زيب نظاماڻي
حيدرآباد
مُندن جو گيت
گيت مُندن جو گڏجي ڳايون،
مُندون ڇا هن ڄاڻ وڌايون.
سج گولو گيس جو آهي،
ڌرتي جنهن گرد چڪر لڳائي.
ڌرتيءَ جو هي ڦيرو گهيرو،
مُندن جو آ اُن ۾ ديرو.
سيءُ سيارو ڏند ڏڪائي،
گرم ڪپڙا ٿو پهرائي.
مُند بهار جي آهي نياري،
گُل ٽڙن گُل گُلزاري.
اونهاري ۾ لُڪ لڳي ٿي،
هر شئي ٻارو ڏاڍي تپي ٿي.
سرءُ سارا پن ٿي ڇاڻي،
پوريون ٿيون سي مُندون هاڻي.
چئين مُندن جو چڪر نيارو،
سرءُ، سيارو، بهار، اونهارو.
گيت مُندن جو گڏجي ڳايون،
مُندون ڇا هن ڄاڻ وڌايون.
ساگر مستوئي
ٽنڊو جان محمد
اُستاد اسان جا
اُستاد اسان جا سڀ کان پيارا،
ديس جا آهن معمار هي سارا.
هنن سان آهي سُونهن وطن جي،
آهن هي ته وڏي شان وارا.
مانَ وطن جو هي ٿا وڌائن،
هنن لئه دعاڳو آهن بادل ڪارا.
چؤڦير اڄ بهار اچي وئي،
لڳن ٿا سدائين چنڊ ۽ تارا.
مؤجن ۾ اڄ مهراڻ اچي ويو،
لَهرون لَهرون ۽ سڀ هي نظارا.
ڌڻيءَ در دعاڳو
”ساگر“
هنن لئه،
هُجن شل هي سڀ کان سگهارا.
ناشاد شوڪت شنباڻي
ڪوٽڏجي/خيرپور
نظم
ٻـــــارو ســـــڀ تعليم پرايو،
پنهنجي ڌرتيءَ کي ته سنواريو.
پنهنجي اڻٿڪ محنت سان گڏ،
ماءُ پيءُ جي ئي خدمت سان گڏ،
پيش اچو عزت ســـــان ٻـــــارو.
وٺو ادب جو روشـــــن چارو،
ٻيڙي حق جي پـــــار پڄايو،
ٻـــــارو ســـــڀ تعليم پرايو.
ٻارو محنت جـــــو ڦل پيارو،
مٺڙو آ ڪامـــــيابيـــــن وارو،
ائين نه اجايو وقت وڃايو.
رانديـــــون کيڏو پيـــــار وڌايو،
سچ کي سڀ سيني سان لايو،
ٻـــــارو ســـــڀ تعليم پرايو.
غفار عباسي
ڪنڊيارو
اسڪول
روزانو اسڪول وڃڻ گهرجي،
گُسائي نه ڪاٿي لِڪڻ گهرجي.
اچي جي نٿو سبق خير آهي،
اُستاد کان هر هر سِکڻ گهرجي.
ناهي جي ڊريس اسڪول جي،
اَبي کان صلاح وٺڻ گهرجي.
ڪاپي فيئر ۾ دير ٿي وئي ته،
گُسائي پوئتي نه رهڻ گهرجي.
مار به ناهي حَل ڳالهه جو،
پيار سان به پڇڻ گهرجي.
صَفائي سٿرائيءَ ۾ ڀلو آ،
گدلو گندو نه رهڻ گهرجي.
رڳو پڙهڻ لکڻ ڪم ناهي،
راند روند به ڪرڻ گهرجي.
وقت وڃائڻ سٺو ناهي
’غفار‘،
هر روز وقت سان ورڻ گهرجي.
وفا ياسين آرائين
ڦلجي اسٽيشن / دادو
نظم
ڪيڏا لڳن ٿا پيارا ٻار،
ٽوپي اجرڪ وارا ٻار.
جڏهن کِلن، گُل، ٽِڙن،
آهن ساهه سهارا، ٻار.
ڪهڙي ڪيان سندن ڳالهه،
سڀ ته آهن موچارا، ٻار.
هڪ دفعو جي
’وفا‘
مِلن،
ٿين نِينهن نيارا، ٻار.
