سيڪشن: رسالا

ڪتاب: گل ڦل نومبر 2019ع

باب:

صفحو:1

 

ايڊيٽر: نجمه پنهور

 

 

موٽي مانڊاڻِ جي، واري ڪَيائِين وارَ،

وِڄوُن وَسَڻَ آئِيوُن، چَؤڏِس ۽ چَوڌارِ،

ڪي اُٿي ويئِيوُن اِستَنبولَ ڏي، ڪي مَڻِيوُن مَغرَبَ پارَ،

ڪي چِمِڪَنِ چيِنَ تي، ڪي لَهَنِ سَمَرِقَندِيُنِ سارَ،

ڪي رَمي ويئِيوُن رومَ تي، ڪي ڪابُلَ، ڪي قَنڌارَ،

ڪي دَهليءَ، ڪي دَکَنِ، ڪي گُڙَنِ مَٿي گِرِنارَ،

ڪَنهيِن جُنبي جيسَلمِيرَ تان، ڏِنا بيڪانِير بَڪارَ،

ڪَهِين ڀُڄُ ڀِڄائِيو، ڪَنهيِن ڍَٽَ مَٿي ڍارَ،

ڪَنهيِن اَچي اَمَرڪوٽَ تان، وَسايا وَلهارَ،

سانِئيَمِ! سَدائين ڪَريِن، مَٿي سِنڌُ سُڪارَ،

دوسَ! مِٺا دِلدارَ، عَالَمُ سَڀِ آبادِ ڪَرين.


سمجهاڻي:

 

ڌڻيءَ وري جُهڙڦُڙ جي وسڪار لاتي. کِنوڻيون چؤطرف مينهن وسائڻ آيون. ڪي اِستنبول (ترڪيءَ جي تخت گاه) ڏي اُٿي ويئون ۽ ڪي اولهه طرف (مغرب يعني يورپ) روانيون ٿيون. ڪي چين ولايت مٿان ٿيون چمڪن ۽ ڪي سمرقندين (سمرقند جي ماڻهن) جي سنڀار ٿيون لهن. ڪي روم ڏانهن هلي ويئون، ڪي ڪابل ڏانهن، ڪي قنڌار ڏانهن. ڪي دهليءَ ويئون، ڪي دکن ڏانهن، ڪي گرنار مٿان ٿيون گجن. ڪنهن بارش، جيسلمير مٿان جوش مان وسي، بيڪانير مٿان وسڪارون لاتيون. ڪنهن ڀُڄ شهر کي پُسايو ۽ ڪنهن ڍٽ (ٿَر) ڏانهن لاڙو ڪيو. ڪنهن اَمرڪوٽ مٿان اَچي، ساوا پٽ آباد ڪيا. اي منهنجا سائين! تون شل هميشه سنڌ مٿان سُڪار ڪرين! اي منهنجا مٺا دوست دلدار! تون شل ساري جهان کي آباد (سکيو ستابو) ڪرين! (هتي شاه، سنڌ جي حُب سان گڏ، ساري جهان لاءِ قرب جو اظهار ڪيو آهي. سندس دل ۾ ساري عالم لاءِ درد هو ۽ هتي اُن جي آسودگيءَ لاءِ ڌڻيءَ در وينتي ڪئي اَٿس.)

 

 

پيارا ٻارؤ!

السلام عليڪم! اوهان جا ڪهڙا حال آهن؟

نومبر جي پرچي سان حاضر آهيون. ٻارو علم لاءِ پاڻ پتوڙيو، علم حاصل ڪرڻ جي لاءِ همت، محنت ۽ جذبي جي سخت ضرورت آهي. جيڪي ٻار اسڪول نٿا وڃن انهن کي تعليم پرائڻ ۽ هنر سکڻ لاءِ نصيحت ڪريو ۽ انهن جي حوصله افزائي ڪريو، جيئن هو تعليم ۾ اڳڀرا ٿين. اسان جي سماج جا ٻار اڻ پڙهيل هوندا ته هو پوئتي رهجي ويندا. هي وقت آهي، جو اوهان پنهنجي ڪورس جي ڪتابن کانسواءِ ٻيا علمي، ادبي ۽ سائنسي ڪتاب ۽ رسالا پڙهو. جيئن توهان ۾ اڳتي اچڻ لاءِ ترقيءَ جون راهون هموار ڪرڻ جون صلاحيتون پيدا ٿي سگهن.

ٻارؤ ! هن وقت گُل ڦُل رسالي لاءِ مواد جي تمام گهڻي کوٽ آهي، اسان اميد ٿا ڪريون ته توهان ان کوٽ جي پورائي ۾ اسان سان سهڪار ڪندا.

اسان جو هيءَ پرچو اوهان کي ڪيئن لڳو؟ پنهنجي راءِ کان ضرور آگاهه ڪندا.

توهان جي مواد، خطن ۽ راءِ جو اوسيئڙو رهندو.

ساٿ سلامت

توهان جي ڀيڻ

نجمه پنهور

 

 

دم دمادم الله هو ڪر

ها ها هردم الله هو ڪر.

 

رُڪ مَ مگر هل مسلسل

آ هو راحم الله هو ڪر.

 

آ مالڪ سو دوءِ عالم

سگهه رک سالم الله هو ڪر.

 

آ مرڻو هڪ وار الاوو

او سالڪ عالم الله هو ڪر.

