رينجر_7، چنڊ جي جنهن هنڌ تي اچي ٽڪرايو، سو چنڊ
جي گولي ۾ ويڪرائي ڦاڪ 1047 ڊگريون ڏکڻ ۾، ۽
ڊگهائي ڦاڪ 3047 ڊگريون الهندي ۾ واقع هو ۽ خود
ٽڪرجڻ واري جاءِ چنڊ جي مٿاڇري کان فقط پنجاهه فوٽ
اوچي هئي. چنڊ جي انهن جاگرافيائي انگن کي عام فهم
ٻوليءَ ۾ ادا ڪجي، ته ائين چئبو ته رينجر_7، چنڊ
جي پنجاهه فوٽ اوچي هڪ ٽڪريءَ سان ٽڪرائجي، ٽڪرا
ٽڪرا ٿي ويو. چنڊ جي انهيءَ ٽڪريءَ جو لاهه، چنڊ
جي ڌرتيءَ سان جيڪا ڪنڊ ٺاهي ٿو، سا اڃا مقرر ڪانه
ٿي سگهي آهي. پر انهيءَ ٽڪريءَ جي تصوير کي غور
سان ڏسڻ مان هڪ هيءَ ڳالهه صاف پيئي نظر اچي ته
پنجاهه فوٽ اوچي انهيءَ پهاڙيءَ جي هڪ پاسي ۾ ٿلهي
وانگر هڪ جاءِ آهي، جنهن کان هيٺڀرو خاصي ڊگهي
ماٿري آهي.
ٽڪريءَ جي صورت گول هئڻ کان وڌيڪ ڊگهي آهي، جنهن
جو مٿاڇرو ريتيءَ جي ڍڳ يا برف جي ڇپ وانگر لسو
نظر اچي ٿو. اها ٽڪري هن کان اڳي، زمين تي رکيل
وڏي ۾ وڏي ۽ انتهائي زوردار دوربينيءَ مان به ڪنهن
کي نظر ڪانه آئي هئي، حالانڪ ان جي اتر طرف هڪ
اوچي جبل جي چوٽي ۽ ڏکڻ ۾، وساميل جوالا مکين جي
منهن جو جهڳٽو ڪيئي سال اڳي مختلف هيئتدانن طرفان
حاصل ڪيل تصويرن ۾ نظر اچي ٿو. دوربينن جي ذريعي
سان حاصل ڪيل سڄي ۽ مُني چند جي تصويرن ۾، جڏهن هن
ٽڪريءَ جي جاءِ مقرر ڪئي وڃي ٿي. تڏهن”رينجر_7“ جي
هيٺ لهڻ واري هنڌ هڪ اهڙي رستي ۾ ملي ٿو، جو
انتهائي چمڪيدار، ڪمان جهڙن گول نُوراني چڪرن سان
ڀريل آهي، جن ماهر هيئتدانن کي سون سالن کان حيرت
۾ وجهي رکيو آهي. چنڊ جي سطح جي طبعي حالتن متعلق
سائنسدانن جي اندازن ۾، جيتريقدر انهن نُوراني
چڪرن جي باري ۾ اختلاف راءِ ظاهر ڪيو ويو آهي،
اوتريقدر ٻيءَ ڪنهن به طبعي حالت لاءِ نه ڪيو ويو
آهي.
انهيءَ ڏس ۾، ماهر هيئتدانن هنن ٻن سوالن تي، ته
اها روشني ڪيئن ٿي پيدا ٿئي ۽ اها ڇا آهي، ڊگها
بحث ڪيا آهن ۽ آخرڪار انهن سڀني جوفقط هن هڪ ڳالهه
تي اتفاق ٿي سگهيو آهي ته اهي انتهائي تيز روشنيءَ
جا ”ڪرڻا“ آهن، پر ان کان اڳتي سندن راين ۾ وڏا
اختلاف آهن. اهي ”ڪرڻا“، هڪ وساميل جوالا مکيءَ جي
منهن مان نڪري، ڦيٿي جي وچ وارين پٽين (آرن)
وانگر، چئني طرفن ڏانهن پکڙجي وڃن ٿا، پر حيرت جي
ڳالهه هيءَ آهي ته اهي ڪرڻا چنڊ جي مٿاڇري تي
پکڙيل سڀني جولا مکين جي منهن مان نڪرن ٿا، جيڪي
انهن ڪرڻن جي تيز روشنائيءَ جي مدد کان سواءِ،
هونئن بلڪل نظر نٿا اچن. سائنسدانن کي انهن ڪرڻن
جي جنهن ٻيءَ ڪيفيت مونجهاري ۾ وجهي ڇڏيو آهي، سا
هيءَ آهي ته اهي ڪرڻا چنڊ جي شفق تي سج اڀرڻ کان
اٽڪل ٻارهن ڪلاڪن کان پوءِ درجي بدرجي ظاهر ٿيڻ
لڳن ٿا ۽ جيئن پوءِ تيئن حيرت انگيز تيزي اختيار
ڪندا رهن ٿا، تان جو چنڊ جي افق تان سج لهي وڃڻ
کان ٻارهن ڪلاڪ پوءِ اهي آهستي آهستي گم ٿيو وڃن.
اهي ڪرڻا آخر آهن ڇا؟ انهن جا جيڪي نوُراني پَٽا
پکڙجن ٿا، تن جي ويڪر ۾ ڪٿي به ڪو فرق نظر نٿو
اچي. ائين به پيو معلوم ٿئي ته انهن ڪرڻن کي سندن
راهه ۾ ڪا به رڪاوٽ روڪي نٿي سگهي. ڇا ڪاڻ ته اهي
اوچن جبلن تي، اونهين ماٿرين جي تَرن ۾ جوالا مکي
جبلن جي گول منهن کان هيٺ سندن تَرن ۾، ۽ انهن جي
سامهون وارين ڀتين تي پنهنجو تيز چمڪو ساڳيءَ طرح
پهچائين ٿا، پر ٽڪرين جي چوٽين تان هيٺ ڪِرندي،
کڏن کوٻن ۾ اندر ۽ ٻاهر نڪرندي ڪڏهن به ۽ ڪٿي به
سندن ڀاڇو نٿو پوي. اهي ڪرڻا جنهن رستي تان گذرن
ٿا، تنهن تي پنهنجي گذرگاهه جو نشان ڇڏين ٿا، پر
مزي جي ڳالهه وري هيءَ آهي ته اهي نشان انهن هنڌن
تي وڌيڪ گهَرا ۽ چٽا ڏسجن ٿا، جتي ڪرڻن کي اتان
لنگهي وڃڻ ۾ ڪا رڪاوٽ حائل ٿئي ٿي، جيتوڻيڪ ٻين
هنڌن تي به اهي پنهنجا هلڪا نشان ڇڏين ٿا. انهيءَ
ڪيفيت جو آخر ڪهڙو سبب آهي؟
ڪن هيئتدانن جو چوڻ آهي ته جيڪي ڪرڻا نظر اچن ٿا،
سي دراصل چنڊ جي مٿئين سخت تهه ۾ پيل ڏار آهن، ڪي
ٻيا ائين ٿا سمجهن ته اهي خشڪ ۽ ڄميل لوڻ جون
ليڪون آهن، اڃا به ڪي ٻيا اهڙا آهن جيڪي چون ٿا ته
اهي ليڪون دراصل شفاف بلور جي مڻين جهڙن داڻن جو
لڙهيون آهن ته ڪن جو اهو خيال آهي ته اهي خلا مان
ڪرندڙ شهاب ثاقب قسم جي تارن جي پگهريل ڌاتن مان
جدا ٿيل ڇنڊا آهن. جي چنڊ جي سخت مٿاڇري تي ڪِرڻ
مهل ٽڙي پکڙي، مختلف طرفن ۾ ڦهلجي ويا آهن، انهن
سڀني ڳالهين مان، بهرحال، هڪ ڳالهه تي اختلاف
ڪونهي: جن جوالا مکين جي منهن مان اهي ڪرڻا نڪرندا
نظر اچن ٿا، سي چنڊ جي سطح تي هن وقت موجود ٻين
شين کان، ڄمار جي لحاظ کان، پوين سالن جا آهن، ڇا
ڪاڻ ته جيڪڏهن جوالا مکين جا اهي منهن قديم وقت جا
هجن ها ته پوءِ چنڊ جي سطح تي بعد ۾ رونما ٿيندڙ
حادثن ۽ واقعن جي نتيجن ۾ انهن جي راهه ۾ ڪِريل
پٿرن ۽ ٻئي مواد جي ڍيرن سبب، ضرور ڪي رڪاٽون حائل
ٿي وڃن ها، جنهنڪري اهي ڪرڻا، جي هن وقت هر شيءَ
کي پار ڪري نڪري اچن ٿا، سي انهن جي وچ ۾ ڦاسي نظر
کان شايد دور رهجي وڃن ها.
