جنگ
جو زمانو[
پروفيسر گهٻرائيندي چيو،
”شايد
مون کي اچڻ ۾ دير ٿي وڃي ۽ توهان کي پُل تي انتظار
ڪرڻ جي تڪليف ڪرڻي پوي، ان ڪري اهو بهتر ٿيندو ته
توهان پاڻ اڪيلا ئي هليا وڃو“،
پر ان سان ڪهڙو ٿو فرق پوي؟ منهنجو ڪم ته هر هنڌ
جاري هوندو آ، کڻي مان پُل تي هجان يا آفيس جي ميز
تي هجان.“
آئنسٽائن کي اهو احساس بلڪل نه هو ته هو هڪ اهڙي
جاءِ تي پهچي ويو آهي جتان هن جو هر هڪ لفظ عوام
کي متاثر ڪري سگهي ٿو، ان ڪري هو ڏاڍو احتياط ڪندو
هو. ان سان گڏ هو اهو به ڄاڻيندو هو ته هن تي،
ڪنهن نيڪ مقصد لاءِ پنهنجو اثر استعمال ڪرڻ جي
ذميواري به پئجي وئي آهي. مثال ڪو ادارو هن جي
نالي تي چندو به وٺي سگهي ٿو. نون خيالن، ايجادن ۽
سياسي جماعتن جو ساٿ ڏيڻ ۽ حمايت ڪرڻ لاءِ هن وٽ
لاتعداد درخواستون آيون، پر هن فلاحي ۽ سائنسي
مقصدن کان سواءِ پنهنجي نالي کي استعمال ڪرڻ جي
هرگز اجازت نه ڏني.
هن کي برلن ۾ رهندي ڪيئي سال ٿي ويا هئا. آخر ۾ هن
”پروشيا“
جي شهريت حاصل ڪرڻ جو ارادو ڪيو. دنيا جون نظرون
اڄ به هن تي کُتل هيون، پر هن کان جيترو ٿي سگهيو،
پنهنجو ڪم خاموشي سان ڪري رهيو هو. هن جو ڪمرو گهر
کان پري ان جاءِ جي وڏي مناري ۾ هو. هڪ ننڍڙي ڏاڪڻ
ڪمري تائين پهچندي هئي. اندر ڀتين سان ڪتابن جون
ڀريل الماڙيون رکيل هيون. هو پنڌ ڪري اڄ به پري
پري تائين هليو ويندو هو. ماڻهو هن کي اتان گذرندي
ڏسندا هئا، پر هو پنهنجي ڌُن ۾ هلندو رهندو هو. هن
جو مسڪرائيندڙ چهرو ۽ مٿي تي وارن جي چڳ، هن جون
نشانيون هيون.
جيئن جيئن سال گذرندا ويا، جرمنيءَ ۾ يهودين جي
خلاف نفرت وڌندي وئي. ڪجهه جرمن سائنسدانن هن جي
نظريي
”اضافيت“
کي يهودين جو علم چئي هن تي حملا به ڪرايا هئا، پر
آئنسٽائن کي پنهنجي نظريي جي مخالفت تي رنج يا
ڪاوڙ نه ايندي هئي، پر پنهنجي رفيقن جون ڳالهيون
ٻڌي ڪاوڙ ايندي هئي، ڇو ته اصل ۾ اها نفرت هن جي
لاءِ نه هئي، پر هڪ نظريي جي هئي.
اهڙين حالتن ۾ جرمنيءَ کان ٻاهر جا سفر هن لاءِ
سڪون بخش بڻجي ويا. ڇو ته پنهنجي ملڪ جي خراب
ماحول کان ڪجهه ڏينهن پري رهي ڪري هن کي آرام ملي
ويندو هو، نه فقط ايترو پر ان بهاني سان هو ٻين
نون سائنسدانن سان به ملي وٺندو هو، جتي به ويندو
هو، ماڻهو هن کي ڏسڻ ۽ هن جي تقرير ٻڌڻ لاءِ بي
چين هوندا هئا. انهن ڏينهن ۾ هالينڊ جي لائڊن (Leiden)
يونيورسٽيءَ ۾ هن کي پروفيسر جي نوڪري ڏني وئي، پر
هو اتي به گهڻو وقت نه رهيو ۽ سال ۾ ڪجهه هفتن
لاءِ مٿين درجي جي ڪلاسن کي پڙهائڻ ويندو هو.
