سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ جنوري  2020ع

باب:

صفحو:3 

 

 

ڪيٽي بندر سان به درياهه جوڙي جُٺ ڪئي. سڀني کي خبر آهي ته ڪيٽيون ڪيئن ٺهنديون آهن. هتي سنڌو ندي اچي ڇوڙ ڪري ٿي. سن 1853ع ۾ سنڌو ندي اهڙي زور سان ڇوڙ ڪيو جو سڄو شهر ڇوڙ جي زور ۾ زبون ٿي ويو، جيڪو اصل ڪيٽي بندر هو. سو درياهه جي پيٽ ۾ پيو آهي. ماڻهن پوءِ ڪيٽي بندر ٻَڌو. ڪيٽي بندر جو سڄو شهر بند جي اندر آهي. پاڻيءَ جي چاڙهه واري موسم ۾ ڪيٽي بندر ڏي اُٺ ۽ اُٺيون پر رڍون به تريون وڃن. هتي ماڻهو رڍن، اُٺن ۽ مينهن جو کير جام ٿا پيئن. هتي
’سوٿڻ‘ نالي گاهه ٿو ٿئي، جيڪو تمام طاقت وارو گاهه آهي. ڪيٽي بندر کي سمنڊ وارو کارو پاڻي ۽ مٺو پاڻي، ٻئي ويجهو آهن. تنهنڪري سڄي سنڌ ۾ رڳو اهو گاهه ٿيندو آهي. سنڌ ۾ ناريل جا وڻ رڳو ڪراچي ۽ ڪيٽي بندر وٽ ٿين ٿا ۽ پن به اتي گهڻي ٿئي ٿي. پن جي ٻُور مان ٻوراڻي ٺهندي آهي ۽ ان جي ڪانن مان پکا ٺهندا آهن.

Text Box: مضمون

 

گهوڙا ٻاري ڳوٺ وٽ درياهه جي هڪ شاخ کي چون ”حيدري“ ۽ ٻئي کي چون اوچتو. اوچتو درياهه کي ڪيٽي بندر جي ويجهو ’ٽيٽياهه‘ ڪوٺين. سمنڊ ۾ جتي اهو درياهه ڇوڙ ٿو ڪري اتي ان کي ’حجامڙو‘
 ڪوٺين.

(سنڌ جو سيلاني، ڀيرومل مهر چند، 1923ع)

 

ڪيٽي بندر

 

ڪيٽي بندر سان آ ٻارو دريا جُٺ ڪئي،

اڳ واري سچ پچ آهي سونهن ختم ٿي وئي.

 

ڪاڏي ويو اڳ وارو بندر، ڪنهن کي ڄاڻ نه ڪا،

زور شور سان کڻي ويو تنهن کي درياهه هو بادشاهه.

 

هاڻ ته ماڻهن ٻيو آ اڏيو ڪيٽي بندر ٻارو،

هوءَ ته لکيل آ تاريخن جي بابن ۾ سچ سارو.

 

جيئن جيئن پاڻي چڙهي اچي ٿو، رستن تي ٻارو،

اُٺ ۽ اُٺڙيون، مينهون رڍون تريووڃن يارو.

 

اُٺڙين، مينهن، رڍن، جو هت کير پيئن ٿا ماڻهو،

خوش خوش ٻارو سنڌ وطن ۾ جيئن ٿا ماڻهو.

 

سمنڊ ۽ دريا جو پاڻي پاڻ ۾ آهي ملندو،

جو به اسان سان هلندو سوئي اکين سان ڏسندو.

 

هي به ڪراچي ۾ آ ٻارو، سير ڪنداسون سارو،

’غازي‘ ڀي گڏ گهمڻ جي خاطر چئي پيو ويچارو.