اهي ڪرڻا مختلف طرفن کان اچي ”ٽائچو“ نالي جوالا
مکيءَ جي منهن وٽ مُچو ٿين ٿا، جتي اهي نظر کي
نهايت فريب ڏيندڙ نظارا پيش ڪن ٿا. جوالا مکيءَ جو
اهو منهن، جنهن کي اهو نالو،”ٽائچو براهي“ نالي
ڊينمارڪ جي سورهين صديءَ جي هڪ ماهر هيئتدان جي
پٺيان ڏنو ويو آهي، چنڊ جي ڏاکڻي قطب جي پاسي واقع
آهي، جنهن جي چوڌاري ننڍن جوالا مکين جا ڪيئي ٻيا
منهن پکڙيا پيا آهن. ”ٽائچو“ جوالا مکيءَ جو منهن
ڇاونجاهه ميل ويڪرو آهي. ”ٽائچو“ جوالامکيءَ جي
منهن جي آسپاس جيڪي جبل پکڙيل آهن، سي ان جي تَري
واريءَ سطح کان ٻارهن هزار فوٽن جي بلنديءَ تائين
پهچن ٿا. سڀني جي وچ مان هڪ اوچي چوٽي ظاهر ٿئي
ٿي. جا هونئن پنهنجي اوچائيءَ سبب ٻين عام چوٽين
وانگر رواجي حالت ۾ نظر اچي ها، پر ”ٽائچو،“ تي هر
طرف کان اچي گڏ ٿيندڙ اهي غير معمولي ڪرڻا، کيس
عجيب چمڪ دمڪ بخشي، انتهائي نمايان ڪن ٿا. اهي
ڪرڻا ”ٽائچو“ جي منهن کان 1140 ۽ 1440 ميلن جي
دوريءَ تان پون ٿا.”هئرولڊ يوري“ نالي هڪ نوبل
انعام يافته هيئتدان جي راءِ آهي ته مٿي بيان ڪيل
ڪرڻن مان هڪ، چنڊ جي چوڌاري سڄيءَ گولائيءَ ۾ ڦري
اچي ٿو. ”ٽائچو“ چوٽيءَ مان جيڪا تيز ٽمڪندڙ
روشنائي خارج ٿي ٿئي. تنهن جو جولامکيءَ جو اهو
منهن چنڊ جي چوڏهينءَ رات تي (جڏهن ڌرتيءَ وارن کي
سڄو چنڊ نظر اچي ٿو)، نهايت آب وتاب سان، حيرت
انگيز طريقي سان چمڪي ٿو ۽ چنڊ جي مٿاڇري تي موجود
ٻين سڀني ننڍين خواهه وڏين شين تي حاوي پئجي وڃي
ٿو. ان وقت چنڊ جي گول ٿالهيءَ ۾”ٽائچو“ چوٽي ائين
ڏسڻ ۾ ايندي آهي، جيئن هڪ ڇليل نارنگيءَ جي منهن
وارو اهو سوراخ نظر ايندو آهي، جتي ان جون سڀ
ڦارون اچي گڏبيون آهن.
رينجر_7 جنهن ننڍيءَ ٽڪري سان لڳي تباهه ٿيو آهي.
تنهن جي باري ۾ اهو اندازو لڳايو ويو آهي ته
ڏورانهين زماني ۾، جڏهن چنڊ وارا جوالا مکي اڃا
ٻرندڙ هئا، ڪنهن مٿانهين سطح تان ڳڙيل پٿر هڪ
آبشار جي صورت ۾ اچي هيٺ ڪريو آهي، ۽ ان جي پٺيان
باقي رهيل پاڻياٺي پٿر وارو مواد آهستي آهستي
ڳڙندو رهيو آهي، جنهن ڪجهه وقت بعد سخت پٿر جي هڪ
ڍڳ جي صورت اختيار ڪئي آهي، تان جو جيسين مٿانهين
سطح واري انهيءَ پاڻياٺي پٿر جو سڄو ذخيرو ختم ٿيو
آهي، تيسين هيٺ هڪ ننڍي ٽڪري وجود ۾ اچي ويئي آهي.
جنهن جي اوچائي هن وقت پنجاهه فوٽ آهي.
سنه 1609ع ۾، جڏهن کان اٽليءَ جي جڳ-مشهور
جاگرافيدان، گئليلو ڏورانهين شين کي آتشي شيشي کان
ڏسڻ شروع ڪيو، تڏهن کان وٺي اڄ تائين انتهائي تيز
دوربينين جي وسيلي سان سائنسدانن زمين تان چنڊ جون
جيڪي به تصويرون پئي ورتيون آهن، تن سڀني مان انهن
کي تفصيلي معلومات جي لحاظ کان، اوتري ئي ڪاميابي
نصيب ٿي آهي، جيتري هوند بنا ڪنهن دوربينيءَ جي
چنڊ کي ڏسڻ مان ٿئين ها. وقت گذرڻ سان جيتوڻيڪ
دوربينين جي طاقت ۾ اظافو ٿيندو رهيو ۽ وڌيڪ
باريڪيءَ سان تصويرن وٺڻ لاءِ، ڪن حالتن ۾
دوربينين جي منهن ۾ تيز حس ڪئميرائون به لڳايون
ويون، ان هوندي به انسان چنڊ جي چمڪندڙ ۽ اونداهن
حصن جي راز کي پروڙي نه سگهيو. پر هاڻي، رينجر_7
ثابت ڪري ڏيکاريو آهي ته خود چنڊ جي سطح تي”روبوٽ“
لاءِ ڪئميرا کڻي وڃڻ ۽ چنڊ جي اهڙن علائقن ۾ جيڪي
200_ انچ قطر وارين انتهائي طاقتور دوربينين ۽
ڪئمرائن جي ذريعي سان ورتل تصويرن ۾ پڻ لڪل سڌا
سنوان پٽ پيا نظر اچن، هزارها جاگرافيائي تفصيل
جاچڻ ۽ انهن جون ويجهڙائيءَ کان تصويرون وٺڻ ممڪن
آهن.
انهن سڀني تفصيلن جي دستياب ٿيڻ جي باوجود، چنڊ
جي هيئت جو سائنٽيفڪ نموني ۾ پوريءَ طرح سمجهڻ اڃا
تائين ممڪن نه ٿي سگهيو آهي، جو حاصل ٿيل انگ اکر
ناڪافي آهن. اهي تفصيل هڪ طرف جتي ڪن ڳالهين جي
وضاحت ڪن ٿا، ته ٻئي طرف منُجهائين به ٿا. چنانچه
سائنس جو پهريون ڪم، اهڙا معيار مقرر ڪرڻ آهي،
جيڪي انهن گوناگون ۽ پيچيده تفصيلن ۾ ڪو نظم ۽ ربط
پيدا ڪري سگهن. انهيءَ ڏس ۾ آمريڪا جي ائريزونا
يونيورسٽيءَ جي”چنڊ ۽ سيارن جي تحقيقاتي
تجربيگاهه“ جو باني ۽ روح روان، پروفيسر
گيرارڊ.پي. ڪئپر، رينجر_7 مان زمين تي پهتل تصويرن
۾ پوشيده حقيقتن ذريعي مفيد ۽ نيون ڳالهيون ڳولي
ڪڍڻ بابت قابل قدر ڪم ڪري رهيو آهي.
