رضا ياسين گوپانگ
ناني ڪريمان
اسان جي ڳوٺ ۾ ناني ڪريمان نالي هڪ عورت رهندي
هئي، کيس سڀ ناني ناني چوندا هئاسين. آئون به کيس
ناني چوندو هئس. ناني ڪريمان سڄي ڳوٺ جو نَڪ هوندي
هئي. ناني ڪريمان جو هڪ پُٽ هوندو هو، جيڪو مزدوري
ڪرڻ لاءِ ٻاهر رهندو هو. آءٌ پنهنجي ڳوٺ جي اسڪول
۾ پڙهندو هئس. ناني مون کي روز چوندي هئي ته ابا
مون کي خط لکي ڏي، مان کيس پڪ ڏئي ٽاري ڇڏيندو
هئس، هڪ ڏينهن ته ناني واٽ تي ويٺي هئي ۽ مون کي
وڏيون ميارون ڏيڻ لڳي، مون کي گهڻي بُک هجڻ ڪري ۽
جان ڇڏائڻ جي ڪري اُتي ئي کيس خط لکي ڏنم ۽ ناني
ڪريمان کِلندي کِلندي خط کڻي وئي. اوچتو هڪ ڏينهن
آءٌ بيمار ٿي پيس. رات جو حالت خراب ٿي وئي هئي،
ماءُ جيان سڄي رات ناني ويٺي هئي، سندس اکين مان
لُڙڪ ڪرندا رهيا ۽ منهنجي وارن کي هٿ ڦيرائيندي
رهي ۽ مون کي دعا ڪرڻ لڳي ته
”ابا
خدا ڪندو ته ماستر ٿيندين.“
سندس لڙڪ اُتي ڪري رهيا هئا، جيئن صبح سوير ماڪ
ڦُڙا گلن کي تازگي بخشي ڇڏيندا آهن، شايد ناني
ڪريمان جون دعائون ثاب پيون ۽ ماستر ٿي ويس.
اڄ جڏهن مان صبح جو سوير اسڪول اچي هَنجَن جهڙن
حسين ٻارن جون ٻاتيون ٻاتيون ٻوليون ۽ الف ۽ ب
پڙهندي ٻڌندو آهيان ته منهنجي سيني ۾ ناني ڪريمان
پنهنجي پوري ٻاجهه ۽ شفقت سان جاڳي پوندي آهي ۽
مان ٻارن کي وڌيڪ پڙهائڻ لڳندو آهيان. ڇو ته اُهي
ئي ٻار اسان جي مستقبل جا معمار آهن.
حسين سارنگ (ڄام شورو)
اڀياس
نومبر
2021ع
واري
”گُل
ڦُل“
جي پرچي ۾ تيرنهن شاعرن جي شاعري شامل آهي. انهن ۾
حال حيات ۽ وڇڙي ويل شاعر پڻ شامل آهن. سندن
شاعريءَ جا موضوع اسلامي، گُل ڦُل، ٻار، ماءُ،
صحت، سنڌ جا شهر، استاد، ٻاراڻيون رانديون ۽
پورهيت آهن. هن پرچي ۾ ترتيب جي حساب سان ياسين
ڪنڀر جي حمديه شاعريءَ کانپوءِ مخدوم محمد زمان
طالب الموليٰ جي نعتيه شاعري شامل ڪيل آهي. ان کان
پوءِ سنڌي ٻالڪ ساهت جي وڇڙي ويل مالهي اسرار شام
جي نظم ۾
”گُل
ڦُل“
جو شان مان ۽ اهميت بيان ڪيل آهي. نظم جي آخر ۾
اسرار شام ٻاراڻي ادب کي بنيادي ادب قرار ڏنو آهي.
اديبن کي غافل نه رهڻ جي هدايت ڪندي ٻارن کي ٻڌائي
ٿو ته تازو
”گُل
ڦُل“
آيو آهي، پاڻ پڙهو ۽ ٻين کي پڙهايو. ثناءُ الله
عتيق چنجڻي جو نظم
”سنڌڙيءَ
جا سينگار“
هن پرچي جو شاهڪار نظم آهي. سندس ٻولي ٻاجهاري ۽
سنڌيت سان سرشار آهي. هو اڄوڪن ٻالڪن کي دولهه ۽
دودو سڏيندي روئڻ کان روڪي ٿو. هو اڄ جي سنڌ جي
ٻار کي وايون، گيت ۽ غزل لکڻ جي پارت ڪري ٿو. هو
کيس شاهه لطيف ۽ سچل سائينءَ جي رهبريءَ جي پڪ ڏئي
ٿو. عتيق چنجڻي ٻار کي سنڌ جي ڀاڳ ٿيڻ جي اميد رکي
ٿو.
لکجانءِ وايون، گيت، غزل،
ٿيندءِ رهبر، شاهه- سچل،
جند، جياپو، جاڳ ٿجانءِ،
سنڌو ديس جو ڀاڳ ٿجانءِ.
عبدالجبار
”مسافر“
ويسر پنهنجي پياري جيجل لاءِ لکيو آهي. غلام محمد
ڀٽي ڌڻيءَ جي وڏائي بيان ڪئي آهي. آغا تاج محمد
ٻارن کي سوير اُٿي هٿ مُنهن ڌوئڻ، بدن صاف رکڻ،
صاف ڪپڙا پهري اسڪول وڃڻ ۽ سٺو ٿي زندگي گذارڻ جي
تلقين ڪئي آهي. محترم منصور ويراڳيءَ به ٻارن جو
”گُل
ڦُل“
سان پيار بيان ڪيو آهي. هُن علم جي جوت جڳ جڳ
جلائڻ سان گڏ عمل سان زندگي ڪامياب ڪرڻ جي هدايت
پڻ ڪئي آهي.
مانائتي زيب نظاماڻي صاحبه جي نظم
”نگر
نگر جو سير“
۾ سنڌ جي مختلف شهرن جو ذڪر سمايل آهي. شڪارپور
واسي ارباب علي
”عادل“
چوهاڻ پنهنجي شعر ۾ استاد جو احترام بيان ڪيو آهي.
ڪوٽڙيءَ جي قربدار سرور نواز ٻگهئي ٻارڙن کي ڏاڍي
پياري انداز ۾ پڙهڻ جي پارت ڪئي آهي. آخر ۾ هو کين
ديس ۽ ويس کي روشن رکڻ جي هدايت پڻ ڪري ٿو. محترم
منظور ابڙي ڇوڪرين جي ڦيرين پائڻ واري راند تي
ڏاڍو سٺو نظم لکيو آهي. سندس ٻولي پڻ پياري آهي.
بابو جوڻيجي وري پورهيت قلفيءَ واري کي ياد ڪيو
آهي.
نومبر
2021ع
واري پرچي ۾ صرف هڪ عورت شاعره جي شاعري شامل آهي.
”گُل
ڦُل“
جي ايڊيٽر عورت هجڻ ڪري عورت ليکڪائن ۽ شاگردياڻين
جي شرڪت وڌ ۾ وڌ هجڻ گهرجي.
آخر ۾ هڪ ميار ته
20
نومبر ٻارن جو عالمي ڏينهن آهي، پر سڄي پرچي ۾ هن
حوالي سان ڪو مواد موجود ناهي.