 

 

پيارا ٻارؤ! مان اوهان کي سنڌ جي ثقافت ۽ تهذيب بابت ڪجهه ڳالهيون ٻڌائيندس. ثقافت عربي ٻولي جو لفظ آهي جو ”ثقف“ مان نڪتل آهي. جنهن جي معنيٰ آهي تعليم يافته هجڻ يا ذهين هجڻ“، ثقافت جي لغوي معنيٰ آهي پوکڻ يا سينگارڻ. تهذيب به عربي ٻولي جو لفظ آهي جو ”هذب“ مان نڪتل آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي ڇانگ ڪرڻ، جهڙي طرح ڪنهن وڻ کي ڇانگي سُڪل ڪاٺيون ڪپي سُٺو ۽ سهڻو بڻايو ويندو آهي يا ان ڪري سندس ڇانگ ڪئي ويندي آهي. چوندا آهن تهذيب ثقافت منجهان ئي جنم وٺي ٿي. سنڌي ثقافت جي تاريخ پنج هزار سالن کان به وڌيڪ پراڻي آهي. 1500ع کان 2500 قبل مسيح تائين اجرڪ جو وجود ڳولڻ سان ملي ٿو. سنڌي اجرڪ سنڌين جي ترقي يافته تهذيب جو اهم پهلو آهي.

ٻارؤ! سنڌي ثقافت دنيا جي قديم ۽ مڃيل مڃايل ثقافت آهي. سنڌ جي تهذيب ايتري پراڻي آهي جيترو سنڌو درياءَ. سنڌ جي تهذيب دنيا جي قديم ۽ شاهوڪار، تهذيبن جهڙوڪ: مصر ۽ بابل جي تهذيبن جي همعصر آهي. موهن جي دڙي، ڪاهوءَ جي دڙي، آمري ۽ مومل جي ماڙيءَ جي آثارن مان ثابت ٿئي ٿو ته سنڌ جي ماڻهن قديم زماني کان زندگيءَ کي سهڻو بڻائڻ شروع ڪيو. سنڌي ماڻهو کليل ۽ ويڪرا گهر پسند ڪندا آهن. هو گهرن کي خوب سينگاريندا آهن. سنڌي ماڻهو سادا، سودا، رلڻا ملڻا، کِلمُک ۽ مهمان نواز ٿيندا آهن. اجرڪ ۽ ٽوپي سنڌ جي سڃاڻپ آهي. سنڌ جا مشهور هنر اجرڪ، ٽوپي، رلي، سوسيون، جنڊي ۽ ڪاشي وغيره سنڌين جي هنرمند هجڻ جا شاهد آهن. جڏهن ته سنڌ جي ناليواري ليکڪا ماهم سنڌي هڪ هنڌ لکي ٿي ته ”سنڌ صوبي ۾ اجرڪ ٺاهڻ جا پنجاهه کان پنجونجاهه مرڪز آهن، جن ۾ وڏا مرڪز ضلعي ٽنڊي محمد خان، اتر جي ضلعي سکر، ضلعي مٽياري ۽ بدين جي شهر ماتلي وٽ آهن. جيئن ته اجرڪن جو وڪرو تمام گهڻو ٿئي ٿو. تنهنڪري ماڻهن پنهنجا ڪاروباري مرڪز پڻ ٺاهي ڇڏيا آهن. اجرڪ سنڌي قوم جي سڃاڻپ آهي. جيتري اسان ان کي اهميت ڏينداسين اوتري ئي اسان جي عزت ۽ همت افزائي ٿيندي. اجرڪ کي سنڌي شاعرن به خوب ساراهيو آهي“.

