غفار احمد لغاري
شاهه لطيف هر دؤر جو شاعر
شاھ عبدا للطيف ڀٽائي سائين جا بيت پڙھڻ ۽ انھن جي
معنيٰ ۽ مفھوم سمجھڻ اڄ جي دور ۾ بي انتها ڏکيو
انڪري به ٿي پيو آھي جو نئي ٽھيءَ جي نوجوانن
پنھنجين وڏڙن کان ايترا بيت ناھن ٻُڌا ڇو ته ھاڻي
اھي وڏا توڙي قرب ڪچھرين واريون اوطاقون ئي نه
رھيون آھن
جتي روز پيا مانڊاڻ مچندا ھئا، ھن دور ۾
سنڌ جو نوجوان ڪيترين ئي جبلتن جو شڪار آهي
ڪتابن کان دوري جو سڀ کان وڏو سبب اڄ جي دور
جي ٽيڪنالاجي به آھي، جنھن جو مثال ٽچ موبائل کان
سواءِ ٻيو ڪھڙو ڏئي سگھجي ٿو.
مائٽ کي اولاد جي تربيت ڪرڻ ۾
اھا ڪا خاص توجهه نٿي ڏسڻ ۾ اچي جيڪا اڄ کان ٽيهه،
چاليهه سال اڳ ڏٺي پئي وئي.
نئي ٽھيءَ جي نوجوانن کي گهرجي ته ھڪ دفعو وري
پھرين جيان ڪتابن سان دوستي
رکي ۽ خاص طرح سان سنڌ جي گھوٽ لطيف سائين جي بيتن
کي سمجھي
پڙھي لطيف سائين جي
رسالي مان صحيح گس جي رھنمائي وٺڻي پوندي، ته جئين
وڌيڪ ھيڏانھن ھوڏانھن اجايو ڀٽڪڻ کان بچي سگهجي.
مون کي به سنڌ جي ھر نوجوان جيان لطيف سائين جي
بيتن کي پڙھڻ ۽ سمجھڻ جو شوق پنھنجي ننڍپڻ کان پئي
رھيو آھي ٻه ٽي ڏينهن ٿيندا ڪتابن
توڙي اخبارن کان تمام گھڻي وٿي کان پوءِ ھڪ ڪتاب
”شاهه
لطيف ھر دور جو شاعر“ مليو
آهي جيڪو سائين ڊاڪٽر بشير احمد شاهه جو لکيل آهي
سائين ڊاڪٽر بشير احمد شاھ
انتھائي جامع ۽ وقتائتو
ڪتاب لکي ان ۾ شاھ سائين جا بيت
مختلف ڪتابن مان چونڊ ڪري آسان سمجھاڻين سان ڏنا
آھن ته جئين مون جھڙو نئون پڙھندڙ به
سولائي سان پڙهي ۽ سمجھي سگھي.
سائين جن جي ڪتاب مان چند چونڊ بيت، سمجھاڻين سميت
ھيٺ ڏجن ٿا ته جئين ھر نئين پڙھندڙ کي ڪارائتي ڄاڻ
ميسر
ڪرڻ سان گڏ وڌيڪ پڙھڻ ڏانهن
متوجهه به ڪري سگهجي جيڪا وقت جي پڻ اشد ضرورت
آهي.
وڌو ڪيم وڻاھ، اونچا ڏونگر م ٿيو،
ٽمو م نيڻاھ، ته پير نھاريان پرين جو.
هتي لفظ
‘وڻاهه’
وڻن جي معنى ۾ آيل آهي. جڏهن ته ٻي سٽ ۾
‘نيڻاهه’
جو مطلب
نيڻ يا اکيون آهن. ٻئي لفظ نواڻ سان ڀرپور آهن. ٻي
سٽ جو مفهوم ۽ مطلب معنوي لحاظ کان ڪيڏو نه سهڻو
آهي. سسئي پنهنجي اکين سان مخاطب آهي ته توهان نير
نه وهايو ، ڳوڙهن سان نه ڀرجي اچو ، جئن مان پرين
جو پيرو لهي وٺان. اکين ۾ ڳوڙها ڀرجڻ وقت چٽو نه
ڏسي سگھبو آهي.
