عبدالواسع سهندڙو
ڳوٺ عظيم سهندڙو، شڪارپور
عبدالجبار
”عبد“
سومرو
}ٻارن جو سينئر ليکڪ{
عبدالجبار
”عبد“
ولد جان محمد سومرو جو جنم
20
ڊسمبر
1960ع
۾ ،شڪارپور ضلعي جي ڳوٺ
”مريد
سيٺار“
۾ ٿيو. عبدالجبار جو والد جان محمد عرف
’جانڻ
فقير‘
به هڪ سُگهڙ ۽ شاعر ٿي گذريو آهي. عبد سائين ميٽرڪ
1976ع
۾، هاءِ اسڪول ون مان، انٽر
1978ع
۾ شاهه لطيف ڪاليج مان، بي.اي
1980ع
۾ ۽ ايم.اي (سنڌي ادب)
1989ع
۾ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان ڪيائون.
اهڙيءَ طرح بي.ايڊ
1988ع
۽ ايم.ايڊ
2000ع
۾ ڊگريون حاصل ڪيائون.
2
ڊسمبر
1982ع
تي سنڌي پرائمري اُستاد ٿيا، اتان ترقيءَ جا ڏاڪا
طيءِ ڪندي، آخرڪار اسسٽنٽ پروفيسر جي اعليٰ عهدي
تي پهتا، جتان
20
ڊسمبر
2020ع
تي رٽائرڊ ٿيا.
عبدالجبار
”عبد“
کي مطالعي جو شوق
ننڍي هوندي هو ۽ پوءِ
1979ع
۾ لکڻ جي شروعات
ڪندي پنهنجي پهرين لکڻي
”پيغام“
رسالي ۾ ڇپايائون. پوءِ اهو سلسلو روان دوان ٿيو
ته اڄ سوڌو جاري ۽ ساري آهي. وقت بوقت مختلف
تحريرون ۽ تخليقون مختلف رسالن ۾ زينت بڻجنديون
رهيون آهن. خاص طور تي مهراڻ، نئين زندگي، گُل
ڦُل، ساٿي، گُلڙا ۽ سارنگ ۾
شامل ٿينديون رهيون آهن. اخبارن ۾ وري ڪاوش،
هلالِ پاڪستان، جاڳو، عوامي آواز وغيره ۾ پڻ اچي
چڪيون آهن. ان کانسواءِ عبدالجبار جي قلم جي نوڪ
مان
60
کن ڪتاب تحرير ٿي چڪا آهن، جيڪي ادب، تاريخ،
اسلام، ٻولي ۽ شاعريءَ جي مختلف صنفن تي مشتمل
آهن.
ٻاراڻي ادب جي حوالي سان جڏهن ذڪر ٿئي ٿو ته
عبدالجبار
”عبد“
جي ٻارڙن لاءِ پهرين لکڻي
”گُل
ڦُل“
۾ ڇپي. پاڻ ٻالڪ ادب لاءِ نور
نچوئي ڪيترائي ڪتاب منظرِعام تي آندا آهن.
جن مان ڪجهه هي آهن: عقلمند فقير، راڪاس
۽ برڙ باڪاس، چور جي ڳولا، اوڌر ۽ نقد، ضدي ٻالڪ،
جادوءَ جو ڏنڊو، ڏيڏر شهزادو، جادوءَ جي ٽوپي،
ڏانئڻ شهزادي، پُراسرار حويلي، بُت تراش
شهزادو، صحرا جو چور، وڃايل دولت، فقير ته ڦند،
امڙ جي دعا، ڏاڏا سائين آئون به روزو رکندس،
فيصلو، سوداگر ۽ سندس ڀاڳ، حورن جي هنج ۾، ويهه
ڪهاڻيون ئي ڪهاڻيون شامل آهن.
اهي مٿيان سڀئي ڪتاب ٻارن لاءِ لکيل ڪهاڻين تي
مشتمل آهن. انهن کانسواءِ ٻاراڻي شاعريءَ جي حوالي
سان ٻه ڪتاب: (1)
ٻت ٻت تنهنجا ٻول، (ترتيب) نثار بزمي جي ٻارن لاءِ
شاعري، (2)
ٻار اکين جا ٺار، (ترتيب) شوق شڪارپوريءَ جي ٻارن
لاءِ شاعري پڻ شامل آهن. هيٺ انهن مان ڪجهه ڪتابن
جو مختصر جائزو پيش ڪجي ٿو:
جادوءَ جو ڏنڊو:
هيءُ ٻاراڻين ڪهاڻين تي مشتمل ڪتاب پهريون دفعو
1998ع
۾ ڇپيو ۽ وقت بوقت ان جا مختلف ڇاپا نڪرندا رهيا
آهن. هن ڪتاب جو آخري پندرهون ڇاپو
2018ع
۾ مھراڻ اڪيڊمي شڪارپور ڪڍيو، جنهن مان ثابت ٿيو
ته هيءُ ڪتاب ٻارڙن ۾ ڏاڍو مقبول ويو.