اسين اهو چئي سگهون ٿا ته ثقافت مان مراد اتان جي ريتن، رسمن، اُٿڻي ويهڻي، لباس، ٻولي جو عمل دخل آهي. فنون لطيفه جو به ثقافت سان وڏو ڳانڍاپو آهي. جڏهن ته علامه آءِ آءِ قاضي هڪ جاءِ تي لکي ٿو ته
”اصل ۾ قوم جي ماڻهن جي خواهشن کي ئي تهذيب ڪري ڪوٺيو وڃي ٿو. پنهنجي پسند انسان کي جتي بهترين انسان بنائي ٿي.“ جيئن ته هڪ هنڌ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکي ٿو ته ”انساني زندگي لاءِ جيڪي شيون ضروري ۽ اهم آهن جهڙوڪ کاڌ، خوراڪ،لباس، رهڻي ڪهڻي، ريتون رسمون ۽ رواج، روحاني ترقي، تاريخ، ٻولي ۽ مذهب گهڻو اثر انداز رهيا آهن.“ ول ڊيورانٽ، ثقافت جي وڌڻ ۽ ترقي ڪري سڌرڻ واري حالت کي پهچڻ لاءِ جاگرافيائي حالتن کي اهم ٿو سمجهي. جڏهن ته سنڌ جا سادڙا، اٻوجهه، پيارا ۽ مٺڙا ٻارڙا پنهنجي ثقافت اجرڪ، سنڌي ٽوپي ۽ تهذيب روپا ماڙي، مومل جي ماڙي، موئن جو دڙو، لاکين جي دڙي سان بيحد محبت ڪن ٿا. صدين جي تهذيب ۽ ثقافت جي امين سنڌ تي هر سنڌي وڏي توڙي ننڍي کي سچ پچ ناز آهي. ثقافت ته ايڪي- ٻڌي،  اتحاد، امن، ڀائيچاري ۽ محبت جو درس ڏيئي ٿي ۽ قومون هميشه پنهنجي ٻولي، تهذيب ۽ ثقافت جي بنياد تي سُڃاتيون وڃن ٿيون. سنڌ جا ماڻهو هر وقت مهمانن کي جيءَ ۾ جايون ڏيندا آهن ۽ مهمان نوازي به هن قوم جي ثقافت جو هڪ اهم جز آهي. ثقافت ئي قومن جي هڪ منفرد ۽ اهم سڃاڻپ جو ذريعو هوندي آهي. اسان سنڌي ماڻهن جي مٿان اهو فرض عائد ٿئي ٿو ته پنهنجي سنڌ امڙ کي سنواريون، ان جي ترقي لاءِ جاکوڙيون ۽ پنهنجي ديس جي ثقافت ۽ تهذيب جي حفاظت ڪيون. آءٌ پنهنجي هن شعر سان مضمون جي پڄاڻي ڪيان ٿو:

 

ڀٽائي جا ٻالڪ وفادار آهن،

اجرڪ، ٽوپي وارا ٻار آهن.

 

سڄي سنڌ تهذيب جو مرڪز آهي،

ٻارڙا سنڌڙي جا سينگار آهن.

 

سنڌ جا ٻالڪ آهن وعدي جا پڪا،

اُهي ڪچهرين جا ويچار آهن.

 

ڪن ٿا پنهنجي ثقافت سان محبت،

هميشه امن جا طلبگار آهن.

 

مهمان نوازي ۾ هن ڏاڍا مشهور،

”حئي“ هو جس لهڻ جا حقدار آهن.

 

 

پيارا ٻارؤ! دنيا ۾  انسان لاءِ جيڪي نيڪ خوبيون بيان ڪيون ويون آهن، تَن ۾ سَچائيءَ واري صِفت تمام گهڻي اهميت رکي ٿي. هي خُوبي سچ ڳالهائڻ جي ڪري ماڻهوءَ ۾ پيدا ٿئي ٿي. سَچ لاءِ سياڻن چيو آهي ته: ”سَچ ته بيٺو نَچُ“ يعني سَچار ماڻهو هميشه خوش ۽ خُرم، بي اوُنو ۽ بي ڊَپو ٿئي ٿو.

