ڀڳوان: ڊاڪٽر ٻڌايو آهي ته ڪڪي کي نمونيا آهي.
ٻيئي ڦڦڙ وٺجي ويا اٿس…ڪراچيءَ واري گاڏي ڪيڏيءَ
مهل ٿي وڃي؟ (ڊيسڪ تان ٽائيم ٽيبل کڻي جاچي ٿو)
يارهين بجي…هينئر گهڻا لڳا آهن؟ (ٻانهن ۾ پيل واچ
ڏسي ٿو) باقي اڍائي ڪلاڪ. تڪڙو تڪڙو وڃي ٽيليفون
تي ڳالهائي ٿو: هلو! ريلوي اسٽيشن؟ اوهين اسٽيشن
ماستر پيا ڳالهايو؟ آءُ ڀڳوانداس وڪيل آهيان. مون
کي يارهين واري گاڏيءَ ۾ ڪراچيءَ لاءِ سيڪنڊ ڪلاس
۾ جڳهه کپي…ڇا چيو؟ چوويهن ڪلاڪن جو اڳواٽ نوٽيس
ڏيڻو آهي، پر هي تمام ضروري معاملو آهي. اوهين
ڪوشش ڪريو ته وڏي مهرباني. ٽيليفون رکي(نوڪر کي
سڏي ٿو.)
ڇوڪرا!(ڊيسڪ اڳيان ويهي نوٽ پيپر ڪڍي لکي ٿو. نوڪر
اندر اچي ٿو.)
رتنا: راتوڪيءَ گاڏيءَ ۾ ٿا ڪراچيءَ وڃون ڇا؟
ڀڳوان: (کلي چيو) ها، ٻي وري ڪهڙي گاڏي آهي؟ (نوڪر
کي) ڏس سيتا رام، هيءَ چٺي ڊوڙ پائي منهنجي منشيءَ
کي ڏيئي اچ ۽ چوينس ته هڪدم گهنشامداس وڪيل کي
پهچائي. (لفافو بند ڪري، ائڊريس وجهي نوڪر کي ڏئي
ٿو. پاڻ اُمالڪ هڪ سوٽ- ڪيس ڪنڊ مان کڻي هڪ ٽپائي
تي رکي ٿو. سينگار ميز ۽ ڪٻٽ جي خانن مان ڪپڙا ۽
ٻيون ضروري شيون ڪڍي منجهس وجهندو وڃي ٿو.)
رتنا: اهڙا اُتاولا ڇو ٿيا آهيو؟ رات واري گاڏيءَ
۾ تڪليف ڪانه ٿينديو؟
ڀڳوان: (بيزاريءَ ۾) تڏهن سڀاڻي ڪوئيٽا ميل ۾
نڪران ۽ شام جو وڃي پهچان ڇا؟ تيستائين الائجي ڇا
ٿي پوي! خبر نه آهي ته الائي ڇا ٿي پيئي چوين!
رتنا: پر منهنجو به ته ڪو خيال ڪريو. اوهين اکين
اڳيان نه هوندؤ ته مان ته ههڙي وقت پوري ٿي
وينديس. گهر ۾ ٻيو ڪو مرد ماڻهو به ڪونه لڀي!
ڀڳوان: منڊم ڪيس ٻولي کنيو آهي. ڪالهه ڏسي ويئي
اٿيئي. مان گوبند کي سڀ سمجهائي ويندس، وقت پئي
منڊم کي ڪوٺي ايندو، امينه خدمت ڪرڻ واري ويٺي
اٿئي.
رتنا: گوبند وري ڏاڍو مڙس ماڻهو ساماڻو آهي. هو
ٻار، تنهن کان ڪهڙي آڌيءَ مانجهيءَ همت پڄندي؟
ڀڳوان: ٻار ڇا جو آهي؟ ستون درجو ٿو پڙهي. منڊم کي
ڪوٺي ايندو، ٻي ڪا ڪوڏر هڻڻي اٿس ڇا؟
رتنا: پر، ڪا مهل نه ڪنهن جهڙي. ڪجهه هيڏانهن
هوڏانهن ٿي پوي ته اوهان کان سواءِ ٻئي ڪنهن جو هڏ
ڪرڪندو؟ مون کي نڌڻڪو ڪري پاڻ وڃي ٿو ٻاهر!
