اوهان جو امتحان
اپريل واري پرچي ۾ هيٺ ڄاڻايل رقم کي، فقط هڪ انگ
جي جاءِ بدلائڻ سان ٻيڻو ڪرڻو هو.
42105263157894368
84210526315789436
مٿي ڪيل حساب موجب فقط 8 جو انگ ساڄي پاسي کان کڻي
کاٻي پاسي رکڻ سان رقم هڪ سيڪنڊ ۾ ٻيڻي ٿي سگهي
ٿي. هن امتحان ۾ ڪل 193 ٻارن حصوورتو، جن مان صرف
37 ٻارن جا جواب صحيح نڪتا. انهن جا نالا هن ريت
آهن:
دڙو کان پروانه سليم رضا ڀٽي، عبدالغفور ميمڻ.
پنگريو کان جي ايم سڪندر، ٻيلو سجاول کان گل حسن
ميمڻ، ڳوٺ دولت لغاري ميرپورخاص کان محمد سراز،
شهدادڪوٽ کان ستيا پال سچيڏيواڻي، مٺيءَ کان
کاٽائون سنڌي، آسنداس ڪلو مل، شڪارپور کان
نورالدين سومرو شاد،افسر حسين شاهه، جمشيد رضا
سومرو، مورو کان عبدالفتاح ميمڻ،خيرپور ميرس کان
احسان الله حواد، ڪراچيءَ کان امجد سراج ميمڻ، ڳوٺ
حاجي ابوبڪر بلوچ کان راجا نبي بخش بلوچ، حيدرآباد
کان عبدالرحمان قاضي، محمد امين سومرو، عنايت علي
ڀٽي، ڪنڌڪوٽ کان درو ڪمار بجاج، راجا رميش لال،
شمس الدين اعوان. گجو ٺٽو کان زمان علي جوکيو، ڳوٺ
ٻورڙي شريف کان برڪت الله سيٺار. قمبر کان بخت
جمال شيخ. عمرڪوٽ کان شاهه زمان شير، مهاديو
ڪرماني. لاڙڪاڻي کان عزيزالله ابڙو، عطا محمد
صديقي، عبدالوحيد ميمڻ سنڌي، نواب شاهه کان شيخ
ذڪاءُ الله فاروقي، ڏيپلو کان انور الدين کتري.
نصرپور کان انيس الرحمان ابڙو. ٽنڊوباگو کان
دولترام پياسي، غلام الله پنهور، هالا کان علي
اڪبر ابڙو، سرهاڙيءَ کان غلام حسين مشتاق ۽ غلام
حيدر اياز.
هن مهيني ۾
ٻارن لاءِ هڪ حساب پيش ڪجي ٿو، جيڪو حساب سان گڏ
سچو انصاف به آهي:
ٻه دوست گڏجي سفر تي نڪتا. هڪ دوست هڪ ماني کنئي ۽
ٻئي ٻه مانيون. هلندي هلندي هڪ جهنگل ۾ رات اچي
پين، جتي کين هڪ لانگهائو سوداگر به اچي مليو،
ماني کائڻ مهل سوداگر کي صلاح ڪيائون. ٽنهي گڏجي
ماني کاڌي. صبح جو جڏهن سوداگر کانئن موڪلايو، ته
کين اٺ زمرد ڏنائين ۽ چيائين ته پاڻ ۾ ورهائي
کڻجو. سوداگر جي وڃڻ کانپوءِ، ٻن مانين واري چيو
ته مانيون منهنجون ٻه آهن ان ڪري آءُ پنج زمرد ٿو
کڻان ۽ ٽي تون کڻ پر هڪ مانيءَ واري دوست چيو ته
نه اڌ تون کڻ، اڌ مان کڻان. ان ريڙهه پيڙهه ۾ ڪو
فيصلو ڪونه ڪري سگهيا. آخر ٻنهي اها رٿ رٿي ته
اڳتي هڪ ڳوٺ آهي، اتان جي قاضيءَ کان فيصلو
ڪرائجي. جڏهن قاضيءَ وٽ پهتا ته ان اهڙو فيصلو
ڏنو، جو نڪي اڌو اڌ زمرد ڪيائين نڪي پنج ۽ ٽي.
الٽو اهڙو فيصلو ڪيائين جو ٻنهي کي ڪو اعتراض به
ڪونه ٿيو ۽ ٻئي راضي ٿي پنهنجي ماڳ روانا ٿي ويا.
پيارا ٻارا اوهين ٻڌايو ته قاضيءَ اهو ڪهڙو فيصلو
ڏنو. جنهن ٻنهي دوستن جي فيصلن کي رد ڪري کين خوش
ڪيو. جواب موڪلڻ جي آخري تاريخ 10 جولاءِ آهي.
صحيح جواب ڏيندڙن جا نالا آگسٽ جي پرچي ۾ شايع ڪيا
ويندا.