سَچ ڳالهائڻ سان هر ڪم ۽ معاملي ۾ خُلوص رکڻ پڻ سَچائيءَ جو هڪ قسم آهي، جنهن انسان ۾ هيءَ خصلت آهي اهو دنيا جي هر ڪم ۾ ڪامياب رهي ٿو. قرآن پاڪ ۾ ارشاد آهي ته ”ڪوڙ ڳالهائيندڙن تي خُدا جي لعنت آهي.“ ۽ اها به هڪ مشهور چَوَڻي آهي ته ”ڪُوڙ جي مُنهن ۾ ڌُوڙ“، سَچار ماڻهو اَنيڪ خُوبين جو مالڪ بنجي ٿو. هُو خدا وٽ ثواب جو مستحق ٿئي ٿو ۽ ساڳئي وقت معاشري جا ماڻهو کيس عزت جي نگاهه سان ڏِسن ٿا.

سچائي گهڻين بُراين کان روڪي ٿي ۽ ڪُوڙ ڳالهائڻ جي ڪري ماڻهو هڪڙي گناهه کي لڪائڻ لاءِ ڪيترائي ٻيا گناهه ڪري ٿو، يعني هڪ ڪُوڙ لڪائڻ لاءِ ڪيترائي ٻيا ڪُوڙ ٺاهڻا پون ٿا.

”سچ ۽ ڪُوڙ“ ٻئي هڪ ٻئي جون مخالف صفتون آهن. ”سچ“ ساراهيل آهي ۽ ”ڪُوڙ“ ڌِڪاريل آهي. هڪ دفعو به ڪنهن جو ڪُوڙ وائکو ٿي پيو ته پوءِ هميشه لاءِ پَيو هُو ڪُوڙو سڏبو. ”سچ“ ڳالهائيندڙ ڪڏهن به ۽ ڪٿي به ڪانيارو نه ٿيندو.

ڪُوڙ مان عارضي خوشي ضرور حاصل ٿئي ٿي، مگر اُهو ڪڏهن به اُن جو ساٿي نه  ٿو بڻجي. اَهڙيءَ طرح سان ڪڏهن ڪڏهن وري سَچ ڳالهائڻ سان جان جو جوکو به رسي ٿو، پر آخر وڃي سَچ جي سوڀ ٿئي ٿي. انهيءَ ڪري انسان کي گهرجي، ته سدائين سچ جو سهارو وٺي، ڇاڪاڻ ته آخري فتح سچ جي آهي. سياڻن انهيءَ مثال کي هنن لفظن ۾ ادا ڪيو آهي: ”سَچ جي ٻيڙي لُڏي پَر ڪِينَ ٻُڏي.“

سَچار ماڻهو هميشه پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿئي ٿو. کيس دنيا جي خوف خطرن جي ڪابه پرواهه نه ٿي رهي. ويتر منجهس ايمانداري، سُورهيائي ۽ همت بُلند رهي ٿي.

حديث شريف ۾ آهي، ٻنهي جهانن جي سردار حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن ارشاد فرمايو:
”سچائي اختيار ڪريو ان لاءِ ته سچائي نيڪيءَ جي طرف وٺي وڃي ٿي، ۽ نيڪي جنت جي طرف وٺي وڃي ٿي. ماڻهو سچ ڳالهائي ٿو ۽ سچ ڳالهائڻ ۾ لڳو رهي ٿو، ايستائين جو هُو خدا جي ويجهو سچار (سچو) ليکيو وڃي ٿو. ڪُوڙ کان بَچو، ان لاءِ ته ڪُوڙ بُرائي طرف وٺي وڃي ٿو، ماڻهو ڪُوڙ ڳالهائي ٿو ۽ ڪُوڙ ڳالهائڻ ۾ لڳو رهي ٿو، ايتري تائين جو هُو خدا جي ويجهو ڪُوڙو ليکيو وڃي ٿو.“ (بُخاري)

سچ ڳالهائڻ ۽ هر ڪم ۾ سچائي ۽ ايمانداري ڏيکارڻ وارو شخص باهمت بُلند ڪردار ۽ باعمل هوندو آهي. سچار شاگرد اُستاد وٽ مقبول ۽ سچار اولاد مِٽن مائٽن وٽ، سچار ملازم ۽ هاري پنهنجي مالڪ (زميندار) وٽ مقبول هوندو آهي.