(رئڻهارڪي ٿئي ٿي.)
ڀڳوان: (اڳتي وڌي پٺتي ٺپريس ٿو) پر تون دل ڇو ٿي
لاهين. ڀڳوان سڀ سولي ڪندو. ٻئي ليکي مان به ڪين
ڪريان؟ ڏسين ٿي ته ٻن باهين جي وچ ۾ اچي پيو
آهيان: هيڏانهن تنهنجي نازڪ حالت، هوڏانهن ڪڪي جي
جان جوکي ۾.
رتنا: جان وري ڇا جي جوکي ۾ اٿس. سوَن کي پيئي
نمونيا ٿئي، سو ڇُٽيو پون. خاطريءَ جهڙي خذمت پيئي
ٿيندي هونديس. هيڏانهن اوهين پٺ ڏيندا ته منهنجي
ڪرڻ وارو ڪير رهندو؟ مان پڪ ٿي ڏيانوَ ته مون کي
جيئرو ڪونه اچي ڏسندا.
ڀڳوان: پر رتنا، ويچار ته ڪر، تنهنجي ڪڪي جي حالت
۾ زمين آسمان جو ڦير آهي. توکي ڪا خاص تڪليف
ڪانهي. ڊاڪٽرياڻي خاطري ڏيئي ويئي آهي ته ڪيس ۾
معمولي طرح سان ڪا به تڪليف ڪانه ٿيندي. هوڏانهن
ته ڊاڪٽر صفا ظاهر ڪيو آهي ته ڪڪي کي ڊبل نمونيا
آهي. توکي تفاوت ئي ڏسڻ ۾ نٿو اچي؟
رتنا: ڏسڻ ۾ اچيم نه اچيم، اوهين ڪو پنهنجيءَ هوڏ
تان لهندا ڇا؟ پنهنجي ڪڪي کي ته وڃي بچايو، مان ڀل
ته ڦٿڪي ساهه ڏيان! مون مئي اوهان لاءِ ڪهڙو ڏڪر
پوندا!(اوڇنگارون ڏئي ٿي.)
ڀڳوان:(بيزاريءَ مان): جي هروڀرو اهو غير واجبي رخ
ورتو اٿيئي ته تنهنجي مرضي. مون ته توکي گهڻو ئي
سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر تون هروڀرو پيئي
روئيندينءَ رڙندينءَ ته مان لاچار آهيان. منهنجو
وڌيڪ وس نٿو هلي.
رتنا: (روئندي) اوهان جو وس ڪونه ٿو هلي! پٽ آهي
سج جو ٽڪرو جنهن لاءِ پنهنجو سر سهائڻ کان به ڪين
گسبو، باقي زال آهي صدقي جي ٻڪري جا پٽ تان قربان
ڪري ڇڏبي.
ڀڳوان: هاڻي جيڪي وڦلڻو هجيئي سو ڀل پيئي وڦل. مون
کي ته ضرور رات جو وڃڻو آهي. (واچ ڏسي) اڃا ڪجهه
وقت پيو آهي، وڃي ٻيو ڪم ڪار لاهي اچان. (سوٽ-ڪيس
بند ڪري جيئن ٻاهر نڪرڻ تي آهي، تيئن نوڪر اندر
اچي ٿو ۽ هڪ تار هٿ ۾ ڏئيس ٿو. ڀڳوان رسيد تي صحيح
ڪري ڏئيس ٿو ۽ ڏڪندڙ هٿن سان تار کولي پڙهي ٿو.
اکيون ڦاٽي ٿيون وڃنس ۽ ڪرسيءَ تان ڍرڪي پوي ٿو.
ڪجهه مدت بعد جوش مان اٿي، رتنا ڏانهن هٿ ڊگهيري
چوي ٿو:)
ڀڳوان: هاڻ ته پيٽ ڀريئه! ڏٺئي پنهنجي حسد جا رنگ!
ويچاري ابهم کي حسد جي آگ ۾ ساڙي، خاڪ ڪري ڇڏيئه.
هاڻي خوشي ڪر! سرهي ٿيءُ (اوچتو گنڀير ٿي ٿو وڃي ۽
گهگهي آواز ۾ چوي ٿو) ڀورڙو ٿيس! پر متڙيو ٿيس!