هن ڪتاب ۾ شامل ڪهاڻيون آهن: چوريءَ جي عادت،
جادوءَ جو ڏنڊو، هو سچار ڇوڪرو ۽ محنت جو انعام
آهن.
”چوريءَ
جي عادت“
۾ اهو ڏيکاريل آهي ته نياز کي چوريءَ ڪرڻ جي پِٽ
پوي ٿي. هڪ ڏينهن اسڪول ۾ هڪ ٻار جا پنج رپيا
چورائي ٿو ته تلاشي وٺڻ تي هن مان پئسا نڪرن ٿا.
پوءِ استاد سزا طور سڀني شاگردن جي اڳيان بينچ تي
بيهاريس ٿو، جنهنڪري سڄي ڪلاس ۾ خوار خراب ٿئي ٿو
۽ آئينده لاءِ چوريءَ کان توبهه ڪري ٿو.
”جادوءَ
جو ڏنڊو“
ڪهاڻي هڪ لالچي عورت جي ڪهاڻي آهي، جيڪا هڪ غريب
ڇوڪر جي فريب سان ٻڪري ۽ ڳوٿري ڦٻائي ٿي. لالچ ۾
ڏنڊو ڦٻائڻ جي به ڪوشش ڪري ٿي ته اهو جادوءَ جو
ڏنڊو ڪجهه لفظ چوڻ تي ان لالچي مائيءَ تي ڏنڊي جو
وسڪارو لائي ڏئي ٿو، اهڙيءَ طرح ان کي ماري سنهي
بُهه مان ڪڍي ٿو ته غريب ڇوڪر جي ڦٻايل ٻڪري ۽
ڳوٿري به باسي ٿي ۽ پوءِ اهي سڀ واپس ڪري ٿي ته
غريب ڇوڪر جا پَئون ٻارهن ٿين ٿا.
”هو
سچار ڇوڪر“
۾ رستي ويندي ڇوڪر کي هڪ ٿيلهو ڪِريل هٿ لڳي ٿو،
ته گهر اچي حفاظت سان رکيو. ٿيلهي جي مالڪ ٿيلهو
گُم ٿيڻ جو اعلان ڪيو ته، سچار ڇوڪر اهو لڌل ٿيلهو
سُئي سڳي صحيح سلامت واپس ڪيو. انهيءَ سچائي ۽
ايمانداريءَ تي مالڪ ان کي انعام ڏئي ٿو. جنهن سان
ايماندار ڇوڪري
جي نيڪ نامي ٿئي ٿي.
”محنت
جو انعام“
ڪهاڻي ۾ ڏيکاريل آهي ته اسلم ۽ انور ٻه دوست آهن،
اسلم ذهين ۽ محنتي، جڏهن ته انور شرارتي ۽ ڪم ٽوٽي
هو. اسلم محنت ڪري امتحان ۾ پهريون نمبر آيو ته،
گهر وارن ان کي انعام ۾ نئين سائيڪل وٺي ڏني، جڏهن
انور ڏٺو ته هن کي به ريس آئي، ته هن به اسلم
وانگر سخت محنت ڪئي ته هو به سُٺن نمبرن ۾ پاس ٿيو
ته هن جي
والدين هن کي به سائيڪل وٺي ڏني. سياڻن چيو
آهي ته
”چڱي
ڪم تي هوس نه ڪجي ريس ڪجي.“
”پُراسرار
حويلي“:
هيءُ ڪتاب پهريون دفعو
2001ع
۾ ڇپيو ۽ هن جو آخري نائون ڇاپو
2016ع
۾ مارڪيٽ ۾ آيو. ٿوري ئي عرصي ۾ هن جا گهڻا ڇاپا
نڪتا، جنهن مان هن ڪتاب جي اهميت جو اندازو لڳائي
سگهجي ٿو. هن ۾ هي ڪهاڻيون شامل آهن: پڪو پهه،
غلطي، پراسرار حويلي، ٺڳيءَ جي سزا، علم وڏي دولت
آهي، اٻهرائي نه ڪجي ۽ ماسي وات ڦاٽوڙي شامل آهن.
”پڪو
پهه“
ڪهاڻي ۾ انور پهريان خراب عادتن هجڻ ڪري امتحان ۾
پاس نه ٿو ٿئي، پر پوءِ احساس ٿئيس ٿو ۽ پڪو پهه
ڪري ٿو ته آئينده اهي خراب عادتون ڇڏيندس.