رينجر_7 جيڪي ڪارائتيون ۽ مفيد ڳاليهون ٻڌايون
آهن، تن مان ڪي اهڙيون آهن جي شايد ڪن پراڻن اڻ_
سلجهيل مسئلن کي کولڻ جي ڪنجي ثابت ٿين، پر انهن
کي پوريءَ ريت سمجهڻ، ۽ مٿانئن راز جي پراڻي پردي
کي هٽائڻ لاءِ، ٽي_چار وڌيڪ”رينجر“ چنڊ تي موڪلڻا
پون. پروفيسر ڪئپر بهر حال، هي چتاءُ ڏئي ٿو ته
رينجر_7 جيڪي معلومات ڏنا آهن، تن مان هڪدم ٽپ
ڏيئي هن نتيجي تي نه پهچڻ گهرجي ته چنڊ ڏانهن
انسان جي سفر ڪرڻ جي راهه ۾ جيڪي لاتعداد رڪاوٽون
۽ دشواريون درپيش هيون، سي سڀ دور ٿي ويون. ائين
هرگز ناهي. رينجر_7 جهڙيءَ هڪ خود ڪارمشين کي
خلائن مان پار پهچائي، چنڊ جي سطح سان ٽڪرائڻ ۽
تصويرن وٺڻ هڪ ڳالهه آهي، ۽ هڪ انسان برادر خلائي
جهاز ۾ جيئري جاڳندي ماڻهوءَ کي ويهاري، سلامتيءَ
سان چنڊ تي پهچائي.کيس اتان جي اڻڄاتل سرزمين تي
لاهي، زمين تي واپس پهچائڻ بلڪل ٻي ڳالهه آهي.
رينجر_7 بذات خود ڪي مسئلا کڙا ڪيا آهن، جن جي
تحقيقات ڪري جواب معلوم ڪرڻ لاءِ وڏي محنت جي
ضرورت آهي. مثال طور، رينجر_7 جنهن سڪل ڍنڍ جي تري
۾ بيٺل پنجاهه فوٽ اوچي ٽڪريءَ سان ٽڪرايو هو،
تنهن جي آسپاس ڪي نهايت اونداها ٽُڪرا نظر اچي
رهيا آهن. ڇا، اهي داغ جولامکين مان نڪتل لاوا مان
ٺهي پيا آهن. جئين پروفيسر ڪئپر سميت ڪيئي چوٽيءَ
وارا هيئتدان سمجهي رهيا آهن؟ انهيءَ سوال جو جواب
آئيندي چنڊ تي ويندڙ هڪ ٻيو رينجر مهيا ڪري
سگهندو. هڪ هيءُ سوال به سائنسدانن لاءِ مٿي جو
سور ثابت ٿي رهيو آهي ته ڇا، رينجر_7 جي تصويرن
ذريعي چنڊ جي سطح متعلق جيڪي حقيقتون معلوم ٿيون
آهن. سي چنڊ جي سڄي مٿاڇري لاءِ سچيون آهن، ۽ انهن
جي آڌار تي چنڊ جي باقي ٻين حصن متعلق ڪيل انداز
صحيح ثابت ٿيندا؟ پروفيسر ڪئپر جو چوڻ آهي ته هو
واسطيدار اختياريءَ وارن کي، اڌ ڊزن کن وڌيڪ
رينجرن موڪلڻ جي سفارش ڪندو ۽ انهن جي طرفان مهيا
ڪيل وڌيڪ تفصيلي معلومات کان پوءِ ئي، يقين جي
ڪنهن حد تائين، چنڊ جي صحيح هيئت جي باري ۾ فيصلو
ڪري سگهندو. آمريڪا جي خلائي تحقيقاتي اداري طرفان
جلدئي به ٻيا رينجر چنڊ تي موڪليا ويندا، پر انهن
لاءِ پروفيسر ڪئپر جو چوڻ آهي ته انهن جي طرفان
چنڊ تان جيڪا معلومات موڪلي ويندي، سا پڻ ان جي ڪن
مخصوص حصن جي هوندي، جتي آئيندي جا اهي ٻه رينجر
وڃي ڪرندا.
رينجر_7 هڪ ڳالهه واضع ڪري ڇڏي آهي_ انسان کي چنڊ
تي موڪلڻ متعلق جن به خطرن کي خيال ۾ رکيو ويندو
هو، تن سڀني جو بنيادي محض قياس آرائي ۽ اندازي تي
بيٺل هوندو هو، پر رينجر_7 گهٽ ۾ گهٽ هڪ خطري کي
صحيح ثابت ڪيو آهي. اهو خطرو، انسان کي چنڊ تي
پهچائيندڙ جهاز جي هيٺ لهڻ مهل، جوالامکين جي ننڍن
وڏن منهن ۾، جيڪي چنڊ جي سڄيءَ سطح تي يا ان جي
اڪثر حصي ۾ هر هنڌ نهايت بي ترتيبيءَ سان وات
کوليو پکڙيا پيا آهن. پاسيري يا اونڌي ٿي ڪرڻ جو
ڪارڻ آهي. چنڊ جي اڻڄاتل ۽ اڻسڃاتل سطح تي اهڙا
ٻيا ڪهڙا خطرا موجود هوندا، جن جو هيٺ ڌرتيءَ تان
ويهي، اندازو ڪرڻ مشڪل آهي؟ ان باري ۾ رينجر_7، جو
چنڊ جي سطح تي هڪ اهڙيءَ ٽڪريءَ سان ٽڪرائجي ٽڪرا
ٽڪرا ٿيڻ، جنهن جي وجود جو هن کان اڳ ۾ ڪنهن به
سائنسدان يا هيئتدان کي ڪو علم ڪونه هو، واضع ۽
ٺوس ثبوت آهي.
(رينجر_7 جي ورتل تصويرن جي روشنيءَ ۾)
ٻارن جا ليک
ضياء الدين انصاري، پاٽائي
”منهنجي وندر“
هر ڪنهن ماڻهوءَ لاءِ اهو تمام ضروري آهي ته وقت
جو صحيح نموني ۾ استعمال ڪري، ڇا ڪاڻ ته وقت به
دنيا جي ضروري شين مان هڪ آهي ۽ گذريل وقت وري
ڪڏهن به هٿ نٿو اچي سگهي. ان ڪري وقت کي صحيح
نموني ۾ استعمال ڪرڻ لاءِ هر ڪنهن کي ڪانه ڪا وندر
ضرور هوندي آهي_ ڪن کي باغبانيءَ ۾ دلچسپي هوندي
آهي، ڪي ٽڪليون گڏ ڪرڻ پسند ڪندا آهن، ڪن کي راند
کيڏڻ جو شوق هوندو آهي ته ڪي وري جانورن کي پالڻ ۾
دلچسپي رکندا آهن. اهڙيءَ طرح مون کي به ڪيئي
وندرون آهن، پر منهنجي جيڪا خاص وندر آهي، سا
آهي”فوٽو گرافي.“
آءٌ ننڍي هوندي رسالن وغيره تي ماڻهن، جانورن ۽
ٻين ڪيترين ئي تاريخي ۽ مشهور جاين وِغيره جون
تصويرون ڏسي، ڏاڍو خوش ٿيندو هوس. جڏهن به ڪو مٽ
مائٽ ٻاهران ايندو هو ته ان کان فقط تصويرن جي
ڪتاب جي گهر ڪندو هوس. آءٌ ٻين ٻارن وانگر کين
ڦاڙي ڦٽو نه ڪندو هوس، پر کين پنهنجي ساهه ۾
سانڍيندو هوس. ايتريقدر جو اهي ڪتاب مون وٽ موجود
آهن. ان کان سواءِ اسان وٽ فوٽن جو هڪ وڏو البم پڻ
هوندو هو، جنهن ۾ آءٌ پنهنجي خاندان ۽ ٻين عزيزن ۽
دوستن جا فوٽا ڏسي، دل وندارئيندو هوس. اهڙيءَ طرح
مون کي به فوٽوگرافيءَ جو اچي شوق جاڳيو ۽ آخرڪار
اها وندر منهنجي جيءَ ۾ گهر ڪري ويئي.