وڌي جڏهن وڏو ٿيندس
گل ڦل جو انعامي مقابلو مٿئين عنوان تي مضمون لکڻ سان ٿي رهيو آهي. مضمون
موڪلڻ جي آخري تاريخ 10 جون 1975ع
آهي. ٻارن کي گهرجي ته هن مقابلي ۾ دل
کولي حصو وٺن. انعام ۽ شرط بابت سمورو
احوال مئي 1975ع ۾ ڏنو ويو آهي، اهو
ساڳيو رهندو. -ايڊيٽر |
الطاف حسين جوکيو
ٻارن جا ليک
چالاڪ دوست
هڪڙا ٻه شخص هوندا هئا، تن جي پاڻ ۾ ڏاڍي سنگت
هئي. انهن مان هڪ نهايت چالاڪ ۽ لالچي هو ۽ ٻيو
وري ڏاڍو سادو ۽ دوستيءَ ۾ وفادار هو. هڪ ڏينهن
لالچي دوست ٻئي کي چيو ته ”ادا، اچو ته فصل
پوکيون. ويٺي ڪجهه ڪونه ورندو. اڄڪلهه کيتيءَ ۾
ڏاڍا فائدا آهن. هونءَ به، سياڻن چيو آهي ته ”اتم
کيتي، وڌندڙ واپار“ سو منهنجي مرضي آهي ته فصل
پوکيون ۽ ٻئي گڏجي ان تي محنت ڪريون ۽ پوءِ وهنوار
مان، نفعو پاڻ ۾ ورهايون.“ ٻئي دوست جواب ڏنس ته
”ادا، ڀل آءُ هر ڳالهه ۾ ٻڌل آهيان.“ پوءِ چالاڪ
دوست چيس ته ”هن سال جيڪو فصل پوکيون، ان جو ڪوبه
حصو تون کڻ، ته ٻيو مان کڻان. هاڻ ٻڌاءِ ته
هيٺيون زمين جون اندريون فصل تون کڻندين يا
ٻاهريون زمين جي مٿان وارو.“
دوست چيس ته ”ادا، آءُ مٿيون حصو کڻندس. يعني جيڪي
زمين کان ٻاهر مٿي هوندو، سو آءُ کڻندس.“
پوءِ چالاڪ دوست بصرن پوکڻ جي تجويز ڏني ۽ ٻنهي
گڏجي ان تي محنت ڪئي. جڏهن فصل تيار ٿيو، تڏهن
چالاڪ دوست اندريون فصل يعني بصرن جا منڍ کنيا ۽
سادي دوست کي مٿيون حصو يعني صرف پن ڏنائين. ٻئي
سال، چالاڪ دوست پنهنجي دوست کان پڇيو ته ”ادا، ڏي
خبر هن سال تون ڪهڙو فصل کڻندين، زمين وارو
اندريون يا ٻاهريون.“
سادي دوست هن دفعي چيو ته ”ادا، آءُ زمين جو
اندريون فصل کڻندس، جو اڳئين دفعي مون کي، ڪو چڱو
اپراسو ڪونه ٿيو هو.“ هن سال وري چلاڪ دوست جوئر
جو فصل پوکيو، فصل نهايت ڀلو ٿيو جو ٻنهي گڏجي
نهايت گهڻي محنت ڪئي. جڏهن فصل پچي تيار ٿيو، تڏهن
چالاڪ دوست جوئر جا سنگ به کنيا، ته ڪڙٻ به کنئي،
باقي منڍا ۽ پاڙون سادي دوست جي حوالي ڪيائين.
وري ٿيو ٽيون سال وري به چالاڪ دوست پنهنجي دوست
کان پڇيو ته ”ادا ڏي خبر هن سال تون ڪهڙو حصو
کڻندين؟“
سادي دوست کي ته ٻئي سال به ڪس کائڻي پئي هئي، سو
هن سال چيائين ته ”ادا، هن سال چوٽي وارو حصو به
آءُ کڻندس، ته هيٺيون حصو به آءُ کڻندس. باقي وچ
وارو حصو تنهنجو ٿيندو.“
چالاڪ دوست اهو شرط قبول ڪيو ۽ هن سال وري مڪئيءَ
جو فصل پوکيائون. جڏهن فصل پچي راس ٿيو، تڏهن
چالاڪ دوست مٿيون حصو ۽ هيٺيون حصو سادي کي ڏنو،
جنهن ۾ رڳا پن ۽ ڪانا نصيب ٿيس.
باقي وچ وارو حصو، جنهن ۾ صرف سنگ ئي سنگ هئا. سو
پاڻ کنيائين، هن دفعي، سادي دوست سوچيو ته هن
همراهه سان گڏجي فصل پوکڻ ۾ مون کي ڪوبه فائدو
ڪونه ٿيندو، سو بهتر آهي ته هن کان ڌار رهي ڪو ڪم
ڪار ڪجي.
|