سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ نومبر  2019ع

باب:

صفحو:2 

 

موٽرسائيڪل جڏهن هلي ٿي،

منهنجي دلڙي تڏهن کلي ٿي.

 

روڊن تي چڙهي ڊڪي ٿي،

هيءَ ٻن ڦيٿن تي هلي ٿي.

 

تيل سوا نه هلندي آهي،

تيل کٽي ته بيهندي آهي.

 

هن جي ويڪري نرم آ سيٽ،

ٻار چڙهن ته ڪن ٿا سِيٽ.

 

بابو چوي ته اڳيان تون ويهه،

مون کي ڏسي جيئن سارو ڏيهه.

 

ٽي ٽي ماڻهو چڙهن ٿا پيا،

ڪِرڻ کان نه ڊڄن ٿا پيا.

 

ڦٽ ڦَٽي هن کي چوندا آهن،

اسڪوٽر به نالو ٻُڌائين.

 

 

ٻارن ٻوليون صفا سوليون،

الا نه جُهرن امڙ جهوليون.

 

ٻاتيون ٻوليون ساگر ڇوليون،

وطن وارث ننڍڙيون ٽوليون.

 

هوشو، هالار، هيمو ٻالڪ،

سالڪ سياڻا خوشين خالق.

 

هنن ٻارن نه گهٽ ڪو ڄاڻي،

وڏڙا ٿيندا جي ننڍڙا هاڻي.

 

وڏڙا ٿي پاڻ ڄاڻيندا،

امن انصاف هتڙي آڻيندا.

 

 

 

پڪڙي هٿ ۾ پوپٽ پيارا،

ڳاڙها پيلا رنگن وارا.

ڏينهن تتيءَ جو گهر مان نڪرڻ،

ڪيڏو پيارو هو سو ننڍپڻ.

هٿ هٿن ۾ ڏيئي هلندي،

گڏجي گيت جمالو چوندي.

پاڙي جي گلين ۾ ڊوڙڻ،

ڪيڏو پيارو هو سو ننڍپڻ.

واريءَ جا گهرڙا ٺاهي،

پل ۾ ٺاهي پل ۾ ڊاهي.

تاڙيون وڄائي ٽهه ٽهه ٽهڪڻ،

ڪيڏو پيارو هو سو ننڍپڻ.

ڪاڪي ڪرمون کي چيڙائي،

اڳ ۾ اُن کي پاڻ رُسائي.

جهٽ ۾ ان سان پاڻ ئي پرچڻ،

ڪيڏو پيارو هو سو ننڍپڻ.

هُو ”منٺار“ منور ڀي هو،

جاني، احمد، سَندر ڀي هو.

گڏجي ڀاءُ ڦُدن کي ڇيڙڻ،

ڪيڏو پيارو هو سو ننڍپڻ.

 

 

سوال:

بابا ٻير مِٺا ڇو آهن؟

کنڊ انهن ۾ ڪيئن ملي ٿي

امڙ مون کي ڪين ڏَسي ٿي

آءٌ پُڇان ٿو هوءَ کِلي ٿي

بابا مون کي تون سمجهاءِ

بابا مون کي تون سمجهاءِ

جواب:

گهر ۾ پُٽ ڏس کاڌا آهن

تيئن مِٽيءَ ۾ ذرڙا آهن

ڪن ۾ لوڻ ته ڪِن ۾ کنڊ

ايئن مٽيءَ جو آهي مَنڊُ

موسم موسم مينهن وسن ٿا

وڻ ٽڻ پنهنجو کاڌ کڻن ٿا

کٽڙا مٺڙا ڦل ڏين ٿا

ٻير ڏسين ٿو مِٺڙا آهن

ليما ڏاڍا کٽڙا آهن

هر ڪنهن جو آ ڌار سواد

وڻ ٽڻ ٻوٽا زندهه باد.

 

 

 

 

ڇڏ هي گدلا آهن ٻار،

وقت سان گڏ تون وک وڌاءِ.

 

کيڏڻ مان ڪجهه ڪين ورندءِ،

پيارا وقت نه ائين وڃاءِ.

 

پنهنجو مقصد آهي جدوجهد،

جلدي ڪر اُٿ ڪين واجهاءِ.

 

ٻاراڻا سڀ خيال ڇڏي ڏي،

ڪجهه ٿيڻ لئه ڪجهه اپناءِ.

 

پين کنيو ڇو وڃين ٿو،

لِک لِکان ڪر هٿ هلاءِ.

 

شعر پڙهي ٿو ٽهڪ ڏئين،

پڙهه ڀلي پر هيئن هنڊاءِ.

 

 

 

گيت پريت جا ڳايون ٻارو،

نينهن وطن سان لايون ٻارو،

رنگ نسل ۽ ذات پات جا،

سارا فرق مِٽايون ٻارو.

 

هر ڪو پنهنجو ساٿي آهي،

پاڻ کي ڪنهن سان نفرت ناهي،

ڳوٺ ڳوٺ ۽ شهر شهر ۾،

هي آواز پُڄايون ٻارو.