***
پروفيسر اعجاز علي شاهه رضوي
حيدرآباد
ڪارونجهر
}سنڌ جو خوبصورت ماڳ{
هن ڌرتيءَ جي پيدا ٿيڻ کانپوءِ، جيڪي پهريان جبل
ان مان ڦُٽي نڪتا، ٿر جو ڪارونجهر جبل انهن مان هڪ
آهي، ڌرتيءَ جي عمر اٽڪل ساڍا چار ارب سال چئي وڃي
ٿي، جڏهن ته ڪارونجهر جي عمر اٽڪل اڍائي ارب سال
آهي. بنيادي طور هيءُ هڪ ٻرندڙ جبل آهي. جنهن مان
اڃا تائين هلڪا ڌماڪا ٻُڌڻ ۾ ايندا آهن. جبل جي
مٿان هميشه هلڪو دونهين جو دڦ يا لائو نظر ايندو
آهي، سو هڪ گئس آهي، جيڪا هن جبل مان لاڳيتو نڪري
ٿي. قدرت جو هي شاهڪار اٽڪل
26
ڪلوميٽرن
۾ پکڙيل آهي ۽ سڄو جبل گرينائيٽ پٿر
جي ٽڪرين تي ٻڌل آهي. سندس دامن تي ننگرپارڪر جو
شهر آباد آهي. ڪارونجهر جي مٿاهين چوٽي سمنڊ جي
سطح کان هڪ هزار فوٽ مٿي آهي ۽ ان چوٽيءَ کي
”ڪروڙ“
جي چوٽي سڏيندا آهن.
ڪارونجهر جا پٿر گول آهن، ان جي هرهڪ ڇپ جي الڳ
الڳ شڪل آهي. ٿر ۾ جڏهن پلر جي پالوٽ ٿئي ٿي، ته
ڪارونجهر
جي
حُسن کي چار چنڊ لڳن ٿا. جڏهن وسڪارو ٿيندو آهي،
ته وليون ڪارونجهر جي وڏين وڏين ڇِپن کي به وڪوڙي
وينديون آهن ۽ ائين لڳندو آهي ڪارونجهر، ڄڻ سؤ هار
پاتا آهن.
ڪارونجهر جي سموري بناوٽ گرينائيٽ پٿر سان آهي.
جنهن جو حُسن دنيا جي ٻئي ڪنهن گرينائيٽ ۾ شايد
هجي. هن جبل کي ڪارونجهر ان ڪري چيو ويندو آهي. جو
ان جي پٿر ۾ ڪاري
’جِهر‘
ٿيندي آهي، پر ويجهو وڃي ڏسبو ته ڪارونجهر جو
گرينائيٽ پٿر ڪارو، اڇو نيلو ۽ ڳاڙهو رنگ ٽٻڪن سان
نظر ايندو. ڪارونجهر جي سونهن دنيا ۾ مشهور آهي.
سنڌ جي شاعرن هن جبل جي خوبصورتيءَ جو شاعريءَ ۾
ذڪر ڪيو آهي.
ڪارونجهر جي دامن ۾ ڀوڏيسر مندر ۽ جين مندر موجود
آهن ۽ ان کانسواءِ ٻيا به ڪيترائي آثار قديم ۽
تاريخي ماڳ ڏسڻ ۾ اچن ٿا. ڪارونجهر قدرتي نباتات
سان مالامال آهي، انهن ٻوٽن ۾ کوکر، ڳڻ، ول،
سراواڙي جنگهلي بصر گهڻو اهم آهن ۽ ڪي ٻوٽا اهڙا
به آهن، جن مان کونئر حاصل ٿيندي آهي. ڪارونجهر ۾
اڳي هرڻ به جام هوندا هئا، ليڪن شڪارين جي ور چڙهي
شڪار ٿي ويا. هاڻي ڪڏهن ڪڏهن ڪو هرڻ نظر ايندو
آهي. گدڙ ۽ بگهڙ به باقي وڃي بچيا آهن، پر مور اڃا
به گهڻي تعداد ۾ موجود آهن. ۽ ٻي حيوانات جيڪي
ڪارونجهر ۾ موجود آهي ڪانگ، ڳيرو، ڳجهه جهرڪي،
جنگهلي ڪبوتر، ۽ جيتن ۾ ڪارو وڇون ۽ بلا ڪافي
تعداد ۾ ملن ٿا. ڪارونجهر ۾ ڪل
12
ٽَڪَريون آهن. جنهن ۾ راڻيپور جي ٽڪري، ساڏو سپاڏر
توس جي ٽڪري، ڍنڍ ويري جي ٽڪري، ٻهراڻي جي ٽڪري،
ڏاتي جي ٽڪري، چوڙيءَ جي ٽڪري، ڀوڙائي جي ٽڪري،
کارس جي ٽڪري، ساڪري ويري جي ٽڪري، اهي سڀ ٽڪريون
گرينائيٽ پٿر جون آهن.
