شينهن کان انٽرويو ڪرڻ وڏي دل جگر جو ڪم هو. شينهن
صاحب سان ملڻ به سَولو ڪم نه هو. هو جهنگ جو
بادشاهه آهي پر ساڻس ملاقات جو واحد ذريعو راڻي
باغ هو. شينهن کي هڪ وڏي پڃري ۾ قيد ڏسي عجب وٺي
ويو. شينهن ڏاڍو اُداس ويٺو هو. ڪنهن ڪنهن مهل
پڃري ۾ هيڏانهن هوڏانهن ڦرندو پئي رهيو. مون همٿ
ڪري کيس سلام ڪيو ته ڪنڌ رڳو ٿورو هيٺ ڪري سلام جو
جواب ڏنائين. مان باادب بڻجي کيس ٻڌايم ته توهان
جو انٽرويو ڪرڻ آيو آهيان، ٿورو ٽائيم ڏيندؤ؟
انٽرويو جو نالو ٻڌي شينهن جي مُک تي مُرڪ تري
آئي. چيائين ته اهو مون کي به پڙهائجان. مون موقعي
جو فائدو وٺندي پڇيو ته بادشاهه سلامت توهان
پنهنجو تعارف ڪرائيندؤ؟
شينهن ڏاڍي ڪاوڙ مان ڏٺو ۽ چيائين ته بادشاهه به
ڪڏهن پنهنجو تعارف ڪرائيندا آهن ڇا؟ هڪ ته ٻارن
سان مخاطب ٿيڻو ٿو پوي نه ته توکي ڏسي وٺان ها...
خير، مان سڀني جانورن جو بادشاهه آهيان. مون کي
شينهن، اسد، شير، لائِن، ضيغم، غضنفر ۽ حيدر جهڙن
نالن سان سڏيو ويندو آهي. ياد رک ته منهنجا پنج سؤ
کان وڌيڪ نالا آهن.
توهان جو جانورن سان رَويو ڪيئن آهي؟
منهنجو جهنگ جي جانورن سان انصاف وارو رويو به
رهندو آهي ته ڪٿي ڪٿي وري ناانصافي به ڪرڻي پوندي
آهي.
ڀلا، جانورن جو توهان سان رَويو ڪيئن آهي؟
جانور هميشه مون کي دوکو ڏيندا آهن، حڪم به ناهن
مڃيندا ڄڻ ته مون کي بادشاهه ئي ناهن سمجهندا.
شينهن صاحب، اهو ٻڌايو ته ٻلي توهان جي استاد ڪيئن
بڻي ۽ توهان کي ڇا پڙهايائين؟
ٻلي پاڻ اڻپڙهيل آهي، مون کي ڇا پڙهائيندي!
اهو ٻڌايو ته توهان هِن پڃري ۾ ڪيئن ڦاٿا آهيو؟
شينهن ڏاڍي بُري نظر سان ڏسندي چيو، اهو سڀ توهان
انسان آهيو...!!
توهان خونخوار جانور آهيو، انسان به توهان کان
ڊڄندا آهن پر اڄڪلهه ڏسجي ٿو پيو ته اوهان انسان
جي ويجها ٿي ويا آهيو؟
اڄڪلهه جو انسان ايترو ته ظالم ۽ وحشي بڻجي پيو
آهي جو هُو پنهنجي ئي نسل ڪشي پيو ڪري.
توهان جي پسنديده ڊِش ڪهڙي آهي؟
منهنجي پسنديده ڊِش تازو شڪار ڪيل جانور.
بادشاهه سلامت، چون ٿا ته شينهن کي رنگ نظر نه
ايندا آهن؟
هائو، تو بلڪل درست ٻڌو آهي.
شينهن صاحب! اسان ٻڌو آ ته توهان ڪُڪڙ جي ٻانگ ۽
ٻليءَ جي آواز کان ڊڄندا آهيو؟
يار اِهي رڳو ڪتابن جون ڳالهيون آهن. ٻلي ۽ ڪڪڙ ته
منهنجي نالي کان به ڊڄندا آهن. توکي خبر آهي ته
مون نڇ ڏني ته ان مان ٻلي پيدا ٿي پئي، جنهن ڪوئي
کي ڊيڄاريو ته پوءِ مان ڪيئن ڊڄندس.
ڀلا، ٻارن سان پيار ڪندا آهيو؟
ٻار منهنجي ويجهو ئي ناهن ايندا ته پيار ڪيئن ڪجي.
البت جڏهن اسڪول ويندا آهن ته ڏاڍا وڻندا آهن.
آخر ۾ ٻارڙن لاءِ ڪهڙو پيغام ڏيندؤ؟
منهنجو ٻارن کي اهو ئي پيغام آهي ته خوب محنت ڪن،
پاڻ ۾ ميٺ ۽ محبت سان رهن. وڏن جو ادب ڪن ۽ دل
لائي سنڌي ٻولي پڙهن.
(ٻالڪ ناٽڪ)
ڪردار
1. جاويد
2. لاريب
3. ادي
4. ڇوڪرو
ڏيک پهريون
ڏيک: گهر جو هڪ ڪمرو، جنهن ۾ گهر جو ڪوبه ڀاتي
موجود ناهي هوندو. جاويد ڪمري ۾ داخل ٿئي ٿو. هڪ
هٿ ۾ رومال اٿس، جنهن ۾ ڪجهه لڪائي رکيو اٿائين.
هو ڏاڍو خوش نظر اچي ٿو. کيس ڏسي لاريب به ڪمري ۾
پهچي وڃي ٿي. جاويد ٿورو گهٻرائجي وڃي ٿو.
لاريب: (حيرت مان) ڀائو! هن رومال ۾ ڇا آندو اٿئي؟
جاويد: (رومال کي ٻئي هٿ ۾ جهليندي) ڪجهه نه ...
ڪجهه نه!
لاريب: رومال ۾ ڪجهه ته آهي... ڏيکار ڀلا... ڀاءُ
ناهين؟
جاويد: (ڪاوڙجندي) چيم جو ته رومال ۾ ڪجهه به
ناهي... هرو ڀرو مون کي تنگ ڇو ٿي ڪرين؟
لاريب: ڪجهه به ناهي ته پوءِ لڪائين ڇو ٿو...؟
ڏيکار نه!
جاويد: (ڪاوڙ ڪندي) نه ڏيکاريندس...
هل هتان ... جان ڇڏ.
لاريب: (رُسڻ واري انداز ۾) چڱو..! نه ڏيکار...
مان به هاڻي ڪونه ڏسنديس.
(ائين چئي لاريب ڪمري مان نڪرڻ لڳي ٿي)
جاويد: بيهه بيهه ته ڏيکاريانءِ ٿو.
(لاريب واپس اچي ٿي)
لاريب: (خوش ٿيندي) چڱو ڏيکار!