مون کي فوٽو گرافيءَ سان ايترو ته شوق آهي جو، آءٌ
پنهنجي سموري کيسي جي خرچي فلمن خريد ڪرڻ تي خرچ
ڪريان ٿو. هن وقت مون وٽ ڪافي آلبم آهن جن مان هڪ
۾ پنهنجن مائٽن، دوستن، عزيزن جا فوٽا آهن، ۽ ٻين
۾ دنيا جي ملڪن جي ليڊرن ۽ پاڪستان جي مشهور
تاريخي جاين ۽ ٻين ڪيترين ئي سينرين جا فوٽا آهن.
منهنجي دل چاهيندي آهي ته تمام گهڻين تاريخي جاين
جون تصويرون ڪڍي پاڻ وٽ رکان، ۽ ان ڪري منهنجو
پاڪستان جي گهڻن ئي مشهور هنڌن تي وڃڻ ٿيو آهي.
اهڙيءَ طرح سان ڪافي تاريخي ڄاڻ حاصل ٿئي ٿي.
ٽاڪرو هنڌن، سمنڊن ۽ ٻيٽن وغيره جون تصويرون پڻ
ڏاڍيون وڻندڙ ٿين ٿيون. ان ڪري مون اهڙين جڳهين تي
وڃي ڪيئي تصويرون ڪڍيون آهن ۽ ائين ڪرڻ سان جابلو
۽ سامونڊي پيداوار بابت ڪافي ڄاڻ رکان ٿو. سج اڀرڻ
۽ لهڻ واري وقتن جو نظارو پڻ ڏسڻ وٽان هوندو آهي،
۽ انهن وقتن جا پڻ ڪافي فوٽا اٿم.
ڪڏهن ڪڏهن ڪن ميلن ۽ نمائشن ۾ فوٽو گرافيءَ جا
مقابلا پڻ ٿيندا آهن، انهن مقابلن ۾ حصو وٺندي مون
ڪافي انعام ۽ سرٽيفڪيٽ حاصل ڪيا آهن.
مطلب ته ان وندر مان منهنجي روح کي راحت ۽ دل کي
فرحت پهچي ٿي ۽ اها هڪ اهڙي وندر آهي، جنهن ۾ رڳو
فائدا ئي فائدا نظر اچن ٿا، البت پئسو ڪافي خرچ
اچي ٿو.
زرينا شيخ.
مغرور شهزادو
هڪڙو بادشاهه هو جو پاڻ ته نهايت نيڪ ۽ خوش مزاج
هو، پر ان جو پٽ پنهنجي دولت ۽ ذات جي گهمنڊ ۾،
ٻئي ڪنهن کي به پاڻ جهڙو ڪين سمجهندو هو، ۽ هر
ڪنهن کي ڌڪار جي نظر سان ڏسندو ۽ برو سمجهندو هو.
شهزادي جون بريون عادتون ڏينهون ڏينهن ويون زور
وٺنديون، ايتريقدر جو ويهن ورهين جو ٿيو، شادي
ڪيائين ته به سڀاءُ ڪين بدليس. بادشاهه کي پٽ جو
هيءُ حال ڏسي ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ خيال ڪيائين ته جيڪڏهن
شهزادي جي طبيعت اڃا به نه سڌري ته وڏي هوندي پاڻ
به تڪليفن ۾ ايندو ۽ٻين کي به آزار ۾ وجهندو.
اها ڳالهه ڳڻي، هو ڪنهن موقعي جي تاڙ ۾ رهيو. هڪ
ڏينهن بادشاهه کي پوٽي ڄمڻ جي خبر ملي ۽ اتفاق سان
نوڪر جي زال کي به ساڳئي وقت پٽ ڄائو. بادشاهه اها
خبر ٻڌي محل ۾ ويو. حڪم ڏنائين ته ٻنهي ٻارن کي هڪ
پلنگ تي گڏوگڏ سمهاريو وڃي. حڪم ڏيئي پاڻ هڪ ڀر
واري ڪمري ۾ وڃي ويهي رهيو. ٿوريءَ دير کان پوءِ
شهزادو پنهنجي پٽ کي ڏسڻ لاءِ وڏيءَ خوشيءَ ۾ محل
۾ آيو، ڇا اچي ڏسي ته پلنگ تي هڪ ٻار بدران ٻه ٻار
ستا پيا آهن. دل ۾ سوچيائين ته جاڙا ٻار ٻه ته ڪين
ڄاوا آهن، پوءِ هي ٻه ٻار ڪيئن پيا ڏسجن! مُنجهي
بيهي رهيو ۽ ٿوري ويرم رکي نوڪرياڻين کان پڇا
ڪيائين. نوڪرياڻين جواب ڏنس ته ”شهزادا، اسان کي
ڪا به خبر نه آهي. نوڪرياڻين جي جواب ٻڌندي شهزادو
باهه ٿي ويو. سمجهيائين ته هي مون سان ڪوڙ ڳالهائي
رهيون آهن. سو هڪدم کڻندي ئي لڪڻ مٿن وسڪارو لائي
ڏنائين. بادشاهه ته اڳيئي انهيءَ نتيجي جي انتظار
۾ هو، سو ڪمري مان نڪري اچي پٽ جي سامهون بيٺو ۽
سمورو احوال ٻڌي، پٽ کي چيائين ته ”تون ٻين کان
پاڻ کي مٿانهون سمجهندو آهين ۽ پنهنجيءَ ذات تي
وڏو گهمنڊ ڪندو آهين، هاڻ تنهنجو مٿانهينءَ ذات
وارو ٻار ۽ گهٽ ذات وارو ٻار ته ڏسڻ سان ئي سڃاپي
سگهڻ هڪڙو سبب آهي جو تون سڃاڻي به نٿو سگهين. هنن
ٻنهي ٻارن ۾ هڪڙو تنهنجو ٻار آهي ۽ ٻيو نوڪر جو.“
شهزادو ڪنڌ هيٺ ڪري بيهي رهيو، ڇا ڪاڻ ته نوڪر جو
پٽ به شڪل ۾ ٺاهوڪو هو. شهزادي کي شرمندو ڏسي
بادشاهه پنهنجي پوٽي کي هنج ۾ کڻي ، پٽ کي چيو ته
” هيءُ آهي تنهنجو پٽ. هاڻ تو ڏٺو ته ڄمڻ سان ڪو
وڏو يا ننڍو، يا چڱو يا خراب ٿي ڪونه ٿو اچي.
جيڪڏهن انصاف سان ڏسجي ته نوڪر جو ٻار پاڻ تنهنجي
ڪڪي کان وڌيڪ سهڻو پيو لڳي.“
پيءُ جو جواب ٻڌي شهزادي جو شرم کان ڪنڌ جهڪي ويو،
۽ پيءُ کي ورندي ڏنائين ته ”بابا، اها واقعي وڏي
غلطي آهي.“
ٿورن ڏينهن کان پوءِ شهزادي جي مغروريءَ ۽ هٺ لاهڻ
لاءِ بادشاهه کي ٻيو موقعو به سُجهي آيو. ڇا ٿيو
جو ٿورن ڏينهن کان پوءِ شهزادو بيمار ٿي پيو.
