پرولي ته ڀڃ
الهه بچايو چانڊيو، ڳوٺ مير يار محمد ٽالپر
1-
اڇو اڇو گل، جنهن کي ڊيگهه نه آهي ٿولهه.
ميمڻ عبدالوحيد سنڌي، لاڙڪاڻو
2- هڪڙو هٿ ڪن تي، ٻيو وات تي، سڏ ڪيم ولايت تي.
3- ڀورو سانُ ڀنڀور جو، اچي به رڙندو وڃي به
رڙندو.
اندر لعل جيسراڻي، قمبر
4- پاڻ اڇي، سائو پڇ.
* غلام حيدر، ڳوٺ حاجي محمد زرداري
5- هڪ وڻ آهي،ميوو جهلي ٿو پر ڪاٺي نه آهي، ٻڌايو
ته ڇا آهي.
شوڪت علي سومرو، خانپور.
6- ڪاري ڪڪڙ دنبيدار، جتي پڄي اتي مار.
7- نڪ تي ويهي، ڪن جهلي.
گل حسن ميمڻ، ٻيلو سجاول
8- نه چڪ چڙهي، نه ڪنڀر گهڙي، ري کوهه مٺو پاڻي
ڀري.
رسول بخش سرائي، حيدرآباد
9- کڻان ته کڄي نٿو، ماريان ته مري نٿو.
10- ماريانس ته روئي ٿو، ڪن مان جهليانس ته ماٺ
ڪري ٿو.
رفيق احمد ميمڻ، دڙو
11- گهر گهر ۾ رڍ رڙي.
12- آهي مئل پر جيئرا ٿي ماري.
13- هڪ ماڻهوءَ کي ٻه ٻالڪ، ٻئي هڪ رنگا، هڪ بيهي
ته ٻيو هلي ته به هميشھ ساٿ اٿن.
عبدالرشيد انصاري ”صابر“، سکر
14- ڊيگهه ڊگهو پاسن سوڙهو مٿان مارنگڙو.
15- اڇي اڇي ٻار جتي جهرڪي نه جهار.
16- ڊيگهه ڊگهي پاسن سوڙهي اها ٿي وڃئي جانب
گهوڙي.
17- اڇو اڇو کير جيان چمياس پير جيان ٻڌانس چور
جيان.
18- مارن جا ملير ۾ مون گهر ڏٺا گهاٽا،
نڪا ڳلي ڳوٺ کي نڪا وڃڻ لئه واٽا،
مُنڌ گهمي محلات ۾ مٽ ڀاڳا ماٽا،
ڳاٽ کڻي ڳاٽا، هليا راهه مٿي رشيد چوي.
محمد صالح سمون،ميرپورخاص
19- سيج پئي آهي سمهان نٿو، گل پيا آهن کڻان نٿو.
20- ڀورو ڀورو پٺاڻ، جنهن کي سائي ٽوپي ساڻ.
ڀڃڻي
1- تارو 2- ٽيليفون 3- هوائي جهاز 4- موري 5-ڪيلو
6-بندوق 7- عينڪ 8- هنداڻو 9- پاچو 10- وٽو 11-جنڊ
12-ڪوڙڪي 13-ڪمند 14-جوئر جو ڪلو 15-لوڻ 16-ريل
گاڏي 17-چانديءَ جو رپيو 18-ڪڪڙ، بيدا ۽ چوزا
19-دريا ۽ تارا 20- گيدوڙو.
کل ته سهي!
مفتون احمد شيخ هالا
هڪ فقير ڪتي تان ٿاٻڙجي پيو ۽ ڪتي کي لٺ هڻي
ڪڍيائين، ان تي هڪ شخص چيس ته فقير ڪتي کي لٺ هنئي
اٿئي، ڪتي جي دانهن ستين آسمان تي پهچندي. فقير
وراڻيو ته آئندي آهستي ڌڪ هڻندوسانس پوءِ پهرين
آسمان کان مٿي دانهن وڃي ڪانه سگهندي.
انيلا يوسفاڻي پنگريو
هڪ هپي بس ۾ پوئين سيٽ تي ويٺو ته ڪنڊيڪٽر تڪڙ ۾
چيس ته اما! اها ليڊيز سيٽ ڪانهي. همراهه به ٺهه
پهه جواب ڏنو معاف ڪجو منهنجا صف وار ليڊيز آهن.