هالينڊ جو ماحول ڏاڍو پيارو هو، هتي هن جا تمام
سٺا، هن کي سمجهڻ وارا دوست مليا هئا، ان ڪري هن
جا اهي ڪجهه هفتا سٺا گذري ويندا هئا.
سن
1921ع
۾ آئنسٽائن هڪ ليڪچر لاءِ ٻيهر
”پراگ“
ويو. عوامي استقبال جي پريشاني کان بچڻ لاءِ ان
دوري کي راز ۾ رکيو ويو. اسٽيشن تي فقط پروفيسر
”فلپ
فرانڪ“
هن کي آڌر ڀاءُ ڪرڻ ويو. هي اهو ئي شخص هو جنهن کي
آئنسٽائن جي وڃڻ کان پوءِ اتي رکيو ويو هو جڏهن
پروفيسر فرانڪ پليٽ فارم تي بيهي گاڏي جو انتظار
ڪري رهيو هو ته هن کي آئنسٽائن جي خاموش طبيعت ياد
آئي ۽ هو سوچڻ لڳو ته عالمي شهرت جو آئنسٽائن تي
ڪهڙو اثر پيو هوندو.
پر جيڪو ماڻهو گهنجيل اوور ڪوٽ ۽ پراڻو سُسي ويل
ٽوپلو پاتل، هٿ ۾ سارنگي جو ڊٻو کڻي ريل گاڏي مان
هيٺ لٿو، ته ان وقت هو ڪنهن به صورت ۾ عالمي شهرت
ماڻيندڙ ماڻهو بنهه نه ٿي لڳو. آئنسٽائن جي اکين ۾
اهائي چمڪ هئي. هن جي مسڪراهٽ اهائي گرم جوشي واري
هئي، جيڪا سالن کان پوءِ پروفيسر فرانڪ هڪ دفعو
وري ڏٺي هئي. ان رات جڏهن آئنسٽائن جي تقرير شروع
ٿي ته سڄو هال ماڻهن سان ڀرجي ويو هو، پر آئنسٽائن
جون ڳالهيون گهڻن جي ذهني اوسر کان مٿي هيون، ڇو
ته اهي فقط هن کي ڏسڻ لاءِ اتي گڏ ٿيا هئا.
تقرير ختم ٿي ته يونيورسٽي جي صدر پنهنجي چند
دوستن کي پنهنجي گهر ۾ آئنسٽائن سان ملاقات لاءِ
گهرايو. دعوت ۾ سڀني کان اول ته شاندار آجياڻي جون
تقريرون ڪيون ويون ۽ پوءِ وري آخر ۾ آئنسٽائن کي
ڪجهه ڳالهائڻ لاءِ گهرايو ويو.
”منهنجو
خيال آهي ته جيڪڏهن مان توهان کي ڪجهه وڄائي
ٻڌايان ته توهان کي ڏاڍو مزو ايندو“.
ائين چئي هن پنهنجي سارنگي کنئي ۽ پوءِ ان ننڍڙي
محفل ۾ ڪافي دير تائين موزارٽ جون تخليقون
وڄائيندو رهيو ۽ محفل کي موهيندو رهيو.