زال جو مڄو ٿيس! پنهنجي سڪيلڌي کي گهر مان روئندو
لوڌي ڪڍيم. ڌارين ۾ کڻي ڦٽو ڪيومانس. ويچارو پرائي
گهر ۾ هڻ کڻ ٿي ويو. پڇاڙيءَ ۾ منُهان-ميلو به
ڪونه ٿيو. هڪ مٺو اکر به ڪونه ڳالهايومانس. او
ڀڳوان!(منهن کي هٿن ۾ لڪائي، سڏڪا ڀري ٿو.)
ابن حيات پنهور
ابن خلدون
27- مئي 1336ع، برابر 1-رمضان 732هه، فلسفهء تاريخ
جو بنياد رکندڙ دنيا جو مشهور عالم، ۽ فلسفي
عبدالرحمان بن محمد، ٽيونس جي شهر ۾ پيدا ٿيو.
عبدالرحمان جا وڏا عرب جا رهاڪو هئا، جتان خلدون
نالي هڪ شخص پنهنجي عيال سميت، عيسوي ڏهين صدي
ڌاري لڏي ٽيونس ۾ اچي رهيو. ان جي وفات کان پوءِ
سندس پويان ابن خلدون جي نالي سان سڏبا رهيا.
عبدالرحمان به انهيءَ سببان علمي دنيا ۾ ابن خلدون
جي نالي سان مشهور ٿيو. هن جو والد پاڻ وڏو عالم
هو. پٽ جي تعليم ۽ تربيت تي خاص ڌيان ڏيڻ ڪري ابن
خلدون ننڍيءَ عمر ۾ ئي قرآن، حديث، فقهه، فلسفو،
منطق، ادب ۽ تاريخ ۾ وڏي مهارت حاصل ڪئي.
سترهن سالن جي عمر ۾ ابن خلدون کي نهايت وڏو دلي
صدمو پهتو.
ٽيونس ۾ ان وقت وبا جي منحوس بيماري پيئي، جنهن
سبب سندس پيءُ ۽ ماءُ ٻيئي وفات ڪري ويا. هيءُ زخم
اڃا تازو ئي هو ته ٿورن ئي ڏينهن ۾ سندس مهربان ۽
مشفق استادن مان به ڪي انهيءَ بيماريءَ جو شڪار
ٿيا ۽ ٻيا ٽيونس مان موٽي پنهنجي وطن وڃڻ جون
تياريون ڪرڻ لڳا. هن صدمي ابن خلدون کي تنهان ئي
وڌيڪ پريشان ڪري وڌو. هن جو خيال هو ته آءٌ به
ساڻن گڏجي وڃان، پر سندس ڀاءُ کيس اجازت نه ڏني.
جلد ئي ملڪ ۾ اهڙيون سياسي حالتون پيدا ٿيون، جو
هو ٽيونس کان موڪلائي ڪري مغرب ڏانهن روانو ٿيو.
تلسمان جي سلطان ابو عنان، ابن خلدون جي علمي شهرت
کان اڳيئي واقف هو ۽ هن کيس پاڻ وٽ ڪاتب جي عهدي
تي مقرر ڪيو. علامه هن عهدي کي پنهنجي خانداني عزت
جي لائق ڪين ڄاتو. سلطان ٿورن ڏينهن بعد هڪ امير
تي چڙهائي ڪري، ان کي پاڻ وٽ نظربند رکيو. ابن
خلدون جا انهيءَ امير سان تعلقات هئا ۽ امير کي
جيل مان ڀڄي وڃڻ لاءِ مدد ڪرڻ جو واعدو ڪيو. سازش
جي ڪامياب ٿيڻ کان اڳ ۾ ئي راز کلي ويو ۽ ابن
خلدون کي سازش جي ڏوهه ۾ گرفتار ڪرايو ويو. ٻن
سالن بعد جڏهن سلطان وفات ڪئي، تڏهن حسن بن عمر
نالي هڪ وزير ابن خلدون کي آزاد ڪيو. ٿوري عرصي
گذرڻ بعد ابو سالم نالي بادشاهي خاندان جي هڪ فرد
حڪومت جي خلاف بغاوت ڪئي. ابن خلدون ان کي بغاوت
ڪرڻ ۾ وڏي همت ڏياري ۽ آخر هو ڪامياب ٿيو.