”پُراسرار
حويلي“
ڪهاڻي ۾ ٽن بهادر ٻارن جا ڪارناما ڏيکاريل آهن ته
هڪ وساڻل وڏي حويلي ۾ ڪجهه خراب ماڻهو، سماجي
بُرايون ڪن ٿا. اهي ٽيئي ٻار دل ٻڌي ان لقا ڏسڻ
لاءِ ٽپن ٿا، سڄو احوال اچي پنهنجي وڏڙن کي ٻڌائن
ٿا ته اها حويلي جنن ڀُوتن جو ٺڪاڻو نه آهي، بلڪه
اها خراب ماڻهن جو ٺڪاڻو آهي. پوءِ پوليس کي اطلاع
ڏنو وڃي ٿو ته، اها اچي انهن کي پڪڙي ٿي. انهيءَ
ڪارنامي تي ٻارن کي انعام به ملي ٿو. اهڙيءَ طرح
ڪتاب ۾ شامل ٻيون ڪهاڻيون به ٻارن جي نفسيات مطابق
سرجيل آهن، جنهن سان ٻارن ۾ دلچسپي وڌي ٿي.
عبدالجبار
”عبد“
ٻارن لاءِ ڪهاڻين کان سواءِ نظم جي کيتر ۾ به پاڻ
ملهايو آهي.
”عبد“
جا شعر ايترا ٽِڙيا پکڙيا پيا آهن جو هڪ ٻه ڪتاب
جُڙي سگهن ٿا.
”ٻالڪ“
عنوان سان نظم ۾ ٻارن کي خوبصورت لفظن ۾ ياد ڪندي
چوي ٿو ته:
رنگ جا ٻالڪ ڪارا آهن،
ماءُ پيءُ کي پڻ پيارا آهن.
ٻالڪ ڏسندي نيڻ ٺرن ٿا،
جانب جيءَ جيارا آهن.
ڇو نه مان تن کي چاهيان،
سهڻا چنڊ ستارا آهن.
عادت خصلت ساري نرالي،
لڇڻ ڀي تن جا نيارا آهن.
وڏڙن جو پڻ خوب ادب ڪن ٿا،
ٻالڪ ڏاهپ وارا آهن.
گورا توڙي ڪوجها ٻالڪ،
”عبد“
کي پيارا سارا آهن.
عبدالجبار
”عبد“
کي ادبي پورهيي جي خدمتن عيوض ڪيترائي انعام اڪرام
توڙي ايوارڊ پلئه پيا آهن. جن جي هڪ ڊگهي فهرست
آهي، انهن مان چونڊ ڪجهه اسمن جو هتي ذڪر ڪجي ٿو:
(1)
1994ع
۾
”سنڌي
لئنگويج اٿارٽي“
پاران ٻاراڻي ادب تي خاص ٻيو نمبر انعام هڪ هزار
رپيا نقد ۽ سَنَدَ ڏني وئي، (2)
سنڌ ڪلچر ايسوسيئيشن پاران بيسٽ رائيٽر آف
1994ع
شڪارپور ايوارڊ مليو، (3)
دعوت اڪيڊمي اسلام آباد جي سنڌي شعبي پاران، ڪهاڻي
نويسيءَ جي مقابلي ۾ ٻيو نمبر کنيل، ٻه هزار روپيا
نقد ۽ سَنَدَ مليل، (4)
1994ع
جي قلمي پورهئي جي مڃتا طور
”عباسي
ڪلهوڙا تنظيم“
سنڌ پاران تنوير عباسي ايوارڊ، (5)
سال
2000ع
جي قلمي پورهئي جي اعتراف ۾
”عباسي
ڪلهوڙا تنظيم“
سنڌ پاران ٻيهر تنوير عباسي ايوارڊ، (6)
2004ع
۾
”سنڌ
چلڊرين اڪيڊمي خيرپور“
پاران سنڌي ٻاراڻي ادب جي واڌاري لاءِ ڪيل خدمتن
جي عيوض مڃتا ايوارڊ ڏنو ويو، (7)
2005ع
۾
”سنڌ
رائيٽرس ادبي فورم“
سنڌ پاران ٻاراڻي ادب ۾ نمايان ڪارڪردگي سرانجام
ڏيڻ تي
”سنڌ
امتياز“
ايوارڊ مليل.