وڌي ۽ ويجهي سنڌي ٻالڪ ساهت
پروفيسر رشيده ڀٽي (ڄام شورو)
ٻارڙن جي بنيادي تعليم بابت
منهنجي خيال مطابق ٻارڙن کي تعليم پنهنجي ٻوليءَ ۾
ڏيارڻ کپي، ڇو ته ٻار پنهنجي ماءُ جي هنج کان وٺي
پنهنجن پيرن تي بيهڻ تائين ۽ پوءِ اردگرد جي ماحول
۾ جيڪي آواز ٻُڌي ٿو ۽ سمجهڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، اُهي
سڀ مادري ٻوليءَ ۾ هوندا آهن. اهڙي طرح هو شعوري
طور ۽ فطري طور جيڪو ڪجهه پنهنجي لاشعور ۾ محفوظ
ڪري ٿو، سو سڀ ڪجهه مادري زبان ۾ هجي ٿو. ان ڪري،
جڏهن هو پڙهڻ ۽ لکڻ لائق ٿي وڃي ٿو ته پنهنجي
ٻوليءَ ۾ مليل تعليم کي تمام آسانيءَ سان سمجهي ۽
ذهن نشين ڪري سگهي ٿو. تمام ٿورڙي وقت ۾ گهڻو ڪجهه
حاصل ڪري وٺي ٿو. پنهنجي منزل تي پهچي ٿو. جڏهن ته
ٻي ٻولي سکڻ لاءِ توڙي جو هُن وٽ صلاحيت بيشڪ
موجود هجي ٿي، پر پوءِ به سکڻ جي رفتار تيز نه ٿِي
ٿي سگهي. ها، اهو ضرور آهي ته لسانيات جي ماهرن
مطابق ننڍڙي ٻار ۾ جيئن ته سکڻ جي صلاحيت تيز
هوندي آهي، ان ڪري هو ڌاري ٻولي به ڪجهه عرصي بعد
آسانيءَ سان سکي سگهي ٿو.
ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ سولنگي
ريل جي آتم ڪهاڻي
ٻارو! مان هڪ ريل گاڏي آهيان. تمام گهڻو وزن کڻندڙ
ريل گاڏي، دونهون اڏاريندڙ، گوڙ مچائيندڙ ۽ رڙيون
ڪندڙ ريل گاڏي.
ٻارو! مان فولاد جي متوازي پٽڙين تي ڊڪندي آهيان.
منهنجو وزن ايترو گهڻو هوندو آهي، جو جيڪڏهن
منهنجي هيٺان فولادي پٽڙيون نه هجن ها ته مان زمين
۾ دٻجي وڃان. منهنجي وزن دار رفتار کان منهنجي
چوڌاري زمين ڏڪڻ لڳندي آهي. مان هزارين ماڻهو،
هزارين ٽن مال و اسباب پنهنجي مٿان کڻي ڳوٺ ڳوٺ،
واهڻ واهڻ، شهر شهر ڦران ٿي، مسافرن کي انهن جي
منزل تائين پهچايان ٿي ۽ ضرورت جو سامان ضرورت
واري جاءِ تي کڻي وڃان ٿي.
آنڌي
هجي يا طوفان، گرمي هجي يا سردي، منهنجي رستي ۾جبل
هجن يا درياهه، نديون هجن يا واهه، بيابان هجن يا
جهنگل منهنجي پابنديءَ ۾ ڪوبه فرق نه ٿو اچي.
منهنجي اچڻ ۽ وڃڻ جو وقت مقرر آهي. مان ڪنهن جو به
انتظار نه ڪندي آهيان. ان ڪري مسافر وقت کان اڳ
اسٽيشن تي پهچي ويندا آهن. اتفاق سان ڪڏهن ڪڏهن
دير ٿي وڃي ته ٻي ڳالهه آهي، پر منهنجي خواهش
هوندي آهي ته وقت جي پابنديءَ جو سختيءَ سان خيال
رکان. ڇو ته وقت جي پابندي هڪ سٺي عادت آهي ۽ ان ۾
سڀني جو فائدو آهي. مان ڪڏهن به پنهنجي رستي کان
ڪونه هٽي آهيان. پاڻيءَ جي وڏن وڏن جهازن کانسواءِ
دنيا جي ڪابه سواري بار برداري جي معاملي ۾ منهنجو
مقابلو نه ٿي ڪري سگهي. دنيا جا گهڻا ماڻهو خشڪيءَ
تي سفر منهنجي ذريعي ئي ڪندا آهن. دنيا ۾ شايد ئي
ڪو ماڻهو هجي، جنهن منهنجي ذريعي سفر نه ڪيو هجي.
ٻارو! توهان ئي حساب لڳايو ته توهان ڪيترا دفعا
منهنجن دٻن ۾ ويهي آرام سان سفر ڪيو آهي؟
منهنجي آتم ڪهاڻي چڱي خاصي ڊگهي آهي. منهنجي دٻن
جي قطار به ڊگهي آهي پر مان توهان کي مختصر ڪري
ٻڌايان ٿي.
تقريباً ٽي سؤ سال اڳ منهنجو وجود ئي ڪونه هو.
ماڻهن کي پري پري سفر ڪرڻ ۽ سامان کڻڻ ۾ ڏاڍي
تڪليف ٿيندي هئي ۽ وقت به تمام گهڻو خرچ ٿيندو هو.
ان ڪري ئي ان وقت دنيا ۾ ترقيءَ جي رفتار به گهٽ
هئي.
پوءِ ٿيو هيئن جو هڪ ڏينهن هڪ ڇوڪرو بورچيخاني ۾
ويٺو کاڌي جو انتظار ڪري رهيو هو. هن جي ماءُ چلهي
تي ويٺي هئي ۽ هنڊي تي ڍڪڻ رکيل هو ته جيئن ان ۾
پيل شيءِ جلدي اُٻري ۽ رجهي وڃي. جڏهن ٻاڦ ٺهڻ
شروع ٿي ته ٻاڦ جي طاقت سان ڍڪڻ مٿي ٿيڻ لڳو ۽
ڏسندي ئي ڏسندي ڍڪڻ هنڍيءَ جي مٿان نچڻ ٽپڻ لڳو.
ڇوڪري کان پنهنجي بُک وسري وئي ۽ سوچڻ لڳو ته
ٿورڙي ٻاڦ جيڪڏهن ڍڪڻ کڻي سگهي ٿي ته پوءِ گهڻي
ٻاڦ گهڻو وزن کڻي سگهندي.
تنهنڪري،
1698ع
۾ ٽامس سيوري ۽ ٽامس نيوڪامين ٻاڦ جي انجڻ ايجاد
ڪري ورتي. اهڙيءَ خودڪار انجڻ جي تمام گهڻي ضرورت
هئي. ان زماني ۾ توانائي جي لاءِ ڪوئلو استعمال
ڪيو ويندو هو ۽ ماڻهن کي توانائيءَ لاءِ پريشان
ٿيڻو پوندو هو. ٻاڦ جي طاقت سان هلڻ واري انجڻ
ڪوئلي جي کاڻين مان پاڻي ڪڍڻ جو ڪم شروع ڪيو، ته
ماڻهو حيرت ۾ پئجي ويا. گهڻن ئي ماڻهن ڪڏهن به ٻاڦ
جي طاقت تي غور نه ڪيو هو. قدرت انسان کي بي شمار
وسيلن سان مالا مال ڪيو آهي، پر اڪثر ماڻهو پنهنجي
آسپاس جي شين جو جائزو ئي نه وٺندا آهن. جيڪي
ماڻهو مشاهدا ۽ انهن مشاهدن تي غور ڪرڻ جا عادي
هوندا آهن، اهي ضرور ڪڏهن نه ڪڏهن ڪا نئين شيءِ
دريافت ڪري وٺندا آهن.
هڪ انگريز موجد جيمز واٽ (1736-1819ع)
ريل جي پهرين انجڻ ٺاهي. انجڻ ۾ هڪ وڏو بائلر
هوندو هو، جنهن جي هيٺان ڪوئلن جي باهه ٻاري ويندي
هئي. ٻاڦ ٺهڻ کان پوءِ جڏهن والوِ (Walve)
مان گذرندي هئي ته ان جي طاقت سان انجڻ ۽ ڦيٿا
گردش ۾ اچي ويندا هئا. انجڻ ۾ ٻيا پُرزا به هوندا
هئا. جن جي مدد سان رفتار گهٽ يا وڌ ڪئي ويندي هئي
۽ انجڻ کي روڪي سگهبو هو.
بس پوءِ ڇا ٿيو؟ ٻاڦ جي طاقت سان هلڻ واري ريل جي
انجڻ ايجاد ٿيندي ئي صنعت جي دنيا ۾ انقلاب اچي
ويو. دور دراز جاين جو سفر آسان ٿي پيو ۽ بار
برداريءَ جون دُشواريون به ختم ٿيڻ لڳيون.