حڪيمن صلاح ڏني ته شهزادي جو رت خراب ٿي پيو آهي،
تنهنڪري سندس سير(گندو رت ڪڍڻ) ڇوڙڻ گهرجي. اتفاق
سان ساڳئي ڏينهن بادشاهه جي هڪ نوڪر کي به بيمار
هئڻ ڪري سير ڇوڙائڻي پيئي. بادشاهه کي جو خبر
پيئي، سو حڪم ڏنائين ته شهزادي جو رت هڪڙي پيالي ۾
رکيو وڃي ۽ نوڪر جو رت ٻئي پيالي ۾. جڏهن حڪيم رت
ڪڍي واندو ٿيو، تڏهن ٿوريءَ دير کان پوءِ بادشاهه
اهي ٻئي پيالا کڻائي شهزادي جي سامهون رکايا، ۽
پڇيائينس ته ”پٽ“ هنن ٻنهي پيالن جو رت ڏسي ٻڌاءِ
ته تنهنجو رت ڪهڙو آهي؟“
شهزادي عرض ڪيو ته ”بابا، مون کي ته ڪائي خبر نٿي
پوي.“ تڏهن بادشاهه چيس: ”تون مٿانهينءَ ذات وارو
۽ ٻين کي پاڻ جهڙو نه سمجهندو آهين، سو تنهنجي ۽
توکان گهٽ ذات واري جي رت ۾ ضرور ڪو فرق ته هئڻ
گهرجي.“ شهزادي جي مُنهن جو پنوئي لهي ويو ۽ پيءُ
کي عرض ڪيائين ته بابا مونکي معافي ڏني وڃي، آءٌ
اڳتي ڪڏهن به پاڻ کي ٻين کان وڏو ڪين سمجهندس ۽
نڪي ذات تي فخر ڪندس.“ شهزادي جو جواب ٻڌي،
بادشاهه ڏاڍو خوش ٿيو ۽ پٽ کي چيائين ته”شهزادا،
سڀ انسان هڪجهڙا آهن ڪو به ڪنهن کان مٿانهون
ڪونهي، البت مٿانهون اهو آهي، جيڪو سچ ڳالهائي ٿو
۽ ٻين سان ڀلائي ڪري ٿو.“
•ملڪ مريم شيخ
”ماءُ جي
قرباني“
روس ۽ جپان جي لڙائي مشهور آهي، جنهن ۾ جپان، روس
کي شڪست ڏني هئي. اُنهن ڏينهن جپانين ۾ گهڻو جوش
ڦهليل هو. هر مرد، عورت، ٻار، پوڙهي، امير، غريب
سڀني انهيءَ لڙائيءَ ۾ حصو ورتو_ڪو فوج ۾ ڀرتي ٿي
ٿي وڙهيو، ۽ ڪنهن رپين پئسن جي ٿي مدد ڪئي، مطلب
ته جنهن کان جيڪي پڄي ٿي سگهيو، ان سان ٿي مدد
ڪيائين. اهو سڀ وطن جي خدمت انجام ڏيڻ لاءِ ڪيو
ويو هو.
هڪ نوجوان کي وطن جي خدمت جو شوق ٿيو. هي هڪ غريب
پوڙهيءَ جو پٽ هو. رپين سان ته مدد نٿي ڪري سگهيو.
پر فوج ۾ ڀرتي ٿيڻ لاءِ فوج جي آفيسر وٽ ويو.
ڳالهين ڳالهين ۾ فوج جي آفيسر کي خبر پئي ته هي هڪ
پوڙهيءَ ماءُ جو اڪيلو پٽ آهي، ۽ هن کان سواءِ
پوڙهيءَ مائيءَ جو ٻيوڪير به ڪونهي. ان ڪري هن کي
فوج ۾ ڀرتي نه ڪيو ويو. نوجوان، آفيسر جي گهڻي
خوشامد ڪئي، پر هن هڪ به نه ٻڌي. لاچار اُداس ۽
غمگين ٿي واپس آيو. ماءُ جڏهن هن کي اُداس ڏٺو،
تڏهن اُن جو سبب پڇيو. پهرين ته هن ٽارڻ چاهيو، پر
گهڻي زور ڀرڻ تي هن سڄي ڳالهه ڪري ٻڌائي ته مون کي
فوج ۾ ڀرتي ٿيڻ جو تمام گهڻو شوق آهي ۽ پنهنجي وطن
جي خدمت ڪرڻ ٿو چاهيان، مگر تنهنجي جيئري منهنجي
هيءَ خواهش پوري ٿيندي نظر نٿي اچي، ڇو جو فوج جي
آفيسر چيو” ته توکان پوءِ تنهنجي ماءُ جو ڪهڙو
سهارو هوندو؟ ان جي ڪير خدمت ڪندو؟“ ماءُ جواب
ڏنس،”تون فڪر نه ڪر، آءُ جلدي ڪا تدبير ڪنديس.“
اهو ٻڌي ڇوڪرو ڏاڍو خوش ٿيو، ۽ ڪم ڪار لاءِ ٻاهر
هليو ويو. ٿوريءَ دير کان پوءِ جڏهن هو گهر آيو،
ته ڇا ڏسي ته دروازو کليو پيو آهي. هي ڏاڍو حيران
ٿيو، ماءُ کي سڏ ڪيائين پر ڪوبه جواب نه آيو. ڪمري
۾ وڃي ڏسي ته ماءُ کٽ تي پيئي آهي ۽ وهاڻي جي
ڀرسان هڪ ڪاغذ پيو آهي. هوُ ان ڪاغذ کي جلدي جلدي
پڙهڻ لڳو. ان ۾ لکيل هو ته ”منهنجي اکين جا تارا ۽
جان جا پيارا پٽ! مون نٿي چاهيو ته تون منهنجي سبب
وطن جي خدمت کان محروم رهين. ان ڪري آءٌ توکان
موڪلايان ٿي. تون شوق سان فوج ۾ ڀرتي ٿي ۽ پنهنجي
خواهش پوري ڪر. هاڻي آفيسر توکي فوج ۾ ڀرتي ڪري
سگهندو ۽ تون خوشيءَ سان فوج ۾ ڀرتي ٿجانءِ ۽
انڪار هرگز نه ڪجانءِ.“ نوجوان خط پڙهي ڏاڍو روئڻ
لڳو. ان کي خيال به ڪونه هو ته ڪو امان هن ريت مري
ويندي. هو گهڻيءَ دير تائين روئندو رهيو.
ان کان پوءِ. پنهنجي ماءُ کي دفنائي پاڻ وڃي فوج ۾
ڀرتي ٿيو. جنگ جي ميدان ۾ وڏي بهادري ڏيکاريئين، ۽
گهڻوئي نالو پيدا ڪيائين_ جنهن به ٿي ٻڌو، ان ٿي
پوڙهيءَ مائيءَ کي مبارڪ ڏني. پوءِ ته گهڻن ئي
بادشاهن گڏجي ان پوڙهيءَ مائيءَ جي ياد ۾ هڪ
عاليشان عمارت ٺهرائي.
•ترجمو: فدا حسين سومرو
ڪلاس اٺون
سج ۽ اُتر جو واءُ
(گفتگو)
اتر جو واءُ: سلام عليڪم،ادا سج!
سج: وعليڪم سلام، ادا اتر جا واءُ!
اتر جو واءُ: اڄ ته يار آءٌ پاڻ ۾ ڏاڍي طاقت ٿو
ڀانئيان. آءٌ اڄ ڏاڍو زور سان ٿو لڳي سگهان ۽ ڪيئي
عجيب ڪم ٿو ڪري سگهان.
سج: مون کي اهو ٻڌي ڏاڍي خوشي ٿي ٿئي ته تون اڄ
پاڻ کي ايڏو طاقتور ٿو ڀانئين. ڀلا ٻڌاءِ ته سهي
ته تون ڪهڙيون ڪهڙيون عجيب ڳالهيون ٿو ڪري سگهين؟
اتر جو واءُ: آءٌ تلائن ۽ دريائن کي ڄمائي برف ڪري
ٿو سگهان، وڻن کي اُڏائي ٿو سگهان، جهازن کي
پاڻيءَ تي هلائي ٿو سگهان. مطلب ته آءٌ پنهنجن
سڀني ڀائرن: ڏکڻ جي واءُ، اولهه جي واءُ ۽ اوڀر جي
واءُ، ٽنهي کان ڏاڍو آهيان. آءُ هر ڪنهن کان وڌيڪ
زور وارو آهيان. مون کي ته بادشاهه ٿيڻ گهرجي.
سج: هائو، يار اتر جاواءُ، تون سچ پچ ڏاڍو تڪڙو ٿو
ڀانئجين. پر توکي ايڏو مغرور نه ٿيڻ گهرجي ۽ نه
ايڏي لٻاڙئي هڻڻ گهرجي.
اتر جو واءُ: ادا، جي تون به مون جهڙو طاقتور ۽
عجيب هجين ها، ته تون به هوند اهڙو ئي مغرور هجين
ها. آءٌ ته توکان به گهڻو طاقتور آهيان، ميان سج.
