سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل مئي-جون 2019ع

باب: --

صفحو :4

صفدر علي شاهه

هڪ تندرستي هزار نعمت

اسان کي تندرست رهڻ لاءِ پاڻ ۾ سٺيون عادتون پيدا ڪرڻ گهرجن. جيئن ماني کائڻ کان اڳ ۽ ماني کائڻ کان پوءِ پنهنجا هٿ چڱي طرح ڌوئڻ گهرجن. کاڌي کي خراب ٿيڻ کان بچائڻ گهرجي ۽ مٽيءَ کان ڍڪڻ گهرجي.

مانيءَ جا ننڍا ننڍا گرهه کائڻ گهرجن. ۽ پيٽ تمام گهڻو ڀري نه کائڻ گهرجي. صبح جو روزانو ورزش ڪرڻ گهرجي. ۽ صبح جي وقت سير ڪرڻ گهرجي، ڇو ته صبح جي صاف ۽ کلي هوا سان گڏ صاف آڪسيجن اسان جي جسم اندر ويندي آهي. ۽ اسان جي رت کي صاف ڪندي آهي. روزانو ڏينهن ۾ ڏندن کي ٻه ڀيرا صاف ڪرڻ گهرجي. ۽ پنهنجي گهر، اسڪول ۽ پاڙي کي صاف سٿرو رکڻ گهرجي. کنگهڻ وقت پنهنجي منهن تي رومال رکو. سگريٽ ڇڪڻ سان ڪيتريون ئي خطرناڪ بيماريون ٿين ٿيون. ان کان پاسو ڪرڻ گهرجي. پنج وقت نماز به انسان جي تندرستي تي اثرانداز ٿئي ٿي. گهڻو ۽ خراب کاڌو کائڻ سان به ماڻهو بيمار ٿئي ٿو. جيڪڏهن انسان تندرست هوندو ته ان کي دنيا جي هر شيءَ مان پيو لطف ملندو. جيڪڏهن انسان جي صحت سٺي نه هوندي.ته ان کي دنيا جي ڪابه شيءِ نه وڻندي ۽ بيزار پيو رهندو. اڄڪلهه ماڻهن عام طريقا ٺاهي رکيا آهن. ته بيمار ٿيڻ سان ڊاڪٽر جي مشوري کان بنا بازار مان گوريون خريد ڪري کائي ٿا ڇڏن. جنهن جي ڪري به بيمار ٿيڻ جو خطرو رهي ٿو. ڇاڪاڻ ته دوائن جو منفي اثر به ٿي سگهي ٿو. اسان کي ڊاڪٽر جي مشوري سان ئي پنهنجو علاج ڪرائڻ گهرجي. سوير سمهڻ ۽ سوير اٿڻ جي عادت به صحتمند رهڻ لاءِ ضروري آهي.

اسان کي موسم مطابق پنهنجي خوراڪ ۾ ڪجهه ميوو به شامل ڪرڻ گهرجي. بهرحال اسان کي ڏاهن جي ان پهاڪي کي ضرور نظر ۾ رکڻ گهرجي ته ”هڪ تندرستي هزار نعمت جي برابر آهي.“

قاضي فهد مقصود

علم، معلم ۽ طالبعلم

 

انسان کي عربيءَ ۾ حيوانِ ناطق يعني ڳالهائيندڙ جانور به چوندا آهن، جيڪو پنهنجي شعور جي ڪري سڀني ساهوارن ۾ اُتم آهي. انسان پنهنجي تخليق کان وٺي علم سان لاڳاپيل رهيو آهي. جيئن قرآن شريف ۾ حضرت آدم عليه السلام جي تخليق جو واقعو بيان ٿيل آهي: ترجمو ”يعني اسان حضرت آدم عليه السلام کي سڀني شين جو علم ڏنو“. اسان جي رسول مقبول ﷺ علم حاصل ڪرڻ تي تمام گهڻو زور ڏنو آهي جنهن ۾ مرد ۽ عورت جي فرق کي ڪابه اهميت نه ڏني وئي آهي. جيئن فرمايو ويو آهي ته: ”علم حاصل ڪرڻ هر مسلمان مرد ۽ عورت تي فرض آهي.“ پاڻ سڳورن ﷺ علم حاصل ڪرڻ لاءِ سخت تاڪيد ڪندي فرمايو آهي ته: ”علم حاصل ڪريو، ڀلي ان لاءِ توهان کي چين ڇو نه وڃڻو پوي!“

سياڻن ۽ ڏاهن، قلم کي تلوار کان وڌيڪ طاقتور ان ڪري قرار ڏنو آهي جو ان جو تعلق علم سان آهي ۽ علم سڀني مسئلن جي حل جو طاقتور ذريعو آهي. جيئن هڪ شعر ۾ آهي ته:

علم آگهي آ، علم روشني آ،

علم کان انڌيري جي قوت ڊني آ،

کٽي تير، تلوار، توبن کان وڃبو،

علم کي خدا اهڙي طاقت ڏني آ.