دنيا جي سڀ کان پهرين مسافر ريل گاڏي
27
سيپٽمبر
1828ع
۾ برطانيه جي شهر اسٽاڪٽن کان ڊارلنگٽن تائين هلي.
جلد ئي ٻين ملڪن ۾ منهنجا چرچا شروع ٿي ويا.
منهنجي ڊوڙڻ لاءِ منهنجون فولادي پٽڙيون وڇائڻ جو
ڪم انجنيئرنگ جي دنيا جو هڪ عظيم ڪارنامو آهي.
جيڪڏهن توهان ڪڏهن مون تي سوار ٿي دريائن جي
پُلين، وادين، اوچن اوچن جبلن، جهنگلن ۽ بيابانن
مان گذرندا هوندؤ ته توهان اندازو لڳايو هوندو ته
هي ڪم ڪيترو نه مشڪل آهي ۽ منهنجي پٽڙين جي ڄار
وڇائڻ ۾ ڪيتريون ئي مصيبتون ۽ دشواريون پيش آيون
هونديون، سگنل جا ٿنڀا ۽ تارون پٽڙين سان گڏ لڳائڻ
هڪ ٻيو عظيم مرحلو هو.
آهستي آهستي منهنجين انجڻين جي طاقت وڌندي رهي.
هاڻي ته ڪوئلن تي هلڻ واريون انجڻيون تمام پوڙهيون
ٿي چڪيون آهن ۽ انهن جي جاءِ ڊيزل ۽ بجلي والاري
ورتي آهي. مان جڏهن پنهنجي نئين نسل جون ريل
گاڏيون ڏسان ٿي ته حيران ٿي وڃان ٿي. هتي ريل
ڪاريون آهن ته هُتي وري جاپان ۾ هڪ پٽڙيءَ تي لڏڻ
واري مونو ريل.
توهان کي هڪ دلچسپ ڳالهه ٻڌائيندي هلان. شايد
توهان کي معلوم نه هجي. منهنجي طاقتور انجڻين جو
هر قسم انهن جي ڦيٿن مان سڃاتو وڃي ٿو. مثال طور:
”بريٽانيا“
قسم جي ريلوي انجڻ جي ڦيٿن جي ترتيب
”4-6-2“
هوندي آهي. ان جو مطلب هي آهي ته سڀ کان اڳيان چار
بوگي وهيلز ٿيندا آهن. جيڪي انجڻ جي اڳئين حصي جو
وزن سنڀاليندا آهن، ٻيا ڇهه ڦيٿا هلائڻ وارا يعني
ڊرائيور وهيلز هوندا آهن، جيڪي پاڻ شافٽ جي ذريعي
هڪٻئي سان ڳنڍيل هوندا آهن ۽ ٻه پويان ڦيٿا انجڻ
جي پوئين حصي جو وزن سنڀاليندا آهن. اهڙيءَ طرح
”2-6“
واري ترتيب کي
”مغل“
چوندا آهن.
”4-6-2“
واري ترتيب کي
”ايٽلانڪ“
چوندا آهن ۽
”2-8-4“
واري ترتيب کي
”ميڪاڊو“
چوندا آهن.
پاڪستان ۾ منهنجو نالو
”پاڪستان
ريلوي“
آهي. منهنجو وڏو گهر لاهور ۾ آهي ۽ منهنجي متوازي
فولادي پٽڙين جو ڄار سڄي ملڪ ۾ پکڙيل آهي. منهنجون
وڏيون لائينون ۽ برانچون آهن. جن تي مان پنهنجي
ملڪ ۽ قوم جي خدمت لاءِ هر گهڙي روان دوان رهان
ٿي. منهنجا دٻا به قسم قسم جا هوندا آهن. مال و
اسباب جي باربرداريءَ جا دٻا الڳ هوندا آهن ۽
سوارين جا دٻا الڳ هوندا آهن. منهنجو سفر جيئن ته
ڊگهو هوندو آهي ان ڪري مسافر جي سهولت جو هر ممڪن
خيال رکيو ويندو آهي. مان سڄي پاڪستاني قوم جي
امانت آهيان. ان ڪري مون کي وقت جي پابنديءَ سان
روان دوان رکڻ ۽ مون کي صاف سٿرو رکڻ اوهان سڀني
جو قومي فرض آهي. مون کي جيڪڏهن ڪنهن مهل دير ٿي
ويندي آهي ته توهان کي ڏاڍي تڪليف ٿيندي آهي.
مان هاڻي اوهان کي ڪجهه ضروري هدايتون ٻڌائيندي
هلان ٿي، جيڪي ريل گاڏيءَ ۾ سفر وقت هميشه توهان
کي ڪم اينديون.
·سفر
کان اڳ پنهنجي جاءِ ضرور محفوظ ڪرايو.
·وقت
کان اڳ اسٽيشن تي پهچي وڃو ته جيئن اوهان کي پوءِ
پريشان نه ٿيڻو پوي.
·گهٽ
سامان پاڻ سان کڻو، جيڪڏهن گهڻو سامان کڻڻو هجي ته
ان کي بريڪ وين ۾ رکائڻ جو انتظام ڪريو. سامان کي
سٺيءَ طرح ٻڌي ڇڏبو ته جيئن ڪا شيءِ ڪِري نه پوي.
·ٽڪيٽ
کان سواءِ هرگز سفر نه ڪريو. ائين ڪرڻ قومي امانت
۾ خيانت ڪرڻ آهي ۽ قانون جي نظرن ۾ ڏوهه به.
·هلندڙ
گاڏيءَ مان لهڻ چڙهڻ کان پرهيز ڪريو. اها هڪ
خطرناڪ ڳالهه آهي، پنهنجو مٿو ۽ ٻانهون دريءَ مان
ٻاهر نه ڪڍو.
·پنهنجن
همسفرن سان اخلاق سان پيش اچو ۽ ڪائي اهڙي ڳالهه
نه ڪيو، جنهن سان ٻين کي تڪليف پهچي، پنهنجو دٻو
صاف سٿرو رکڻ جي ڪوشش ڪريو.
جيڪڏهن توهان اهي ڳالهيون ياد رکيون ته يقيناً
اوهان جو سفر سٺو گذرندو.
سهڻا سخن
·مشهوري
اعليٰ عملن جي خوشبوءِ جو نالو آهي. (سقراط)
·علم
جي طلب ۾ شرم مناسب نه آهي، ڇو ته جهالت شرم کان
وڌيڪ بُري شئي آهي. (لقمان حڪيم)
·تجربو
انسان جو بهترين علم ۽ زندگيءَ جون ٺوڪرون تعليم
جو بهترين ذريعو آهي. (اسپينسر)
·وڻ
ميوي سان، انسان دوستيءَ سان ۽ قومون اخلاق سان
سڃاتيون وينديون آهن. (مها ڀارت)
·بي
شُڪر نه ٿجي، ڇو ته بي شُڪري جهڙي مصيبت ٻي ڪانهي.
·ٻين
جي ڳجهين ڳالهين ۾ هرگز دلچسپي نه وٺ.
·پئسو
ويو ته ڪجهه نه ويو، صحت وئي ته ڪي ڪجهه ويو ۽ جي
اخلاق ويو ته ڄڻ سڀ ڪجهه ويو.
(صدا ممتاز علي، ڄام شورو)
امر ادريس درس (ميرپورخاص)
اڌ رستو
اٺون ڪلاس پاس ڪري نائين ۾ پڙهندو هئس، تعليم جو
اڌ سفر طئي ڪري چڪو هئس، مون کي خبر هئي ته ان
رستي تي محنت ڪرڻ کان پوءِ ماڻهو صرف اڳتي وڌندو
آهي، جيڪو شاگرد ان رستي تي هلي ان کي گهرجي ته
پٺيان مڙي نه ڏسي، صرف اڳتي وڌندو وڃي پر جڏهن آءٌ
پنهنجي ٽٽل سائيڪل کي ڏسندو آهيان ته منهنجي همت
جواب ڏيو وڃي.