چوندا آهن، ته ”سچائيءَ مان خالق حقيقيءَ جو قرب حاصل ٿئي ٿو.“ هونئن به ”سچ“ انسان کي خراب ڪمن کان پري رکڻ ۾ هڪ هٿيار جو ڪم ڏئي ٿو،

پيارا ٻارؤ! اچو ته اڄ اسين اهو عهد ڪريون، ته ڪڏهن به سچائي جو ساٿ نه ڇڏينداسين ۽ ڪُوڙ کي ويجهو نه وينداسين.

”سچ چوڻ سان مِلندُم پيار

ڪڏهن نه ٿيندس ڪِين خُوار

مون کي ڏي تون سگهه ڌڻي

سَچ سان رکان دل گهڻي.“

 

 

جيڪڏهن عادتون سُٺيون آهن ته انهن کي اخلاق حُسنه ۽ جيڪڏهن عادتون بُريون آهن ته انهن کي اخلاق سيئه چئبو آهي. ادب جي معنيٰ آهي سُٺي تربيت، ڪنهن ڪم ڪرڻ جو طريقو. ربّ پاڪ فرمايو آهي ته عبادات کان پوءِ اسلامي تعليم جو ٽيون اهم حصو اخلاقي تعليم ۽ ادب آهي. ادب سان انسان ۽ حيوان جي وچ ۾ فرق محسوس ڪري سگهجي ٿو. ربّ پاڪ جو فرمان مبارڪ آهي ته، ترجمو: ”بيشڪ اوهان وڏي بُلند اخلاق تي آهيو“.

ڪنهن حاڪم ۾ سهڻا اخلاق نه آهن ته هو ان وڌندڙ وڻ وانگر آهي، جنهن جي ٿُڙ جو بُنڊ ته هجي، پر ٽاريون نه هجن. اهڙيءَ طرح اسين سٺي ڪردار وارا ٿي دنيا ۾ به ڪامياب زندگي گذاري سگهون ٿا ۽ آخرت ۾ به ڪاميابي حاصل ڪري سگهون ٿا.

 

 

 

]ستون سوال[

اوهان وٽ يا اوهان جي گهراڻي ۾ يا پاڙي پَتيءَ ۾ ڪو اهڙو وياءُ ويٺل آهي جو وڏو ٿيو آهي ۽ ان کي نه اُٿاريو ويو آهي، اُن جي شادي نه ڪرڻ جو ڪهڙو ڪارڻ آهي پئسي جي تنگي آهي يا هڪٻئي کي گهٽ وڌ ڄاڻي سنڱ نٿو ڪجي يا پاڻ ۾ ڪلفت آهي جيئن ڪي جاهل چوندا آهن ته اسان جو ٻار ويٺو هجي حق بخشائيندا سون، اُهي سڀ ڳالهيون بيوقوفي جون آهن جو عقل يا مذهب جي اُبتڙ آهن، باقي رهي اڻ هوند واري ڳالهه جنهن ڪري ٻانهن اُٿاري نه ٿي سگهجي، تنهن لاءِ به جي ڪڏهين رسم ۽ رواج تي هلبو ته اوئين بيوقوفي ۾ داخل ٿبو  يا قرض کڻبو يا اُهو ڪم سيڙهيل هوندو جنهن ۾ ڪيتريون خرابيون ۽ خواريون آهن مسلمانن ۾ ته شادي غمي ۾ بلڪل آساني آهي سي جي ڪڏهن اڃان به رسمن ۽ ماڻهن جي وات کي نه ڏسن ته هو تمام آساني سان سڀ ڪم ڪري سگهن ٿا، رڳو چئن کارڪن ۽ مُٺ ڦُلن تي سندن ڪاڄ ٿي وڃي ۽ جيڪي ڏيتي ليتي ۾ پير وڌائن ٿا ته اها به سندن وڏي ناداني ۽ ڀُل آهي. اُهي رسم رواج جي ڦاهي ۾ ڦاٿل آهن جيستائين اُهي به اُن ڦندي مان نه نڪرندا تيستائين بيوقوف ۽ نادان سڏبا تنهن ڪري اوهان سڀ ڳالهيون ويچاري جواب ڏيو ته اُن بابت اوهان ڇا ڪيو آهي؟