سائين عبدالجبار
”عبد“
سومرو، ٻاراڻي ادب جا سينئر ليکڪ ۽ ڏات ڌڻي آهن،
پاڻ حد درجي جا شريف النفس ۽ ٿڌي طبيعت جا مالڪ
آهن. انهيءَ سان گڏوگڏ سچا ۽ کرا انسان آهن، ڪنهن
سان به ٻاڙو نه ٻوليندا آهن، هرڪنهن سان محبت جو
تعلق اٿن، هميشه ٻاراڻي ادب لاءِ پاڻ پتوڙيندي نظر
اچن ٿا، حالانڪه هن جي عمر جا همعصر لکاري دوست
لکڻ پڙهڻ کان ڪناره ڪشي ڪري ويا آهن، پر
’عبد‘
جي طبيعت ۾ لکڻ پڙهڻ جو شوق اڃا اڳي کان اڳرو آهي.
مٺڙي مولا کي منت آهي ته سائين عبدالجبار
”عبد“
کي اڃا وڏي حياتي ڏئي ته جيئن سنڌي ٻوليءَ جي
جهوليءَ کي سنڌي ٻاراڻي ادب سان ٽٻٽار ڪندو رهي.
آمين ثم آمين.
***
محمد مهد شيخ
سُهڻا سخن
·ربّ
سائين ڪائنات جي هرهڪ شيءِ ۾ ڪو نه ڪو فائدو رکيو
آهي.
·رُتبو
فقط الله جي ذات کي آهي.
·ڏکئي
وقت ۾ هڪ ٻئي جي مدد ڪرڻ گهرجي.
·پاڻ
۾ ساڙ ۽ ڪِينو نه ڪجي.
·ڪنهن
کان نفرت نه ڪجي.
·ايڪي
۽ ٻَڌيءَ ۾ طاقت آهي.
·ڪنهن
کي گهٽ نه سمجهڻ گهرجي.
·معاف
ڪرڻ وڏي ۾ وڏي نيڪي آهي.
·پنهنجي
طاقت تي وڏائِي نه ڪرڻ گهرجي.
·ربّ
سائينءَ جي حُڪمن تي هلڻ گهرجي.
***
جاويدحالتي
لاڙڪاڻو سنڌ
مسٽر بِين
اي زندگي تولا ڇا ڇا نه ٿو ڪرڻو پوي!
ڪڏهن کِلڻو ته ڪڏهن روئڻو ٿو پوي!
مسٽر بِين جيڪو مُرڪ سجائڻ ڄاڻي ۽ ڏکايلن کي به
ٽهڪ ڏياري . اچو ته اڄ ان جي درد ڪٿا سمجهي پنهنجو
پاڻ کي همت ڀريو ڪريون. جيڪو چوي ٿو ته،
”جي
ڪامياب ٿيڻ چاهيو ٿا ته توهان کي ڪنهن خوبصورت
چهري جي ضرورت ناهي نه ئي هيرن جهڙي جسم جي .پر
توهان کي ضرورت آهي مهارت واري قابل دماغ. جنهن
سان قابليت سبب اوهين ڪجهه ڪري سگهو .....“
“To be successful you do not need a beautiful
face and a heroic body
.........
What you need is skillful mind the ability to
perform .””
آئون هڪ مڊل ڪلاس گهراڻي ۾ پيدا ٿيس ۽ چئن
ڀائرن ۾ ننڍو آئون ئي هئس. منهنجو بابا هڪ هاري هو
. جيڪو ڏينهن رات محنت ڪري گهر جو چُلهو ٻاري
سگهندو هو . پر اسڪول ۾ مون سان حالت پڻ گهٽ نه
هئي
.مون
کي اسڪول ۾ پنهنجي شڪل شبيهه سبب ٽوڪ ٺٺول ۽ طنز
کي منهن ڏيڻو پوندو هو. سڀ شاگرد ته
ڇڏيو
اُستاد پڻ مون کي ڪين ڇڏيندا هئا.
انهن مان هڪ
ته ائين چئي ڇڏيو ته
”تو
لاءِ هت ڪجهه به ناهي. اهي نه چاهيندا هيا ته آئون
پڙهي ڪري محنت سان سائنسدان ٿيان. جيڪو منهنجو
خواب هو . پر منهنجي پڙهائيءَ جا ريڪارڊ مون تي
ٽوڪ ڪندڙن لاءِ موچڙو هئا، جنهن سبب آئون آڪسفورڊ
يونيورسٽيءَ ۾ داخلا وٺڻ ۾ ڪامياب ٿيس. اتي مون
اليڪٽريڪل انجنئرنگ ۾ ايم. ايس. سي. ڪئي ۽ بعد ۾
پي. ايڇ. ڊي. به ڪئي .پر مون پنهنجي شڪل شبيهه جي
سُٺي نه هئڻ باوجود اداڪاري کي ڪين ڇڏيو، جنهن سان
منهنجي دل به هئي .پر مون کي ٽي وي شو ۾ رد ڪيو
ويندو هو .