سج: چڱو ادا، اتر جا واءُ، آءٌ توسان تڪرار ڪرڻ
نٿو چاهيان. پر ٻيلي، اچ ته ڏسون، اسان ٻنهي مان
ڪير وڌيڪ طاقتور آهي. توکي هو ماڻهو نظر اچي ٿو،
جيڪو رستو وٺيو پيو وڃي؟
اتر جو واءُ: ها، ها، آءٌ کيس چڱيءَ طرح پيو ڏسان.
سج: اهو به ڏسين ٿو ته کيس هڪ ٿلهو گرم ڪوٽ پيل
آهي؟
اتر جو واءُ: هائو يار سج، منهنجون اکيون نهايت
تکيون آهن. مون کي سندس ٿلهو گرم ڪوٽ چڱيءَ طرح
ڏسڻ ۾ ٿو اچي.
سج: ادا، هي انسان به طاقتور آهي. اچ ته ڀلا ڏسون
ته اسان ٻنهي مان ڪهڙو ٿو کيس ڪوٽ لهرائڻ ۾ ڪامياب
ٿئي.
اتر جو واءُ: اهو ته ڏاڍو سولو ڪم آهي. آءٌ اجهو
ٿوسندس ڪوٽ اڏائي وٺان. ڏيکاريانءِ ته اهو ڪهڙو نه
آسان ڪم آهي؟
سج: چڱو يار، تون ئي شروعات ڪر، جيڏي طاقت هجيئي
اوڏو زرو لڳائجانءِ.
(اتر جو زور زور سان لڳي ٿو ۽ هوا جا تيز جهوٽا
اچن ٿا.)
انسان: اوهو، ڪهڙو نه تکو واءُ پيو لگي! سيءُ به
پيو ٿئي. چڱو ٿيندو ته ڪوٽ جا بٽڻ پائي ڇڏيان.
سج: (مشڪي) ميان اتر جا واءُ، اڃا به ڪوشش ڪر.
(اتر جو واءُ زور سان سيٽيون وڄائي ٿو، اونائي ٿو،
۽ رڙيون ڪري ٿو.
انسان: واءُ جيئن پوءِ تيئن وڃي ٿو سرد ۽ تيز
ٿيندو. مون کي پنهنجو ڪوٽ چڱيءَ طرح ويڙهڻ گهرجي.
سج: ادا اتر جا واءُ، اڃا به آزمائي ڏس.
اتر جو واءُ: نه يار نه، منهنجو دم ڀرجي آيو آهي.
هاڻي تون ڪوشش ڪر. پر اهو ٻڌائي ٿو ڇڏيانءِ ته
تنهنجا اهي نرم ۽ نازڪ ڪرڻا ڪجهه به ڪري نه
سگهندا.
(سج چمڪڻ لڳي ٿو_ تيز ٿئي ٿو ۽ ڳاڙهو ٿي وڃي ٿو.)
انسان: واه! ڪيئن نه رُت بدلجي ويئي! سرد هوا بلڪل
بند ٿي ويئي، ۽ سج نڪرڻ لڳو آهي. ڪهڙي نه سهڻي
موسم اچي ويئي! مون کي ڪوٽ جا بٽن کولڻ گهرجن.
اتر جو واءُ: ڏٺئه نه! اڃا ته هن ڪوٽ نه لاٿو آهي.
ڇا، تون سچ پچ ائين ٿو سمجهين ته جيڪو آءٌ نه ڪري
سگهيس، سو تون ڪري سگهندين؟ وري ڪوشش ڪر.
(سج وري تپي ٿو، ۽ تپي تپي لوهه ٿي وڃي ٿو.)
انسان: اف! ڪيڏي نه گرمي وڌي ويئي! بهتر ائين
ٿيندو ته هي گرم ڳرو ڪوٽڙو لاهي ڇڏيان.
(ائين چئي هو پنهنجو ڪوٽ لاهي ٿو ڇڏي)
سج: ڏٺئه، ميان اتر جو واءُ! هن ڪوٽ لاهي ڇڏيئه!
اتر جو واءُ: ها ها ڏٺم سج! جيڪڏهن آءٌ هڪ دفعو
ٻيهر ڪوشش ڪريان ها، ته کيس تمام جلد ڪوٽ لهرائي
ڇڏيان ها! مون ڏاڍي ڪوشش ڪا نه ڪئي. جڏهن آءٌ سچ
پچ پوري ڪوشش ڪندو آهيان، تڏهن ڏاڍو تکو لڳندو
آهيان. آءٌ توکان وري به گهڻوطاقتور آهيان.
سج: (کلي ٿو) ها ها! هي هي! هو هو!
•ڳجهارتون
ادارو
(1)
نالن ۾ نالا پيا ته ولايت ويئي.
(2)
کڻ ڪاٺ جو، ڀڃ مٽيءَ جو، جيئن پکي ٿي وڃن.
(3)
اي ميان نرنانءَ، تو ۾ نرنانءَ، اڃا به پيو نالا
ڪرين.
(4)
پکين ملڪ ڏٺو، ٻولي ڪندي ويون.
(5)
وکر بنان ذات پئون.
(6)
نالو کاڌو جن، سي ذات کائيندا ڪين ميان.
ضياءُالدين انصاري، پاٽ، دادو.
(7)
نالي چيو نرنانءَ کي، مون کي ڪکن جون وڻن.
ممتاز علي شيخ، سيٺارجا.
(8)
پاڻي ڏينس ته پي وڃي، ماني ڏينس ته رکي هجي.
(9)
ڪنڊا ڏينس ته کائي وڃي، پاڻي ڏينس ته مري وڃي.
ڀڃڻيون
(1)
نالن= ڪارن. نالا=اڇا. ولايت= سورت.
ڪارن ۾ اڇا پيا، ته صورت ويئي.
(2)
ڪاٺ جو= وٽو هڙ. مٽيءَ جو= ڀتر. پکي=ڀوري- ڀورا.
کڻ وٽوهڙ، ڀڃ ڀتر، جيئن ڀورا ٿي وڃن.
(3)
نرنانءَ= ڪانڊيرو. نرنانءَ=ڪنڊو. نالو=گل.
اي ميان ڪانڊيرا، تو ۾ ڪنڊا، اڃا به پيو گل ڪرين.
(4)
پکي= ڪونجون. ملڪ =روهه. ٻولي= ڪرڪا.
ڪونجن روهه ڏٺو، ڪرڪا ڪندي ويون.
(5)
وکر= لوڻ. ذات= مري.
لوڻ بنا مري پئون.
(6)
نالو= پنيو- پني. ذات = کٽي.
پني کاڌو جن، سي کٽي کائيندا ڪين ميان.
(7)
نالي= مارئي. نالو= عمر. ڪکن جون = جهوپڙيون.
مارئيءَ چيو عمر کي، مون کي جهوپڙيون وڻن.
(8)
وڻ.
(9)
باهه.
(10)
کل ڀوڳ
نظير احمد سمون، پبلڪ اسڪول حيدرآباد:
(1)
جج: (جوابدار کي) توکي خبر آهي ته جيڪڏهن تو ڪوڙ
ڳالهايو ته پوءِ ڪيڏانهن ويندين؟
جوابدار: ها سائين، مون کي خبر آهي ته پوءِ آءٌ
دوزخ ۾ ويندس.
جج: سچ ڳالهايئي ته پوءِ؟
جوابدار: سائين، پوءِ پڪ سان جيل ۾.
ادارو
هڪ پٽيوالي کان سندس صاحب پڇيو، ”احمد، ٻڌاءِ ته
اسان جي آفيس ۾ ڪهڙا ڪهڙا پٽيوالا خوشامدي آهن؟“
پٽيوالي هڪدم ٽن پٽيوالن جا نالا کنيا ۽ پوءِ صاحب
کان پڇيو، ”سائين، اوهان ڇو ٿا پڇو؟“
”مان کين زڪوات جا پئسا ڏيندس.“ صاحب جواب ڏنو.