]اٺون سوال[

توهان جي يا اوهان جي پاڙيچن يارن دوستن جي وچ ۾ ڪا دشمني ته ڪانهي جي آهي ته ڇو؟! دشمني هميشه چئن ڳالهين مان پيدا ٿيندي آهي. زن، زمين، زر، زبان. اُنهن مان اوهان جي دشمني ڪهڙي سبب کان آهي. جي ڪڏهن اهو يا ڪو ٻيو سبب آهي ته اوهان اُن بابت ڪهڙو اُپاءُ ڪيو آهي جنهن ڪري اوهان کان هو راضي ٿين ۽ اُن بابت اوهان جي ڪا گِلا نه اُٿي يا ماڻهو نه کِلن يا دانائن جي اڳيان اوهان حقير ڏسڻ ۾ اچو يا ڌڻيءَ جي درگاهه ۾ اوهان کي جواب ڏيڻو پوي، جيڪڏهن اوهان جي ڪوشش يا ميڙمنٿ يا وچ وارن جي سمجهائڻ سان به اوهان جو انهن سان سلوڪ نٿو ٿئي ته پوءِ اُنهيءَ کي لاچاري امر سمجهڻ گهرجي، تنهن هوندي به اوهان جي هلت اُنهن سان اهڙي هجي جو سڀ ماڻهو ڀائن ته اوهان جي ساڻن ڪا دشمني ڪونهي ڇو ته اُن ۾ اوهان جي ڀلائي آهي.

جي ڪڏهن دشمن توسان نه ٺهي ته تون ساڻس ضرور چڱي طرح هل.

هاڻي ٻڌايو ته اهو ضروري ڪم آهي يا نه ۽ اوهان انهيءَ کي پورو ڪيو آهي يا ڪڏهن ڪندؤ. جي ڪڏهن اوهان اهو عذر ڪندؤ ته اسان گهڻي ڪوشش ڪئي آهي پر اڳيان ماڻهو نٿا سمجهن ۽ هو اسان سان راضي نٿا ٿين ته اهو عذر اوهان جو مڃڻ جي لائق نه آهي، ڇو ته سياڻن چيو آهي ته اڻ گهُري دل کي بهانا به گهڻا ٿيندا آهن، ڪنهن شخص لقمان حڪيم کان پڇيو ته تنهنجو ڪوبه دشمن نٿو ڏسجي، تنهن جو ڇا سبب آهي؟ هن چيو ته جڏهن ڪو شخص مون ڏي هڪ دفعو اچڻ ڇڏيندو آهي ته مان هُن ڏي ڏهه دفعا ويندو آهيان، ايستائين پيو ويندوآهيان جيستائين هو پاڻهي شرمندو ٿي مون ڏي ايندو آهي ۽ مون سان دوستي رکندو آهي. جي ڪڏهن هو ائين نه ڪندو آهي ته سڀ ماڻهو اُن کي جَٺ ڦٽ ڪندا آهن ته وڏي شرم جي ڳالهه آهي جو هن جي توسان هي هلت ۽ تنهنجي هيءَ بي پرواهي جنهن ڪري هو لاچار ٿي مون سان دوستي رکندو آهي. ڪن ڏاهن جو چوڻ آهي ته جي ڪڏهن هزار دوست تو کان هليا وڃن ته ايترو ڊپ توکي نه آهي جيترو هڪڙي دشمن پيدا ٿيڻ کان ٿيندو آهي.

هيڻي دشمن کي به ڏاڍو ڪري ڀانئجي ڇو ته هاٿي کي مهان به هلاڪ ڪري وجهندا آهن.