بنيادي طور تي آءٌ اخبار وڪڻندو آهيان، اخبار جي
ڪمائي صرف ايتري آهي جو پيٽ جو گذارو ٿي سگهي. صبح
جو
6
بجي اخبارون کڻي نڪرندو آهيان، جڏهن اخبارن مان
واندو ٿيندو آهيان ته اسڪول جو وقت ٿيو وڃي. مون
ٻڌو آهي ته مشهور سائنسدان ٿامس ايڊيسن پڻ اخبارون
کپائيندو هو ۽ تعليم حاصل ڪندو هو ۽ جنرل آئزن
پاور به ننڍپڻ ۾ اخبارون وڪڻي پنهنجو تعليمي سفر
جاري رکندو هو. تڏهن منهنجو رت ۽ حوصلو وڌي ويندو،
سوچيندو هئس ته ڇا ايڊيسن ۽ هاور وٽ به اهڙيون
سائيڪلون هيون جهڙي مون وٽ آهي؟
اخبارون
ڏيڻ مهل مون کي صرف سائيڪل جي پنڪچر ٿيڻ يا چين
ٽٽڻ جو ڊپ هوندو هو، ڇو ته صبح جي پهر ۾ مستري جو
دڪان به بند هوندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن طوفاني بارش به
هوندي آهي، ڪڏهن ڪڏهن عضوا سُن ڪندڙ ۽ لڱ
ڪانڊاريندڙ سردي به ٿيندي آهي، پر منهنجي سائيڪل
ڪنهن سچي ساٿي جيان ساٿ نڀائيندي رهندي آ، ڪڏهن
ڪڏهن ائين محسوس ڪندو هئس ته منهنجي سائيڪل وٽ به
هڪ عدد دل آهي ۽ ان ۾ مون لاءِ همدردي آهي. جڏهن
اسڪول ۾ ڪنهن شاگرد جي نئين سائيڪل چوري ٿي ويندي
آ ته مون کي پنهنجي پراڻي ۽ ٽٽل سائيڪل تي وڏو فخر
ٿيندو آهي.
پيٽ کانسواءِ منهنجون ٻيون ضرورتون هيون، شهر ۾
مٺائي ۽ آئسڪريم جا دڪان ڏسي وات ۾ پاڻي اچي ويندو
هو. پين، قلم ۽ ڪاپي جي ضرورت ٿي پوي ته پهريان
سوچڻو پوندو هو، ان کانسواءِ سائيڪل جون به
ضرورتون هيون، اهي ضرورتون ڏسي آءٌ پنهنجون
ضرورتون وساري ڇڏيندو هئس، ڪڏهن ڪڏهن اخبار جي
موڪل هوندي هئي، اهو ڏينهن منهنجي لاءِ عيد جيان
هو، اهڙي عيد جنهن ۾ نه نوان ڪپڙا هجن ۽ نه وري
خرچي.
آءٌ ميرپورخاص شهر جو چڱي طرح واقف هئس، آءٌ شهر
کي ۽ شهر مون کي سڃاڻندو هو. اهو سڀ ڪجهه به
منهنجي سائيڪل جي ڪري هو.
شهر جا سجيل دڪان ڏسي دل چوندي هئي ته خريداري
ڪريان. شهر جا پارڪ ڏسي دل چوندي هئي ته انهن ۾
سير ڪرڻ وڃان.
تڏهن سوچيندو هئس ته نيٺ هي اڌ رستو پورو ٿيندو،
ان ڏينهن مان خوب خريداري ڪندس. هر هڪ پارڪ ۾ سير
ڪندس. ان ڏينهن مون وٽ سائيڪل نه هوندي ان جي جڳهه
تي مون وٽ موٽرسائيڪل هوندي ۽ مون وانگر ٻيو ڪير
گهرن ۾ اخبارون وڪڻندو، مان کيس خرچي ڏيندس، سندس
همٿ افزائي ڪندس، کيس اڳتي پڙهڻ جي لاءِ هر هر
چوندو رهندس.
هڪ شام
PCB
گرائونڊ ۾ ڪرڪيٽ ميچ ٿي رهيو هو، دل چاهيو ته اتي
وڃان آءٌ سيٽلائيٽ ٽائون کان پنڌ نڪري پيس،
PCB
گرائونڊ فل هو، اتي مون کي مزو نه آيو، آءٌ موٽڻ
لڳس تڏهن ڏٺم ته ٻه نيون ڪارون تيز تيز اچن پيون،
آءٌ انهن ٻنهي ڇوڪرن کي سڃاڻندو هئس جيڪي ڪارون
هلائي رهيا هئا. آءٌ انهن جي بنگلن ۾ اخبار ڏيندو
هئس. انهن ٻنهي ڪارن ۾ ٽنڊي آدم ناڪي تي ريس شروع
ٿي وئي، پٺيان واري ڪار اڳيان ٿي نڪرڻ چاهيو، اهي
ٻئي ڇوڪرا پاڻ ۾ دوست هئا. سندن گهر گڏ هئا، اڄ
ڪارن جو مقابلو ڪري رهيا هئا، اچانڪ انهن مان هڪ
جي ڪار بي قابو ٿي پئي ۽ وڃي هڪ بجلي جي ٿنڀي سان
ٽڪرائجي وئي. ٻي هڪڙي دڪان ۾ اندرهلي وئي، اتي
ماڻهن جو هجوم گڏ ٿي ويو، پر مون وٽ ايترو وقت نه
هو ڇو ته مون کي سيٽلائيٽ ٽائون پهچڻو هو، تڏهن
مون کي منهنجي پراڻي ۽ ڪمزور سائيڪل ياد اچي وئي ۽
گڏوگڏ ڪُمي ۽ سَهي جي ڪهاڻي پڻ ياد اچي وئي.
تڏهن مون کي يقين ٿيڻ لڳو ته جيڪڏهن منهنجي سائيڪل
منهنجو ساٿ نه ڇڏيو ته مان اڌ رستو به جلدي مڪمل
ڪري وٺندس، ڇو ته هن وقت آءٌ اڌ رستي تي بيٺو
آهيان.
پروانو
سيوهاڻي (سيوهڻ)
(قسط:
1)
واڳون جي آتم ڪهاڻي
ٻارو! اوهان ڏاڍا خوش نصيب آهيو ۽ وڏا ڀاڳن وارا
آهيو، جو اوهان وٽ هڪ خطرناڪ آبي جانور منگهوپير
ڪراچي مان اوهان جي شهر سيوهڻ ۾ آيو آهيان. سيوهڻ
۾ ڇو آيو آهيان ۽ ڪيئن آيو آهيان. مان هڪ مقصد سان
آيو آهيان. مان ريل گاڏيءَ يا ڪنهن بس يا ٽيڪسيءَ
۾ ٿورئي آيو آهيان، مان ته سنڌو درياهه ۾ ترندو
سفر ڪندو، هاڻي سيوهڻ جي بندر تي پهتو آهيان.
ٻارو! پاڻيءَ ۾ سفر ڪرڻ ۾ مون کي ڏاڍو مزو ايندو
آهي. جيئن پاڻيءَ ۾ ٻيڙي ترندي آهي تيئن مان به
ترندو آهيان. مان آبي جانورن ۾ تمام گهڻو خوفناڪ ۽
خطرناڪ جانور آهيان. ماڻهو مون کان ڏاڍو ڊڄندا
آهن، ايترو ته مون کان ڊڄندا آهن جو مون کي ڏسي
واپس پوئتي وٺي ڀڄندا آهن ۽ دانهون ڪوڪون ڪندا آهن
۽ چوندا آهن
”اڙي
واڳون... ڙي واڳون...“
مان واڳون آهيان، منهنجو هڪ ٻيو به نالو آهي اُهو
منهنجو نالو آهي مانگرمڇ.
ٻارو! اِها ڪيڏي نه سُٺي ڳالهه آهي ته هڪ خطرناڪ
مانگرمڇ پنهنجي ڪهاڻي ٻُڌائڻ لاءِ سنڌ جي تاريخي
شهر سيوهڻ جي گلن جهڙن ٻارڙن وٽ پنهنجو پاڻ هلي
آيو آهي. مون کان ڊڄو نه، آءٌ اوهان کي ٿورئي
کائيندس. آءٌ ته اوهان ٻارن جو دوست آهيان. آءٌ
واڳون قلندر لعل شهباز جو پانڌيئڙو ۽ فقير آهيان.