پٽيوالي چيو، ”سائين، چوٿون مان به.“
هڪ پوڙهو دڪان تان اکروٽ وٺي گهر پهتو، ۽ هڪ اکروٽ
کي سر تي رکي، مٿان جو ڌڪ هنيائين ته هو ڌڪ لڳڻ
سان ٿڙي وڃي پري پيو. اوڏيءَ مهل اکروٽ ڏانهن
نهاري، چيائين ته ”افسوس، هر ڪا شيءِ موت کان ڊڄي
ٿي.“
پوليس واري هڪ موٽر کي هٿ ڏيکاري بيهاريو ۽ پوءِ
ڀرسان وڃي ڊرائيور کي چيائين ته ”ليسن ڏيکار.“
ڊرائيور ليسن ڪڍي کيس ڏيکاريو جو ڏسي، پوليس واري
چيس ته ”هاڻي ڀلي وڃ.“ هن شخص ليسن کيسي ۾ وجهي
چيس، ”پر مان ته موٽر هلائڻ ۾ ڪا به غلطي ڪا نه ٿي
ڪئي. توکي ليسن ڏسڻ جو خيال ڇو ٿيو؟“ پوليس واري
جواب ڏنس، ”ان ڪري جو تو موٽر تمام خيال ۽
خبرداريءَ سان ٿي هلائي، سو مون کي شڪ پيو ته تو
وٽ ليسن آهي ئي ڪونه.“
جاءِ جو مالڪ: ٻيا مزور واري واري سان ٻه ٻه
ڳوڻيون کڻي ٿا اچن، تون رڳوهڪڙي، سو ڇو؟
مزور: سائين، ٻيا ڪم چور آهن، اهي رڳو هڪ ڦيرو ڪرڻ
ٿا گهرن.
سوال ۽ جواب
الطاف حسين غلام عباس، رند.
هيٺان بيت ڪهڙي شاعر جا چيل آهن:
(1)اول
آنڌي آئي، پويان جهڙ ججهو،
نڪو اولو آسرو، نڪو اوٽ اجهو،
ڏهيلين ڏجهو، تن پرور رک پناهه ۾.
(2)
ڪي جو ڪانگ ڏسي، ڪالهه اوڏاهون آئيو،
پس هيانءُ ڦسي، ڳالهيون ڪندي سڄڻين.
جواب: هي شعر سچل سرمست جا چيل آهن ۽ ڪتاب ”سچل
جو رسالو“ ۾ ڇپيل آهن.
(3)مير
عبدالحسين ”سانگيءَ“ ڪهڙين ٻولين ۾ شعر چيو آهي؟
جواب: مير عبدالحسين ”سانگي“ سنڌي، اردو ۽ فارسي
ٻولين ۾ شعر چيو آهي.
ادارو
ديس ديس جون خبرون
پاڪستان
ٻارن جو عالمي ڏينهن
هر سال جيان، هن ڀيري به سڄيءَ دنيا ۾ ٻارن جي
ڀلائيءَ جو عالمي ڏينهن ملهايو ويو. دنيا جي سڀني
قومن جي گڏيل منڊل، ”اقوام متحده“، جي جنرل
سيڪريٽري مسٽر اوٿانٽ، پاڪستاني ٻارن کي انهيءَ
موقعي جي مبارڪبادي ڏيندي، پاڪستان ۾ ٻارن جي
ڀلائيءَ واريءَ انجمن جي ڪمن کي ساراهيو، ۽
پاڪستاني ٻارن لاءِ پنهنجين نيڪ تمنائن جو اظهار
ڪيو. پاڪستان جي صدر محمد ايوب خان، ۽ ٻين اڳواڻن
انهيءَ ڏينهن تي ٻارن لاءِ خاص پيغام پڌرا ڪيا.
صدر پنهنجي پيغام ۾ چيو ته ”پاڪستاني ٻارن جي
ڀلائيءَ واري انجمن طرفان ڪجهه عرصو اڳ، ملڪ جي
ٻارن ۾ سٺي معيار ۽ اعليَ نظرين کي ڦهلائڻ لاءِ
انعام مقرر ڪيا ويا هئا ۽ اڄ انهن نونهالن جا نالا
پڌرا ڪيا پيا وڃن، جن انهيءَ سلسلي ۾ انعام کٽيو
آهي. مون کي خوشي آهي جو نونهالن لاءِ اقوام متحده
جي تعاون سان، لاهور ۽ ڍاڪا ۾ ٻارن جي بهبوديءَ جا
تربيتي ادارا قائم ڪيا ويا آهن. آءٌ ٻارن جي
ڀلائيءَ واري اداري جي سرگرمين ۾ سندن ڪاميابيءَ
جو خواهان آهيان.“
مغربي پاڪستان جي گورنر، ملڪ امير احمد خان،
پنهنجي پيغام ۾ چيو ته ”پاڪستان جي ترقيءَ ۽ نئين
سماجي نظام لاءِ هيءُ هڪ قومي فرض آهي ته اچڻ وارن
نسلن کي نئين سماجي صورتحال لاءِ تيار ڪيو وڃي.“
پاڪستاني فوج جي ڪمانڊر انچيف، جنرل محمد موسيَ،
پنهنجي پيغام ۾ چيو ته ”سڄيءَ قوم جي صحت ۽ طاقت
لاءِ ٻارن جي بهبوديءَ جو مسئلو تمام وڏي اهميت
رکي ٿو. اڄ جا معصوم ٻار، سڀاڻي جا رهنما ۽ معمار
آهن، ان ڪري ٻارن جي بهبوديءَ واري مسئلي جي اهميت
کي ڪڏهن به نظرانداز ڪري نه ٿوسگهي.“
مرڪزي وزير محنت ۽ سماجي بهبود، مسٽر عبدالله
ظهيرالدين لعل ميان، چيو ته ”اڄ جا ٻار سڀاڻي جون
اميدون آهن، ان ڪري اسان کي گهرجي ته سماج جي
بدلجندڙ حالات لاءِ انهن کي تيار ڪرڻ جي پاڻ تي
ذميواري قبول ڪريون، ۽ ٻارن جي تعليم ۽ تربيت تي
پورو ڌيان ڏيون.“
مرڪزي وزير تعليم به پنهنجي بيان ۾ چيو ته جيڪڏهن
ٻارن جي ذهن، ۽ جوش جذبي کان صحيح ڪم ورتو وڃي، ته
هو نهايت ئي ذميدار شهري بڻجي سگهن ٿا.
انگلينڊ
تجريدي آرٽ جو مستقبل
دنيا ۾ تجريدي آرٽ جي سڀ کان وڏي استاد، پڪاسو،
تازو ”زندهه عجائب گهر“ نالي هڪ فرانسي زبان جي
رسالي ۾، تجريدي آرٽ جي باري ۾ لکيو آهي ته ”مون
ڪيوبزم جي دور کان وٺي هن مهل تائين جيڪي به عجيب
۽ غريب شڪليون ڪڍيون آهن، سي ڄاڻي واڻي آرٽ جي
هوشيار ماهرن کي بيوقوف بنائڻ خاطر ڪڍيون آهن. هي
ماڻهو جيترو ٿورو منهنجين انهن تصويرن کي سمجهي
سگهندا هئا، اوترو گهڻو انهن کي ساراهيندا هئا.
مون کي سندن اها بيوقوفي کلائيندي هئي، سو مان بنا
ڪنهن روڪ ٽوڪ جي جيڪا بيوقوفي واري شيءِ خيال ۾
ايندي هيم، تنهن جي تصوير ڪڍندو ويندو هوس ۽ هنن
آرٽ جي قدردانن کان داد به حاصل ڪندو رهندو هوس ۽
پنهنجو کيسو به ڀريندو رهندو هوس.“
پڪاسو جي انهيءَ بيان تجريدي آرٽ جي ماهرن کي
پريشان ڪري ڇڏيو آهي، هنن کي انديشو آهي ته پڪاسو
جو اهو بيان تجريدي آرٽ جي مستقبل تي خراب اثر
وجهندو. ان ڪري هو هاڻي پنهنجن مضمونن ۾ اهو ثابت
ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ته پڪاسو جيڪي چيو آهي
ان جو اصل مطلب ٻيو آهي.