]آمريڪا جو پهريون سفر[
اها
1921ع
جي اپريل جي هڪ اداس صبح هئي. هڪ جهاز نالي
روٽريڊيم (Rotterdam)
معمول مطابق يورپ کان روانو ٿيو. خليج نيويارڪ ۾
آهستي آهستي داخل ٿي رهيو هو. جهاز جي مٿين حصي
تي، جهنگلي سان ٻٽ ٿيل هڪ شخص بيٺل هو. ڪوهيڙو
ڇانيل هو. هن شخص جو مٿو لڪيل هو. ان ڪري هن جا
وڏا وار اُڏري رهيا هئا. هن جي ڪالر جون ڪنڊون
مٿان مڙيل هيون ۽ ٽائي جي ڳنڍ ڏاڍي ٿلهي هئي. هو
ڪوهيڙي جي ڌنڌ مان آزادي جي مجسمي (Statue
of Liberty)
کي سامهون ٿيندي ۽ وري نظرن کان گم ٿيندي پسي رهيو
هو. هن جون ڀوريون اکيون ان مجسمي تي ٽِڪ ٻڌي بيهي
رهيون هيون ۽ هو ان کي مسلسل تڪيندو رهيو. هن جي
چپن تي مسڪراهٽ کيڏي رهي هئي.
البرٽ! هن پنهنجو نالو ٻُڌي، پوئتي مڙي ڏٺو، هن جي
سامهون هن جي گهر واري بيٺي هئي.
”هل
ته ٻي ماڙ تي ٿا هلون“
هن جي گهر واري هن جي هٿن ۾ هٿ وجهندي چيو
”ٻڌو
آ ته اخباري نمائندا اتي اوهان جو انٽرويو وٺندا.“
آئنسٽائن گهر واري سان ٿورو پنڌ هليو. هي پهريون
دفعو آمريڪا وڃي رهيو هو، جنهن جي آزادي ۽ جمهوريت
کان هو هميشه ڏاڍو متاثر رهيو هو. مٿين ماڙ تي
(بحري جهاز) روٽيڊيم جي ڪپتان هڪ حصو رسن کان ڌار
ڪري انٽرويو لاءِ مخصوص ڪري ڇڏيو هو.
بحري جهاز جيئن ئي ڪناري سان لڳو، ته اتان جا
فوٽوگرافر ۽ اخباري عيوضي، جهاز تي چڙهي آيا ۽
پنهنجي مخصوص جڳهه تي ويهي پنهنجي ڪم ۾ جنبي ويا.
ٿورو هيڏي ڏسو، ٿورو مسڪرايو، ٿورڙو هيڏي سائين،
ٿورو مٿي، ويهي رهو. ٿورو اُٿي بيهو، هٿ لوڏيو، بس
هڪ دفعو وري ...
فوٽوگرافر هڪ ٻئي کي ڌڪا ڏيئي رهيا هئا. هڪڙا فرش
تي ويهي تصويرون ڪڍي رهيا هئا، ڪي وري ڏاڪڻ تي
چڙهي، مناسب رُخ تلاش ڪري رهيا هئا، ڪي جهڪي، سهڻن
ڏيکن جي ڳولا ۾ هئا. مطلب ته صحافي هر قسم جي
موقعي جي تاڙ ۾ هئا، ته آئنسٽائن جون سُٺيون
تصويرون ڪڍيون وڃن. هو ان سڄي هُل هنگامي جو مرڪز
بڻيل هو. هنن جي هر ڳالهه، هر حڪم مڃيندو پئي
ويو. اهڙي ماحول ۾ هن هڪ پيار ڀري نگاهه پنهنجي
زال تي وڌي ۽ چيو اي خدا!! مون کي ائين لڳي ٿو ڄڻ
ته مان ڪو اداڪار هجان.
هن خدا خدا ڪري فوٽوگرافرن کان جان ڇڏائي ئي مس ته
وري اخبارن وارا هن جي ڪڍ پئجي ويا ۽ سوالن مٿان
سوال پڇندا رهيا. البرٽ جلدي جلدي مختصر جواب
ڏيندو رهيو.
”توهان
کي آمريڪا وڻي ٿو؟“
”مون
ته اڃان آمريڪا ڏٺو ئي ناهي...“
”هتي
ڪيترو عرصو ترسندؤ؟“
”خبر
ناهي“.