 

وهم سارا وسار او آدم

آ اعليٰ اسم الله هو ڪر.

 

ڪر او ”مهر“ لحد لئه حاصل

دو ڪا مرهم الله هو ڪر.

 

 

مالڪ! منهنجو عرض اگهاءِ،

سنڌ کي تون خوشحال بڻاءِ.

مارو مٺڙا شاد هجن.

 

مُرڪن منهنجا سانگيئڙا،

ٻهڪن منهنجا جهانگيئڙا.

 

رازق رزق ۾ برڪت ڏي،

پيار، محبت، الفت ڏي.

 

سڀ جي دل مان نفرت ڪڍ،

ڪينو ساڙ، ڪدورت ڪڍ.

 

دودي جهڙا دودا ڏي،

هوشوءَ جهڙا جوڌا ڏي.

 

منهنجي سنڌ تان ڏهنجهه هٽاءِ،

مالڪ! منهنجو عرض اگهاءِ.

 

 

سنڌ سڄيءَ ۾ ٽيون نمبر،

ڏسو هي سهڻو شهر سکر.

کرڙيءَ جو ميدان هتي،

سنڌوءَ جو وڌ شان هتي.

تفريح سان گڏ ڄاڻ ڀريو،

آهي سَجايو هي سفر.

ڏسو هي سهڻو شهر سکر،

معصوم شاهه جو هي آ منارو.

ان تان ٿئي ٿو خوب نظارو،

ماضيءَ جو هي منظر پيارو،

پري کان ايندو آهي نظر.

ڏسو هي سهڻو شهر سکر،

آدم شاهه جي ٽڪريءَ چڙهبو.

ساڌ ٻيلي ٻيڙيءَ تي هلبو،

پُل جي پريان هلي ڏسبو.

وچ درياهه ۾ ٻيٽ بکر،

ڏسو هي سهڻو شهر سکر.

سج لهڻ تي آهي هاڻ،

گهمڻ هلون ٿا لب مهراڻ.

بئراج کان موٽي ڏسنداسين،

وچ شهر ۾ گهڻا گهر.

ڏسو هي سهڻو شهر سکر.

 

 

اچو ته گڏجي چئون ترانا،

وطن جون وايون غزل ۽ گانا.

 

اسان کي سهسين سهج آهن،

اناج ميون جا گج آهن،

مکڻ ۽ ماکيون ۽ گانا،

اچو ته گڏجي چئون ترانا.

 

ملن ٿا جبلن مان جام هيرا،

لڌا اٿئون تيل جا ذخيرا،

مِٽيءَ ۾ اڻ کُٽ ٿيا خزانا،

اچو ته گڏجي چئون ترانا.

 

حلال جي ٿا ڪريون ڪمائي،

اچي اسان ڏي نٿي اگهائي،

رهون ٿا هر حال ۾ توانا،

اچو ته گڏجي چئون ترانا.

 


 

سنڌڙي جا او سچل سائين،

حق موجود جو نعرو  لڳائين،

ھفت زبان تون شاعرآھين،

ستن ٻولين جو تون ماھر  آھين،

صوفي سچو ٿو تون سڏائين،

سنڌڙي جا او سچل سائين،

تنھنجي در تي ماڻھو اچن ٿا،

ڪيڏيون صدائون پوءِ ھڻن ٿا،

سنڌ جي ٿو سونھن وڌائين،

سنڌڙي جا او سچل سائين،

درگاهه تنھنجي تي لڳن ٿا ميلا،

ڪيڏا ٽھڪندا اچن ٿا ٽولا،

14 رمضان تي ٿو عرس ملھائين،

سنڌڙي جا او سچل سائين،

تنھنجو نالو عبدالوھاب آھي،

سچو سارو تنھنجو خطاب آھي،

ھر  ڪا حقيقت تون ٿو ٻڌائين،

سنڌڙي جا او سچل سائين،

فارسي، عربي توڙي ھندي .

اردو، پنجابي، توڙي، سنڌي.

سرائيڪي ۾  ڀي ٿو ڳالھائين.

سنڌڙي جا او سچل سائين،

 

 

درازا ۾ تنھنجي آھي درگاهه،

راهه تنھنجي ۾ پڪو آھي ويساهه،

نينھن سڀ سان ٿو نڀائين.

سنڌڙي جا او سچل سائين،

سچل سڀ ڪجهه سچ چيو آھي،

تڏھن ته ڪامياب ويو آھي،

تاريخ ۾ تون روشن آھين،

سنڌڙي جا او سچل سائين.

 

 

گُل ڦُل رسالو ڏاڍو پيارو آ،

جنهن کي پڙهڻ سان ملندو سهارو آ.

 

هِن ۾ نرالو مضمون،

جن کي پڙهي ملندوَ ته سڪون،

هر هڪ مقالو هن جو اوچو آ.

 

هن کي پڙهڻ سان همت وڌي ٿي،

معصومڙن جي چاهت وڌي ٿي،

ننڍڙن جي سکيا لئه ڪم ڀلو آ.

 

هيءَ ٻارڙن لئه آهي رسالو،

جنهن ۾ سکيا جو آهي هر حوالو،

”نعمت صديقي“ هن کي پڙهيو مون.

 

ڏاڍو مزو آ حاصل ڪيو مون،

مون شعر دل جي سِڪَ سان لکيو آ.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org