]نائون سوال[

توهان پنهنجي عقل ۽ آزمودي وڌائڻ لاءِ علمي ڪتابن جو مطالع ڪندا آهيو يا نه جي ڪڏهن نه ته ڇو؟!.. اوهان کي جُڳائي ته هر قسم جا ڪتاب پاڻ وٽ موجود رکو ۽ اُنهن کي پڙهندا ڪريو ته اوهان کي سڀني علمن ۽ هنرن ۾ واقفيت ٿئي جي ڪڏهن اوهان ڪتاب نٿا وٺي سگهو ته ڪنهن لائبريري جا ميمبر ٿيو. اُتي وڃي ڪتاب ۽ اخبارون ڏسو خاص ڪري پنهنجي دين جا ڪتاب وڌيڪ ڏسو ۽ اُن ۾ تمام چڱي واقفيت پيدا ڪيو. اهڙيءَ طرح دنيا جي هر هڪ معاملي جي سڃاڻپ ڪتابن پڙهڻ سان ٿيندي آهي. اوهان پاڻ ڏي نهاري ڏسو ته اوهان کي ڪتابن جي مطالعي جو شوق آهي يا نه! جي هائو ته اڃان اُن کي وڌايو ۽ جي نه ته اها اوهان جي ناداني ۽ نڀاڳ چئبو، پوءِ اوهان کي زور سان پاڻ ۾ اها عادت پيدا ڪرڻ گهرجي. جي ڪڏهن اوهان اهو بهانو ڪندؤ ته اسان کي نوڪري جي ڪري يا ٻين روزگار جي ڌنڌن کان ايتري فرصت ڪٿي آهي، جو ڪتاب ڏسون. مگر اهو عذر به ٻڌڻ جي لائق نه آهي ڇو ته مسٽر گليڊ ستون وزيراعظم انگلستان جهڙو ڪو به ماڻهو مصروف نه هوندو هو، جنهن تي هيڏي ساري بادشاهي جي انتظام جو بار ڪلهن تي هو، ايترو جو رات جو فقط 5 ڪلاڪ آرام ڪندو هو باقي سڀ وقت سرڪاري ڪمن ۾ ويندو هوس. تنهن هوندي به مرڻ وقت جڏهن سندس ڪتب خانو ڏٺو ويو تڏهن اُن مان 28 هزار ڪتاب نڪتا جو هڪڙو هڪڙو ٿي سندس مطالعي مان گذريو هو ۽ هر هڪ تي سندس ريمارڪس هئا...!!

 

 

منهنجي اسڪول جو نالو گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول قاسم آباد حيدرآباد آهي، منهنجي اسڪول جي عمارت وڏي ۽ مضبوط آهي. هن اسڪول ۾ ٽي آفيسون به آهن ۽ هڪ ڪلارڪ آفيس ۽ هڪ لائبريري، ڊرائنگ هال، ڪمپيوٽر ليپ، پريڪٽيڪل ليب چاهه يا ڪا في وغيره ٺاهڻ لاءِ هڪ ڪچن ۽ ٻيون الاهي سارا ڪلاس به آهن، اسان جي اسڪول ۾ راندين جا مقابلا به ٿيندا آهن، اسان جون ٽيچرز ڏاڍي محنت ۽ پيار سان پڙهائينديون آهن، اسان پنهنجي ٽيچرز سان ڏاڍو پيار ڪندا آهن اسان جي هيڊمسٽريس ڏاڍي شفيق ۽ مهربان آهي. اسان جي اسڪول ۾ 14 آگسٽ، يومِ دفاع، يومِ پاڪستان، شاهه سائين جو عرس مبارڪ، 12 ربيع الاول ۽ عيد ميلادالنبي ﷺ وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهائيندا آهيون، اسين اسيمبلي ۾ قطار ٺاهي بيهندا آهيون ۽ ان ۾ قومي ترانو چيو ويندو آهي اسان جي اسڪول جي پڙهائي ڏاڍي سٺي آهي هر سال اسان جي رزلٽ به تمام سٺو ايندو آهي. شال خدا سائين اسان جي اسڪول کي اڃا به وڌيڪ ترقي ڏي. (آمين)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org