”ڇا
توهان فزڪس جي تشريح ڪري سگهو ٿا؟“
”جي
نه“.
”دنيا
۾ ڪيترا ماڻهو توهان جي نظريي کي سمجهي سگهن ٿا؟“
”ڇا
توهان ٻڌائي سگهو ٿا ته اهڙا به ماڻهو آهن جنهن کي
هن شيءِ جي خبر ئي ڪانهي ۽ انهن کي سائنسي مسئلن
سان ڪو چاهه ئي ناهي رهيو، ته اهي اچانڪ توهان جي
نظريي ۾ ايڏي دلچسپي ڇو وٺندا؟“
”اهڙين
عجيب ۽ غريب سوچن بابت سائنسي تحقيق ٿيڻ کپي.“
”عورتن
کي
”اضافيت“
جي نظريي سان ايڏي دلچسپي ڇو آهي؟“
آئنسٽائن ڪنڌ مٿي ڪري، وڏو ٽهڪ ڏنو. ان ڪري جو
عورتن کي هر سال نئون فيشن کپي ۽ هي سال نظريي
اضافيت جي فيشن جو سال آهي. هڪ اخباري صحافي ايلزا
ڏانهن وڌيو، جيڪا هميشه جيان هن دفعي به آئنسٽائن
جي ويجهو بيٺل هئي.
مسز آئنسٽائن! ڇا توهان رياضي جون ماهر آهيو؟
”بلڪل
نه“
ايلزا ڪنڌ ڌوڻي چيو. هن کي اهڙن سوالن جا جواب ڏيڻ
اچي ويو هو.
”رياضي
۾ منهنجون سڀئي دلچسپيون گهريلو خرچن جي حساب ڪتاب
تائين محدود آهن.“
”ڇا
توهان اضافيت جي نظريي کي سمجهو ٿيون؟“
”مون
کي خوش رهڻ لاءِ اضافيت کي سمجهڻ جي ڪابه ضرورت
ناهي“.
(هلندڙ)
اسلم
پرويز ڏاهري (دادو)
ڪونج
منهنجو نانو هڪ بهترين شڪاري هو ۽ هن زندگيءَ ۾
ڪيترن ئي جانورن ۽ پکين جو شڪار ڪيو هو. مان جڏهن
رات جو نانا جي گهر ويندو هوس، ته سڀ ٻار چُلهه وٽ
ڦريو ويٺا هوندا هئا. سياري جي رات هوندي هئي ۽
نانا کان ڳالهيون ٻڌندا هئاسين، نانا ڪيترن ئي
بادشاهي، جانورن ۽ پکين جو ن ڳالهيون ٻڌائيندو هو.
اڄ به ٻار نانا کان ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار هئا اڄ
نانا هڪ ڪونج پکيءَ جي ڳالهه ٻڌائي. نانا اڄ ڪجهه
سنجيده هو. ڳالهه شروع ٿي، نانا چيو ته هي ڳالهه
اڄ کان اٽڪل ڏهه سال اڳ جي آهي ۽ منهنجي زندگيءَ
جو سچو واقعو آهي.