ڄاڻين ته به نه ڄاڻ، ايءَ در اٻوج ھن جو،
ان در سي ئي اگھئا، جن نه ڀانيو پاڻ،
ريجھاڻو راڄاڻ، آهي اٻوجھن جو.
مٿين بيت ۾ لطيف سائين ان ڳالهه تي زور ٿو ڏئي ته
انسان کي پنهنجي علم
۽ ڄاڻ تي گھمنڊ هرگز نه ڪرڻ گھرجي. علم جو ته ڪاٿو
ئي ڪونهي.
ڪو ڪيترو به ڄاڻي پرپوِء به اهو عقل ڪل يا علم ڪل
بڻجي نه ٿو سگھي. سواءِ انهن هستين جي جن لاءِ خدا
پاڻ چاهي. تنهن ڪري عام انسان کي گھرجي ته ائين
ڄاڻي ڄڻ هو ڪجهه به نه ٿو ڄاڻي. يونان جي مشهور
ڏاهي سقراط به اهو ئي چيو هو ته
“مان
ڄاڻان ٿو ته مان ڪجهه به نه ٿو ڄاڻان.”
جن پاڻ کي ڀانيو يعني
’مان‘
ڪئي. اهي ڀٽڪي ويا. مهربان مالڪ جي در تي ته فقط
انهن اڻ ڄاڻن ۽ اٻوجھن جو مانَ آهي، جيڪي من ۾
محبت پائي رنڊا روڙيندا آهن. پوءِ فقط انهن جو ئي
اڻ توريو اگھي ويندو آهي.
ويڄ م ٻڪي ڏي، الا چڱي م ٿيان،
سڄڻ مان اچي، ڪر لاھو ٿي ڪڏھم.
اگھائي ۽ سگھائي هرماڻهو سان لاڳو هونديون آهن.
اگھو ماڻهو سگھي ٿيڻ لاءِ وڃي طبيبن تات پوندو آهي
۽ ويڄ يا حڪيم کي اها ئي التجا ڪندو آهي ته ڪو
اهڙو علاج ڏي ته ستت صحتياب ٿي وڃان، پر ان ڏس ۾
لطيف جو جذبو ڪيڏو نه لطيف آهي. هو ويڄ کي وينتي
ٿو ڪري ته مونکي اهڙو علاج ئي نه ڏي جنهن سان چاڪ
چڱو ڀلو ٿي وڃان.
لطيف جي اهڙي خواهش جو راز بيت جي ٻي سٽ مان پڌرو
ٿي پوي ٿو، جنهن ۾ هو فرمائي ٿوته مان سگھو انڪري
نه ٿو ٿيڻ چاهيان ته جيئن منهنجو من گھريو محبوب
منهنجي اگھائيَء جو احوال سڻي من اچي منھنجو اڱڻ
اُجاري ۽ منھنجي خير عافيت
معلوم ڪري.
الا ! کر جيئن، مدي جن جي من ۾،
اسان ۽ پرينَء جون، اُميدو پسن،
تهان پوِء مرن، سڙي انهيءَ سور.
مٿيون بيت پنهنجي معنى ۽ مفهوم جي لحاظ کان منفرد
حيثيت جو حامل آهي، جنهن ۾ ندرت به آهي ته تجسس
به. پهرين سٽ ۾ لطيف پنهنجي بدخواھ حريف لاءِ
دعاگو آهي ته سندس حياتي وڏي ٿئي ۽ جڙيو جيئرو
رهي. جڏهن ته دشمن جي لاءِ ته دل مان هميشه بد دعا
نڪرندي آهي، پر لطيف سائين جي ان دعا جي پس منظر
جي خبر آخري ٻن سٽن مان واضح ٿي وڃي ٿي. هو فرمائي
ٿو ته:
سندس حريف ان لاءِ جهان ۾ تيستائين جيئرو هجي
جيستائين منهنجون ۽ محبوب جون اميدون تڪميل تي رسي
وڃن ۽ پوِء هو انهيَء سوز ۽ ساڙ ۾ سڙي ڀسم ٿي وڃي.
الا ! ڏاهي م ٿيان، ڏاهيون ڏک ڏسن،
مون سين مون پرين، ڀورائيءَ ۾ ڀال ڪيا.