ابو سالم تخت نشينيءَ بعد جلد ئي علامه کي پنهنجو
خاص سيڪريٽري مقرر ڪيو. ابن خلدون وڏي آرام ۽ سڪون
سان زندگي گذاري رهيو هو ته ٻن سالن بعد اوچتو
سياسي حالتن پلٽو کاڌو، ابو سالم مارجي ويو، ۽ عمر
بن عبدالله نالي هڪ نئين وزير، شاهي خاندان جي هڪ
نابالغ ٻار کي تخت تي ويهاري پاڻ حڪومت ڪرڻ لڳو.
ابن خلدون نئينءَ حڪومت کان راضي نه رهيو. هن کي
عمر بن عبدالله ۾ وڏيون اميدون هيون، ڇاڪاڻ ته هن
سان گهڻي وقت کان دوستي هيس ۽ اها ڏينهون ڏينهن
وڌيڪ گَهري ٿي چڪي هئي. پر پوءِ اقتدار ۾ اچڻ بعد،
وزير اڳوڻن لاڳاپن ۽ قرب جي ناتن جي ڪا به پرواهه
ڪا نه ڪئي. علامه کي پنهنجي دوست جي هن بي رُخيءَ
جو وڏو افسوس ٿيو ۽ تلسمان مان وڃڻ لاءِ وزير کان
اجازت گهري. وزير کي خوف هو ته هتان وڃڻ کان پوءِ
متان هو ڪنهن مخالف ڌر سان ملي وڃي ان ڪري، موڪل
ڏيڻ کان گهٻرائي رهيو هو. آخر ڪن ماڻهن جي ڀروسي
ڏيارڻ تي، هن شرط تي آزادي ڏني ويئي ته هو ڪڏهن به
تلسمان ۾ ٻيهر پير نه رکندو. علامه وڏيءَ بي بسيءَ
جي حالت ۾ پنهنجي ٻارن ٻچن کي قسطنطنيه ڏانهن
روانو ڪري، پاڻ اندلس ڏانهن رخ ڪيو.
ابن خلدون جا غرناطه جي سلطان ۽ وزير سان اڳيئي
تعلقات هئا، ۽ کيس اميد هئي ته اتي پهچڻ بعد
منهنجي چڱي مرحبا ڪئي ويندي، ٿيو به ائين ئي.
علامه خود پنهنجي سوانح ۾ ڄاڻايو آهي ته ”...
سلطان مون کي وڏي مرتبي وارن اميرن جي ڪچهريءَ ۾
ويهاريندو هو- پاڻ سان گڏ کارائيندو هو، رازداريءَ
جون ڳالهيون ڪندو هو ۽ سواريءَ تي به پاڻ سان گڏ
ويهاريندو هو.....“
ٻئي سال علامه کي قشتاله (هسپانيا) ڏانهن سفير جي
حيثيت ۾ روانو ڪيو ويو، ته جيئن اتي پهچي صلح لاءِ
آخري ڳالهيون ڪري. قشتاله جو بادشاهه، ابن خلدون
جي اعليٰ سياسي ۽ علمي صلاحيتن کان اڳيئي واقف هو
۽ هُن صلح جي پيغام کي وڏيءَ خوشيءَ سان قبول ڪيو.
ابن خلدون جڏهن واپس موٽي آيو، تڏهن سلطان جي
طرفان وڏن انعامن سان نوازيو ويو ۽ سندس ٻارن کي
به قسطنطنيه مان گهرايو ويو. مگر افسوس، جو هن
خوشيءَ ۽ آرام واريءَ زندگيءَ به ساڻس وفا نه ڪئي.