هڪ ڀيري گرمين جي ڏينهن ۾ شام جو مان گهران بندوق
کڻي ٻاهر نڪتس، ڪجهه پري وڃڻ کان پوءِ هڪ گهاٽو
جهنگ آيو.مان شڪار جي ڳولا ۾ هيڏانهن هوڏانهن
ڏسندو رهيس پر مون کي ڪو شڪار هٿ ڪو نه لڳو. اوچتو
ڪونجن جي ولر ڏانهن مٿي آسمان ڏانهن نهاريم.آسمان
تي ڪونجن جون قطارون وڃي رهيون هيون.آسمان تي ان
وقت ڪجهه ڪڪر به ڇانيل هئا. ڪونجون جڏهن منهنجي
سامهون آيون ته مان هڪ کي بندوق هنئي هڪ ڪونج ڪِري
پئي ۽ ٻيون اُڏامي ويون. ڇاٿو ڏسان ته انهن ڪونجن
مان هڪ قطار کان ڇڄي بيهي رهي آهي ۽ ڪِريل ڪونج
لاءِ مٿان کان دعا ڏيڻ لڳي. مون جڏهن آسمان واريءَ
ڪونج ڏانهن ڏٺو ته زخمي ٿيل ڪونج زمين تي هڪ ٻوٽي
۾ لڪي ويئي. مان گهڻو ئي ان جي ڳولا ڪئي پر اُها
نه لڌي. اوچتو مينهن وسڻ لڳو ۽ مان به ان ڪونج کي
ڇڏي گهر ڏانهن روانو ٿيس. آسمان واري ڪونج پوءِ
اُتي لامارا ڏيندي رهي.وقت گذرندو رهيو ۽ هڪ سال
کان پوءِ مان جڏهن شڪار سانگي ان جڳهه تان لنگهيس
ته منهنجي حيرت جي حد نه رهي ۽ ڏٺم ته هڪ ڪونج
اُتِ لامارا
ڏئي
رهي آهي. هڪدم مون کي شڪار ڪيل ڪونج جو واقعو ياد
آيو ڪونجن جي اهڙي محبت کي ڏسي منهنجو ذهن
چڪرائجي ويو ۽ منهنجي ذهن ۾ شاهه سائينءَ جو بيت
اُڀري آيو:
وڳر ڪيو وتن، پرت نه ڇنن پاڻ ۾،
پسو پکيئڙن، ماڻهان ميٺ گهڻو.
جڏهن نانا پنهنجي ڳالهه پوري ڪئي ته خالد معصوميت
مان کانئس پڇيو ته ڏاڏا خالد نانا جو پوٽو هو.
توهان اٽڪل گهڻيون ڪونجون ماريون هونديون نانا
وراڻيو ته اُها هِن کان پهرين ۽ آخري ڪونج هئي اُن
کان پوءِ مون قسم کڻي ڇڏيو آهي ته ڪڏهن به ڪونجن
جو شڪار نه ڪندس. اهڙي محبت واري جوڙي کي ڪڏهن جدا
نه ڪندس ڪافي دير ٿي چڪي هئي اسان پنهنجن گهرن
ڏانهن روانا ٿياسين ۽ منهنجو ننڍڙو ذهن اهو
سوچيندو رهيو ته پکين کي پاڻ ۾ ايڏي محبت ۽ هڪ
ٻئي لاءِ احساس آهي پر ڪاش انسانن کي به هجي.
محمد اسامه ڪنڀر (گهوٽڪي)
حضرت لقمان حڪيم جي پُٽ کي نصيحت
·نماز
جي وقت دل کي قابو ۾ رک.
·دسترخوان
تي پنهنجي هٿ کي قابو ۾ رک.
·ڪنهن
جي گهر وڃين ته نظرن کي قابو ۾ رک.
·محفل
۾ ويهين ته زبان کي قابو ۾ رک.
·ربّ
۽ موت کي هميشه ياد رک.
·پنهنجون
نيڪيون ۽ ٻين جون بُرايون ڀُلائي ڇڏ.
جن کي ماءُ نه هوندي آ
* جن کي ماءُ نه هوندي آ، اهي کاڌي جي ميز تي
رُسندا نه آهن، اگر اهي رُسن ته انهن کي ڪوئي
مڃائيندو ۽ پرچائيندو ناهي.
* جن جي ماءُ نه هوندي آهي انهن کي دنيا جي اُس ۾
دعائن جي ڇٽي دستياب نه هوندي آهي.
* جن کي ماءُ نه هوندي آهي انهن جي دير سان اچڻ تي
انهن جي گهر جو دروازو کليل ناهي هوندو.