مون بي بي سي ريڊيو جي ڪاميڊي شو ۾ حصو ورتو .
جنهن مون کي مشهور ڪيو . پوءِ
”نائن
او ڪلاڪ“
نيوز لاءِ
پنهنجي لکيل سيريز
’Blackaladder‘
عالمي سطح جي پذيرائي ڏني .
ان
بعد مون ننڍپڻ کان وٺي جنهن ڪردار تي سوچڻ شروع
ڪيو سو هو.
”مسٽر
بين“
جنهن کي
1980
جي ڏهاڪي ۾ تخليق ڪيم. اهو سمورو جسماني اداڪاري ۽
پرفارمنس جو ڪردار هو، جنهن ۾ مون اهو طئي ڪيو ته
هڪ به لفظ ناهي ڳالهائڻو ..
مسٽر بين جي ڪردار کي بهتر انداز سان ادا ڪيم،
جيڪو اڳتي هلي منهنجي مڪمل سڃاڻپ بڻجي ويو ۽ آئون
نالي بدران هر جاِءِ تي مسٽر بين مسٽر بين بڻجي
ويس. منهنجو
نالو روان ايٽڪسن
’Rowan
Atikson‘
آهي ۽ آئون اهو ماڻهو آهيان، جنهن جو اصل نالو
توهين وساري چڪا آهيو......
مون اڄ به پنهنجي
ڪردار سان دنيا جي ڏکايل چهرن کي مُرڪون ۽ ٽهڪ ڏنا
آهن، جيڪو مون لاءِ اعزاز آ .
منهنجو سينو ته سُورن سان چاڪ آ،
جنهن جي زندگي ڏکن ۽ دردن جو داستان آ،
جنهن جي اڪيلائي ڳوڙهن سان ڀرپور آ،
جيڪو ماڻهن جي ميڙ ۾ به اڪيلو آ.
مان نوجوانن کي چوندس ۽ وري وري چوندس ته اي
منهنجي سنڌ جا غيرتمند ۽ باشعور نوجوانو مايوس نه
ٿيو ۽ همتن جو پلو نه ڇڏيو . پنهنجي طاقت جي ٻل تي
اُٿو ۽ دنيا کي ڪري ڏيکاريو، ته سنڌ امڙ به خوش
ٿئي ۽ اوهان به ڪاميابيون ماڻيندا رهو.
***
اصغر ساگر
قھرباز طوطو
{Dracula
Parrot}
قهرباز طوطو
Dracula Parrot
طوطن جي پراڻي دنيا جي خاندان ڳجهه طوطا
Psittaculidae
واسطو رکي ٿو. ھن کي ڳجهه طوطو
Vulturine parrot
پڻ سڏجي ٿو.
سنڌيءَ ۾ ھن کي خناسو طوطو ۽ جبرو
طوطو سڏيو وڃي
ٿو. ھن جو مٿيون جسم ڳجهه وانگر ٿئي ٿو. ھي
تمام قيمتي آھي. وڌيڪ
شڪار جي ڪري
معدوميت جي خطري ۾ آھي. ھي نيوگني جي پھاڙي
علائقن ۾ ملي ٿو. ھن طوطي جي جسامت لڳ ڀڳ
18
انچ ٿئي ٿي. جڏھن ته ھن جو وزن
800
گرام ٿئي ٿو. ھن کي ڳجهه طوطو سڏيو وڃي ٿو. پر ھي
گوشت نٿو کائي. ھي ھٻڇَ سان ميوو کائي ٿو ۽ ميون
کي ٽُڪي خراب ڪري ٿو، ان ڪري ھن کي قھرباز طوطو
سڏجي ٿو. ڇو جو ھي ميون تي ڪڙڪي انهن کي وڃائي ٿو.
ھي جهنگلي پکي آھي، ھن کي پالتو جانور طور پالي
نٿو سگهجي. ھي ٻج، ميوو، گل ۽ جيت کائي ٿو. ھي
پکي ولر ڪري اُڏرن ٿا.
***
مهرالنساء جويو
سج کان انٽرويو
جن ڏاند نه ٻج تن پڻ تنهنجو آسرو
اول ڏين اُنهن کي پوءِ اُڀارين سج
(شاهه)
پِرهه ڦٽيءَ کان پوءِ سج نموندار ٿيو ۽ ساري
ڪائنات روشن ۽ شفاف ٿي وئي. سج جي ڪرڻن نِڪرڻ کان
پوءِ جو ماحول ڏسڻ وٽان هوندو آ. هاڻي سج کان سندس
جي باري ۾ ۽ ڪجهه ٻارن لاءِ پڇڻ چاهينداسين.