 

پاڻ کي اڳتي وڌڻو آهي،

منزل تي به رسڻو آهي،

ڪٿي ناهي به رُڪڻو هاڻي،

تڪڙي وِک وڌايون ٻارو.

 

 

 

 

تعليم پرايو ٻارڙؤ،

علم کي ڏيو سهارو،

ونڊي ورهائي کائو،

وقت کي اهميت به ڏيو،

تعليم پرايو ٻارڙؤ.

وقت تي راند به رچايو،

علم سان دل جان لڳايو،

آرام ڪري سينگاري به هلو،

وڏڙن سان نِوڙت سان هلو،

تعليم پرايو ٻارڙؤ.

ڊگهي سوچ رکندا هلندا،

هڪ ٻئي جو اوهين خيال ڪندا،

سويل اُٿندا ۽ مُنهن ڌوئيندا،

برش ڪري ڏند صاف ڪندا،

تعليم پرايو ٻارڙؤ.

علم کي ڏيو سهارو.

 

 

ربيع الاول اسلامي تاريخ جو هڪ عظيم ڏينهن آهي. ڪائنات مٿان حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليھ آلھ وسلم جي شخصيت جي صورت ۾ اهڙو سج اُڀريو. جنهن جهالت، بُرائي، بي ايماني، ڪوڙ، دوکي  جي سمورين اونداهين کي ختم ڪري ۽ سچائي سان هن دنيا کي منور ڪري ڇڏيو. اهو دور جڏهن هٿ جي ٺهيل بتن کي خدا مڃي ۽ نياڻين کي جيئري دفن ڪيو ويندو هو. ان دور ۾ نبي پاڪ صلي الله عليھ آلھ وسلم عظيم مسيحا جي صورت ۾ هن دنيا ۾ آيو. سندس جنم حقيقت ۾ بُراين جي موٽ ۾ هو. پاڻ سڳورن هن دنيا کي زندگي جي حقيقي معنيٰ ۽ مفهوم سمجهايو، سندس ئي دور ۾ عورتن کي پنهنجا حقيقي حق مليا. ڏٺو وڃي ته نبي صلي الله عليھ آلھ وسلم صرف مسلمانن جو سردار ناهي.  پر هو پنهنجي ذات ۽ صفات ۾ پوري عالم انسانيت لاءِ آهي، پوءِ ان جو واسطو ڪهڙي به مذهب سان ڇو نه هجي. پوري دنيا جو رهبر نظر اچي ٿو. سندس سچائي جو اهو عالم آهي جو دشمن به سندس سچائي تي ايمان آڻين ٿا. حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليھ آلھ وسلم جي زندگي جو هرپل انسانيت جي ڀلائي لاءِ وقف ٿيل نظر اچي ٿو. سندس جهڙي سخاوت، رحمدلي ۽ بهادري جي ڪٿي به مثال نٿو ملي، پوري تاريخ ڀريل آهي. جنهن ۾ حق جي راهه تان هٽيل ڪيترائي ماڻهو سندس ڪردار کان متاثر ٿي مسلمان بڻجي ويا. پاڻ جيڪڏهن سندس ڪردار جو گهرائي سان جائزو وٺون ته پاڻ صلي الله عليھ آلھ وسلم اسان جو آخري نبي آهي، جيڪو به سندس دروازي تي ڪهي آيو. اهو جهوليون ڀري واپس وريو. سندس ذات ۾ اهڙو ته اثر نظر اچي ٿو. جو کين پنهنجي اکين سان ڏسندڙ ته پري جي ڳالهه پر اُهي ماڻهو جيڪي اڄ جي دور جا آهن. سندس ديدار جو شرف حاضل نه ڪرڻ باوجود مٿس پروانن جيان گهور ٿيندا نظر اچن ٿا. وڻ ٽڻ، پکي پکڻ،  جانور، چنڊ ستارا، سندس ذات مٿان صلواتون پڙهندي محسوس ٿين ٿا.

حضرت محمد صلي الله عليھ آلھ وسلم سچ پچ ته هن ڪائنات وارن لاءِ هڪ ڀاڳ جي صورت ۾ آيا. اها قوم وڏي خوش نصيب آهي. جيڪا پاڻ صلي الله عليھ آلھ وسلم کي خدا جو رسول مڃي مٿس ڪلمون پڙهي ٿي ۽ پاڻ کي ان جي اُمت ۾ شمار ڪري ٿي. منهنجو ايمان آهي اڄ به جيڪڏهن ڪو ماڻهوکڻي اهو سڄو گناهن ۾ پيل ڇو نه هجي. پر ڪنهن مشڪل گهڙي ۾ سچي دل سان پاڻ صلي الله عليھ آلھ وسلم کي مدد لاءِ سڏي ٿو ته سندس هر مشڪل ڪشائي ٿي وڃي ٿي ۽ ٻيڙا پار ٿي وڃن ٿا. (مديني جا مير سڻ منهنجا سڏڙا) توڙي جو هن ڪائنات جي وجود ۾ اچڻ کان پوءِ کانئس اڳ هڪ لک چوويهه هزار پيغمبر هن دنيا ۾ جلوا افروز ٿيا ۽ هر ڪنهن پنهنجي پنهنجي حصي جون ذميواريون نڀايون ۽ انساني ڀلائي لاءِ جاکوڙيو. پر انهن سڀني نبين ۾ حضرت محمّد صلي الله عليھ آلھ وسلم جي حيثيت تارن وچ ۾ چنڊ جهڙي نظر اچي ٿي. تڏهن ته کيس  سڀني نبين جو سردار ڪوٺيو وڃي ٿو. دنيا جو عظيم شاهه لطيف تڏهن کيس ته هنن سٽن جي صورت ۾ ڀيٽا ڏئي ٿو.......