ڪارونجهر جبل مان نڪرندڙ ٻارهن وڏين ندين تي ڊيم
ٻڌايا وڃن، ته اڌ ٿر کي هزارين سالن تائين ڏڪار
واري خطري کان آجو ڪري سگهجي ٿو.
ٿر ۽ پارڪر جاگرافيءَ جي لحاظ کان ٻه مختلف علائقا
آهن. ٿر ۾ واريءَ جون اوچيون ڀِٽون آهن ۽ اتي جو
پاڻي کارو آهي. جڏهن ته پارڪر جو علائقو ميداني ۽
پٿرائون آهي، جنهن ۾ ڀِٽون نه آهن. جيئن ته اڳي
بيان ڪيو ويو آهي، ته ڪارونجهر جبل تي پوندڙ برسات
واري پاڻي کي جمع ڪيو وڃي ته هن سموري علائقي جي
جرَ ۾ مِٺو پاڻي جمع ٿيڻ کان پوءِ نه رڳو سڄو سال
مٺو پاڻي ملي سگهندو ۽ سائو ۽ آباد ٿيڻ سان هي سڄو
علائقو ڏڪار کان بچي سگهندو. بهرحال ڳالهه ان اَمر
جي آهي ته ڪارونجهر کي
’نيشنل
پارڪ‘
جو درجو ڏئي، ان جي خوبصورتي،
جيوت، نباتات، معدنيات جي حفاظت ڪري سگهجي ٿي ۽
سياحن جي تفريح جو، برسات جي موسم ۾ انتظام ڪري
سگهجي ٿو.
پنهل ڪاڪا
مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ
}شخصيت ۽ خدمتون{
رب سائين، اسان جي سنڌ ڌرتيءَ کي ڪيترن
ئي انمول نعمتن سان نوازيو آهي. جنهن جو ڪو مثال
نه آهي. اهڙين بيش بها نعمتن مان،
”سٺا
انسان جيڪي سماج لاءِ هاڪاري سوچ سان پنهنجي حياتي
گذارين ٿا.“
تمام وڏي نعمت
آهن. ڇاڪاڻ، ته سماج ۾ سٺا انسان ئي پنهنجي
تعميري سوچ سان پنهنجي سماج جي، ذهني توڙي اخلاقي
پرورش سان گڏ معاشي ثقافتي ۽
علمي ترقيءَ ۾ پڻ ڀرپور ڪردار ادا ڪن ٿا. جنهن
سان سماج ۾ بهترين جوڙجڪ جو عمل شروع ٿئي ٿو. اهڙن
سٺن ڪردارن ۾ سڀ کان وڏو نالو مخدوم محمد زمان
”طالب
الموليٰ“
جن جو آهي. جنهن پنهنجي پوري حياتي، علم ۽ ادب سان
گڏ سماجي خدمتن کي ارپي ڇڏي. سندس ان عمل سان
ڪيترين ئي صدين تائين دنيا فيض پئي وٺندي.
مخدوم محمد زمان
”طالب
الموليٰ“
جن جي ولادت، مٽياري ضلعي جي تاريخي شهر هالا نوان
۾ تاريخ
4،
آڪٽوبر
1919ع
بمطابق
9
محرم الحرام
1337هه
۾ ٿي. سندس والد بزرگوار
مخدوم غلام محمد عرف
”گل
سائين“
سورهون
سجاد، نشين. حضرت غوث الحق مخدوم سرور نوح
رحه جنهن جو شجره نسب حضرت ابوبڪر صديق رضي
الله عنھ جن سان ملي ٿو.
مخدوم محمد زمان
”طالب
الموليٰ“
جو تعلق،
الله جي ولين، عالمن ۽ ديني گهراڻي سان هئڻ سبب
سندس تعليم ۽ تربيت اهڙي ته بهترين ماحول ۾ ٿي، جو
پاڻ پنهنجي وقت جا وڏا عالم، فاضل، بنجي دنيا
سامهون نروار ٿي پيا.