سوال:
جيئن ته ربّ سائين جي ڪائنات کي روشن ڪندڙ محترم
روشن سج صاحب عرض ته توهان پنهنجي خاصيت جي باري ۾
ڪجهه ٻڌائيندا؟
جواب:
سڀ کان پهريائين ته مان ربّ پاڪ جو بيحد شڪر گذار
آهيان، جنهن مونکي اهڙي شان شوڪت پيار پاٻوهه سان
پيدا ڪيو ۽ مون کي جن ڪمن تي مقرر ڪري رکيائين، ان
مالڪ جي مهربانيءَ سان هلن پيا، جو توهان هن وقت
خوش خوش ٿي مون کان سوال ڪري رهيا آهيو. اها انرجي
۽
’وٽامن
ڊي‘
رب پاڪ جي ڪرم سان ۽ منهنجي صبح جي ٿڌڙي پهر ۾
توهان کي ملي سگهي ٿي. گرمين ۾ جيڪا تپش منهنجي
آهي، سا الاهي فائدي واري آهي. ڪائنات جي هر ذري
لاءِ ڌرتيءَ لاءِ به ۽ هر
جاندار لاءِ به. مثال طور: منهنجي اُس ۾ اَنَ پچن
گاهه اُپن، منهنجي اُس ۾ گندا جراثيم ختم ٿين ٿا ۽
نوان سلا نيئن سِر ڦُٽن ٿا. وڻن ۽ وَلن ۾ جيڪي
گؤنچ ڦٽن ٿا سي به منهنجي گرميءَ ڪري. ٻارن ۾ جيڪا
واڌ اچي ٿي سا وٽامن ڊي جي ڪري ۽ وٽامن ڊي ڪٿان ٿي
ٺهي، منهنجي اُس مان، مان هڪ سج آهيان، پر رب پاڪ
مون تي وڏا ڪرم ڪيا آهن. منهنجو صبح ٿيڻ ايڏو ته
خوبصورت هوندو آهي، جو نيڪ دل وارا عصر جو اُٿي
پنهنجي ٻاجهاري ڌڻيءَ جي صفت سان تلاوت ۽ نماز
کانپوءِ باک ڦُٽڻ کان ئي منهنجو نموندار ٿيڻ شروع
ٿي ويندو آ. ڪيترائي انسان مون کي ۽ سج جي ڪچڙي
روشنيءَ ڏسڻ لاءِ باغن ۾ ورزش اچي ڪندا آهن، ڪي
وري درياءَ ڪناري ڪي وري شام جي پهر ۾ به. منهنجو
نظارو صبح وارو ۽ شام وارو تمام حسين ۽ دلڪش هوندو
آهي. اکين جي لاءِ پڻ فائديمند هوندو آ، ڌوٻي يا
گهر جون مايون
ڪپڙا
ڌوئي تارن تي رکي سُڪائڻ لاءِ رکنديون آهن ته
منهنجي اُس سان سُڪي ڪپڙا سُٺا ٿي پوندا آهن. پائڻ
واري کي سُڪون محسوس ٿيندو آ، صبح ٿيڻ تي هر
جاندار تازو توانو نظر ايندو آ. جو ساري رات هو
سُمهي آرام ڪري، پوءِ اُٿندو ته منهنجي روشنيءَ
سان گڏ وٽامن ڊي حاصل ٿينديس ته ڇو نه فريش نظر
ايندو. منهنجي تيز تپش ته ايڏي فائديمند آهي، جو
انب فروٽن جو بادشاهه پچي پنهنجي مِٺاڻ سان مالا
مال ٿيو پوي. ٻيا به کوڙ فروٽ آهن جو منهنجي تپش
تي پچي راس ٿين ٿا.
سوال:
ماشاءَ الله سج صاحب آخر ۾ ٻارن لاءِ ڪو پيغام؟
جواب:
هر هاري يا ناري، هر جاندار لاءِ روشن خيال رکڻ ئي
هوندو آ پر ٻارن لاءِ اهو منهنجو خاص پيغام آهي.
آئون ساڳيو سج ئي آهيان وقت تي اُڀران ٿو. وقت تي
لهان ٿو. پر ماڻهو ۽ ماڻهن جا ارواهه اهڙا ته ڦري
ويا آهن جو نه ته دين جا نه دنيا جا! منهنجو پيغام
آهي ته
”بس
پڙهو. محنت ڪري پنهنجي سچائيءَ سان اڳيان اچو.
