ڳالهه
ٻُڌي شينھن به ڀوڪرجي ويو ۽ ھو پڪ سان سمجهڻ لڳو،
ته ڪوئو ئي منھنجو چور آھي. پوءِ، ته شينھن پنھنجي
ساٿين کي حڪم ڏنو، ته وڃو ۽ وڃي ڪُوئي کي
’ٽنگو
ٽالي‘
ڪري کڻي اچو. شينھن بادشاهه جي حڪم جي تعميل ڪئي
ويئي. ڪُوئي کي ڳولي ڦولھي رسين سان ٻڌي، اچي
شينھن جي سامھون اُڇلايائون. شينھن ته اڳي ئي
ڏمريل ھو. ھن بنا سوچڻ سمجهڻ جي ڪُوئي کي ھڪ ئي
چنبي سان پورو ڪري ڇڏيو ۽ ڪوئي کي
’آڪڙ
جي سزا‘
ملي ويئي.
پيارا ٻارؤ! ڪڏھن ڪڏھن ائين ئي آڪڙ ڳچيءَ ۾ پئجي
ويندي آھي. جيئن ڪُوئي کي پيئي. تنھنڪري، آڪڙ ۾
اچي ڪڏھن به اھڙي ڳالهه نه ڪرڻ گهرجي، جنھن سان
نقصان ٿئي.
ليو ٽالسٽاءِ
سنڌيڪار: اياز ڀٽو/جيڪب آباد
گوشت جي ٽُڪرن تي جهيڙو
شينهن ۽ رڇ کي گوشت جو هڪ ٽڪرو مليو. ٻئي ان تي
وڙهڻ لڳا، نه رڇ گوشت جو اهو ٽڪرو شينهن کي ڏيڻ
چاهي پيو ۽ نه شينهن گوشت جي ان ٽڪري کي رڇ سان گڏ
ورهائڻ چاهي پيو. اهي ٻئي دير تائين گوشت جي
انهيءَ ٽڪري جي لاءِ وڙهندا رهيا. جڏهن ٻئي ٿڪجي
ليٽي پيا ته هڪ لومڙيءَ گوشت جو اهو ٽڪرو ڏٺو،
تيزيءَ سان آئي ۽ انهيءَ ٽڪري کي کڻي هلي وئي!
سبق:
پيارا ٻارؤ! جهيڙي ۽ فساد سان نه صرف نقصان ٿيندو
آهي، جيئن ان ڪهاڻيءَ ۾ شينهن ۽ رڇ جو ٿيو. ٻنهي
کي گوشت جو ٽڪرو نه مليو. جيڪڏهن اهي وڙهڻ جي
بدران گڏجي ورهائي گوشت جو ٽڪرو کائين ها، ته ٻنهي
کي فائدو ٿئي ها. انهن جي جهيڙي ۽ فساد جو فائدو
لومڙيءَ ورتو.
|