ڀلا فقير کان ڪير ڊڄندو آهي جو اوهان مون کان ٿا
ڊڄو. آءٌ اوهان کي ڏسان پيو، اوهان منهنجي خوف کان
ٿڙڪي رهيا آهيو. منهنجي ويجهو اچو، منهنجي ويجهو
اچو... آءٌ اوهان سان پيار به ڪرڻ آيو آهيان ۽
پنهنجي ڪهاڻي به ٻڌائڻ آيو آهيان. سنڌ جا ٻار ته
وڏا دودا ۽ دلير هوندا آهن. سيوهڻ جا ٻار ڊڄڻا ڇو
آهن. جيڪو ڊڄڻو هوندو آهي، اهو ٻار ڪڏهن به ترقي
ڪري ڪونه سگهندو آهي. سدائين پوئتي هوندو آهي.
شاباس ٻارو! هاڻي واڳونءَ جي ڳالهه سمجهي ويا
هوندؤ.
ٻارو! مان واڳون اوهان جو دوست آهيان ۽ دوست کان
ڪڏهن به ڊڄبو ناهي. اها ڳالهه بلڪل صحيح ۽ سچي
آهي. دوست جهڙو دشمن ٻيو ڪير به ٿي نٿو سگهي، جڏهن
دوست پنهنجون اکيون پوري ڇڏيندو آهي ته اهو دوست
کي سڃاڻي به ڪونه سگهندو آهي. پر مان واڳون اوهان
کي سڃاڻان ٿو. اوهان ٻار منهنجا دوست آهيو ۽ مان
واڳون سيوهڻ جو فقير آهيان.
ٻارو! هاڻي منهنجي آتم ڪهاڻي ڪن ڏيئي غور سان
ٻُڌو، پاڻ به ٻُڌو ۽ پنهنجن سنگتين ۽ ساٿين کي به
ٻُڌايو ته واڳون پنهنجي زندگي ڪيئن گذاريندو آهي ۽
پنهنجو وقت ڪيئن گذاريندو آهي، ڇا کائيندو آهي؟
پنهنجا ٻچا ڪيئن پاليندو آهي ۽ پنهنجي کائڻ جي
خوراڪ ڪيئن حاصل ڪندو آهي. اوهان به کاڌو کائيندا
آهيو ۽ آءٌ جانور جو گوشت کائيندو آهيان. مون کان
ڊڄجو نه، آءٌ ڪڏهن ڪڏهن ماڻهو جو گوشت به ڏاڍي مزي
۽ شوق سان کائيندو آهيان.
ٻارو! جڏهن مان ماڻهوءَ جو شڪار ڪندو آهيان، اهو
ڏينهن منهنجي لاءِ عيد جو ڏينهن هوندو آهي. مان
واڳون آبي جانورن مان گهڻو چالاڪ ۽ خطرناڪ جانور
هوندو آهيان. سڀ آبي جانور مون کان تمام گهڻو
ڊڄندا آهن. منهنجي دل ۾ ڪنهن جي لاءِ ذري جو به
رحم ڪونه هوندو آهي. مان مِٽي ۽ پاڻيءَ ۾ پنهنجي
رهڻ لاءِ گهر ٺاهيندو آهيان. اوهان کي اها خبر آهي
ته مون کان به وڌيڪ خطرناڪ ۽ خوفناڪ واڳون هندستان
جي وڏي ۾ وڏي گنگا ندي ۾ رهندا آهن. اوهان ڪڏهن به
ڪراچي گهمڻ اچو، ته آءٌ اوهان کي چڙيا گهر،
منگهوپير ۽ سفاري پارڪ جي پاڻيءَ جي تلائن ۾ اوهان
کي ضرور ڏسڻ ۾ ايندس. منهنجي نڙي ۽ ڄاڙي ايتري ته
وڏي ۽ ويڪري آهي جو آءٌ سڄو ماڻهو هڪ ئي ڳيت سان
ڳهي ويندو آهيان. ماڻهو منهنجي لاءِ هڪڙو ئي گرهه
آهي. جڏهن مون واڳونءَ جي بدقسمتي ٿيندي آهي ته
آءٌ پنهنجي دشمن شڪاريءَ جي هٿان پاڻ شڪار ٿي
ويندو آهيان. خبر اٿوَ منهنجو شڪار ڪير ڪندو آهي.
منهنجو شڪار مهاڻا ڪندا آهن، جيڪي سمنڊن ۾ ۽
درياهن ۾ مڇيءَ جو شڪار ڪندا آهن. ميربحر خطرناڪ
شڪاري آهن.
ٻارو! خبر اٿوَ منهنجو قد ۽ بُت ٿلهو ۽ ڊگهو ٿيندو
آهي ۽ مون واڳونءَ جو وزن ٻارنهن سؤ کان تيرهن سؤ
ڪلوگرام تائين ٿيندو آهي. آبي جانور ڀلي ڪيترو به
وڏو ۽ طاقتور هجي، آءٌ انهيءَ کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري
کائي ڇڏيندو آهيان. ويچارو ماڻهو ته مان هڪڙيءَ
ڳيت سان ڳڙڪائي ڇڏيندو آهيان. مان واڳون ڪاري رنگ
جو به ٿيندو آهيان ته وري اڇي رنگ جو به ٿيندو
آهيان. اڇي رنگ واري واڳونءَ جو قد ويهن فٽن کان
ٽيهن فٽن تائين ٿيندو آهي ۽ واڳونءَ جا چار قسم
ٿيندا آهن. منهنجي جسم تي ننڍڙيون ننڍڙيون قدرتي
ڳوڙهيون ڳوڙهيون به ٿينديون آهن. جيڪو اڇي رنگ
وارو واڳون ٿيندو آهي، انهيءَ جو قد ٽيهه فٽ ڊگهو
ٿيندو آهي ۽ سندس ڄاڙي ڇهه فوٽ ويڪري ٿيندي آهي ۽
اهو واڳون هندستان جي گنگا نديءَ ۾ رهندو آهي. اهو
منهنجي نسل جو واڳون ايترو ته طاقتور ٿيندو آهي جو
پنهنجي زور ۽ طاقت سان ماڻهوءَ جون ٽنگون به زمين
مان ڪڍي ڇڏيندو آهي ۽ ماڻهوءَ سان تمام گهڻي ويڙهه
به ڪندو آهيان. شينهن جهنگ جو بادشاهه هوندو آهي ۽
مان واڳون پاڻيءَ جو بادشاهه هوندو آهيان.
بادشاهه به ڪنهن جي ڪانه ٻڌندو آهي ۽ آءٌ واڳون به
ڪنهن جي ڪونه ٻڌندو آهيان. منهنجي نسل جي مادي
واڳڻ به ڪُميءَ ۽ ڪڇون وانگر بيدا ڏيندي آهي.