اڃا ڳچ مهينا ئي ڪين گذريا ته اندلس کي ڇڏي بجايه
وڃڻ تي مجبور ٿيو. هن فيصلي ڪرڻ ۾ بنيادي سبب هيءُ
هو، جو هُن محسوس ڪيو ته چغلخورن ۽ دشمنن جي سازشن
سببان وزير لسان الدين جي دل مون کان گهڻو ڦري
ويئي آهي ۽ هن کي ڊپ آهي ته متان علامه جو سلطان
وٽ وڌندڙ اثر ۽ رسوخ، هُن جي پنهنجي اثر ۽ رسوخ ۾
نقصانڪار ثابت ٿئي. انهيءَ ڪري ابن خلدون کي
انديشو ٿيو ته متان ڪنهن ڏينهن وزير ۽ منهنجي
دوستيءَ ۾ ڪا ڪَڙاڻ پيدا ٿي پوي، ان ڪري اندلس کي
ڇڏي وڃڻ بهتر آهي.
ابن خلدون اندلس مان موڪلائي بجايه پهتو ته اتي به
هن جي چڱي آجيان ٿي. سلطان ابو عبدالله، علامه جي
وڏي مرحبا ڪئي ۽ کيس پنهنجو خاص صلاحڪار مقرر ڪيو.
پنهنجي سوانح ۾ علامه ڄاڻائي ٿو ته ”... سلطان جو
حڪم هو ته شهر جا دولتمند روز فجر جو منهنجي
دروازي تي حاضري ڏين. مون حڪومت جي ڪاروبار پنهنجي
هٿن ۾ ورتو ۽ ملڪي معاملن ۾ حڪومت جي سڌي ۽ واڌاري
ڏانهن پنهنجون سموريون ڪوششون ڪيون.... آءٌ حڪومت
جي ڪمن کان فارغ ٿي جامع قصبه ۾ وڃي ويهندو
هوس...“ پر هيءَ خوشي ۽ راحت جي زندگي به هڪ سال
جي عرصي کان وڌيڪ راس نه آئي. سلطان لڙائيءَ ۾
مارجي ويو ۽ ملڪي انتظام جو شيرازو ڇڙوڇڙ ٿي ويو.
حقيقت هن ريت هئي ته سلطان جي سوٽ ابوالعباس،
قسطنطنيه مان وڏي فوج وٺي حملو ڪيو، ۽ لڙائيءَ
هلندي سلطان کي سندس خيمي ۾ قتل ڪري، بجايه تي
گهيرو ڪيو. هن وحشتناڪ صورتحال ماڻهن جا حوصلا
منجهائي ڇڏيا- ڇا ڪرڻ گهرجي، ڇا نه ڪرڻ گهرجي؟ عام
زندگيءَ کي موت ۽ حياتيءَ جي ڪشمڪش ۾ ڏسندي ابن
خلدون مناسب ڄاتو ته هن وقت پيش پوڻ کان سواءِ ٻيو
ڪو به چارو نه آهي. ابوالعباس نهايت خوش ٿيو، پر
ٻين اميرن کي اها ڳالهه پسند نه آئي ۽ هُو ابن
خلدون جي خلاف سازشن ڪرڻ ۾ شروع ٿي ويا ۽ ابو
العباس کي بدظن ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. ابن خلدون
هينئر به پنهنجي دستوري فيصلن کان ڪم ورتو ۽
انهيءَ نتيجي تي پهتو ته هاڻ هتان ڪنهن به صورت ۾
جان ڇڏائڻ مناسب آهي. اهڙيءَ ريت، بجايه کي به
الوداع چئي، بيسڪره ڏانهن روانو ٿيو.
بيسڪره ۾ ابن خلدون ڇهه سال زندگيءَ جا گذاريا، ۽
هتي اچڻ سان ئي جلد هن جي زندگيءَ هڪ نئون رخ
اختيار ڪيو. شاهي منصب ۽ عهدن وغيره کان دل بنهه
کٽي ٿي چڪي هيس ۽ هاڻ هن قبائلي زندگيءَ تي وڌيڪ
ڌيان ڏيڻ ۽ هموار ڪرڻ ضروري ڄاتو. ظاهري طرح ته هن
پاڻ کي سياست کان غير جانبدار ڏيکاريو، پر اندروني
طرح جڏهن به ڪنهن حڪومت جي خلاف يا فائدي ۾ ساٿ
ڏيڻ مناسب ٿي ڄاتو ته پوءِ، مختلف قبيلن ۽ بدوي
زندگيءَ کي يڪجاءِ ڪرڻ ۾ ڪا به دقت نه ٿيندي هيس.