ناز منجهاران نڪري جڏهن پرين ڪري ٿو پنڌ،

ڀون پڻ بسم الله چئي راهه چمي ٿي رند،

اڀيون گهڻيون ادب سين حورون حيرت هنڌ،

سائين جو سوگنڌ ساجن سنڀارسهڻو.

(شاهه)

حضرت محمّد مصطفيٰ صلي الله عليھ آلھ وسلم جي ذات اقدس جا ايترا ته رنگ آهن. جو جيڪڏهن هڪ رنگ جي تعريف ڪرڻ ويهجي  ته تعريف ڪندي ڪيتريون ئي صديون گذري وڃن پر پوءِ به پورو پئجي نه سگهجي. ڪائنات جي هر شيءِ سندن تعريف ڪندي نظر اچي ٿي.حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليھ آلھ وسلم نالو آهي. محبت جو ۽ محبت ان سمنڊ واري حيثيت رکندڙ آهي. جنهن جو ٻيو ڪنارو ڪنهن کان لڀي نٿو سگهي.

جهڙي طرح 12 ربيع الاول  جو سج پاڻ صلي الله عليھ آلھ وسلم جي ولادت جي صورت ۾ خوشين جا ڪيترائي خزانا کڻي آيا. اهڙيءَ طرح ساڳئي ڏينهن جو سج ٺيڪ 63 سالن کان پوءِ نبي صلي الله عليھ آلھ وسلم جي وصال جي صورت ۾ اهڙي ته درد ناڪ خبر کڻي اڀريو. جنهن دنيا جي هر جاندار شيءِ جي اکين کي آلو ڪري ڇڏيو. سندس وڇوڙي هر پاسي درد جو عجيب منظر پيدا ڪري ڇڏيو. حضرت محمد صلعم  12 ربيع الاول سن 11 هجري 5 مئي 632ع سومر ڏينهن ٽيپهري جو پنهنجي مالڪ حقيقي سان وڃي مليا. پاڻ صلي الله عليھ آلھ وسلم کي اتي ئي يعني مسجد نبوي جي ڀرسان بيبي عائشه صديقه رضي الله عنه جي حجري ۾ کين دفن ڪيو ويو. سندن قبر مبارڪ حضرت ابو طله رضي الله عنه تيار ڪئي. جيڪا لحدي کوٽيل هئي. کين حضرت علي رضه الله عنه غسل ڏنو. سندن تدفين وفات جي ٻئي ڏينهن جو سج لڙڻ کان پوءِ ٿي. پاڻ ڪريم صلي الله عليھ آلھ وسلم ورثي ۾ ڪجهه به نه ڇڏيائون. پاڻ حجة الوداع کان ٻه مهينا ۽ تيرنهن ڏينهن بعد وصال فرمايو. 

 

نماز کي عربي ٻوليءَ ۾ صلواة چيو ويندو آهي. نماز دين جو ٻيو رُڪن آهي. نماز روزانو پنج وقت پڙهبي آهي. نماز پڙهڻ سان انسان چُست ۽ توانو رهي ٿو.  نماز ۾ اسان خدا تعاليٰ جي تعريف بيان ڪندا آهيون. اسان نماز ۾ ربّ پاڪ جي ڏنل سڀني نعمتن جو شڪر ادا ڪندا آهيون ۽ ربّ پاڪ کان مدد گهرندا آهيون. نماز  مسلمان مرد توڙي عورت تي فرض آهي. نماز پڙهڻ کان اڳ وضو ڪري جسم کي پاڪ ۽ صاف ڪرڻ تمام ضروري آهي. ڇاڪاڻ ته وضو کانسواءِ نماز نه ٿيندي آهي. ربّ پاڪ قرآن مجيد ۾ بار بار نماز پڙهڻ جو حڪم ڏنو آهي. پاڻ سڳورن ﷺ فرمايو ته نماز مؤمن ۽ ڪافر ۾ فرق ظاهر ڪري ٿي. انهي ڪري دين اسلام ۾ ستن سالن جي ٻارن کي نماز پڙهڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. نماز اسان کي نيڪيون سيکاري ٿي ۽ بُرائين کان بچائي ٿي. نماز اسان کي وقت جو پابند ڪري ٿي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org