اوهان کي خبر آهي آءٌ واڳون خشڪي تي ڪرڙيءَ وانگر
گهمندو ڦرندو آهيان، ڪرڙي به ريڙهيون پائي هلندي
آهي،
واڳون
به ڪرڙيءَ وانگر ريڙهيون پائي خشڪيءَ تي پنهنجي
شڪار جي ڳولا ۾ هلندو آهي. منهنجو جياپو پاڻي آهي،
جيڪڏهن پاڻي نه هجي ها ته شايد آءٌ زندهه نه هجان
ها ۽ منهنجو جيئڻ جنجال ٿي پوي ها. ڪڪڙ جي آنن مان
ننڍڙا ننڍڙا چوزا چون چون ڪري نڪرندا آهن ۽
واڳونءَ جي آنن مان وري ننڍڙا ننڍڙا منهنجا ٻچڙا
واڳون نڪرندا آهن. واڳن ۾ نَر به ٿيندا آهن ۽
ماديون به ٿينديون آهن. مادي واڳڻ آنا لاهيندي
آهي، اسان ٻنهي جو پاڻ ۾ لڳ به ٿيندو آهي. لڳ ڪرڻ
ته سمجهو ٿا نه، جيئن ڪڪڙ جي مٿان ڪڪڙ چڙهندو آهي
تيئن واڳڻ جي مٿان واڳون چڙهندو آهي. جڏهن واڳڻ جي
آنن مان ٻچا نڪرندا آهن ته واڳڻ چوڪيدار جو ڪردار
ادا ڪندي آهي ۽ پنهنجي ٻچن تي پهرو ڏيندي آهي،
جيئن ڪڪڙ پنهنجي ٻچن تي پهرو ڏيندي آهي. ڪڪڙ هجي
يا واڳڻ سڀني کي پنهنجا ٻچا پيارا هوندا آهن. واڳڻ
پنهنجي ٻچڙن سان تمام گهڻو پيار به ڪندي آهي ۽
پهرو به ڏيندي آهي، جيستائين واڳڻ جا ٻچا وڏا ٿين
۽ پنهنجو پاڻ کي بچائي سگهن ۽ گهمي ڦري سگهن. واڳڻ
پنهنجي ٻچڙن تي اکيون ڦوٽاري چوڪيداري ڪندي آهي.
ٻارو! واڳڻ جو ٻچڙو اڃان ٿورو مس وڏو ٿيندو آهي ته
پاڻيءَ ۾ ترڻ سکندو آهي، جيئن اوهان ٻار سيوهڻ جي
اڙل واهه ۾ اونهاري جي موسم ۾ ترندا آهيو ۽ ترڻ ۾
تمام گهڻو مزو ايندو آهي، تيئن مون کي به ترڻ ۾
ڏاڍو مزو ايندو آهي. هر ڪنهن کي پنهنجي جان ڏاڍي
پياري هوندي آهي ۽
واڳونءَ کي به
پنهنجي جان پياري هوندي آهي. مان واڳون
پنهنجي مُنڍي پاڻيءَ ۾ لڪائي پوءِ ترندو آهيان،
متان شڪاريءَ جي هٿان شڪار نه ٿي وڃان. پاڻيءَ ۾
ترڻ منهنجي فطرت آهي، فطرت عادت کي چئبو آهي.
ٻارو! اها ڳالهه ته اوهان کي ٻُڌائڻ ئي وسري وئي،
چڱو هاڻي ٿو ٻُڌايان. واڳونءَ جي گهر واري واڳڻ
پنهنجا آنا سمنڊ جي ڪنارن، درياهن جي ڪنارن ۽ ڍنڍن
جي ڪنارن تي لاهيندي آهي ۽ اهي آنا وري چالاڪيءَ ۽
هوشياريءَ سان زمين ۾ پوري ڇڏيندي آهي. واڳڻ کي
خوف هوندو آهي، متان ڪير منهنجا آنا چورائي نه
وڃي. منهنجي واڳڻ کي پنهنجا آنا ڏاڍا پيارا هوندا
آهن ۽ پوءِ واڳڻ پنهنجي آنن تي پاڻ پهرو ڏيندي
آهي، اهو خوف هوندو اٿس ته متان ڪو جانور آنن کي
نقصان نه پهچائي. واڳڻ انهيءَ انتظار ۽ اوسيئڙي ۾
هوندي آهي ته ڪڏهن ٿا منهنجي آنن مان ٻچا نڪرن.
جڏهن واڳڻ جي آنن مان ٻچا نڪرندا آهن ته اُهي واڳڻ
جا ٻچا هوبهو ڪرڙيءَ جي مُهانڊي ۾ هوندا آهن، صفا
ڪرڙيءَ جهڙا هوندا آهن. مون کان هڪڙي ڳالهه ٻُڌائڻ
وسري وئي، اُها هاڻي ٿو ٻُڌايان، جيئن اوهان جي
ڄاڻ ۾ اضافو اچي. ڄاڻ علم جي کاڻ هوندي آهي.
واڳڻ جي آنن مان ٻچا ڪيئن ٻاهر نڪرندا آهن؟ واڳڻ
جي آنن کي جڏهن گرمائش لڳندي آهي ته آنا پاڻهين
ڦوڪڻي جيان ٺڪاءُ ڏيئي ڦاٽي پوندا آهن ۽ واڳڻ کي
پنهنجي محنت جو ڦل ملندو آهي ۽ واڳڻ پنهنجا ٻچا
ڏسي تمام گهڻي خوش ٿيندي آهي.
منهنجو نالو ته سنڌي ماڻهن واڳون رکيو آهي ۽
سنڌيءَ ۾ هڪ چوڻي به آهي
”واڳونءَ
وانگر وات ڦاڙيو ويٺو آهين“
وات ڦاڙڻ منهنجي اصل کان عادت آهي. سڄيءَ دنيا ۾
جيتريون به ٻوليون آهن، نالا به مون واڳونءَ جا
اوترا آهن. هر ٻوليءَ ۾ مون واڳونءَ جو الڳ الڳ
نالو آهي، جهڙي ٻولي اهڙو نالو. سنڌي ٻوليءَ ۾ مون
کي واڳون چوندا آهن.
(هلندڙ)
ڊاڪٽر
پروين موسيٰ ميمڻ
ڏهه روپيا
محمد خان هڪ سُلڇڻو سپوت نينگر هو. سندس والدين،
مٽ، عزيز ۽ اسڪول وارا کيس گھڻو پيار ڪندا هئا.
مائٽن هُن جي تربيت اهڙي ڪئي هئي جو سندس لڇڻ
وڻندڙ هئا. هو پنجين درجي ۾ پڙهندڙ هو. پاڙي جي
دوست رفيق سان گڏجي صبح جو اسڪول ويندو هو. پهرين
ته پنڌ ويندو هو پر پوءِ سندس والد هُن جي لاءِ
گاڏي ۽ ڊرائيور جو پڻ بندوبست ڪيو. جنهن ۾ پڻ
پنهنجي گھٽيءَ جي دوست رفيق کي وٺي ويندو هو. رفيق
هڪ ايماندار ۽ سچو ڇوڪرو هو سندس سنگت تي محمد خان
جا مائٽ خوش ٿيندا هئا. رفيق سندن گھر به ايندو
ويندو هو ٻئي گڏ پڙهندا به هئا ۽ رفيق جي والده
سان پڻ محمد خان جي ماءُ جو اُٿڻ ويهڻ هو، اهڙيءَ
طرح ٻنهي گھرن جا لاڳاپا ٻارن پويان ويجھا ٿي ويا.
جڏهن محمد خان ڇهين درجي ۾ آيو تڏهن سندس ڪلاس ۾
ٻه سيڪشن ٿي ويا کيس اي (A)
سيڪشن مليو ته رفيق کي بي (B)
سيڪشن، انهيءَ ڪري سندن گڏ اُٿڻ ويهڻ ۾ فرق اچڻ
لڳو ۽ هوم ورڪ پڻ الڳ الڳ نموني جو ٿي ويو، ڇاڪاڻ
ته هر سيڪشن جو ٽائيم ٽيبل الڳ هو. رفيق ۽ محمد
خان ته به اسڪول گڏجي ايندا ويندا هئا، باقي شام
جو هر هڪ پنهنجي پنهنجي گھر ۾ هوم ورڪ ڪندو هو.
اهڙيءَ ريت نئين سيڪشن ۾ محمد خان کي هڪ نئون دوست
قاسم مليو، جو سندس سيٽ جي ڀر ۾ ويهندو هو. قاسم
پڙهائيءَ ۾ ته چڱو هو پر منجھس هڪ وڏي خامي هئي،
اها هئي بي سبب مذاق مشڪريءَ ۾ ڪوڙ ڳالهائڻ جي.
