غلام محمد ”غازي“
التجا
ياخدا تون ڏي اسان کي علم جي دولت گهڻي،
سڀ چڙهي ٿيون پاس پرور التجا سُڻ اي ڌڻي.
علم جا موتي گهڻي کان ڏي گهڻا مالڪ مٺا،
تنهنجي در تي ٿا اچون خالي اسان جهولي کڻي.
باهه ٿي ساڙي جهالت جي پئي انسان کي،
باهه اهڙي کان بچائج تون اسان کي اي ڌڻي.
علم جا آهن ٽڙيا گل باغ ۾ اڄ ڪيترا،
سي سلامت تون رکين هت شل نه پئي ڪوئي ڇڻي.
راهه اهڙي تون وٺائج جا اچي تو در وٺي،
هت ڪيون اهڙي عبادت جا وڃي توکي وڻي.
سميع سجاد ميراڻي
مٺڙي امڙ
منهنجي مٺڙي پياري امڙ،
سونهن سراپا ساري امڙ.
تنهنجي هٿڙن ۾ آ رحمت،
تنهنجي قدمن ۾ آ جنت،
منهنجي لئه ٻاجهاري امڙ.
تولئه پنهنجو سڀ ڪجهه گهوريان،
توکي گلابن ۾ مان توريان،
مون لئه باغ بهاري امڙ.
تنهنجو هر دم حڪم مڃان ٿو،
تنهنجي هنج ۾ آءٌ سمهان ٿو،
لولي ڏين ٿي پياري امڙ.
تنهنجا هٿ مون لاءِ هندورا،
پيار ڏنو تو تنهنجا ٿورا،
تو ڪئي قرب قراري امڙ.
منهنجو رهي من تولئه آتو،
شال نڀايان توسان ناتو،
ٿيان نه ڪڏهن مياري امڙ.
سنڌو
منهنجي گُڏي پياري آهي
منهنجي گڏڙي پياري آهي،
ساري جڳ کان نياري آهي.
هر رنگ پيو هن کي ٺهڪي،
سونهن سراسر ساري آهي.
بيوٽي فل آ باربيءَ وانگر،
سينڌ جو هن سنواري آهي.
سوچيان پئي کيس پرڻايان،
ڳولا گهوٽ جي جاري آهي.
شل سدا ان سان کيڏان،
سدائين جيءَ جياري آهي.
وار وڏا ٿا کيس ٺهن پيا،
خوبصورت ڄڻ ڪا ناري آهي.
منهنجي گڏڙي پياري آهي،
ساري جڳ کان نياري آهي.
”جانب“ جوان سومرو
علم اجالو
لوچي سوچي لکندو آهيان،
پيار منجهان مان پڙهندو آهيان.
مس ٿي جيڪي سبق پڙهائي،
ٻڌندو آهيان سي ڪن لائي.
گهر ۾ هر هر ورجائي سي،
پڙهندو آهيان دل لائي سي.
کوڙا، گيت ۽ بيت پڙهان ٿو،
انگ به هر هر آءٌ لکان ٿو.
قلم، سليٽي، رحمون پيٽي،
ٽن ٽن ٻارو موڪل ملي ٿي.
ماني کائي مسجد ويندس،
اتي وڃي سيپارو پڙهندس.
اچي مڙو سڀ پيارا ٻارو،
شام جو آهي راند جو وارو.
وقت تي لکندو پڙهندو آهيان،
وقت تي راند به رهندو آهيان.
ڀٽ ڌڻيءَ جو واهه رسالو،
”جانب“ آهي علم اجالو.
ياسين ڪنڀر
ڳجهارتون
شبنم، شهلا، شهنيلا!
طوبيٰ، طاهره، تنزيلا!
اچو ته هڪڙي راند ڪيون،
ذهنن جي ويڙهاند ڪيون.
لوهه جو اڌ ۽ ڪاٺ جو اڌ،
سو آ ڪهاڙو نيلم ٻُڌ.
مائره، ميمونه، ملڪه،
توهان ٻڌايو، ڳجهارت ڪا.
ماڻهوءَ سان گڏ هوندو آ،
پل نه پري هو ٿيندو آ.
ورده، وٺبو ناهين اهو،
پرهه، پاڇو آهي سو.
سلميٰ، صائمه، دردانه،
فائزه، فوزيه، فرزانه.