خانداني روايت مطابق کين آخوند ولي محمد وٽ قرآن
مجيد پڙهڻ لاءِ ويهاريو ويو. ان کان پوءِ سنڌي
تعليم ڏيڻ لاءِ حاجي عبدالرحمان (انجم
هالائي) کي استاد مقرر ڪيو ويو. جنهن بعد عربي
۽ فارسيءَ جي تعليم مولوي محمد عالم ڊڀري واري وٽ
پڙهيائون. ان کان سواءِ انگريزي ۽ اردو زبان تي پڻ
دسترس حاصل ڪيائون.
پنهنجي والد محترم جي وفات (1944ع)
کانپوءِ سروري جماعت جو سترهون روحاني
پيشوا بڻيا. طالب الموليٰ سائين جن جون سماجي
توڙي علمي ادبي ۽ ديني خدمتون شمار ڪرڻ
کان وڌيڪ آهن. تن مان ڪجهه هتي ڏجن ٿيون.
1947ع
۾ تحريڪ آزاديءَ جا سرگرم رڪن رهيا.
1950ع
۾ ٽائون ڪميٽي هالا جا صدر رهيا. ۽
1960ع
۾ چيئرمين طور خدمتون سرانجام ڏنيون ۽
1971ع
۾ قومي اسيمبلي جا
ميمبر چونڊيا ويا. ان کانسواءِ سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ
سان گهڻو چاهه هئن، جنهن ڪري سندس سرپرستيءَ ۾
ڪيترائي رسالا ۽ اخبارون شايع ٿيون. جن ۾ هفيتوار
اخبار باسبان، اخبار الزمان ۽ ماهوار رسالو طالب
الموليٰ شاعر ۽ روح ادب شامل آهن، ان کانسواءِ
انجمن علم و ادب هالا، جميعت شعرا سنڌ، اداره روح
و ادب ۽ بزمِ طالب الموليٰ جا مرڪزي سرپرست به
رهيا. ريڊيو پاڪستان ۽ پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشن
جي مشاورتي بورڊ جي ميمبر طور خدمتون انجام
ڏنائون. پاڻ ڪيترن ئي تعليمي ادارن جا سرپرست
اعليٰ رهيا.
سندس سرپرستيءَ ۾ جيڪي تعليمي ادارا
هئا، انهن ۾
”سروري
اسلاميه ڪاليج هالا“
”طالب
الموليٰ اورنٽيئل ڪاليج“،
سنڌ
”مِليه
ڪاليج
حيدرآباد“
۽
”طالب
الموليٰ هاءِ اسڪول دادو“
شامل آهن. ان کانسواءِ کپري جي هاءِ اسڪول جي
هاسٽل پڻ پاڻ ٺهرايائون.
مخدوم محمد زمان
”طالب
الموليٰ“
سنڌ جي قومي اداري سنڌي ادبي بورڊ جو ٻه ڀيرا
چيئرمين رهي. پنهنجون، علمي، ادبي، خدمتون سرانجام
ڏنيون. ان کان اڳ سنڌي ادبي بورڊ جي شروعاتي باني
ميمبر طور پڻ، اداري سان واڳيل رهي علم ۽ ادب جي
خوب خدمت ڪئي.
سندس زندگيءَ ۾ ڪيتريون ئي لکڻيون
ڪتابي صورت ۾ ڇپجي شايع ٿي چڪيون آهن،
انهن ۾ ڪچڪول، خود شناسي، اسلامي تصوف،
بهارِ طالب، رياعيات طالب، ڇپر ۾ ڇڙيون، بي پير
اکيون، آب حيات، چُهنڊڙيون، امام غزاليءَ جا خط،
ياد رفتگان، شيطان، مصريءَ جون تڙون، ديوان طالب
الموليٰ، ڪافي، مثنوي عقل ۽ عشق وغيره شامل آهن.
پاڻ هميشه لاچار ۽ غريب ماڻهن جي مدد ڪندا هئا ۽
ڪنهن سان به ناانصافي ٿيڻ کي
هرگز پسند نه ڪندا هئا. ان ڪري، پنهنجا توڙي
پراوا ماڻهو کين پنهنجو ڀرجهلو سمجهندا هئا ۽ پاڻ
کي سندن عقيدتمندن ۾ شمار ڪندا هئا. سندن اعليٰ،
سماجي، علمي، ادبي ۽ معاشرتي خدمتن جي اعتراف ۾
حڪومت پاڪستان پاران
’تمغه
پاڪستان‘
۽
’هلال
امتياز‘
سان نوازيو ويو. سندن وصال
11
جنوري
1993ع
۾
ٿيو، سندن آخري آرامگاهه درگاهه حضرت مخدوم
سرور نوح رحه جي مقبري ۾ آهي.