جاويد: اهڙي شيءِ آهي جو ڏسي وائڙي ٿي ويندينءَ.
لاريب: هان...!
جاويد: هان نه تڏهن ڇا! رومال ۾ هڪ صفا پتڪڙي شيءِ
آهي ۽ ان کي ايترا رنگ آهن، جو انهن کي ڳڻي ئي نه
ٿو سگهجي.
لاريب: (تجسس وچان) ڏسون ته اها ڪهڙي شيءِ آهي!
جاويد: تو اهو گلن وارو ڪتاب ڏٺو آهي نه؟... اهو
جيڪو ڳاڙهي جلد وارو آهي ۽ اديءَ جي الماريءَ ۾
رکيل آهي.
لاريب: بس، بس! سمجهي ويم،ڪو گُل ئي هوندو... ٻيو
ڇا!
جاويد: گل ۾ ڀلا گهڻا رنگ ٿيندا آهن ڇا؟
لاريب: اهو باغ مان آندو اٿئي نه ڀائو؟
جاويد: باغ مان ئي اها شيءِ آندي آهي، پر باغ ۾
رڳو گل ئي هوندا آهن ڇا؟ باغ ۾ ٻيو به گهڻو ڪجهه
هوندو آهي چري ڇوڪري....!
(جاويد اهو چئي هڪ خوبصورت پوپٽ کي رومال مان ٻاهر
ڪڍي ٿو)
لاريب: هاءِ خدا! ڪيڏو ته سهڻو ۽ پيارو پوپٽ آهي
(هوءَ پوپٽ وٺڻ لاءِ هٿ وڌائي ٿي)
جاويد: (پري ٿيندي) هَل... هلُ... پوپٽ ڪونه
ڏيندوسانءِ.
لاريب: پر ڀائو! پوپٽ کي رکندين ڪٿي؟
جاويد: ڪتاب ۾ رکندس!
لاريب: پوءِ ته اهو مري ويندو ويچارو... نه ڀائو!
ان کي ڪتاب ۾ هرگز نه رکجانءِ.
جاويد: ته پوءِ باقي ڪٿي رکانس؟ ٻاهر رکندو مانس
ته هڪدم اڏامي ويندو. توکي ڪهڙي خبر ته مان ان کي
ڪيڏي مشڪل کان پوءِ پڪڙيو آهي.
لاريب: ڊرائنگ روم ۾ جيڪو گلدان آهي نه! پوپٽ کي
ان تي ويهاري ڇڏ.
جاويد: (تيز لهجي ۾) چري آهين ڇا؟ اتان ڄڻ اُڏامي
نه ويندو؟
لاريب: ته پوءِ ڀلا ان کي ورانڊي ۾ يا هتي ئي ڪمري
۾ ان کي ڇڏي ڏي.
جاويد: نه... نه! هرگز نه! ان کي ڇڏيندس ته بلڪل
نه! (ڪمري ۾ ادي اچي وڃي ٿي)
ادي: ڪنهن کي نه ڇڏيندين جاويد؟
(جاويد گهٻرائجي وڃي ٿو ۽ اديءَ کي جواب ڪونه ٿو
ڏئي سگهي. جاويد کي خاموش ڏسي لاريب ٻڌائي ٿو)
لاريب: ادي! جاويد ڏاڍو سهڻو پوپٽ پڪڙي آيو آهي ۽
هاڻي چوي ٿو ته ان کي نه ڇڏيندس.
ادي: (ڪاوڙ ۾) جاويد! تون پوپٽ کي ڇو پڪڙي آيو
آهين؟ پوپٽ ويچاري تنهنجو ڪو ڏوهه ڪيو آ ڇا؟...!
جاويد: (هٻڪندي) ا.. ا.. دي! مان ته باغ مان گلاب
جو گل پٽڻ ويو هوس. هي اُڏامي رهيو هو، مون کي سٺو
لڳو... مان ان کي پڪڙي گهر کڻي آيس.
ادي: جاويد! تو اهو چڱو ڪم ناهي ڪيو... ان ويچاري
جيتامڙي تي توکي ڪو رحم به ڪونه آيو؟
لاريب: ادي! هاڻي وري چئي ٿو ته مان ان پوپٽ کي
ڪتاب ۾ بند ڪري رکي ڇڏيندس.
جاويد: پَر... ادي...
ادي: (جاويد جي ڳالهه اَڌ ۾ ڪٽيندي) پَر ٻَر ڪجهه
به نه! ان ويچاري سان دشمني اٿئي ڇا؟ يا وري چَريو
ٿي ويو آهين؟
لاريب: ادي! ڪتاب ۾ رکڻ سان پوپٽ مري ويندو نه؟
ادي: (مُنهن گهنجائيندي) مري نه ويندو ته وري ٻيو
ڇا ٿيندو.
جاويد: ادي! ڪجهه ڏينهن اڳ منهنجي هم ڪلاسيءَ زاهد
به پوپٽ پڪڙي ڪتاب ۾ رکيو هو ۽ هاڻي سڀني کي
ڏيکاريندو وتندو آهي.
ادي: شابس هجي زاهد کي... ظالم ڇوڪرو آ، اهو ته...
ويچاري مئل پوپٽ کي ڏيکاري پنهنجي اجائي واهه...
واهه ڪرائيندو هوندو... خير، تون هن پوپٽ کي آزاد
ڪر. پوپٽ کي گلن سان ڏاڍو پيار هوندو آهي. هو
ڪيترو نه گلن ۾ خوش هوندو! تو هن کي پڪڙي ڏاڍو غلط
ڪيو آهي. توکي اهو احساس ناهي ته تو وانگر هن
ويچاري کي به ساهه آهي.
لاريب: مان ته چوانس ٿي ته هن کي بنا دير جي آزاد
ڪري...
ادي: جاويد! جيڪڏهن ڪو توکي پڪڙي بند ڪري ته پوءِ
تنهنجو حال ڇا ٿيندو؟
جاويد: ٺيڪ آ ادي...
ادي: ڇڏي ڏينس نه هاڻي؟
جاويد: ها! ڇڏيانس ٿو ادي.
(ادي ڪمري مان نڪري وڃي ٿي)
لاريب: ڀائو! ڪٿي ڇڏي ايندين پوپٽ کي؟
جاويد: هتي ئي! ٻيو ڪٿي؟
لاريب: ڪمري ۾ ئي؟
جاويد: ها ڪمري ۾ ئي ڇڏيانس ٿو.
لاريب: نه ڀائو! ويچاري کي ٻاهر ڇڏي اچ... نه ته
ڏي ته مان ٿي باغ ۾ ڇڏي اچانس.
جاويد: (نهڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيندي) پوپٽ کي ڇڏي پوءِ
ڪمري جو دروازو بند ڪري ڇڏيندس.
