]13
سِڪَ سِڪائي سِڪُ، سِڪَ نه آهي سُٿرِي،
لِڪَ لِڪوٽِي لِڪُ، ته کَرَنِ خَبَرَ نه ٿِئي.
سمجهاڻي:
تون پنهنجي سڪ کي سڪائي سڪ (پنهنجي سڪڻ ۾ به سڪ
کان ڪم وٺ، ان کي عام نه ڪر، ڦهلاءِ نه، هر تڙو نه
ٿيءُ). سڪ جو معاملو سولو ڪونهي (گنڀير مامرو آهي)
پنهنجي محبت کي لڪلن کان به لڪاءِ (ان کي ڳجهو ۽
مخفي رک) ته جيئن کرن، کاريندڙن ۽ کريلن (جيڪي
تنهنجا هر صورت بدخواه آهن) کي سُڌ ۽ پتو نه پوي.
]14[
کَرُ کارِيندو سي، ماٺو جَنِ پِرِيتَڻو،
جوشَ جَلايا جي، ماري تَنِ ماتُ ڪِئو.
سمجهاڻي:
رقيب يا بدخواه انهن کي کاري سگهي ٿو (انهن تي اثر
انداز ٿيندو) جن جي محبت ۾ ڪا گهٽتائي هجي. ليڪن
جيڪي محبت جي جوش ۾ جلي ۽ سڙي چڪا آهن، اهي اٽلو
ان کاريندڙ کي ماري مات ڪندا.
]15[
کَرَ کي کَپُرُ کاءِ، نانگُ مَڻيارو نِڪَري،
اُڀو جو اُوناءِ، سُرڀُرِ سَنِدي سَڄڻين.
سمجهاڻي:
شل هن بدخواه کي ڪو زهريلو نانگ ڏنگي يا مَڻ وارو
ڪاريهر نانگ نڪري کائي، ڇو ته هو هر وقت ڪن ڏيئي
بيٺو سڄڻن جون سُس پُس واريون ڳالهيون ٻڌي.
]16[
کَرَ جا کَڏَ کَنئِي، پَوَڻَ ڪارَڻِ پِرينءَ جي،
تِنھِ ۾ پاڻ پَئِي، غِيبَتِي غارُ ٿِيو.
سمجهاڻي:
هن دشمن جيڪا کڏ کوٽي هئي ته جيئن محبوب ان ۾ ڪري
پوي، تنهن ۾ هوپاڻ وڃي ڪريو ۽ ائين هو گِلا خور
پاڻ غرق ٿي ويو.
]17[
اَللهَ کَرَ جِيَنِ، کَرُ مَ مَري هيڪَڙو،
اَسان ۽ پِرينِ جون اُمِيدُون پُڄَنِ،
تِهان پوءِ مَرَنِ، سَڙِي اِنَهِين سُورَ ۾.
سمجهاڻي:
اي منهنجا مولا، اهي دشمن ڀلي جيئرا هجن ۽ هڪڙو به
نه مري ۽ ايستائين جيئرا هجن، جيستائين اسان جون
يعني منهنجيون ۽ منهنجي محبوب جون دلي اميدون
پوريون ٿين. ان کان پوءِ ڀلي انهيءَ سور ۽ تڪليف ۾
مري وڃن!
شاهه جو رسالو
]سُر آسا- داستان ٽئو، محقق: ڊاڪٽر نبي بخش خان
بلوچ، سمجهاڻي ۽ مفهوم: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو،
ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ[
امداد جسڪاڻي (پنوعاقل)
دلدار نبي ﷺ
ڏکڙن ۾ سهڪار نبيﷺ آ،
سڀني جو دلدار نبيﷺ آ.
انسانن ۾ اعليٰ سائين،
هر هڪ جو منٺار نبيﷺ آ.
عرش اُتم تي آهي پهتو،
نبين جو سردار نبيﷺ آ.
اسمن ۾ چُم ميم محمّد،
دل جو چين قرار نبيﷺ آ.
رحمت بڻجي سهڻو آيو،
عالم ۾ ٿڌڪار نبيﷺ آ.
نورِ هدايت مدني آهي،
چؤڌاري چمڪار نبيﷺ آ.