(قاضي مقصود احمد)

علم جي سکڻ ۽ سيکارڻ واري مرحلي ۾ ٻه ماڻهو هڪٻئي سان رابطي ۾ اچن ٿا. جن مان سيکارڻ وارو معلم ۽ سکڻ وارو طالبعلم سڏائبو آهي. اهي ٻئي فارسيءَ جا لفظ آهن، جڏهن ته ٻين ٻولين ۾ ٻيا لفظ استعمال ڪيا ويندا آهن. سڀني ۾ استاد جو رتبو تمام وڏو بيان ڪيل آهي. ڇو ته اُستاد اسان کي هڪ اهڙي شيءِ کان واقف ٿو ڪري، جيڪا سڄي زندگي اسان کي ڪم اچڻي هوندي آهي. اسان جي اخلاق کي سڌارڻ سنوارڻ جي ذميداري به مٿس هوندي آهي. تنهنڪري ئي ڪن عالمن ته استاد جو مقام ماءُ پيءُ کان به مٿي بيان ڪيو آهي. جنهن ۾ شاگرد لاءِ لازمي آهي ته پنهنجي استاد جو احترام ڪري ۽ سندس چيو مڃيندڙ رهي. جيڪا ڳالهه استاد کيس سيکاري، ان کي هيئن سان هنڊائڻ جي ڪوشش ڪري ۽ جيڪا ڳالهه کيس سمجهه ۾ نه اچي، اها وَرُ وَرُ ڪري استاد کان پڇي پوريءَ طرح سمجهي وٺي. شاگرد لاءِ بيحد ضروري آهي ته ڪلاس ۾ ته ڇا، پر ٻاهر به پنهنجو وقت اجاين ڳالهين ۾ نه وڃائي. جيڪي ڪجهه استاد سيکاري، عملي زندگيءَ ۾ ان جو مشاهدو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري. علم پيتيءَ ۾ بند ڪرڻ جهڙي شيءَ نه آهي. ان ڪري جيڪي ڪجهه سکيو، اهو پنهنجن ڀائرن، ڀينرن ۽ دوستن کي سيکارڻ جي ڪوشش ڪريو. ان سان گڏ پاڻ به اُن تي عمل ڪريو. ڇو ته عمل بنا علم بيڪار آهي.

ماروي مرڪ سومرو

ڳئون اوڳاري ڇو ٿي......؟

 

ڪجهه ماڻهو چوندا آهن ته ڳئون کي چار معده ٿين ٿا. اها ڳالهه صحيح نه آهي. ڳئون جو معدو ته هڪ ئي آهي. پر ان جا حصا چار آهن. ڳئون جڏهن گاهه کائي ٿي تڏهن، ان کي چٻاڙي نٿي، پر جلدي جلدي ڳهي وڃي ٿي ۽ اهو گاهه معدي جي پهرين حصي ۾ جمع ٿئي ٿو تڏهن اهو گاهه واپس وات ۾ آڻي خوب چٻاڙي ٿي. جنهن کي اسين اوڳارڻ چئون ٿا. اوڳارڻ کان پوءِ اهو گاهه ڳهي ٿي پر اهو هاڻي معدي جي ٻئي حصي ۾ وڃي ٿو پهريون بند ٿي ٿو وڃي تنهن کان پوءِ ٽئين حصي ۾ اهڙي طرح چوٿين حصي ۾ وڃي ٿو. هر حصي ۾ اهڙا جزا گاهه سان ملن ٿا. جيڪي هضم ٿيڻ ۾ مدد ڏين ٿا. ڏينهن ۽ رات جي چوويهن ڪلاڪن مان ڳئون نوَ ڪلاڪ اوڳاري ٿي.

مهوش سهارڻ

نئون سال گذريل سال کان بهتر هوندو آهي

 

هر ڏينهن اڳين ڏينهن کان بهتر آهي. ائين ئي هر سال اڳين سال کان بهتر هوندو آهي.

زندگي هميشه هڪجهڙي ناهي هوندي ڪڏهن ڏک ايندا آهن ته ڪڏهن سک.

هر ڏک کان پوءِ سک ۽ هر سک کان پوءِ ڏک ته اچڻان ئي آهن. پر مايوس نه ٿيڻ گهرجي.