لاريب: ائين ته ٺيڪ ناهي ڀائو! اهو ئي ويچارو قيد
۾ ٿيو نه!
جاويد: توکي ڪهڙي خبر! جڏهن رات جو ڪمري ۾ ٽيوب
لائيٽ جي روشني ٿيندي ته پوءِ ڏسجانءِ ته هن جا
پَر ڪيترا نه سهڻا لڳندا.
(هلندڙ)
پوپٽ ٿورو وقت جيئندا آهن، اُهي گلن ڦلن مٿان ڪجهه
ڏينهن لامارا ڏيئي، گلن جو واس وٺندا آهن. گلن
مٿان ويهي مزو ماڻيندا آهن، اهڙو منظر هَر ڏسندڙ
کي ڏندين آڱريون ڏيئي، اکين کي ٿڌاڻ پڻ پهچائيندو
آهي. پوپٽن جي سُونهن سوڀيا ۾ اسين گم ٿي ويندا
آهيون. پوپٽ اڪيچار رنگن جا ٿيندا آهن. جي اوهان
انهن کي پڪڙيندا ته انهن جا رنگَ توهان جي هٿن ۾
لڳندا.
سُندرتا جيڪا اصل ۾ هڪ نسبتي اصطلاح آهي. جَبل،
پَري کان سُٺا ۽ سُهڻا نظر ايندا آهن، پر ويجهو
وڃڻ سان انهن جو ڏهڪاءُ ظاهر ٿي پوندو آهي. جڏهن
گُل ۽ پوپٽ ويجهو کان وڻندڙ نظر ايندا آهن پر ڏُور
وڃڻ سان انهن جو وجود جهڙوڪر ختم ٿي ويندو آهي.
مطلب ته شيون وِٿي يا فاصلن جي حوالي سان اُجاگر
ٿينديون آهن. جَبل جيڪڏهن پري کان سهڻا نظر اچن ٿا
ته گُل ۽ پوپٽ ويجهو کان وڻندڙ ۽ واهه واهه ڪندڙ
لڳن ٿا. پوپٽن جي زندگي رڳو ڪجهه ڏهاڙن جي ٿئي ٿي،
پوءِ اهي مري وڃن ٿا، کين ڏسڻ لاءِ اوهان کي صحيح
جاءِ ۽ صحيح وقت تي موجود هئڻ کپندو آهي. اهڙي ئي
صحيح جڳهه تي مون هڪ پوپٽ شينهن کي ڏٺو هو. ڇو ته
مان هڪ صحيح جڳهه ۽ صحيح وقت تي موجود هئس. اهو ڪو
خواب نه هو، مون حقيقت ۾ ان شينهن کي سِج جي
چمڪندڙ ڪِرڻن ۾ ٽيپهريءَ مَهل ڏٺو هو.
اها وڏي وقت جي ڳالهه آهي، جُون جو مهينو هو، مان
پنهنجي اسڪول کي ڪڏهن به وساري نه سگهندس. مان ان
وقت ڏهن سالن جو هئس ۽ گهر کان پري هڪ اسڪول ۾
پڙهندو هئس ۽ هاسٽل ۾ رهندو هئس. هاسٽل ۾ منهنجي
زندگي اُٻاڻڪي ۽ اُداسيءَ منجهه گذرندي هئي، ڇو ته
هاسٽل ۾ گهر جي تمام گهڻي ياد ايندي هئي. مون گهر
کان پري رهڻ ڪونه پئي چاهيو. هاسٽل ۽ گهر جي
زندگيءَ ۾ وڏو فرق آهي. هاسٽل ۾ رهڻ سان ماءُ-پيءُ
گهڻا ياد ايندا آهن. پنهنجي گهر جي ته هر ڀاتيءَ
جي ياد دل ۾ ديرو ڄمائي ويهندي آهي. اڪيچار ٻار
هاسٽل کي قيد مِثل سمجهندا آهن. هاسٽل ۾ جتي ٻيون
شيون اڻلڀ هيون اُتي مزيدار ۽ صاف سٿرو کاڌو ملڻ
به هڪ خواب هو. کاڌي ۾ ڪڏهن قورمو
(Stew)
۽ ڪڏهن سوجيءَ ۾ حلوو هوندو هو، جنهن کي اسين سُٺو
کاڌو چئي پئي سگهياسين، باقي اڪثر ڪري خراب ذائقي
وارو کاڌو ملندو هو، جنهن کي کائڻ کان پوءِ طبيعت
اڪثر ڪري خراب رهندي هئي. هاسٽل ۾ منهنجي ڪمري جو
پلنگ به بيڪار هو، انهيءَ جي
ڄنگهن مان انوکي قسم جا آواز ”چِي چان“ ايندا هئا.
صفائي به ڪونه هئي، جنهن ڪري منهنجي جسم ۾ خارش
پيدا ٿي پئي. مان هِتان جي ماحول کان ڏاڍو تنگ ٿي
پيس. اُتي هڪ امير ڇوڪرو به رهندو هو، جيڪو مون کي
ڏاڍو تنگ ڪندو هو. اهو مون کي ڌمڪيون پڻ ڏيندو هو.
مون کي تڪليف ڏيندي کيس ڪابه ڪَهل نه ايندي هئي.
مان هاسٽل جي زندگيءَ کان صفا بيزار ٿي چڪو هئس.
هر لمحو اذيت ۾ پئي گذريو ۽ انوکي ڊپ ۾ وڪوڙجي ويو
هئس. منهنجي ذهن ۾ اڪثر اهو خيال ايندو هو ته مان
هِتان جيڪر ڀڄي وڃان. هڪ دفعو دل ٻڌي ۽ اها سِٽَ
سِٽڻ ويٺس ته ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان هِتان ڀڄي
وڃان ۽ واپس لنڊن پنهنجي گهر هليو وڃان.
منهنجو اهو اسڪول، لنڊن کان ڪافي ڏُور ويسٽ بشائر
۾ هو. هڪ ڏينهن منهنجي امڙ جو خط اچي مون وٽ پهتو،
کولي جڏهن سندس خط پڙهيم. خط پڙهڻ کان پوءِ اڃان
گهڻي گهر جي اُڪير وڌي ويئي. هاڻ مون کي گهر جي
ياد هر پل اچڻ لڳي. امير ڇوڪرو جنهن جو نالو ’باشر
هيومونٽ‘
(Basher
Heaumont)
هو، کانئس ڏاڍو ڊپ ۾ وڪوڙيل هئس. ڪڏهن هو مون کي
جُتين واري ڪمري ۾ بند ڪري واڙي ڇڏيندو هو ته ڪڏهن
وري بوٽ واري پالش کڻي، منهنجي مٿي ۾ وجهي ويندو
هو. ڪڏهن ڪڏهن مون کان پنهنجا جُوتا به پالش
ڪرائيندو هو. اهڙي خوف ڀرئي ماحول ۾ مان پڙهائيءَ
طرف ڌيان ڪونه پئي ڏئي سگهيس.