ڇهن سالن جي عرصي ۾ بدوي زندگيءَ جو هر پهلوءَ کان
جائزو وٺڻ، ۽ سندن خوبين ۽ خامين کي سمجهڻ ۾ کيس
وڏي مهارت حاصل ٿي. بيسڪره ڇڏڻ کان پوءِ زندگيءَ
جا پورا ٻه سال سخت انقلابي ۽ جوشيلي حالت ۾
گذاريا. هيءُ اهو دور هو جنهن ۾ ابن خلدون جي
سياسي زندگي آخري پساهن تي هئي، ۽ پوءِ جلد ئي
سياست جي ميدان کان هميشه لاءِ منهن موڙي، علمي ۽
ادبي دنيا ڏانهن توجهه ڏنو.
ابن خلدون هڪ دفعي ڪنهن قافلي سان گڏ فاس ڏانهن
وڃي رهيو هو ته ڪن قبيلن، ابو حموءَ جي اشاري تي
حملو ڪيو. هن حملي متعلق ابن خلدون جا پنهنجا لفظ
آهن ته ”مان به انهن ۾ هوس ۽ مون ٻه ڏينهن ساندهه
ڪپڙن کان سواءِ اگهاڙيءَ حالت ۾ گذاريا، ۽ پوءِ
آخر هڪ ڳوٺ ۾ وڃي پهتس.“
انهن تڪليفن کان پوءِ، ابن خلدون زندگيءَ جو مختصر
عرصو ابن سلاهه جي قلعي ۾ گذاريو. چار سال ذهني
آرام ۽ دلي سڪون جي حالت ۾ ڪتاب ”مقدمہ“ ، لکي
پورو ڪيو.
هن ڪتاب متعلق پنهنجي سوانح ۾ ڄاڻائي ٿو ته ”...
مون سڄيءَ دنيا جي هل هنگامي کان پاڻ کي پري رکي،
هن ڪتاب جي لکڻ جو سلسلو شروع ڪيو؛ ۽ جنهن نئين
ڍنگ سان مون هن مقدمي کي پورو ڪيو، اهو منهنجي
گوشي نشيني واري زندگيءَ جو هڪ يادگار آهي.“ مقدمي
پوري ڪرڻ کان پوءِ ابن خلدون عرب، بربر ۽ ٻين قومن
جا حالات قلمبند ڪرڻ لاءِ قلم کنيو. هيستائين جيڪي
ڪجهه لکيو ويو هو، ان جو حافظي جي ذخيري تي ئي
بنياد هو. پر جڏهن قومن جي تاريخ مرتب ڪرڻ جو
مسئلو سامهون آيو، تڏهن کيس مختلف ڪتابن ڏانهن
رجوع ٿيڻو پيو. ۽ پوءِ جلد ئي ٽيونس ۽ مصر ڏانهن
روانو ٿيو، ۽ پنهنجي زندگيءَ جا آخري چوويهه سال
اتي ئي پورا ڪيائين.
مصر ۾ ڪجهه وقت رهڻ بعد ابن خلدون پنهنجي اهل عيال
کي به پاڻ وٽ گهرائڻ جو فيصلو ڪيو. پر افسوس، جو
اهو جهاز جنهن ۾ علامه جا ٻار ٻچا هئا، اهو مصر
پهچڻ بجاءِ واٽ تي ئي سمنڊ ۾ غرق ٿي ويو. علامه کي
هن واقعي جو زندگيءَ جي آخري گهڙين تائين دل تي
وڏو صدمو رهيو.