روم
پنج نابين ڀائرن جو ڪامياب آپريشن
تازو سلسلي جي پنج نابين ڀائرن جي اکين جي آپريشن
هڪ ئي وقت ڪامياب ٿي آهي. هي پنجئي ڀائر ماءُ
پيٽان نابين ڄاول هئا. پاڙيسرين هنن پنجن ئي غريب
انڌن ڀائرن جي هن دکدائڪ حالت تي قياس آڻي، پاڻ ۾
چندو گڏ ڪيو. ان بعد هنن شهر جي هڪ مشهور سرجن کان
هنن جي آپريشن ڪرائي. ٻن چئن ڏينهن بعد جڏهن انهن
جي اکين تان پٽيون کوليون ويون ته هنن جون اکيون
ٿي ويون ۽ سڀڪجهه ڏسڻ لڳا. هنن ڀائرن جي عمر
پندرهن کان نون سالن جي وچ تي آهي. آپريشن ڪامياب
ٿيڻ بعد جڏهن ڊاڪٽر کي هنن نابينن جي پاڙيسرين جي
همدرديءَ ۽ قياس جي خبر پيئي، تڏهن هو انساني
همدرديءَ جي جذبي کان ايترو متاثر ٿيو جو، في وٺڻ
کان انڪار ڪري ڇڏيائين. ڊاڪٽر جي هن همدرديءَ واري
عمل کي ساريءَ دنيا ۾ وڏيءَ عزت ۽ قدر جي نگاهه
سان ساراهيو ويو آهي.
تعارف
(”هرڪو ٻار آ يار اسان جو.... يار اسان جا جڳ جا
ٻار!“)
259- نالو: محمد ايوب لغاري.
عمر: 14 سال.
وندر:رسالا پڙهڻ.
ائڊريس: پاڪستان نيشنل لئبرري، ڊگهڙي، ضلعو
ٿرپارڪر.
260- نالو: حاجي محمد اسماعيل ولد حاجي محمد صديق،
ميمڻ (نائون ڪلاس).
عمر: نامعلوم.
وندر: رسالا ۽ ڪتاب پڙهڻ.
ائڊريس:گورنمينٽ مڊل اسڪول جاتي، سنڌ .
261- نالو: اقبال تبسم.
عمر:18 سال.
وندر:مضمون لکڻ.
ائڊريس:اقبال- جي36، گلبرگ لاهور.
263- نالو: نظير احمد سمون.
عمر:14 سال.
وندر:گل ڦُل رسالو پڙهڻ ۽ مضمون لکڻ.
ائڊريس: پبلڪ اسڪول، لطيف آباد حيدرآباد، سنڌ .
پڙهندڙن جا خط
ادا سائين،
اسلام عليڪم، اوچتو ئي اوچتو ”گل ڦل“ ڏسي دل بهار
بهار ٿي وئي ادا توهان کي جس هجي جو ڪوشش وٺي
پنهنجي ”واعدي مطابق“ اسان کي پنهنجو پيارو ”گل
ڦل“ ڏنو. اهو پڙهي ويتر خوشي ٿي ته توهين جنوري
سال 1965ع کان وٺي اسان جو رسالو هر مهيني شايع
ڪندو، ٿيڻ به ائين ئي گهرجي، ڇاڪاڻ ته اسان کي ٻيو
ڪو پڙهڻ لاءِ رسالو آهي ئي ڪونه.
ادا هن دفعي آءٌ ”منهنجي وندر“ عنوان تي مضمون
موڪلي رهيو آهيان، اميد ته پسند ايندو.
والسلام
اوهان جو خيرانديش،
ضياءُلدين انصاري، پاٽائي.
منهنجا پيارا ڀاءُ صاحب
هن کان اڳ ۾ مون کي اهو گمان هو ته شايد ”گل ڦل“
جي زندگي محض ڪي ڏينهن آهي، ۽ جلدي خاموشي اختيار
ڪندو. مگر هاڻي مون کي سورنهن آنا خاطري آهي ته هي
ٻارن جو واحد رسالو باقاعدي اسان ننڍڙن سنڌين جي
خدمت سرانجام ڏيندو رهندو.
منهنجو ڪتابن سان ايترو پيار ۽ محبت آهي جو، مون
کي ستن ڏينهن اندر ڪو نئون ڪتاب هٿ نه آيو ته ٻيو
هفتو بيچينيءَ ۽ بي آراميءَ سان گذرندو آهي. آءٌ
سڀني رسالن جهڙوڪ ”گل ڦل“ نئين زندگي سه ماهي
”مهراڻ“ جو مستقل خريدار آهيان. منهنجي ذاتي
لئبرريءَ ۾ ننڍا خواهه وڏا ڪتاب تقريبن ڏيڍ سئو
ٿيندا. آخر ۾ آءٌ سڀني ٻارڙن کي عرض ڪندس ته هو
”گل ڦل“ جا ساليانا خريدار ٿي، سنڌي زبان سان خلوص
۽ محبت جو ثبوت ڏيندا.
اوهان جو ڀاءُ
محمد موسيٰ ”ڪليم“ ٻيلوي
ميرپوربٺورو.
پيارا ڀاءُ صاحب!
بعد گهڻي سڪ و پيار بعد احوال ته مون پنهنجي
پسنديده رسالي ”گل ڦل“ لاءِ گهڻو انتظار ڪيو ۽ آخر
اهو سوچي ته جيئن پهرين وچ ۾ رسالو بند ٿي ويو هو،
ٿي سگهي ٿو ته وري هينئر به بند ٿي ويو هجي
آخرانتظار جون گهڙيون ڪالهه ڪٽجي ويون.
ادا، منهنجي ۽ منهنجن دوستن جي اها گذارش آهي ته
جيئن ته گل ڦل ٻارن جو رسالو آهي سو ٻارن جون
ڪهاڻيون وڌيڪ ڇپيندا ڪريو گهڻن ٻارن کي گذريل ”سرڻ
۽ باز“ جي ڪهاڻي پسند آئي آهي ان تي نالو ته لکيل
ڪو نه آهي جنهن جي به هجي ان کي اسان جي پاران
واڌايون ڏيندا اسان جي دلي تمنا اها آهي ته هاڻي
اسان کي پيارو ”گل ڦل“ باقاعدي سان ملندو رهي.
پيار ۽ سڪ سان اوهان جو ڪرشن هيرا.
ڪيترن مهينن جي وڇوڙي بعد مس مس پنهنجي مامي جي
هٿان پنهنجي ساهه سان سانڍڻ جهڙي شيرين ۽ ماکيءَ
کان وڌيڪ مٺڙيءَ ٻوليءَ ۾ پيارڙن ٻارن جو پيارو
رسالو مليو. مضمون ۽ معلومات نهايت سهڻي ۽ مفيد
اٿس. انهيءَ لاءِ توهان کيرون لهڻيون.
اهو پڙهي خوشي ٿي ته وطن دوست محترم محمد ابراهيم
جويي صاحب جن جي نگرانيءَ ۽ سنڀال هيٺ ”گل ڦل“
هاڻي باقاعدگي سان ۽ اڳي کان اڳرو رهندو. انهيءَ
خوشي ۾ اسان ساليانا خريدار ٿي رهيا آهيون ۽ ڏوڪڙ
مني آرڊر وسيلي موڪلي رهيا آهيون.
ٻي ڳالهه جنهن ڏانهن اوهان جو به سنڌي ادبي بورڊ
جو ڌيان ڇڪائجي ٿو. اها هيءَ ته ”گل ڦل“ ٻن مهينن
بجاءِ هر مهيني شايع ڪيو وڃي. ۽ ان ڳالهه کي نظر ۾
رکيو وڃي ته سنڌي ۾ ٻارن جي رسالن جي بنهه اڻاٺ
آهي جنهن جو نتيجو اهو ٿو نڪري ته سنڌي ٻالڪن جو
رجحان اردو ۾ ٻارن جي نڪرندڙ رسالن ڏانهن وڌي ٿو.
توهان جي ننڍڙي ڀيڻ ۽ ننڍڙو ڀاءُ
ثريا اختر ۽ جاويد اقبال
لاڙڪاڻو، سنڌ. |