هڪ دفعي ڪلاس ۾ اُستاد ٽيسٽ ورتي. ڏنل ٽيسٽ ۾ به
چڱيون مارڪون ڪونه کڻي سگهيس. انهيءَ تي منهنجي
استاد مسٽر ڪارٽر، مون کي سُٺي سزا ڏني، جو هن مون
کي ڪلاس جي ڪنڊ ۾ ڀت ڏانهن مُنهن ڪري بيهڻ جو چيو.
منهنجي مٿي تي هڪ ڳرو ڪتاب پڻ رکي ڇڏيو ۽ چيائين
”خبردار! جيڪڏهن ڪتاب هيٺ ڪِري پيو ته پوءِ تنهنجو
خير ناهي.“
جهنگ هو، جنهن ۾ چار گهر جا ڀاتي رهندا هئا. هڪ
پيءُ هڪ ماءُ ۽ ٻه ڀينريون. انهن جي ماءُ ويڳي هئي
ان ڪري انهن ٻنهي ڀينرن سان ساڙ ۽ حسد ڪندي هئي.
سندس پيءُ روزانو تلاءُ تي مڇيون ڦاسائڻ ويندو هو
۽ رب سائين جي مهربانيءَ سان روزانو چار مڇيون
ڦاسنديون هيون. اهو سلسلو لڳاتار هليو، ۽ پوءِ ان
ويڳي ماءُ سندس مڙس کي چيو ته جيڪڏهن هو انهن ٻنهي
ڀينرن کي جهنگ ۾ ڇڏي اچي يا گهر مان ڪڍي ته اهي
انهن جو حصو يعني ٻئي مڇيون پاڻ ۾ ورهائي کائيندا.
پر سندس مُڙس ان کي صاف صاف انڪار ڪري ڇڏيو. پوءِ
هوءَ ناراض ٿي ويهي رهي. سندس مُڙس ان کي پرچائڻ
جي ڪوشش ڪئي پر هو نه مُڙي، پوءِ سندس مُڙس ان مان
بيزار ٿي نيٺ ٻنهي ڀينرن کي ڏاند گاڏي تي چاڙهي
ڪنهن جهنگ ۾ ڇڏي آيو. پوءِ گهر موٽي ويو. ٻئي
ڏينهن تي هو تلاءُ تي موٽي ويو پر جڏهن ان تلاءُ ۾
ڄار وڌو ته ٻه مڇيون ڦاٿيون. هو ڪاوڙ سان گهر ويو
۽ زال کي مارڻ لڳو ۽ چوڻ لڳو ته، تو چيو هو ته
انهن ٻنهي ڀينرن جو حصو اسان پاڻ ۾ اڌ اڌ ڪنداسين
پر تو ڏٺو ته اهي پنهنجو حصو پاڻ سان گڏ کڻي ويون.
هر هڪ ماڻهو پهنجي حصي جو کاڌو کائيندو آهي. اهو
چئي هو جهنگ ۾ ڊڪندو ويو انهن کي ان جهنگ ۾ ڳولهڻ
لاءِ پر سندس ڪوبه نام ۽ نشان نه هو. هو ناڪام ٿي
واپس موٽي آيو.
پيارا ٻارؤ! هن ڪهاڻيءَ مان اسان کي اهو سبق ملي
ٿو ته ڪنهن به شيءِ تي لالچ نه ڪريون جيڪو ملي ان
تي خوش رهون. رب پاڪ جو شڪرانو ڪريون.
دوستو هي نصيحت ڀري ڪهاڻي غور سان پڙهجو. هڪ
ڏينهن ڪنهن ڳوٺ ۾ باهه لڳي. ان باهه لڳڻ سبب سڀئي
ماڻهو ڳوٺ مان پنهنجي جان بچائڻ جي ڪري اتان نڪري
ويا. ان ڳوٺ ۾ هڪ انڌو ۽ هڪ منڊو ماڻهو به رهندو
هو. اهي ٻئي معذور هئڻ جي ڪري ڳوٺ مان نڪري نه
سگهيا.
منڊي جڏهن انڌي کي ڏٺو ته رڙ ڪري چيائين:
”او ادا! مون کي ڳوٺ کان ٻاهر وٺيو هل، آئون هتي
سڙي مري ويندس. تنهن تي انڌي جواب ڏنس ته آئون
انڌو آهيان مون کي رستو سُجهي ئي نٿو. مڙئي پيو
هيڏانهن هوڏانهن وڃان.
تنهن تي منڊي وراڻيو: ”ادا آئون تنهنجي ڪلهي تي
چڙهي ٿو ويهان، منهنجون اکيون ۽ تنهنجون ٽنگون“.
”تنهنجون اکيون مون کي ڪم اينديون ۽ منهنجون ٽنگون
تنهنجي مدد ڪنديون.“
انڌي کي منڊي جي ڳالهه ڏاڍي وڻي. ٽنگن کان جڏو
انڌي جي ڪلهي تي چڙهي ويٺو ۽ هڪ ٻئي جي مدد سان
ڳوٺ مان ٻاهر نڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.
دوستو! اسان کي به گهرجي ته هر ڏکئي وقت ۾ هڪ ٻئي
جي مدد ڪريون ۽ ڪنهن به معذور ۽ جڏي کي روڊ ڪراس
ڪرائڻ ان کي سهارو ڏيڻ ۽ انهن غريبن جي هر ممڪن
مدد ڪرڻ گهرجي.
هڪ جبل تي هڪ وڻ ۾ ڪانءُ جو آکيرو هو. وڻ جي پاڙ ۾
هڪ پٿر وٽ اڇو نانگ رهندو هو. نانگ اهڙو منحوس ۽
ظالم هو، جو جڏهن به ڪانويلي آنو لاهيندي هئي ته
نانگ وڻ تي چڙهي هن جو آنو کائي ويندو هو ۽
ڪانويلي کي ان جو ڏاڍو صدمو رسندو هو، پر ويچارا
ڪمزور پکي نانگ کي ڪجهه به نه ٿي ڪري سگهيا. نيٺ
هڪ ڏينهن ڪانءَ ۽ ڪانويليءَ ويهي ويچارا ڪيو ته،
هن ظالم نانگ مان جند ڪيئن ڇڏائجي، پوءِ ته ڪانءُ
کي هڪ اٽڪل سجهي.
ڇا ڪيائين جو ڪنهن گهر ۾ اڱڻ جي ڀت تي اچي ويٺو.