جنهن جي ڪري هُو زوريءَ ٻين کي کلائيندو هو. ٽوٽڪا
ٻڌائيندو هو ۽ قسمين قسمين ڪوڙيون ڳالهيون ٺاهيندو
هو. پنهنجي انهن ڳالهين جي ڪري سمجهدار ۽ هوشيار
ڇوڪرا کانئس پاسو ڪندا هئا، پر محمد خان جو سندس
ڀر ۾ ويهندو هو سو آهستي آهستي ان جو عادي ٿيندو
ويو ۽ کيس قاسم جي ڪوڙين ڳالهين ۾ ڪو نقص ڏسڻ ۾
ڪونه ايندو هو، دل ۾ سوچيندو هو ته، ويچارو جيڪڏهن
ڪنهن کي کِلائي دل خوش ٿو ڪري ته ڇا ٿيو؟ اهو ته
هڪ بي ضرر ڪوڙ آهي، ڪنهن جو نقصان نٿو ڪري، ڪنهن
کي خوش ڪرڻ ته هڪ طرح سان نيڪي آهي. سندس ماءُ کيس
سچ ڳالهائڻ جي عادت وڌي هئي، هوءَ کيس ڪوڙ کان
هميشه روڪيندي هئي.
”ڪوڙ
جي مُنهن ۾ ڌُوڙ، سچ ته بيٺو نچ“،
جهڙيون چوڻيون ۽ مثال ڏيئي سندس تربيت ڪيائين، پر
حقيقت آهي ته سنگت سان ئي ماڻهو سڃاتو وڃي ٿو،
سنگت سُٺي آهي ته ماڻهو مانائتو آهي ۽ جي سنگت
خراب آهي ته هرڪو ماڻهو ان کان پاسي ٿي ويندو آهي.
محمد خان کان پڻ قاسم جي دوستيءَ جي ڪري سُٺا دوست
پاسو ڪرڻ لڳا ۽ هُو قاسم کي ويو پئي ويجهو ٿيندو،
”گدرو
گدري کي ڏسي رنگ پڪڙيندو آهي“
سو قاسم جي صحبت ٿوري وقت ۾ محمد خان تي پڻ اثر
ڪرڻ لڳي. هو به ننڍي ننڍي ڳالهه ۾ بي سبب ڪوڙ
ڳالهائڻ لڳو ۽ ڪجهه وقت ۾ ايتري ته مهارت سان ڪوڙ
ڳالهائڻ لڳو جو مٿس گمان ئي نه ٿئي ته هو ڪوڙ
ڳالهائي رهيو آهي.
هڪ ڏينهن قاسم کيس چيو ته
”تنهنجي
پيءُ جي سڄي دولت آهي ته تنهنجي لاءِ، ٻيو ته ڪو
اولاد آهي ڪونه، پوءِ هو توکي ايترا گھٽ پئسا ڇو
ٿو ڏئي“؟
تون وڌيڪ جي گھُر ڇو نٿو ڪرين؟ هو سوچڻ لڳو ته،
”بابو
ته وڌيڪ پئسا ڪونه ڏيندو ڪو بهانو ڪريان جو کيس
خبر نه پوي“
سو پيءُ کي چيائين ته،
”اسڪول
۾ غريبن جي مدد لاءِ فنڊ جمع ڪريون ٿا، مون کي به
پئسا ڏيو ته آئون هڪ جيڏن سان گڏ
’غريب
فنڊ‘
۾ پئسا ڏيئي مانائتو ٿيان“
پڻس بلڪل خوشيءَ سان ڪافي پئسا ڏنس. هُن کي محمد
خان تي اعتبار هو. اهڙيءَ ريت ٻه ٽي دفعا ڪوڙا
بهانا ڪري هن پنهنجي پيءُ کان پئسا کنيا ۽ اهي
قاسم سان گڏجي خوب خرچ ڪري ختم ڪيا. چوندا آهن ڪوڙ
جا پير نه هوندا آهن سو اهو راز ظاهر ٿي ويو ته
محمد خان ڪوڙ ڳالهائڻ سکيو آهي. سندس والده کي خبر
پئجي ويئي ته هن جي سنگت صحيح ڪانهي، کيس گھڻو
صدمو ٿيو هوءَ تمام سمجهه دار، ايماندار ۽ سلجھيل
عورت هئي. هن محمد خان کي ته ڪجهه ڪونه چيو پر
پنهنجي مڙس کي ڀروسي ۾ ورتائين ۽ ٻئي سوچ ۾ پئجي
ويا ته هن مشڪل مان ڪيئن نڪرون ۽ حل ڳولهڻ لڳا.
محمد خان جي پيءُ جو ڪپڙي جو واپار هو ۽ هن جو هڪ
گدام پڻ هو، جتي هو ڪپڙو سستي اگهه تي
نفعي
سان وڪڻندو هو، وٽس جيڪي به ڪم ڪندڙ ۽ مئنيجر هئا
سي سڀ نيڪ ۽ کيس فائدو ڏيندڙ هئا ۽ مٿن هن جو
اعتبار هو.
هڪ ڏينهن هُو ماني کائي رهيو هو کيس مئنيجر جو فون
آيو ته لاهور مان لاٽ ڪپڙن جو آيو آهي، ڪيتري ۾
سودو فائنل ڪريون. ان ڏينهن محمد خان جي والد جي
طبيعت ٺيڪ نه هئي هُن پٽ کي چيو ته،
”آئون
آرام ڪرڻ چاهيان ٿو تون گدام تي وڃ ۽ مئنيجر کي
چئج ته چاليهه روپين ۾ وال تي لاٽ جو فيصلو ٿئي ته
سودو ڪري ڇڏ“.
ايئن چئي سيٺ صاحب سُمهي رهيو، محمد خان وڃڻ بدران
فون تي مئنيجر کي هدايتون ڏنيون پر پنهنجي مشڪريءَ
واري ڪوڙ جي عادت مطابق مذاق ۾ ڏھ رپيا وڌيڪ يعني
پنجاھ روپيا وال چئي ڇڏيائين. مئنيجر ها ڪري ڇڏي
پنهنجي مذاق تي دل ئي دل ۾ کلڻ لڳو. ان ئي رات هو
پنهنجي والد جي ڪمري جي ٻاهران گذري رهيو هو ته
کيس آواز آيو. سندس پيءُ هن جي والده کي چئي رهيو
هو ته محمد خان مون کي ڪٿي جو نه ڇڏيو، سندس
انهيءَ ننڍي ڪوڙ يا لاپرواهيءَ جي ڪري ڏهن روپين
وڌيڪ چوڻ سان مون کي لکن جو نقصان ٿيو آهي، سڄو
لاٽ پوري ٽرڪ جو هو، هزارين وال ڪپڙي تي ڏھ روپيا
وڌيڪ مهانگي وٺڻ سان آئون ڪمائيندس ته ٽڪو به
ڪونه، پر مرڳو مون تي قرض چڙهي ويندو ۽ گاڏي به
وڪڻڻي پوندي.
محمد خان جڏهن ٻڌو ته هُو هڪدم غريب ٿي ويا آهن،
سندن گاڏي پڻ نقصان جي ڪري وڪامي رهي آهي کيس وڏو
ڇرڪ پيو ته پنهنجي هڪ ننڍي غلط جملي ڳالهائڻ سان
منهنجي پيءُ لاءِ جام مصيبت پيدا ٿي آهي. هُو شرم
۾ ئي ٻڏي ويو. پنهنجي ماءُ ۽ پيءُ جون پريشانيءَ
جون ڳالهيون ٻڌي سندس تاڪ لڳي ويا،
”ٻه
به ويس ته ڇهه به ويس“،
ان ڏينهن کي بددعا ڏيڻ لڳو جنهن ڏينهن قاسم سان
دوستي ٿي هيس، جنهن اهڙا غلط مذاق ۽ مشڪريون کيس
سيکاريا، دل ۾ چوڻ لڳو ته مون ته فقط انهيءَ لاءِ
ٿي ڪيو ته، بابا مئنيجر کي دٻون پٽي ڪاوڙ ڪري ۽
هُو معافيون گهري، پر هيءُ ته سڄو قصو ئي اُبتو ٿي
ويو آهي. مائٽن جي ڪمري جي ٻاهران سندس دل ٻُڏڻ
لڳي ۽ ٽنگون ڏڪڻ لڳيون، هو روئڻ لڳو ۽ زمين تي
ويهي رهيو. سندس ماءُ آواز ٻڌي ٻاهر آئي کيس ڀاڪر
۾ ڀريائين.