ڏاهپ جي ڏات سان رڱيل انسان کي هر معاشري ۾ وڏي
عزت ۽ احترام جي نگاهه سان ڏٺو ويندو آهي ۽ هر هڪ
انسان اهڙي انمول دولت سان مالا مال ٿيڻ جي تمنا
رکندو آهي پر لطيف کي ته ڏاهپ ئي ڏکوئي وڌو آهي
تنهن ڪري ئي هو ڏاهپ کان ڀورائيءَ کي ڀلو ٿو
ڀانئي. هن ڏاهين کي ڏکن هيٺ ڏٺو آهي. ٻي طرف جنهن
پرينَء سان سندس پيچ پيل آهي ان وٽ وري اڻڄاڻن،
اٻوجھڙن ۽ ڀورڙن جو قدر آهي، ڇوته اهي
’مان‘
جي مار ۾ مبتلا نه هوندا آهن. مالڪ اهڙن اٻوجھڙن
کي اڏي ڇڏيندو آهي. گھڻي ڏاهپ انسان ۾ غرور ۽ تڪبر
پيدا ڪندي آهي. اهڙي ئي فلسفي جي اظهار مان لطيف
سائين جي منزل ۽ مقام جو پتو پوي ٿو ته هن ڪيئن
ڏاهپ کي ڏٻيندي وڏي ڏاهپ جو اظهار ڪيو آهي.
ڀڃ پرولي ٻارو
1.
جو لڇڻ منجهه ماڻهن جو ڪلڇڻ منجهه کير، هي پرولي
ڀڃندا به ڪي عقل وارا وير.
2.
آءٌ واٽ وٺيو پئي ويس ته هڪڙو وڻ ڏٺم جنهن جي شاخن
مان اڇا موتي پئي ڪريا ۽ ڪرندي ئي ڦسي ٿي ويا.
(اشفاق علي جواد خيرپور ميرس)
3.
چار ڀتيون چار ڪامون، نائين ڇپري، جيڪو نه ڀڃندو
ان جي ڳالهه ڪچڙي.
4.
ڌڙ جنهن جو ڌوڙ ۾، لامون جنهن جون لس، ڳجهارت
اشفاق جي ڀڃي ڪو مس.
5.
کائي مٿي کان اوڳاري چيلهه کان.
6.
چار چنيسر هلن چلن، چار چنيسر مٺي ڪاٺي، ٻه چنيسر
سُڪي ڪاٺي، هڪ چنيسر اولي گهولي.
7.
جا ڏسان ڊوڙندو آيو، جي چوان گهوڙو، گهوڙي کي پير،
هي بنا پيرن جي، چوان نانگ، نانگ کي ساهه، هي بنا
ساهه جي، چوان ٻيڙي ٻيڙي هلي بحر تي هي سُڪي تي،
سو ٻارو ٻڌايو ڇا آهي؟
جواب:
1.
کير
2.
ڦوهارو
3.
کٽ
4.
بصر
5.
جنڊ
6.
ڳئون
7.
بال
آخوند
نور احمد ڏهوٽ (ڦلجي اسٽيشن)
چمپل کان محروم ٻارڙي
روڊ تي پيرن اگهاڙي ڇوڪري شاداب صاحب کي چاچا ڏهه
روپيه ڏيو چمپل وٺندس ربّ پاڪ توهان کي وڏي ڄمار
ڏيندو هن وقت شاداب صاحب رمضان مهيني ۾ هزارن جي
خريداري ڪري دڪان تان ٻاهر نڪري رهيو هو. ٻارڙي
صاحب کي چنبڙي پئي صاحب هڪ نظر ڇوڪريءَ کي ڏٺو
جنهن کي پيرن ۾ چمپل به نه هئا ڇوڪريءَ کان جان
ڇڏائي صاحب ڪار طرف ويو، هو سوچي پيو ته اڄ ڪلهه
پنڻ جا نوان نوان طريقا اچي ويا آهن. صاحب کي
ٻارڙيءَ جي والدين تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي ۽ چيو ته هن
جا والدين وڏا ظالم آهن جو ٻارڙيءَ کي پيرين
اگهاڙي پنڻ لاءِ موڪليو آهي ته جيئن ماڻهن کي هن
تي رحم اچي.