اتي ڏٺائين ته هڪ مائي پنهنجو قيمتي سونو هار لاهي
کٽ تي رکيو. ڪانءُ لامارو ڏئي چُهنب سان اهو هار
کڻي ڀت تي ويٺو، گهر جا ماڻهو ڪانءَ کان هار ڇڏائڻ
لاءِ اٿي بيٺا. ڪانءَ اتان اُڏامي ڪجهه پري وڃي
ويٺو ۽ ماڻهن ڪانءَ کي ڏٺو پئي. مطلب ته ڪانءَ
اڳيان ۽ ماڻهو ان جي پويان، تا جو ڪانءَ اچي ان وڻ
تائين پهتو، جنهن جي پاڙ ۾ نانگ رهندو هو. ماڻهو
به هار جي ڪري اتي اچي پهتا، پوءِ ڪانءَ اهو هار
ائين ڦٽو ڪيو جيئن نانگ جي ڀرسان وڃي ڪِري، ماڻهو
جيئن ئي هار کڻڻ ويا تيئن نانگ کي ڏٺائون، پوءِ ته
پٿر هڻي نانگ کي ماري ۽ پنهنجو هار هٿ ڪري واپس
وريا. اهڙيءَ طرح ڪانءَ پنهنجي دشمن نانگ کي
مارائي پنهنجن ۽ ٻين ڪانگن جي ٻچن کي بچايو،
الجزائر جي ڪهاڻي[
ماڪوڙو ۽ مڇر پاڻ ۾ بحث ڪري رهيا هئا. ماڪوڙي
چيو،
”مان تمام گهڻو طاقتور آهيان، پنهنجي وزن کان
ڇهه ڀيرا وڌيڪ وزن کڻي سگهندو آهيان.“
مڇر وڏي غرور وچان چيو، ”مان ته چڱن ڀلن ۽
ٿُلهن متارن جو رت چوسيندو آهيان، تون مون کان
وڌيڪ ٿوروئي آهين.“
ٻئي هڪٻئي کي وڌيڪ ٻڌائي رهيا هئا. ايتري ۾ هڪ
جهرڪي اُڏامندي اتي اچي پهتي. جهرڪيءَ جو قد ۽
جسم ڏسي ٻئي چُپ ٿي ويا. جهرڪيءَ چيو، ”چريا
ٿيا آهيو ڇا..؟ توهان ٻنهي کان مان وڏي ناهيان
ڇا؟“ ماڪوڙو ۽ مڇر ماٺ ڪري بيهي رهيا.
ايتري ۾ هڪ نوريئڙو به اتي اچي ويو. جهرڪيءَ
کي مخاطب ٿيندي چيائين، ”تون چوين ڇا ٿي؟
هيترڙي جهرڪي آهين..“
جهرڪيءَويچاريءَ جو مُنهن ئي لَهي ويو.
نوريئڙو وڏا وڏا ٽهڪ ڏيڻ لڳو. پوءِ اوچتو چُپ
ٿي ويو، جو اتي هڪ ٻڪري اچي وئي. ٻڪريءَ کلي
چيو، ”نوريئڙا! تون ته منهنجي پُڇ جيترو به
ناهين...هنن تي ٽوڪون ٿو ڪرين.“
ايتري ۾ ڳئون اچي وئي ۽ ٻڪري چُپ ٿي وئي.
ڳئون خوشيءَ ۾ ئي مست هئي ته گينڊو اچي ويو.
گينڊي کي ڏسي سڀ چُپ ٿي ويا. گينڊي نچندي چيو،
”مان توهان سڀني کان وڏو آهيان. سڀ مون سان
گڏجي نچو...“
سڀ نچڻ ڪُڏڻ لڳا.
اوچتو هاٿيءَ جي رنڀ ٻُڌي سڀ چُپ ٿي ويا.
هاٿيءَ کي ڏسي گينڊو به ڊڄي ويو. ائين ئي ڪندي
زراف به اچي ويو. ڊگهي ڳچيءَ کي ڦيرائيندي
چيائين، ”آهي ڪو جنهن جو قد مون جيترو هجي.“
مان وڏو آهيان ۽ توهان سڀ ننڍا آهيو.“
هڪ سيهڙ به ڊوڙندو اتي پهچي ويو. سڀني کي چُپ
ڪرائيندي چيائين، ”ڀاءُ زراف! تون مون وانگر
ٻِرُ کوٽي نه ٿو سگهين ۽ آئون تو وانگر ڊگهن
وڻن تي نه ٿو پُڄي سگهان. هاٿي سڀ ڪجهه ڪري
سگهي ٿو، پر هڪ ڏيڏر وانگر ٺينگ ٽپا نه ٿو ڏئي
سگهي.“
هاٿيءَ رنڀيندي چيو، ”تون چوڻ ڇا ٿو چاهين؟“
سيهڙ وراڻيو، ”مان رڳو اهو چوڻ ٿي چاهيو ته
اسان سڀ هڪٻئي تي دارومدار رکون ٿا.“
ڳئون چيو، ”هڪٻئي تي دارومدار رکڻ کان علاوه
اسان جانور وڻن ۽ ٻوٽن تي به دارومدار رکون
ٿا. اسان لاءِ وڻن جا پَن ۽ گاهه ضروري آهي.
پَن ۽ گاهه ناهي ته پوءِ اسان به ناهيون.“
شينهن به اچي ويو ۽ ايندي ئي چيائين،
”توهان جانور ناهيو ته پوءِ مان به ناهيان.
مان گاهه ته ڪونه ٿو کائي سگهان، پر گاهه
کائيندڙن کي ته کائيندو آهيان نه؟ مون کي
ٻڌايو ته توهان ڇا پئي ڳالهايو؟“
ماڪوڙي چيو، ”اسان ننڍڙن جيتامڙن کي ته ڪو
سمجهي ئي نه ٿو. ڪير وڏو آ هتي، اها ئي ڳالهه
هَلي رهي هئي.“
شينهن مسڪرائيندي چيو، ”ننڍن جانورن ۽ جيتامڙن
جي به اهميت آهي. انهن جي ڪري هيءَ ڌرتي
خوبصورت هوندي آهي.“
سيهڙ چيو، ”جانورن، وڻن ۽ ٻوٽن کان علاوه اسان
ٻين شين تي به دارومدار رکندا آهيون. انهن جي
باري ۾ ته ڪو ڳالهائي ئي نه ٿو.“
مڇر تاڙي وڄائيندي چيو، ”هَوا- روشني- پاڻي-
ائين نه!“
شينهن چيو، ”تون صحيح ٿو چوين مڇر. بس، اسان
کي هر شيءِ ضرورت مطابق استعمال ڪرڻ گهرجي.
ٻين جي زنده رهڻ سان اسان به زنده رهي سگهون
ٿا.“
ائين ئي ڪندي بارش ٿيڻ لڳي. سڀ جانور پنهنجي
پنهنجي گهر ڏانهن وڃڻ لڳا.