دنيا ۽ آخرت ۾ پنهنجو پاڻ مڃايو. نه ته وقت ڪنهن
جو به انتظار نه ڪندو آهي. وقت جي رفتار تمام تيز
آهي. وقت سان گڏ هلڻ جي ڪوشش ڪريو.“
***
مستقيم ڪوريجو
نَوَلو ڪُڪاڙو
۔ نَوَلو ٻانگو طوطو
Galah
Cockatoo
نَوَلو ڪُڪاڙو طوطن جي جنس آھي. ھن کي نَوَلو
ٻانگو طوطو، نَوَلو مرغ طوطو، نولو خروس طوطو،
گُلابي ڪُڪاڙو، گُلابي ٻانگو طوطو، گلابي مرغ
طوطو، گلابي خروس طوطو، ليلهر ڪُڪاڙو، ليلهر مرغ
طوطو ۽ ليلهر خروس طوطو پڻ سڏجي ٿو. ھي مرغ طوطا
cockatoos
خاندان سان واسطو رکي ٿو. نَوَلي ڪُڪاڙي کي پالتو
جانور طور پاليو وڃي ٿو. ھي طوطو آسٽريليا ۽
برطانيا ۾ ملي ٿو.
***
علي
محمد پلهه
(قسط پهرين)
ڳوٺ پلهه / سانگهڙ
هڪ ڏينهن جو بادشاهه
خليفي هارون الرشيد جي حڪومت جي ڏينهن ۾ هڪڙو
سوداگر بغداد ۾ هوندو هو، جنهن کي ابوالحسن نالي
هڪ پُٽ هو. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ سوداگر ته مري
ويو، ان کان پوءِ سندس پٽ وارث ٿيو. پڻس مال متاع
ڏاڍن ڏاکڙن سان گڏ ڪيو هو ۽ دل جو به ڪنجوس هو.
ايڏو وڏو خزانو بنا ڪنهن تڪليف جي ابوالحسن کي هٿ
آيو،سو عيش عشرت ۽ اجاين خرچن ۾ وڃائڻ لڳو. لوفرن
سان سنگت، ناچ تماشا ڪرائڻ سندس شغل ٿي پيو. سندس
زر سان سُڃا خود غرض ماڻهو مالدار ٿي ويا. هن
پنهنجي ملڪيت مان ڪي دوڪان ۽ جايون خريد ڪيون.
انهن جي مسواڙ ايتري ته ملندي هئس جو واجبي کاڌ
خوراڪ لاءِ ڪي سال هلي ها، پر اجاين خرچن جي ڪري
هڪ سال ۾ کُٽي سُڃو ٿي ويو. جڏهن کائڻ پيئڻ لاءِ
به پئسو نه رهيس ته دل گهريا دوست به هن کان مُنهن
مَٽي ويا. جيڪڏهن انهن مان ڪو رستي ۾ ملندو هوس ته
يڪدم ڪنڌ کڻي ٻئي طرف ڪندا هئا، ڄڻ ته هنن کيس
ڏٺوئي ڪونهي.
ابوالحسن پنهنجن پيارن دوستن جي بي مروتي ڏسي
افسوس ڪرڻ لڳو. دل ۾ چيائين ته اجايا خرچ ڪري دولت
وڃائي، هاڻي ڏکن ۾ پيو آهيان، کائڻ لاءِ ڪو اُڌارو
به نٿو ڏئي. انهيءَ افسوس ۾ پئجي ماءُ وٽ ويو.
ماڻس پڇيس ته اي ٻچا! ڇوتنهنجو منهن موڳو آهي؟ اڄ
توکي اُداس ٿي ڏسان. آءٌ ڄاڻان ٿي ته تون هاڻي تنگ
ٿيو آهين. تنهنجي اڍنگي چال ڏسي مون صحيح ڪيو ته
تون جلدئي محتاج ٿي ويندين! دولت جي انڌ ڪري تو
ڪڏهن به ماءُ جي نصيحت تي عمل نه ڪيو. جيڪڏهن عمل
ڪرين ها ته هي ڏينهن توکي ڏسڻا نه پون ها. ڪٿي آهن
تنهنجا اهي دلي دوست جن سان رات ڏينهن مزا ماڻيندو
هئين؟ ابوالحسن ماءُ جا اهي لفظ ٻڌي اکين ۾ پاڻي
آڻي چوڻ لڳو ته جيجي امان! تون جيڪي چوين ٿي سو سڀ
سچ آهي. آءٌ اڳ انڌ جي گهوڙي تي چڙهيل هوس. اڄ کان
وٺي قسم ٿو کڻان ته هتي جي ماڻهن سان دوستي نه
رکندس. باقي مال جيڪو ماءُ وٽ رکيل هو، ان مان
سامان وٺي ڏاڍي ڪفايت سان هلڻ لڳو، ته قدرت کيس
نوازيو ۽ ڪجهه ملڪيت وارو بنجي ويو، پر هن کي ته
گڏجي ماني کائڻ جي عادت هئي، سو اڪيلي کائڻ ۾ هن
کي مزوئي نه ايندو هو. تنهنڪري ڇا ڪندو هو جو شام
جو بغداد جي بادشاهي پل تي وڃي ويهندو هو. اتي
جيڪو مسافر ملندو هئس، ان کي گهر وٺي ايندو هو.