ٻارڙي صاحب جي ڪار جي شيشي وٽ اچي بيٺي ۽ منٿون
ڪري رهي ئي صاحب ڪار جا شيشا بند ڪري ڇڏيا، جيئن
هُن جو آواز هن جي ڪنن تائين نه پهچي. صاحب کي
ٻارڙيءَ جي آواز مان بيزاري ٿي رهي هئي. شاداب
صاحب جو لکن جو بزنس هو ۽ فضول خرچ پڻ هو پر هن وٽ
ٻارڙيءَ جي چمپلن لاءِ پئسا نه هئا. صاحب گاڏي
پوئتي ڪري پنهنجي گهر جي طرف روانو ٿي ويو ۽ ٻارڙي
حسرت سان صاحب کي ڏسندي رهي ٻارڙي سوچيندي چيو ته
منهنجي چمپلن جو ته خير آهي پر منهنجو ننڍڙو ڀاءُ
کير پيئندو آهي ان جو ڇا ٿيندو. امان به بيمار
آهي. ان جي دوا به وٺڻي آهي. صاحب گهر پنهنجي نوڪر
کي اخبار کڻي اچڻ لاءِ چيو هو اخبار پڙهي آرام
ڪندو رهيو.
صاحب جو سڄو بزنس ان جي پُٽ سنڀالي رکيو هو. رمضان
مهيني جي اوڻٽيهين تاريخ هئي ۽ اخبار ۾ به رمضان ۽
عيد جي باري ۾ گهڻيون خبرون هيون ۽ صاحب واندڪائي
۾ رمضان جي باري ۾ خبرون سڀ پڙهندو هو.
اخبار پڙهندي اوچتو صاحب ڇرڪ ڀري ويو اها خبر هئي
ته هڪ پنڻ واري ڇوڪري سو جو نوٽ کڻڻ لاءِ ڊوڙندي
گاڏي هيٺان اچي وئي. ٻارڙي جي پيرن ۾ چمپل نه هئا.
هوءَ چمپلن لاءِ پئسا گهري رهي هئي ڪنهن ماڻهو
گاڏي مان سؤ جو نوٽ اُڇلايو ۽ ڇوڪري نوٽ پٺيان
ڊوڙندي رهي ته گاڏي مٿان چڙهي وئي. شاداب صاحب جي
دل ۾ هلچل مچي وئي ان کي ضمير جنجهوڙي رهيو هو. هو
سوچي رهيو هو ته ڪاش ان ڏينهن هو ٻارڙي کي چمپلن
لاءِ پئسا ڏئي ها ته شايد اهو واقعو پيش نه ٿئي
ها. هو پنهنجو پاڻ کي مجرم سمجهي رهيو هو. هاڻي ان
کي اندازو ٿي ويو هو ته اسان جو ظالم معاشرو ئي
هنن غريبن جو قاتل آهي.
هي جلدي جلدي ۾ اٿيو ۽ بازار ڏانهن ويو ۽ سوچيائين
ته اهڙين ڪيترين ئي ٻارڙين جي زندگي ضايع ٿيڻ کان
بچائيندو.
دل ۾ اهڙو واعدو ڪيائين ته اتي جيڪي به ٻارڙيون
موجود هونديون هو انهن کي ضرورت جون شيون وٺي
ڏيندو ته جيئن اهڙا حادثا پيش نه اچن. هو ضمير جي
عدالت ۾ سرخرو ٿيڻ چاهي پيو.
حفصه ياسين ڪنڀر (گهوٽڪي)
مسجد جا آداب
حضرت ابوليث سمر قندي رحه فرمايو ته مسجد جا
14
آداب آهن.
·ويهڻ
کان اڳ ٻه رڪعتون نفل پڙهي، مسجد جو تحفو سمجهي.
·مسجد
۾ واپار نه ڪري.
·مسجد
۾ ترار وغيره نه لٽڪائجي.
·مسجد
۾ گم ٿيل شيءِ جو پڙهو (اعلان) نه ڪري.
·مسجد
۾ ڏاڍيان نه ڳالهائجي.
·مسجد
۾ دنيا جون ڳالهيون نه ڪجن.