گُل
صائمه خان
پاڻي زندگي آهي
پيارا ٻارو! ربّ پاڪ اسان کي بيشمار نعمتن سان
نوازيو آهي، جنهن جو تصور ڪرڻ به ناممڪن آهي، ھوا،
باهه، پاڻي ۽ سج جي روشني به ربّ پاڪ جون پيدا ڪيل
تمام وڏيون نعمتون آھن جنهن کان سواءِ زندگيءَ جو
تصور ڪرڻ به ناممڪن آهي.
پيارا ٻارو! اڄ اسين پاڻيءَ جي باري ۾ معلومات
حاصل ڪنداسين.سڀ کان پھرين اسين اھو سکنداسين ته
پاڻي ڇا آهي؟ پاڻي ربّ پاڪ جي وڏين نعمتن مان ھڪ
وڏي نعمت آهي، پاڻي عام طرح بي رنگ، بي بوءِ ۽ بي
ذائقي دار ٿئي ٿو. اسان پاڻي جو استعمال ڪيترن ئي
طريقن سان ڪندا آھيون - جھڙوڪ پيئڻ ، کاڌي جي
تياري ، فصلن ، جانورن ۽ فيڪٽرين وغيره لاءِ پاڻي
استعمال ڪيو ويندو آهي. پاڻي ھڪ سٺو ڳاريندڙ پڻ
آهي پاڻي کاڌي جو ڇھون اھم جزو آهي
پيارا ٻارو!
اسان
جي ڌرتيءَ جي گولي تي
71
سيڪڙو پاڻي ۽ فقط
29
سيڪڙو خشڪي آهي. پر سڀ کان اھم ڳالهه اھا آھي
ڌرتيءَ تي موجود ڪل پاڻي مان %97.5
پاڻي کارو آهي. ھڪ اندازي موجب صاف ۽ تازي پاڻيءَ
جو اٽڪل
%70
حصو زراعت ۽ جانورن جي پالنا لاءِ استعمال ٿيندو
آهي ۽ باقي ڪارخانن ۽ فيڪٽرين لاءِ %20
پاڻي ۽ %10
پاڻي گھريلو ڪمن ۾ استعمال ٿيندو آهي.
پيارا ٻارو! ڇا اوھان کي خبر آهي ته پاڻي جا مختلف
ذريعا ڪھڙا آھن جنهن مان اسان پاڻي استعمال ڪندا
آھيون ؟ اھا اسان سڀني کي ڄاڻ آهي ته پاڻي اسان
مختلف ذريعن مان حاصل ڪندا آھيون. جنهن ۾ قدرتي ۽
مصنوعي ذريعا اچي وڃن ٿا قدرتي ذريعا جنهن ۾ درياھ
ڍنڍون وڏا واھ برسات جو پاڻي کوھ گليشيئر ۽ وڏا
سمنڊ اچي وڃن ٿا ۽ مصنوعي ذريعا جنهن ۾ تلاءَ ٽيوب
ويل ڊيم وغيره شامل آهن
پيارا ٻارو پاڻي جاندار شين لاءِ تمام وڏي اھميت
جو حامل آهي تنھن ڪري اسان کي پاڻي ضايع ڪرڻ کان
بچائڻ کپي. سڀ کان وڏي افسوس جهڙي ڳالهه اھا آھي
ته ممڪن آهي ته مستقبل ۾ اسان جي پياري وطن ۾ پاڻي
جي کوٽ پيدا ٿئي تنھن ڪري اسان کي کپي ته اسان
پاڻيءَ جي ضايع ٿيڻ کان بچون ۽ ان کي مستقبل لاءِ
محفوظ بڻايون ۽ پاڻ کان ننڍن کي ان بابت سيکاريون
ڇاڪاڻ ته صاف پاڻي اسان جي زندگيءَ جي ھر
ڪاروھنوار ۾ استعمال ٿيڻ سان گڏوگڏ اسان کي مختلف
بيمارين کان پڻ بچائي ٿو تنھنڪري اسان کي پاڻي
اُٻاري ۽ ڇاڻي پوءِ پيئڻ کپي ۽ اھو طريقو پاڻيءَ
کي صاف ڪري پيئڻ جو تمام سادو ۽ اثرائتو طريقو آهي
ائين ڪرڻ سان پاڻيءَ ۾ موجود غلاظتون ختم ٿي وڃن
ٿيون ۽ پاڻي پيئڻ لائق بڻجي وڃي ٿو.