اگر خدمت ڪرڻ جي ناهه طاقت طالب الموليٰ،
ته، پوءِ مخدومي دنيا ۾ وڏو منصب ته ڪونهي ڪو.
طالب الموليٰ پنهنجي هِن شعر جي عڪاسي،
پنهنجي ڪردار سان ڪري هميشه لاءِ امرُ ٿي ويو.
ترتيب: رفيق جمالي
شهيد بينظير ڀٽو جي تقرير مان
·قرآن
پاڪ ۾ علم، فڪر ۽ تدبر جي لفظن تي زور ڏنو ويو
آهي.
·سماج
جي غلطين ۽ خرابين کي سُڌارڻ ۽
بدلائڻ جي لاءِ تعليم هڪ بنيادي وسيلو آهي.
·تدريس
جو پيشو هڪ اُتم پيشو هوندو آهي. نوجوانن کي
سُڌارڻ ۾ اُستادن تي وڏي ذميداري اچي ٿي، ان حيثيت
۾ قوم جي تقدير اُستادن جي هٿن ۾ آهي.
·نوجوان
اسان جي سڀاڻي جا محافظ آهن.
·اڄ
اسان جي گهرن جو سماجي سرشتو درهم برهم ٿي ويو
آهي. اهو اهڙو شعبو آهي، جتي اُستادن ۽ تعليمي
ماهرن کي نهايت اهم ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، ته جيئن
هڪ شاندار سماج ٺهي سگهي.
·آئون
اُستادن کي چونديس، ته اهي پنهنجي تعليمي تجربي جي
ڪري اسان جي رهنمائي ڪن ۽ صحيح رستو ڏيکارين، جنهن
تي اسين هلون. اوهين جن کي تعليم ڏيو ٿا، انهن کي
مهرباني ڪري سوچڻ ۽ عقل کان ڪم وٺڻ جي سکيا ذهن
نشين ڪرايو. ياد رکو سڀني تهذيبن جو بنياد پڻ فڪر
هوندو آهي.
·بدقسمتيءَ
سان وقت جي حاڪمن درسي ڪتابن کي به نه ڇڏيو، تاريخ
کي مسخ ڪيو ويو يا ان کي نظرانداز ڪيو، صفحن جا
صفحا ڦاڙيا ويا، ڄڻ ته واقعن جو نالو نشان مِٽائڻ
ممڪن هو! سماجي اخلاقي قدرن يا ذهني اوسر
ڏانهن
ڪو به
ڌيان نه ڏنو ويو، جيڪا قوم سوچ ويچار نٿي ڪري، ان
کي سولائيءَ سان غلام بنائي سگهجي ٿو.
·وڏي
افسوس جي ڳالهه آهي، ته اڄ اُستادن ۽ پروفيسرن جو
ادب ۽ احترام نٿو ڪيو وڃي، جنهن جا اهي حقدار آهن.
·پروفيسرن
۽ اُستادن کي عزت ۽ مانَ مِلڻ گهرجي، جيڪو هنن جو
حق به آهي.
·ڪلاسن
۾ اُستاد ماءُ پيءُ وانگر هوندا آهن، جيڪڏهن اسين
اهو خيال پهچائي نه ٿا سگهون، ته اُستادن جو
احترام ڪرڻو آهي، ته پوءِ سڀاڻي شايد ماءُ پيءُ جي
عزت ۽ احترام به ختم ٿي ويندو. پوءِ سماج ڪهڙي طرف
ويندو؟ پوءِ معاشرو ڪيئن ترقي ڪندو!
·قومن
۾ اهڙا مرد ۽ عورتون هجڻ لازمي آهي، جن جي واکاڻ
ڪري سگهجي. اهي مثالي انسان ئي آهن، جيڪي اتساهه
پيدا ڪندا آهن، سماج ۽ ان جي وجود جي ارادي کي
مضبوط ڪندا آهن.
·دنيا
۾ جيڪا هر قسم جي تحقيقات ٿي رهي آهي، اسين ان ۾
تمام گهڻو پُٺتي پيل آهيون. اسان کي هاڻي وڌيڪ وقت
وڃائڻ نه گهرجي.
(تعليمي ڪانفرنس اسلام آباد ۾ ڪيل خطاب
30
مارچ
1989ع) |