ڳاڙهو پٺاڻ سو کلن جو ساڻ،
ريحانه سو رکي سرهاڻ.
رابعه ڏاڙهو آهي اهو،
هرڪو شوق سان کائي اهو.
اسُرَ جو رکبو آ حفصه،
شام جو کولبو آ تقويٰ.
نرگس، نائله هاڻي مڃ،
ٻُڌاءِ يا نه ته ٽِڪي ڀَڄُ.
رُڪيه، سو روزو آهي،
ربُ جنهن جو، بدلو آهي.
طيبه، اسامه ۽ تسڪين،
هاڻي هار مڃي ياسين.
استاد جمالي
موسم بهار
موسم بهار جي آئي ٻارو،
سڀ کي اها وائي ٻارو.
رنگي ڪيڏا رنگ رچايا،
ميلا محبت جا مچايا،
سج جي تيز توائي ٻارو.
هن موسم ۾ ٻير پچن،
کجي، انب ٻور جهلن،
هي ميوا به ڏسو کائي ٻارو.
هاري ناري خوب ڪمائين،
محنت سان ٿا موج ملهائين،
ڀتل به ڦُٽي سائي ٻارو.
موسم هن ۾ وڻ ڦُٽن ٿا،
پکي مٺڙيون ٻوليون ڪن ٿا،
ڪوئل به شور مچائي ٻارو.
استاد جمالي ربّ جا ڪرم،
رکيو جنهن آ اسان جو ڀرم،
والي ڏني واڌائي ٻارو.
محبوب ”مصور“ سومرو
ٽيڙو
نئين سال ۾،
آيو آهي وري گل ڦل،
نئين خيال ۾.
هر هنڌ آهي هل،
واهڻن وستين ۾ موجود،
گل ڦل، گل ڦل
رسالا ٻيا به کوڙ،
پر پوري سنڌ ۾ نه آ ڪو،
گل ڦل جو جوڙ.
ننڍڙا هي چترڪار،
سڀئي ٻالڪ ٿيندا ليکڪ،
گل ڦل جا گلزار.
احمد گل جوڻيجو
علم پرايو
علم سان رک چاهه او ٻالڪ!
دنيا ڪندءِ واه واه او ٻالڪ!
علم سوا جڳ اونداهي آ،
جهل سان ٿيندي تباهي آ.
علم سان ٿيندي دنيا روشن،
علم سان ٿيندو سهڻو گلشن.
علم وڌائي عظمت جڳ ۾،
علم سان ٿيندي عزت جڳ ۾.
علم ٿو جڳ ۾ شان وڌائي،
علم ٿو عاليشان بڻائي.
علم سان سنڌ جي سونهن وڌايو،
”احمد گل“ چئي علم پرايو.
نور محمد بوزدار
اچو ته واعدو ڪريون!
اچو ته وچن ڪريون!
نيڪ بنجنداسين،
غريبن جا غمخوار ٿينداسين،
ان سان گڏوگڏ.....
والدين جو چيو پڻ مڃينداسين،
ڇاڪاڻ جو.....
قرآن پاڪ ۾ لکيل آهي....
”والدين اڳيان اُف به نه ڪريو“.
اچو ته عزم ڪريون!
بُردبار ٿيڻ جو،
بُرن دوستن کان....
خبردار ٿيڻ جو،
باعمل ٿيڻ جو،
ان ڪري جو....
عمل زندگي جو ٻيو نانءُ آ.
اچو ته عهد ڪريون!
پنهنجي ثقافت کي.....
زندهه رکنداسين،
اجاگر ڪنداسين،
روشناس ڪنداسين،
اهو سڀ انهي لاءِ ته.....
اسان جي ثقافت....
اسان جي وڏن جي امانت آهي.
اچو ته واعدو ڪريون!
با نياز ٿيڻ لاءِ،
هڪٻئي سان محبت ڪرڻ لاءِ،
پاڻ کي متحد ٺاهڻ لاءِ،
هن سبب ڪري جو....
اسين نفرتن جي سمنڊ ۾ ڦاٿل آهيون،
۽ پوءِ......
ان انڌيري مان نڪرڻ لاءِ،
اچو ته وچن ڪريون!
اچو ته عهد ڪريون!!
اچو ته عزم ڪريون!!!
هڪ پختي ارادي لاءِ،
هڪ سچي انسان بنجڻ لاءِ،
اچو ته واعدو ڪريون!!! |