·مسجد
۾ جاءِ وٺڻ ۾ جڳهڙو نه ڪجي.
·مسجد
۾ پاڪ صاف ٿي اچجي.
·مسجد
۾ آڱرين مان ٺڪاءُ نه ڪڍجن.
·مسجد
۾ لم يا ٿُڪ نه اُڇلائجي.
·مسجد
۾ ماڻهن کي اچ وڃ ۾ نه لتاڙجي.
·مسجد
۾ صف ۾ سوڙهه نه ڪجي.
·مسجد
۾ چرين ماڻهن کي اچڻ نه ڏجي.
·مسجد
۾ نمازي جي اڳيان نه لنگهجي.
شوڪت ميمڻ
محنت
جڏهن ٻار هِن دنيا ۾ اچي ٿو ته هو پاڻ سان گڏ ڪي
قدر صلاحيتون به کڻي اچي ٿو، جيڪي اڳتي هلي هن جي
مختلف ڪارنامن مان ظاهر ٿيڻ لڳن ٿيون، جن ٻارن ۾
قدرتي طور گهٽ صلاحيتون هونديون آهن ته انهن کي
هِن دنيا ۾ پنهنجو مقام بنائڻ لاءِ ڪافي هٿ پير
هڻڻو پوندو آهي. قدرت جو اصول انهيءَڳالهه ۾ رکيل
آهي ته جيڪو جيترو هٿ پير هڻي (ڪوشش ڪري) ٿو، اهو
اوترو فائدو حاصل ڪري ٿو. ائين هرگز نه آهي، ته
ڪنهن ٻار ۾ صلاحيتون بلڪل نه هجن. ڪافي ٻارن ۾
صلاحيتون لڪل هونديون آهن، جن کي ڪتب آڻي فائدو
حاصل ڪرڻ لاءِ ٿوري محنت درڪار هوندي آهي. هيءَ
دنيا محنت ڪرڻ وارن جي آهي. سُست ۽ ڪاهل ماڻهوءَ
جو هتي ڪير به ڪونهي. سُستي ۽ ڪاهلي مرض آهي، جنهن
کان سڀني کي نجات حاصل ڪرڻي پوندي. دنيا ۾ جيڪي به
اسان کي عظيم ماڻهو نظر اچن ٿا، انهن جي زندگيءَ
بابت ڪتاب پڙهڻ سان خبر پوندي ته انهن ڪيئن نه رات
۽ ڏينهن کي هڪ بنائي محنت جي رسي کي قابو جهلي
ثابت قدمي جو هار گلي ۾ وجهي ڪاوشن جي ميدان ۾ لهي
پيا ۽ مقام حاصل ڪيو. دنيا ۾ ڪابه شيءِ ناممڪن
ناهي. اها اسان جي پنهنجي سوچ ٿئي ٿي، جيڪا ڪنهن
شيءِ کي ناممڪن بنائي ٿي، هر شيءِ کي حاصل ڪرڻ
لاءِ محنت ڪرڻي پوي ٿي، ۽ جنهن شيءِ جي لاءِ بلڪل
سچي ڪوشش ڪجي ٿي ته اها حاصل ٿئي ٿي، پر جيڪڏهن
توهان جو اعتبار قائم هجي! انگريزي ۾ چوندا آهن:
”اهو
ضرور ٿيندو، توهان کي صرف ڀروسو ڪرڻو آهي.“
توهان پنهنجي پاڻ مان ڪڏهن به مايوس نه ٿجو، توهان
۾ بيشمار صلاحيتون موجود آهن. توهان ڪڏهن پنهنجو
پاڻ تي غور ڪريو ۽ سوچيو ته توهان ۾ ڪهڙيون
خاصيتون آهن جيڪي توهان کي ڪامياب انسان بنائي
سگهن ٿيون ۽ جڏهن توهان کي اها خبر پوي ته توهان ۾
ڪهڙيون صلاحيتون موجود آهن ته پوءِ انهن کي آهستي
آهستي پنهنجي ڪوشش ۽ ڏاهپ سان ان منزل کي حاصل ڪرڻ
لاءِ وِکَ کڻڻ شروع ڪريو ۽ ڏسو ته ڪيئن نه زندگيءَ
۾ ڪاميابيون ماڻيو ٿا. |