منهنجي ماءُ مون کي ٻڌائيندي آهي ته: ”مان
ننڍي هوندي ايترو ته ضدي هوندو هئس، جو جيڪڏهن
ڪنهن به شيءِ وٺڻ لاءِ ضد ڪندو هئس ته
جيستائين اها شيءِ نه ملندي هئم، تيستائين
تيسو ڪيو، پيو دانهون، ڪوڪون ڪندو هئس ۽
ڪيڏيءَ ڪيڏيءَ مهل دروازن ۽ ڀتين کي مٿو هڻندو
هئس. ڪنهن وقت دروازي يا ڀت ۾ مٿو زور سان لڳڻ
ڪري رت به وهڻ لڳندو هئم.
منهنجي دانهن، ڪوڪن ۽ مٿا ڪُٽ ڪرڻ ڪري، امان ۽
ادي به بيزار ٿي پونديون هيون ۽ مون کي اها
شيءِ وٺي ڏيڻ بجاءِ پهرين مار ڏينديون هيون ۽
پوءِ اها شيءِ وٺي ڏينديون هيون.“ اهڙيون
مارون مون گهڻي ئي ڀيرا کاڌيون.
جيڏيءَ مهل مون کي امان ۽ ادي مارينديون هيون
ته اوڏيءَ مهل مون کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳندي هئي.
ننڍو هئڻ ڪري انهن سان ڪُڇي ڪونه سگهندو هئس.
اندر ئي اندر ۾ وڏا وڏا ساهه کڻي پيو پَچندو
هئس ۽ پيو موقعو ڳوليندو هئس ته ڪيئن انهن کان
بدلو وٺان.
منهنجو بابا هر روز منهنجن ڀائرن ۽ ڀينرن کي
خرچي ڏئي، پوءِ ڪم تي ويندو هو. هڪ ڏينهن صبح
جو جيئن ئي مون رڌڻي ۾ اديءَ وٽ چانهه سان
ماني پئي کاڌي ته بابا اچي اديءَ کي ٻه آنا
خرچيءَ جا ڏنا. اديءَ اُهي ٻه آنا کليل ڪٻٽ جي
طاق تي رکي، مانيون پچائڻ ۾ لڳي ويئي. مون
چانهه سان ماني به پئي کاڌي ۽ ٻن آنن کي به
تڪي رهيو هئس. ڀانيم ته جيڪڏهن اديءَ کي اهي
ٻه آنا اتان کڻڻ وسري وڃن ته جيڪر آئون کڻي
وڃي شيءِ وٺي کايان ۽ ادي ڀلي پئي ٻه آنا ڳولي
۽ روئي. ادي تي خار هونئن ئي کائيندو هئس، سو
موقعي جي تلاش ۾ ويهي رهيس. اديءَ مانيون
پچائي ٿانوَ ڌوئڻ لاءِ رڌڻي کان ٻاهر نڪتي،
مون کي ٻن آنن کڻڻ جو وجهه ملي ويو. مان ٻه
آنا اڳٺ جي ابداڻي ۾ وجهي ننڍڙن دوستن يارو،
دُرو، صديق، يعقوب ۽ انور سان راند ۾ لڳي ويس.
هوڏانهن ادي ٿانوَ ڌوئي جو ٻن آنن کڻڻ لاءِ
رڌڻي ۾ ويئي ته اتي ٻه آنا پيل نه ڏسي، اچي
روئڻ شروع ڪيائين. اديءَ کي مون ۾ شڪ هئو، جو
مون اتي ويٺي چانهه ماني کاڌي. امان اديءَ کي
تسلي ڏني ته: ”تنهنجو ڀاءُ اچي ته ان کان ٿا
پڇونس.“
ادي چوي: ”هو ٻاهر کڻي ويو آهي، خرچ ڪري
ڇڏيندو، پوءِ مان سڄو ڏينهن ڪيئن شيءِ
وٺنديس؟“ ادي زارو قطار روئڻ لڳي: ”مون کي ته
پنهنجا ٻه آنا کپن، ٻيو ڪجهه ڪونه گهرجي!“
مان ڪجهه دير کان پوءِ جڏهن گهمي ڦري، راند
ڪري گهر آيس ته ڏٺم ته اديءَ پئي ٻن آنن لاءِ
رُنو. منهنجي دروازي کان اندر پير رکندي ئي ٻن
آنن جو پڇيائين.
مون اديءَ کي تنگ ڪرڻ ۽ بدلو وٺڻ لاءِ، مٿس
گرم ٿيندي چيو: ”توهين ته منهنجيون دشمن آهيو!
سو ڪٿي ٿيون مون کي سَهو. هاڻي باقي اهو ڪوڙو
الزام به مون تي ئي هڻڻو اَٿوَ، ته ڀلي پيون
هڻو. مان ته قرآن شريف جو قسم ٿو کڻان ته مون
تنهنجا ٻه آنا ڪونه کنيا آهن.“ ڪوڙو قسم کڻي
ويس.
منهنجي قسم کڻڻ کان پوءِ امان ۽ اديءَ کي پڪ
ٿي ته مون ٻه آنا ڪونه کنيا آهن ۽ مون کي به
اطمينان ٿيو ته هاڻي امان ۽ اديءَ کي پڪ ٿي
ويئي آهي ته مون ٻه آنا ڪونه کنيا آهن. سو
شيون وٺي کائڻ لاءِ پڙ ۾ آيس ۽ اڳٺ جي اُبداڻي
۾ لڪايل ٻه آنا ڪڍي جيئل مانڊڻي واري کان ٽڪي
جون ريوڙيون ورتم. اهي اڃا هٿ ۾ هيون ته سومر
کان ٽڪي جا ڀڳڙا ۽ ٽڪي جا کٽمٺڙا ورتم. اُهي
سڀ شيون کڻي اچي سليمان چڻن واري جي کمچي تي
بيٺس ۽ شيون کمچي جي هڪ ڪنڊ ۾ رکي ٽڪي جا چڻا
وٺي کائڻ لڳس.
سليمان چڻن واري جي کمچي تي ٻيا به ڪافي ٻار
بيٺل هئا. انهن جو مون وٽ ايتريون شيون ڏٺيون
ته مون کان هڪ هڪ ريوڙي ۽ ڀڳڙا گهرڻ لڳا. پر
مون به پنهنجيءَ لالچ ۾ ڪنهن کي به ڪابه شيءِ
کائڻ لاءِ ڪونه ڏني.