ابن خلدون جو زمانو مسلمانن جي زوال جو دور هو،
جنهن کان علامه موصوف متاثر ٿي مسلمانن جي ڪمال ۽
زوال جي مڪمل تاريخ لکڻ گهري ٿي. قومن جي عروج ۽
زوال تي غور ۽ فڪر، کيس اجتماعي زندگيءَ جي عام
اصولن ۽ اجتماعي زندگيءَ جي ترقيءَ جي اصولن مرتب
ڪرڻ ۾ وڏي مدد ڏني. هن انهيءَ دوران مختلف تاريخن
کي سامهون رکندي، پنهنجو پاڻ کان سوال ڪيو ته
’تاريخ جو مطالعو هن روشنيءَ ۾ ڪرڻ گهرجي؟‘ تاريخن
جي زياده مطالعي بعد علامه جا پنهنجا لفظ آهن ته
”نا اهلن من گهڙت قصا ۽ بي بنياد ڳالهيون تاريخ ۾
شامل ڪيون آهن، ۽ بعد ۾ اچڻ وارن، جي اڪثر لڪير جا
فقير هوندا آهن، سي انهن ڳالهين تي قدم به قدم
هليا ۽ ٻڌل سڻيل ڳالهيون اسان تائين پهچايون. هنن
نڪي ته انهن ڳالهين جي سببن تي نظر ڪئي، نڪي خاص
حالتن جو لحاظ رکيو ۽ نه وري انهن کي ڪڏهن تاريخ
جي دامن تان هٽائڻ جو خيال آيو. اهڙيءَ ريت اڪثر
تاريخون حقيقت ۽ سچائيءَ جي نگاهه کان بنهه خالي
آهن، ڇاڪاڻ ته ماڻهن ۾ نقل ڪرڻ جو گهڻو مادو هوندو
آهي ۽ بدقسمتيءَ سان نااهلن جو علم ۽ فن هميشہ
قبضو ۽ اقتدار رهيو آهي. انهيءَ نتيجي تي پهچڻ
بعد، علامه محسوس ڪيو ته اجتماعي ۽ تاريخي تبديلين
۾ ڪنهن به فرد جي ذاتي خواهشن ۽ ارادن جو ڪو به
دخل نه آهي: مختلف ملڪن ۽ مختلف دورن ۾ اجتماعي
حالات مختلف رهيا آهن. نسلي خصوصيتون ۽ جسماني
اڏاوت به دائمي ۽ اَبدي نه آهن، پر آبهوا، غذا،
پاڻي ۽ زمين جي تبديلين سان گڏوگڏ انهن ۾ تبديلي
ٿيندي رهي ٿي.
قومن جون عادتون ۽ اخلاق، محبت ۽ نفرت، توڙي همت ۽
بهادري به طبعي حالتن جون فطري تقاضائون آهن. ٻين
لفظن ۾ تهذيبي ۽ تاريخي ترقيءَ ۾ فقط جاگرافيائي
حالتن جو ئي تمام وڏو اثر دخل آهي ۽ جيستائين انهن
۾ ڪا ڦيرڦار نٿي اچي، تيسيتائين اجتماعي زندگي ۽
انساني تاريخ ۾ ڪا به ردوبدل نٿي ٿئي.
ابن خلدون کان اڳ تاريخ جا اڪثر مورخ، فقط سياسي
واقعن بيان ڪرڻ تي ئي پنهنجو ڪمال سمجهندا هئا.
هنن تاريخ جي حرڪت ۽ تبديليءَ جو يا ته منڍ کان ئي
انڪار ڪري ٿي ڇڏيو، يا انهن تبديلين کي خدا جي
مرضي تصور ٿي ڪيو.