ڳالهيون ٻولهيون ڪري، ماني ٽڪي کارائي صبح جو
روانو ڪري ڇڏيندو هو ۽ وري ان کي سلام به ڪونه
ڪندو هو ته متان دوست ٿي پوي. مطلب ته هر روز نئون
مسافر مهمان ڪري آڻيندو هو.
هڪ ڏينهن عادت موجب پل تي ويٺو هو ته ان ڏينهن
خليفو هارون الرشيد چمڙا پوش ڪري اچي اُتان
لنگهيو. ابوالحسن کيس مسافر سمجهي سلام ڪري، عرض
ڪرڻ لڳو ته مهرباني ڪري اڄوڪي رات هن غلام جي گهر
رهي ٿڪ ڀڃي آرام ڪيو. آخر هٿ ٻڌي گهڻي عاجزيءَ سان
ابوالحسن خليفي کي پنهنجي گهر ڏانهن وٺي هليو.
رستي ۾ پنهنجو حال ٻڌائيندو آيس. جڏهن گهر پهتا ته
هڪ عاليشان ڪمري ۾، جتي فرش ۽ غاليچا وڇايل هئا،
هڪ پلنگ تي آڻي کيس وهاريائين. پوءِ قسمين قسمين
طعام تيار ڪرائي اچي سندس اڳيان رکيائين ۽ پاڻ به
ويهي ساڻس گڏ کائڻ لڳو ۽ مزيدار مال مهمان کي ڏيڻ
لڳو. جڏهن کائي پي ڍؤ ڪيائون، تڏهن خليفي جي غلام
(جو ساڻن گڏ هو) ڪؤنرو ۽ چلمچي کڻي سندن هٿ
ڌوئاريا. ان کان پوءِ ابوالحسن جي ماءُ رڪابيءَ ۾
مصري، ڦوٽا ۽ ميوا کڻي آئي، غلام کي به کارائي خوش
ڪيائون.
رات جو فانوس ۽ رنگارنگي ميڻ بتيون ٻاريائون.
خليفو سندس گفتگو ۽ سخاوت کان گهڻو خوش ٿي سندس
نالو ۽ ذات پڇڻ لڳو. ابوالحسن پنهنجو احوال، دوستن
جي بي مروتي، خزاني جو کُٽڻ ۽ اجاين خرچن جو احوال
هن کي مسافر سمجهي ٻڌائڻ لڳو ۽ چيائينس ته هاڻي
آئون بغداد جي ڪنهن به دوست سان نه ڳالهائيندو
آهيان. ان بدران هر روز نئون مسافر مهمان ڪري
پنهنجي گهر آڻيندو آهيان ۽ دل خوش ڪندو آهيان. اڄ
وڏا لائق ٿيا جو اوهان جهڙو مسافر مليو آهي جو
اڄوڪي مجلس ڪري آءٌ ڏاڍو خوش ٿيو آهيان.
خليفي چيس ته تو عقل جو ڪم ڪيو آهي. مطلبي ماڻهن ۽
خود غرض دوستن کي ڇڏي تو هي رستو ورتو آهي. ان ڪري
توکي نوان نوان دوست ملندا، نئين وندر ۽ نئين
نصيحت پرائيندين. ڳچ رات ڳالهيون ڪري آرامي ٿيا ته
خليفي سُمهڻ وقت چيس ته تو منهنجي لاءِ گهڻي تڪليف
ڪئي آهي، سا معاف ڪج. آءٌ شايد صبح سوير تنهنجي
اُٿڻ کان اڳ ۾ هليو وڃان جو مون کي پري وڃڻو آهي.
تو جو بنان سڃاڻپ جي منهنجي ايتري خدمت ڪئي آهي.
سو جيڪڏهن تنهنجو ڪم ڪار هجي ته آءٌ به پنهنجي
پڄندي آهر ان کي پورو ڪريان. بغداد جي ماڻهن وانگر
نه آهيان جو توسان بي مروت ٿيندس. ابوالحسن چيو ته
اي سائين! توهان پنهنجا لائق ڪيا آهن. آءٌ توهان
جو شڪرگذار آهيان. آءٌ مهمانن کي ماني کارائي
عيوضو نه وٺندو آهيان. منهنجي ڪابه خواهش نه آهي،
پر هڪ تمنا دل ۾ آهي جيڪا توهان پرديسين کان پوري
ڪانه ٿي سگهندي.
(هلندڙ......) |