محمد خان روئيندي پنهنجي ڪوڙ جو اعتراف ڪيو ته،
”فقط
ڏهه روپين وڌيڪ ٻڌائڻ سان اسان کي ايترو نقصان
ٿيندو. مون ته سوچيو ئي ڪونه هو، هاڻي آئون ڪڏهن
به ڪوڙ ڪونه ڳالهائيندس ڀلي ڇا به ٿي وڃي. مون کي
خدا پاڪ ئي معاف ڪونه ڪندو جي ڪوڙ ڳالهايان“.
ماءُ هڪدم سندس منهن تي هٿ رکيو ۽ چيائين،
”نه
پٽ ايئن نه چئو“،
پر کيس روئڻ ڏنائين ماءُ سمجھيو ته هيءُ پشيمانيءَ
جا لڙڪ آهن جن جو ڪرڻ ضروري آهي، اها سچي توبهه
آهي هاڻي سندس پٽ صحيح رستي تي اچي رهيو آهي. محمد
خان جي پيءُ کيس اٿاري ڇاتيءَ سان لاتو ۽ پنهنجي
گھرواريءَ کي آڱوٺي سان فتح جي نشان جو اشارو
ڪيائين ۽ هوءَ به مُرڪي پيئي. جيڪڏهن مئنيجر کين
فون ڪري سڄي صورتحال نه ٻڌائي ها ته کين اهو ڊرامو
ڪرڻ جو موقعو نه ملي ها پر محمد خان کي سڌي رستي
تي آڻڻ جو اهوئي طريقو بهتر هو. انهيءَ سان وڏو
فائدو اهو ٿيو ته سندن پٽ مان هميشه لاءِ ڪوڙ جي
عادت ختم ٿي ويئي ۽ غلط بياني ڪندڙ، چوري ڪندڙ، هڪ
نقصانڪار دوست قاسم جي سنگت مان پڻ پنهنجي پُٽ کي
بچائي ورتائون.
مدد علي مڱڻهار
نرمي سان ڳالهايو
نرميءَ سان ڳالهايو: خوف بدران محبت سان رهڻ بهتر
آهي. اهڙي نرمي سان ڳالهايو ته متان تيز ڪلامي
انهي نيڪيءَ کي جو اسين هتي دنيا ۾ ڪري سگهون ٿا،
ختم ڪري نه ڇڏي.
نرميءَ سان ڳالهايو: پوڙهن ماڻهن سان هنن جي ڏکويل
دل کي غم نه پهچايو. انهن جي زندگيءَ جا ڪجهه
ڏينهن ختم ٿي چڪا آهن، اُنهن کي هن دنيا مان سڪون
سان وڃڻ ڏيو.
نرميءَ سان ڳالهايو: هي هڪ ننڍڙي ۽ معمولي ڳالهه
آهي، پر اها دل ۾ جڳهه ٺاهي ٿي وٺي، جنهن جي
خوشيءَ جو اثر اهڙو ته مٺو ڳالهائڻ پيدا ٿو ڪري،
سو هميشه هميشه قائم رهي ٿو.
نور
گهلو
پهرين تاريخ ڪڏهن ايندي؟
آخري تاريخون:
راجو پيءَ جي آڱر پڪڙي بازار مان گذري رهيو آهي.
ننڍا ننڍا قدم کڻندو دڪانن تي ٽنگيل رانديڪن،
شوڪيسن ۾ بند رانديڪن، دڪانن ۽ ريڙهن تي رکيل
فروٽ، مٺاين، ٿڌين بوتلن، آئيس ڪريم، قلفي ڏي حسرت
ڀرين نظرن سان نهاريندو هلي ٿو. هلندي هلندي سڀني
شين تي نظر وجهي پيءَ سان ڳالهائي ٿو.
”بابا!...
او بابا...“
”هون...“
”بابا
هو رانديڪو وٺي ڏي...“
”نه
پٽ!... اڄ پئسا ڪونهن پوءِ...“
”پوءِ
ڪڏهن وٺي ڏيندين؟“
”پگهار
ملندي ته پوءِ وٺنداسين...“
”پگهار
ڪڏهن ملندي، بابا؟“
”پهرين
تاريخ!“
”پهرين
تاريخ پگهار ملندي بابا!؟“
”ها
پٽ!...“
”گهڻا
گهڻا پئسا ملندا...“
”ها
پٽ!...“
”۽
بابا هوءَ جيڪا ڇوڪري کي چڍي بشٽ پاتل آهي اُها به
وٺي ڏيندين؟“
”هون...“
”۽...
۽ شڪلين وارا ڪتاب به...“
”پگهار
ملندي پوءِ نه؟“
”ها
پٽ!“
”پگهار
پهرين تاريخ تي ملندي نه...“
”هون...“
”پهرين
تاريخ ڪڏهن ٿيندي بابا؟“
”هاڻي
ٿيندي پٽ...“
راجو خوشيءَ مان دڪانن تي رکيل رانديڪن، مٺاين ۽
ٻين شين کي ڏسندي هلي ٿو.
سندس اکين ۾ خوشيءَ جو سمنڊ ڇوليون هڻڻ لڳي ٿو.
پهرين تاريخ:
راجو پيءَ جي آڱر پڪڙي بازار مان گذري رهيو آهي.
ننڍا ننڍا قدم کڻندو دڪانن تي ٽنگيل رانديڪن،
شوڪيسن ۾ بند رانديڪن، دڪانن تي، ريڙهن تي رکيل
فروٽ، مٺاين، ٿڌين بوتلن، آئسڪريم، قلفيءَ ڏي حسرت
ڀرين نظرن سان نهاريندو هلي ٿو، هلندي سڀني شين تي
نظر وجهندي پيءَ سان ڳالهائي ٿو:
”بابا...
او بابا!“
”هون...“
”بابا...
هو رانديڪو وٺي ڏي نه...“
”نه
پٽ!... اڄ پئسا نه آهن پر...“
”پر
ڪڏهن؟... جڏهن پگهار ملندي...“
”ها
پٽ...!“
”پگهار
ڪڏهن ملندي بابا؟“
”پهرين
تاريخ پٽ“
”پهرين
تاريخ پگهار ملندي بابا؟“
”ها
پٽ!...“
”گهڻا
گهڻا پئسا ملندا...“
”ها
پٽ...!“
”پر
بابا رانديڪو وٺي ڏيندين نه...“
”ها
پٽ!...“
”۽...
جيڪا... چڍي بشٽ...
”اها
به وٺي ڏيندين؟“
”ها
پٽ!...“
”۽
... ۽ ... مٺائي به وٺي ڏيندين؟“
راجو خوشيءَ مان دڪانن تي رکيل رانديڪن، مٺاين ۽
ٻين شين کي ڏسندو هلي ٿو. سندس اکين ۾ خوشيءَ جو
سمنڊ ڇوليون هڻڻ لڳي ٿو.
نارائڻ داس
واپس ناهيان موٽندي
هڪڙي ڏينهن دولت، عقل ۽ عزت پاڻ ۾ گڏجي ويهي ڪچهري
پئي ڪيائون، جڏهن ڪچهري ڪري موڪلائڻ تي هئا ته
دولت چيو، جيڪڏهن مون سان وري ملڻو اٿئي ته مونکي
اميرن، وزيرن ۽ بادشاهن وٽ ڳولجان. تنهن تي عقل
چيو ته جيڪڏهن مون سان ملڻو هجئي ته مون کي
دانشورن ۽ ڏاهن وٽ ڳولجان.
آخر ۾ جڏهن عزت جو وارو آيو ته عقل ۽ دولت، عزت
کان پڇيو ته جيڪڏهن تو سان ملڻو هجي ته توکي ڪيئن
ڳوليون؟ تڏهن عزت مايوسيءَ وچان چيو ته آءٌ جتان
هڪ دفعو هلي ويندي آهيان ته پوءِ واپس اُتي ناهيان
موٽندي.
|