سنمک لال ڪنڌڪوٽ
گنجو مهمان: (ڇوڪرن کي) توهان مون کي ڏسي کلو ڇو
پيا.
ڇوڪرا: انهيءَ ڪري جو امان اوهان جي سمهڻ واري
ڪمري ۾ ڦڻي ۽ برش به رکي ڇڏيو آهي.
فضل الرحمان ميمڻ دڙو
دڪاندار: هنن صوفن جي کائڻ سان عقل اچي ٿو.
گراهڪ: ڀلا هڪ جو گهڻو.
دڪاندار:ٻه رپيا.
گراهڪ: (صوف وٺي کاڌو ۽ چيو) اڙي هن ۾ ته ڪا خاص
خوبي ڪانهي،هي ته رواجي صوف آهي.
دڪاندار: ڏس عقل اچي ويو نه، ڇڏاءِ ٻه رپيا.
جان محمد شيخ مٽياري
مريض: (ڊاڪٽر کي) مون کي نڙيءَ ۾ سور ٿي پيو آهي.
ڊاڪٽر: هڪ پاءُ پڪوڙا کائي ٻه گلاس ٿڌو پاڻي پي
ڇڏ.
محمد زبير صابر - سکر
هڪڙي شهر جو ڪوٽوال شڪل جو ڪارو هو. هڪ ڏينهن ان
شهر مان هڪ چور کي پڪڙي ڪوٽوال وٽ پيش ڪيو ويو.
ڪوٽوال فيصلو ڏنو ته هن جو منهن ڪارو ڪري کيس گڏهه
تي چاڙهي سڄي شهر ۾ گهمايو وڃي. چور ڏاڍي عاجزيءَ
سان چيو ته منهنجو منهن ڪارو نه ڪيو وڃي نه
ته........ ڪوٽوال ڳالهه وچ مان ڪپيندي چڙ سان
پڇيو: نه ته ڇا ٿيندو؟ چور وراڻيو: نه ته ماڻهو
سمجهندا ته ڪوٽوال صاحب گڏهه تي چڙهي شهر جو گشت
تي نڪتو آهي.
علي اڪبر پنهور شادي پلي
هڪ ٻار ريل ۾ بنا ٽڪيٽ مسافري ڪري رهيو هو. ٽڪيٽ
چيڪر کانئس ٽڪيٽ گهري، ٻار چيو ته آءُ ننڍو آهيان.
هن پڇيس ته تنهنجي عمر گهڻي آهي، ٻار جواب ڏنو ته
اسڪول ۾ پنج سال، گهر ۾ چار سال ۽ ريل گاڏيءَ ۾ ٽي
سال.
·
علي بخش شاهه عادل ٺٽو
هڪ پروفيسر ڪاليج ۾ شاگردن کي چيو ته سڀاڻي کان
امتحان آهي، اڄ آخري ڏينهن آهي ڪو سوال پڇڻو هجيوَ
ته پڇي ڇڏيو، امتحاني پيپر به پهچي چڪا آهن. هڪ
شاگرد چيو: سر! صرف ايترو ٻڌايو ته اسان جي پيپر
جو پهريون ۽ آخري سوال ڪهڙو هوندو؟
شوڪت علي سومرو خانپور
استاد: (احمد کي) تون اڄ دير سان ڇو آيو آهين.
احمد: سائين مان رات خواب ۾ گهمڻ ويو هوس، ان ڪري
اٿڻ ۾ دير ٿي ويئي.
استاد : (امتياز کي تون دير سان ڇو آيو آهين.
امتياز: سائين مان رات احمد کي ايئرپورٽ تي ڇڏڻ
ويو هوس.
ميمڻ عبدالوحيد سنڌي لاڙڪاڻو
مئجسٽريٽ: (شاهد کي) تو هاڻي جيڪا شاهدي ڏني سا
ڪوڙي هئي، ان ڪوڙي شاهدي ڏيڻ سبب توتي ويهه رپيا
ڏنڊ رکيو ٿو وڃي.
شاهد: سائين مون ته ڪوئي ڪوڙ ڪونه ڳالهايو آهي.
مئجسٽريٽ: تون ڪيئن ٿو چوين ته تو ڪوڙ نه ڳالهايو
آهي، جنهن صورت ۾ تنهنجي ڀيڻ شاهدي ڏيندي چوي ٿي
ته مون کي ٻه ڀائر آهن ۽ تون چوين ٿو ته مون کي هڪ
ڀاءُ آهي.
|