ياسين ڪنڀر
نظر ايندي آهي
نگاهون کڻي مان ڏٺم جاڏي جاڏي،
خدا تنهنجي قدرت نظر ايندي آهي.
تون داتا سڀن جو تون مالڪ مِڙن جو،
۽ تنهنجي ئي خلقت نظر ايندي آهي.
مهل بي مهل تون مهربان آهين،
تون ننگن جو سائين نگهبان آهين،
رحم جي نظر سان نهارين ٿو سڀ ڏي،
اها ٻاجهه رحمت نظر ايندي آهي.
سمورن جي سائين سجائي ڪرين ٿو،
بُرن سان به مالڪ ڀلائي ڪرين ٿو،
ڏئي تون نه پيارا پچاريندو آهين،
بندن سان محبت نظر ايندي آهي.
اٿم آسون دل ۾ ته پوريون ڪندين ربّ،
تون منهنجون سڻايون سموريون ڪندين ربّ،
مقدر کي چمڪاءِ ٻهڪي پوان مان،
دعائن ۾ برڪت نظر ايندي آهي.
مان
”ياسين
ڪنڀر“
کڻي نيڻ آلا،
اچان ٿو مان تو در مٺا ربّ تعاليٰ،
سوا تنهنجي منهنجو مددگار ڪونهي،
رڳو تنهنجي نصرت نظر ايندي آهي.
نياز پنهور (حيدرآباد)
ننڍڙو گُل
ننڍڙو تون ئي گُل اَلا،
جهولي ۾ تون جُهل اَلا.
تو لاءِ لولي ڳايان ٿي،
سيني توکي لايان ٿي.
هير جيان تون گُهل الا،
آڱر ڏي ته ڏوريان توکي.
آزاديءَ لاءِ گهوريان توکي،
ڇوليءَ وانگيا ڇُل اَلا.
منزل ڪارڻ وڙهندو رهجان،
ويرين سان وڙهندو رهجان.
ڏوري لهجان ڪُل الا،
گيت خوشيءَ جا ڳائي اچجانءِ.
منزل پاڻ ملهائي اچجانءِ،
پوءِ ڪجان هُل اَلا.
ننڍڙو تون ئي گُل اَلا،
جهوليءَ ۾ تون جُهل اَلا.
اياز گُل
گُلن جهڙا ٻار
سُندر سندر خوشبوءَ سان،
ڪر گلشن کي گلزار،
او پيارا گُلن جهڙا ٻار.
علم آهي بي بها خزانو،
علم جي شمع گهر گهر ٻار،
او پيارا گُلن جهڙا ٻار.
آڏو تنهنجي رُڃ آهي اُٿ،
تڪليفن جا ڏونگر ڏار،
او پيارا گُلن جهڙا ٻار.
سنڌ گلشن جو
”گُل“
آهين تون،
پيار پريت جي خوشبوءِ ڌار،
او پيارا گُلن جهڙا ٻار.
نياز مسرور بدوي (حيدرآباد)
نظم
”روشن
روشن آهي نيارو،
ٻارن کي آ گل ڦل پيارو.“
مٺڙا حمّد ۽ نعتون، ان ۾،
پڙهي ڏس تون ٻالڪ سارو.
گيت، غزل ۽ مضمون به هن،
ڏيکاري ٿو سهڻو چارو.
پڙهڻ سان من کي فرحت ملي،
لهي وڃي ٿو پڻ مونجھارو.
علم عقل جون ڳالهيون هِن ۾،
دور ٿئي ذهن جو انڌڪارو.
اچو ته هٿ هٿ ۾ ڏيئي ساٿيو،
ديس ۾ ڪريون کيس سوڀارو.
”ناز“
نظر علي ويسر(خيرپور ميرس)
پياري سائيڪل
منهنجي پياري پياري سائيڪل،
ڳاڙهي نيري ڪاري سائيڪل.
سڀ وٽ آهي سائيڪل پر،
هيءَ مون کي پڄائي جلدي منزل.
صبح جو مان اسڪول وڃان ٿو،
اتي وڃي روڪيان بيهاري پيڊل.
منهنجو سائيڪل سان آ پيار،
جنهن تي ڪندو هان سواري هرپل.
”ناز“
هي ڏسي سهڻي سائيڪل،
دنيا چوندي آ ساري هل هل!
|