هر انسان کي نئين سال سان نيون اميدون به هونديون آهن. اڄ مان اوهان کي اهڙي ڳالهه ٻُڌايان ٿي جيڪا هر ماڻهو جي زندگي ۾ اچڻي ئي آهي. اها آهي اولاد جي خوشي هر انسان جي زندگي ۾ اها خوشي ضرور اچڻي آهي. مان ۽ منهنجو ڀاءُ پنهنجي امي، ابو جا ڏاڍا لاڏلا ٻار آهيون. اسان هميشه خوش گذاريون ٿا. پر اڃا زندگي ۾ ڪجهه ڪمي آهي. يعني منهنجي ڀاءُ کي هڪ ننڍڙو ڀاءُ کپي ۽ مون کي به هڪ ننڍڙي ڀيڻ. اهي آهن اسان جون خواهشون پر مان اوهان کي سُنبل جي ڪهاڻي ٻُڌايان ٿي هو پنهنجي ماءُ، پيءُ جي اڪيلي ڌي هئي. ان کي نه ڀاءُ هو نه ئي ڀيڻ. ان جي به ننڍپڻ کان ئي اهائي خواهش هئي ته کيس ڪو ڀاءُ هجي پر الله جي رضا ته انوکي آهي ان ۾ اسان يا اوهان ڇا ٿا ڪري سگهون.

سنبل اداس رهڻ لڳي ۽ پاڻ کي بدقسمت سمجهڻ لڳي ان جا ماءُ، پيءُ به ان جي اهڙي حالت تي پريشان ٿيندا هئا پر ڇا ٿا ڪري سگهن.

سنبل هاڻي آهستي آهستي وڏي ٿيندي وئي. هو ڏاڍي سلڇڻي ۽ ايماندار ڇوڪري هئي ڪنهن تي به ظلم برداشت نه ڪندي هئي. ان جون سڀ خواهشون سندس ماءُ، پيءُ پورا ڪندا هئا پر هڪڙي خواهش ڀيڻ ۽ ڀاءُ واري جيڪا اڃا به اڌوري ئي هئي.

هڪ ڏينهن هو باغ ۾ کيڏي رهي هئي. ته کيس پاسي واري جهنگ ۾ ننڍڙي ٻار جي روئڻ جي آواز آيو هي يڪدم اوڏانهن وڌڻ لڳي ته پويان ان جي ساهيڙين دانهن ڪري چيس ته ڪاڏي پئي وڃين هن وراڻيو ته ننڍڙي ٻار جي روئڻ جو آواز پيو اچي. پوءِ هن سان ساهيڙيون به اوڏانهن ويون ۽ ان آواز کي ويجهي پهتيون ته اتي هڪ ننڍڙو ٻار هڪ سهڻي لباس ۾ پيو هو.

سنبل ان کي کڻي ورتو ۽ پوءِ ان جي ماءُ، پيءُ کي ڳولهڻ لڳي پر اتي ته پري پري تائين ڪير به نظر نه پئي آيو. ڪافي دير ٿي وئي هن سوچيو ته سڀاڻي ان جي ماءُ کي ڳولهينداسين اڄ مان ان کي پنهنجي گهر ٿي کڻي وڃان. هو گهر پهتي ته ان جي ماءُ پڇيو هي ٻار ڪير آهي تون هن کي ڇو کڻي آئي آهين. پوءِ سنبل پنهنجي ماءُ سان سڄو احوال ڪيو ۽ صبح جو وري ان جي ماءُ به انهيءَ ڳولا ۾ لڳي وئي ۽ روز ائين ڪرڻ لڳي پر کيس ڪوبه ماڻهو اهڙو نه مليو، نيٺ هُن هار مڃي ورتي هاڻي ته هن جي به ان ٻار سان دل لڳي وئي هئي. هن سوچيو ته شايد اهو ئي نصيب آهي هن ان جو نالو اسد رکيو. هاڻي سنبل ۽ اسد ڀيڻ ڀاءُ بڻجي وڏڙا ٿيندا ٿي ويا ۽ اسڪول وڃڻ لڳا. سندن ماءُ، پيءُ به خوش هئا.

هاڻي سنبل جي زندگي مڪمل ٿي وئي. ۽ هر نئون سال اُن جي زندگي جو خوبصورت ۽ پيارو سال هوندو هو. پيارا ٻارو توهان ڏٺو ته سنبل هر ڏک جو بهادري سان مقابلو ڪيو. ۽ ان جي اميد به پوري ٿي وئي.

جنهن ڪري اسان کي به گهرجي ته زندگي کان هار نه مڃون ۽ اهو ڪڏهن به نه سوچون ته هي سال خراب گذريو آهي ته ٻيو به خراب هوندو. پر ائين هرگز نه آهي.

هر نئون سال اڳئين سال کان بهتر هوندو آهي.  

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com