پيارا ٻارو ڇا اوهان کي ڄاڻ آهي ته پاڻي اسان کي
سُنت طريقي سان پيئڻ کپي، پاڻي پيئڻ جون ڇهه
سُنتون آهن جيڪي ھن ريت آھن:
1-
بسم الله الرحمان الرحيم پڙھڻ.
2-
پاڻي پيئڻ وارو ٿانءُ سڄي ھٿ ۾ جھلڻ.
3-
پاڻي ڏسي ڪري پيئڻ.
4-
پاڻي ويھي ڪري پيئڻ.
5-
پاڻي ٽن ساھين ۾ پيئڻ ( ھر ساھي ۾ ٿانءُ منھن کان
پري ڪرڻ)
6-
آخر ۾ الحمدلله پڙھڻ.
پيارا ٻارو! ھي پاڻي پيئڻ جون ڇهه سنتون آهن جيڪي
مٿي بيان ٿيل آهن ۽ پاڻي کي سنت طريقي سان پيئڻ جو
وڏو ثواب آھي.
يُسرا
اعجاز (ڄام شورو)
نيڪ دل ڇوڪري
هڪ پاڪستاني ڇوڪريءَ جا پنهنجي عرب سهيليءَ جي
باري ۾ تاثر:
هن جو ٻن مهينن جو ٻارڙو هو. اُن جو پيمپر تبديل
ڪرڻ لاءِ هُوءَ واش روم وئي مدد جي لاءِ آءٌ به
ساڻس گڏ ويس ٻار کي ڌوئاري هُن وضو ڪرايو منهنجي
لاءِ اهو هڪ نئون عمل هو وضو گهڻو ڪري وڏا ڪندا
آهن. هيترن ننڍن ٻارن کي وضو ڪرائڻ مون ته ڪو نه
ڏٺو آهي.
هُن ڇوڪريءَ جا گهڻا الڳ ڪم هئا.هوءَ پنهنجي ٻن
سالن جي ڌيءَ کي ماني کارائڻ وقت هر گرهه تي
”الحمدلله“
ٻارڙي به پنهنجي ٻاتڙي ٻوليءَ ۾ چوندي
”الحمدلله“
وري ٻيو گرهه وات ۾ وجهندي هوءَ مڪمل يڪسوئي سان
ٻارن ۾ مگن هوندي هئي.آءٌ به يڪسوئي سان ان ماءُ ۽
ٻارن جو مشاهدو ڪندي رهيس.
هوءَ يمن جي رهندڙ هئي ڪاليج ۾ گڏيل عربي ٻولي
پڙهائيندي هئي. اُتي ئي دوستي ٿي وئي خلوص ۽ محبت
سان گڏ ٻيو سبب عربي زبان هئي.ائين ٽٽل ڦٽل
انگريزي ۽ اُردو ايندي هئي. پرديس ۾ هڪ جهڙي ٻولي
ڳالهائيندڙ يا سمجهندڙ جو ملي وڃڻ به هڪ نعمت آهي.
ڪجهه ڏينهن کان پوءِ هوءَ منهنجي دعوت تي منهنجي
گهر هلي آئي. هن جو هر انداز الڳ هو ۽ آءٌ سکڻ
لاءِ بيتاب هئس.
ٻارن کان واندي ٿي عفواً (معذرت ) چوندي هو مون
ڏي متوجهه ٿيندي هئي. مشڪل سان دل ۾ لڪل هڪ سوال
پڇيم،اوهان ايتري ننڍي ٻار کي وضو ڇو ڪرايو ٿيون.