ٻارن کي جو شيءِ کائڻ لاءِ ڪونه ڏنم ته اچي
ڪاوڙ لڳن ۽ الائجي ڪهڙي ٻار منجهانئن وڃي
منهنجي گهر ٻڌايو ته پڙ ۾ مون وٽ هيتريون شيون
آهن. بس پوءِ ته امان ۽ اديءَ کي پڪ ٿي وئي ته
اهي ٻه آنا مون کنيا آهن. منهنجي ان ڪوڙ
ڳالهائڻ، رعب رکڻ ۽ ڪوڙي قسم تي امان ۽ ادي کي
ڏاڍي ڪاوڙ لڳي. سو منهنجي واپس گهر اچڻ جو
انتظار ڪرڻ لڳيون.
منهنجو گهر ۾ گهڙڻ ۽ مون تي موچڙن جو وسڪارو
شوع ٿي ويو. انهيءَ چوري ۽ ڪوڙ ڳالهائڻ جي مون
کي اديءَ ۽ امان ان ڏينهن اها سزا ڏني جو ڇيڻن
جو دونهون دکائي اُن ۾ ڳاڙها مرچ وجهي منهنجي
منهن ۽ نڪ ۾ اهو دونهون ڏنائون، جنهن ڪري
منهنجا هَٿ، منهن ۽ پير ئي سُڄي پيا. انهيءَ
ڪري وري ڪوڙ ڳالهائڻ کان بنهين توبهه ڪيم.
باقي اڃا پنهنجي هرڳالهه واري ضد تي قائم هئس.
هڪ ڀيري اچي جو ڏهه گولين وٺڻ تان ضد ڪيم ته
سڄو گهر مٿي تي کڻي ڏنم. بابا ٻه گوليون آڻي
ڏنيون تڏهن به اجايو تيسو، چوان ته: ”پوريون
ڏهه گوليون وٺي ڏيو.“
بابا وري به ٻه ٻيون آڻي ڏنيون. پر منهنجو اهو
ئي ضد هو ته ”وٺندس ته ڏهه گوليون پوريون
وٺندس، نه ته کيٽو ڪونه ڇڏيندس.“
آخر بابا مون سان مٿا ماري ڪري ڪم تي هليو
ويو، ۽ مان اسڪول به ڪونه ويس ۽ کٽ وٽ ويهي،
کٽ جي اِيس تي مٿو رکي روئڻ لڳس. امان ۽ ادي
جيڪي گهر جي ڪم ڪارکي لڳيون پيون هيون، تن مون
ڏانهن ڪوبه توجهه نه ڏنو. مون کي روئندي
روئندي اتي ئي ننڊ اچي وئي. گرميءَ جي موسم
هئي. ٽاڪ منجهند تائين کٽ کي ٽيڪ ڏيو اُس ۾
ستو پيو هئس. منهنجو سڄو جسم پگهر ۾ شم ٿي ويو
هو ۽ مون کي ڪوبه هوش ڪونه هو.
آخر امان مون کي اُٿاريو ۽ پرچائڻ لڳي. پر مون
تي جو ضد جو ڀوت سوار هئو، سو ڪٿي ٿي ڪنهن جي
ڳالهه مڃيم. ادي پرچائڻ آئي، پر ان کي به جواب
ڏنم: ”ڪوبه اصل منهنجي پاسي ۾ به نه بِيهي.
ڏهه گوليون آڻي ڏيو، ته اُس مان اُٿندس، نه ته
سڙي مري ويندس، پر اُٿندس ڪونه.“
امان ۽ ادي جڏهن مون کي سمجهائي سمجهائي ٿڪجي
پيون ۽ مون انهن جي ڪا ڳالهه ڪانه مڃي ته انهن
کي ايڏي ڪاوڙ لڳي جو ٻنهي ڄڻين اچي مون کي
مارڻ شروع ڪيو. اديءَ مون کي ٻانهن کان ٿي
جهليو ته امان ٿي ماريو. وري امان ٻانهن کان
ٿي جهليو ته اديءَ ٿي ڪٽيو. آخرڪار مون کي
ماري ماري ٿڪجي پيون، پر منهنجو ضد ختم ڪونه
ٿيو ۽ اُتي اُس ۾ ئي پيو هئس.
(هلندڙ)
باڊهه
۾ ڀٽي فيملي طرفان ڀٽي ھائوس تي جشن عيدميلاد
النبي
ﷺ
ڏھاڙو ملھايو ويو.
جنھن
۾
عورتن،
مردن
۽
ٻارڙن
وڏي تعداد ۾
شرڪت ڪئي. جنھن ۾ غلام محمد ڀٽي،
مھراڻ ڀٽي
۽
ٻين چيو ته اسان وڏا خوش نصيب آھيون
جو حضرت محمد ﷺ
جا اُمتي
آھيون.
حضرت
محمد
ﷺ
اسان مسلمانن مٿان رحمتون وسايون ۽ اسان لاءِ
ڇپر ڇانءُ
توڙي
قبر
جي عذاب کان به ڇوٽڪارو
ڏياريندو
۽ ھرمصبت ۾ ڀرجھلو ٿيندو. ھنن چيو ته اسان
سڀني مسلمان ڀائرن کي پاڻ ۾ ايڪو ٻڌي پيار
محبت ڀائيچاروڪرڻ گھرجي ۽
حضرت
محمد
ﷺ
جي سنئين واٽ تي ھلڻ گھرجي. ھنن چيو ته عيد
ميلادالنبي جشن ملھائڻ سان ايمان تازو ٿئي ٿو
۽ اسان کي راحت سان گڏ دلي سڪون ۽ خوشيون
به
نصيب ٿين
ٿيون.
جڏھن ته مزمل علي،
فرزانه،
فرحان،
دعا،
آزادي ڀٽي نعتون پڙھي
حضرت
محمد
ﷺ
کي ڀيٽائون پيش ڪيون.
ديس جي ترقي ڀلائي لاءِ
بُراين
توڙي وڌندڙ
بيمارين جي خاتمي لاءِ
دعائون
گھريون ويون ھيون.
آخر
۾ ننگر
ورھايو ويو
۽ جشن عيد
ميلاد
النبي
جي پڄاڻي ٿي.
مانواري ادي نجمه پنهور
اميد ته اوهان خيرت سان هونديون. گذارش ته گُل
ڦُل جو تازو شمارو ملي ويو آهي. اوهان جي تمام
گهڻي مهرباني. هاڻي گُل ڦُل جي هر مهيني وقت
سر اشاعت يقيناً هڪ ساراهه جوڳو عمل آهي.
گُل ڦُل لاءِ معمول جيان ڪجهه مواد موڪلجي ٿو.
هن ڀيري لاريب مصطفيٰ، نور حيدر ۽ علي حيدر جو
مواد به موڪلجي ٿو. اميد ته شايع ڪري ٻارڙن جي
حوصله افزائي ڪنديون.
ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ سولنگي
ڪراچي
محترمه ڀيڻ نجمه پنهور
ادي هن ڀيري ڪجهه مواد، ارم پبلڪ اسڪول
شاهپوچاڪر جي ٻارن جو انٽرويو، سهڻا سخن
موڪلي رهيو آهيان. اميد ته هن دفعي اسان جي
موڪليل مواد کي رسالي ۾ ضرور شايع ڪندا. ٻيو
عرض آهي ته ڪافي دوستن پڇا ڪئي آهي ته رسالي
جي ٽائيٽل تي فوٽو ڇپرائڻ لاءِ ڪهڙا شرط آهن.
مهرباني ڪري ان کان واقف ڪندا.
علي محمد پلهه
ڳوٺ پلهه، ضلع سانگهڙ
جواب: ادا، رسالي جي ٽائيٽل تي تصوير ڇپائڻ جي
لاءِ ڪابه شرط ڪونهي صرف تصوير چٽي ۽ واضح
هجي. تصوير جي پٺيان نالو، ڳوٺ جو نالو ۽
اسڪول جي ايڊريس لکڻ نه وساريو.
محترمه ايڊيٽر گُل ڦُل
السلام عليڪم! اميد ته گُل ڦُل جي ٽيم خيريت
سان هوندي.
محترمه مان ضلع سکر تعلقه روهڙي جي هڪ ننڍڙي
شهر ڪنڌرا ۾ رهندو آهيان. منهنجو نالو رابيل
مينگهواڙ آهي، مان گورنمينٽ هائير سيڪنڊري
اسڪول ڪنڌرا ۾ مئٽرڪ جو شاگرد آهيان، مان گُل
ڦُل ڪافي عرصي کان وڏي شوق سان پڙهندو آهيان ۽
ان جو شدت سان انتظار به ڪندو آهيان. رب پاڪ
اوهان کي ٻارن جي ان خدمت جو اجر ڏيندو. خط ۽
ڪجهه مواد موڪلي رهيو آهيان، اميد ته پسند
ايندو ۽ رسالي ۾ شايع ڪندا ته مان توهان جو
شڪر گذار رهندس.
رابيل مينگهواڙ
گورنمينٽ هائير سيڪنڊري اسڪول، ڪنڌرا ضلع سکر
لطيفي لات
’آئون‘ سِين اُنَ پارِ، ڪَڏَهِن تان ڪونه
پِئو،
اِنَ اللهَ وِترُ يُحِبُ الوتَر، نيئِي ٻيائِي
ٻارِ،
هيڪَڙائِيءَ وَٽِ هارِ، هَنجهُون جي ’هُئڻ‘
جُون.
(پيارا ٻارؤ! هيءُ بيت ”شاهه جو رسالو“ جي
ڪهڙي سُر مان کنيل آهي؟ شاهه سائينءَ جي اِنَ
بيت جي ڪهڙي معنيٰ آهي؟ ڏکين لفظن جي معنيٰ
لکو) صحيح جواب موڪليندڙن مان ڪُڻو ڪڍي ڪنهن
هڪ ٻار کي سنڌي ادبي بورڊ پاران شايع ٿيندڙ
گُل ڦُل رسالي جي ڪاپي موڪلي ويندي.
ڊسمبر 2019ع جي ماهوار شماري ۾ ”لطيفي لات“ جي
سلسلي ۾ ڏنل بيت ”سُر ڏهر“ جي داستان پهرين جو
ٽيون نمبر بيت آهي.
بيت جي سمجهاڻي ۽ مفهوم:
(اي منهنجا ربّ) جيڏو (اعليٰ ۽ عظيم) تنهنجو
نالو آهي، آءٌ تو کان مهرباني ۽ نوازش به
اوتري (بيحد ۽ بي حساب) گهران ٿو. بيشڪ تون ئي
بنا ڪنهن ٿنڀ ٿُوڻيءَ جي (سواءِ ڪنهن ٽيڪ ۽
جَهل جي) وڏي ۾ وڏو اجهو ۽ ڇانوَ
آهين. مان تنهنجي ڪهڙي تعريف (حمد) ڪريان، جو
اها سڀ (صرف) توکي معلوم آهي. (تون ئي پنهنجي
ثنا کي پاڻ ڄاڻين ۽ سمجهين ٿو.)
بيت جي صحيح معنيٰ لکندڙن جا نالا:
* نصير احمد فقير چنا: گهوٽڪي.
* اقراء بانو چنا: گهوٽڪي.
* بشريٰ بانو چنا: گهوٽڪي.
* راجا خير محمد چنا: گهوٽڪي.
* محمد مينهل چنا: گهوٽڪي.
* محمد ذڪر چنا: گهوٽڪي.
* محمد امين چنا: گهوٽڪي.
* محمد يامين چنا: گهوٽڪي.
* محمد سچل چنا: گهوٽڪي.
* نادر علي جتوئي: گورنمينٽ هائير سيڪنڊري
اسڪول، قاضي احمد، ضلع شهيد بينظير آباد.
* عبدالرحمان بالادي: گورنمينٽ هائير سيڪنڊري
اسڪول، قاضي احمد، ضلع شهيد بينظير آباد.
* ساجد علي جتوئي: گورنمينٽ هائير سيڪنڊري
اسڪول، قاضي احمد، ضلع شهيد بينظير آباد.
* فيضان جتوئي: گورنمينٽ هائير سيڪنڊري
اسڪول، قاضي احمد، ضلع شهيد بينظير آباد.
* رابيل ميگهواڙ: گورنمينٽ هائير سيڪنڊري
اسڪول، ڪنڌرا، ضلع سکر
* ظهير احمد لاکو: گورنمينٽ هائير سيڪنڊري
اسڪول، قاضي احمد، ضلع شهيد بينظير آباد.
* شاهين شهزاد: گورنمينٽ هائير سيڪنڊري
اسڪول، قاضي احمد، ضلع شهيد بينظير آباد.
* فيضان حماد جتوئي: گورنمينٽ هائير سيڪنڊري
اسڪول، قاضي احمد، ضلع شهيد بينظير آباد.
* علي اڪبر جتوئي: گورنمينٽ هائير سيڪنڊري
اسڪول، قاضي احمد، ضلع شهيد بينظير آباد.
* ڊاڪٽر عبدالرحمان جتوئي: گورنمينٽ هائير
سيڪنڊري اسڪول، قاضي احمد، ضلع شهيد بينظير
آباد.
* سلميٰ افضل مري: گورنمينٽ پرائمري اسڪول،
حيات خان مري، تعلقه سڪرنڊ، ضلع شهيد
بينظيرآباد.
بيت جي صحيح معنيٰ لکي موڪليندڙن مان
سلميٰ افضل مري جو ڪُڻو نڪتو آهي، کيس
سنڌي ادبي بورڊ پاران گُل ڦُل جي ڪاپي موڪلجي
ٿي.
|