هُن جو جواب سوچ جي نئين ڌارا هو، چوڻ لڳي ٻار سڀ
ڪجهه هن عمر ۾ ئي سکي ٿو .هن عمر ۾ ڏنل تربيت جو
تصور پختگيءَ سان ٻار جي شخصيت ۾ اچي وڃي ٿو.
پهرين ته پاڪيزگي هن جي اندر ۾ وجهڻ چاهيان ٿي.ان
لاءِ پهرين ڏينهن کان وضو جي عادت وڌي آهي .
اُميد ٿي ڪريان زندگيءَ ڀر پاڪائي سان رهندو هن
جاعضوا روز قيامت روشن رهندا.
منهنجو ٻيو سوال ته کائڻ جي مهل هڪ ڀيرو شُڪر ڪرڻ
ته سمجهه ۾ اچي ٿو. پر هر گرهه تي !! مون کي ڳالهه
سمجهه ۾ نه آئي.
هن مسڪرائيندي وراڻيو ته : منهنجي پياري سهيلي ربّ
پاڪ جنهن اسان کي انسان ٺاهي هن دنيا ۾ موڪليو
آهي، اسان ته پنهنجي ربّ جو شڪر به ادا نه ٿا ڪري
سگهون. هيءَ جا ماني اسان کائون ٿا ان جو هڪ گرهه
ڪيترن ئي مرحلن مان گذري پوءِ اسان تائين پهچي ٿو.
اُن جو شڪر ڪرڻ ته اسان تي لازم آهي. شڪر جو احساس
ٻارن جي سُستيءَ ۾ وجهڻ جي ڪوشش ڪريان پئي. هُن
نيڪ ڇوڪريءَ ربّ سائين جي ڏنل رحمتن جو اهڙو ذڪر
ڪيو جو منهنجو ته ڪنڌ شرم کان جهڪي ويو، اسين ڪهڙا
انسان آهيون هر لمحي شڪايتن جا دفتر کولي ويٺا
آهيون. مالڪ سائين سان به هر وقت شڪايت ڪندا رهندا
آهيون.
اصل تعلق ته ربّ پاڪ سان شڪر گذاري وارو هئڻ گهرجي
اُهو سڀ مون هُن نيڪ دل ڇوڪريءَ کان سکيو. جيڪو
سبق اسان ٻين کان سکون ٿا اُهو ٻين کي به
سيکاريون.
صدا حسين (شادي پلي)
کائڻ پيئڻ جا آداب
·کائڻ
کان اڳ هٿ ڌوئجن.
·بسم
الله الرحمان الرحيم پڙهجي.
·ٿانون
۾ هڏيون نه اُڇلائجن.
·سنگتين
جي کائڻ ڏانهن هر گهڙي نه نهارجي.
·ايترو
به نه ڳالهائجي جو کائڻ جو مزو هليو وڃي.
·ٽيڪ
ڏئي نه کائجي نه ٿانو مٿي کڻي کائجي.
·طعام
مان ڪو عيب نه ڪڍجي ۽ نه ان کي اڇلائجي.
·ماني
جا ڀورا يا ٽڪر ڪِرن ته انهن کي صاف ڪري کائجي.
·پنهنجي
پاسي کان کائجي.
·آڱرين
۾ يا ٿانوَ ۾ رهيل طعام چٽي ڇڏجي.
·دل
۾ اهو به ربّ پاڪ جو احسان سمجهي.
·پاڻي
سڄي هٿ سان ويهي ٽن ساهين ۾ ڏسي پئجي.
·کائڻ
کان پوءِ دعا ماثوره پڙهجي.
·کائڻ
کان پوءِ هٿ ڌوئجن.
·ڏندن
۾ رهيل طعام تيلي سان صاف ڪجي.
·کارائيندڙ
جو شڪر ادا ڪجي. |