ڪافي عرصي تائين دنيا جا مورخ، ابن خلدون جي تاريخ
نظريي يا ان جي ارد گرد قياس آرائيون ڪندا رهيا، ۽
پنهنجي تحقيق ۾ ڪا به نئين روشني ۽ نئين نگاهه
پيدا ڪري نه سگهيا. آخر ارڙهين اڻوهين صديءَ ۾
يورپ جي ڪن مفڪرن تاريخي نظريي کي سائنٽيفڪ بڻائڻ
لاءِ وڌيڪ سوچڻ ۽ سمجهڻ جي ضرورت محسوس ڪئي. هن
سلسلي ۾ اٽلي، فرانس، برطانيا ۽ جرمنيءَ جي مفڪرن
پنهنجي پنهنجي نقطهء نظر سان سوچڻ شروع ڪيو. آخر
اوڻهين صديءَ جي پوئين حصي ۾، هڪ يوروپي مفڪر ثابت
ڪيو ته تاريخ جو نظريو فقط نظريو نه آهي، پر هو به
ٻين سائنسن وانگر خود هڪ تاريخي سائنس آهي، جنهن
جا بنيادي اسباب ئي تاريخ کي اڳتي وڌائڻ يا پوئتي
هٽائڻ ۾ وڏو پارٽ ادا ڪن ٿا. بنيادي سببن جو اظهار
ڪندي ٻڌايو ويو ته تاريخ ۾ فقط جاگرافيائي حالات
کي بنياد تسليم ڪرڻ بلڪل غلط آهي- جاگرافيءَ جون
تبديليون يعني جبل، پهاڙ، سمنڊ، نديون ۽ زمين جا
مٿاڇرا هزارن سالن بلڪ لکن سالن کان پوءِ تبديل
ٿين ٿا، ۽ انسان جي اجتماعي زندگيءَ جي تاريخ،
هزارن سالن، بلڪ ڪٿي ته سون سالن جي عرصي ۾ ئي
تبديل ٿي چڪي آهي. مثال طور يورپ توڙي دنيا جي ٻين
ملڪن ۾ انساني تاريخ ڪيتريون تبديليون ڪري چڪي آهي
۽ جاگرافيائي حالات اڄ به اهي ئي آهن، جيئن شروع ۾
هئا: انساني تاريخ قبائلي دور کان تبديل ٿي
غلاميءَ جي دور ۾ آئي؛ ان بعد جاگيرداري دور ۽
سرمائيداري دور ۾ گهڙي، ۽ اڄ ته ڪن ملڪن ۾
سرمائيداري دور کان تبديل ٿي سوشلسٽ دور تي پهتي
آهي. اسان جي پنهنجي ملڪ پاڪستان ۾ به اِها حقيقت
بلڪل چٽيءَ طرح ڏسڻ ۾ اچي ٿي، ته اسان جي ملڪ جي
جاگرافيائي حالتون- جبل پهاڙ، نديون ۽ زمين جو
مٿاڇرو هزارها سالن کان اهو ئي آهي جيڪو اڄ اکين
سان ڏسجي پيو، ۽ اجتماعي زندگي کي انهيءَ عرصي ۾
ڪيتريون تبديليون ڪري چڪي آهي- اڄ کان فقط ٻه سئو
ورهيه اڳ اجتماعي زندگي ۽ انساني تاريخ جو جيڪو
دور هو، سو هينئر نه آهي.
هن مشهور عالم ۽ فلسفي، عيسوي سن 1406 ۾، مصر ۾
وفات ڪئي، مصر وارن علامه جي زندگيءَ جي آثارن ۽
نشانن کي پنهنجيءَ ياد کان وساريو نه آهي، حالانڪ
قاهره ۾ اڄ هن جي قبر جا نشان به مشهور نه آهن.
ٽيونس وارا انهيءَ ياد ۾ سڀني کان اڳتي آهن. هنن،
جنهن گهر ۾ علامه پيدا ٿيو هو ۽ وڌي وڏو ٿيو هو،
ان جي دروازي تي، هن مفڪر جي ياد ۾ هڪ سنگمرمر جي
تختي لڳائي آهي، ۽ ان جي ڀر ۾ هڪ خوبصورت مقبري
سان لاڳو ”سيد القبه “ جي نالي سان هڪ ننڍڙو
درسگاهه پڻ قائم ڪيو آهي، جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته
علامه مرحوم انهيءَ هنڌ تعليم ڏيندو هو. ابن سلاهه
جو قلعو جتي علامه پنهنجو مشهور ”مقدمه “ تصنيف
ڪيو، ان ۾ سندن رهائش جي جاءِ ۽ وقت سڀني کي معلوم
آهي. موجوده شهر کان پنجن ميلن جي مفاصلي تي
انهيءَ قلعي جا کنڊر اڄ به اهل ِنظر کي ڏسڻ ۾ اچن
ٿا، ۽ هن فلسفيءَ جي ياد کي تازو ڪندا رهن ٿا.
(تلخيص ۽ ترجمو)
سومار علي سومرو، بي. ي (آنرس)
چنڊ جو مٿاڇرو
گذريل ڪجهه سالن کان وٺي چنڊ جي مٿاڇري جي تصويرن
وٺڻ لاءِ مختلف نمونن ۾ ڪوششون ڪيون ويون آهن، جن
مان ڪي نهايت ڪامياب ٿيون آهن. چنڊ، جيئن ته اسان
جي ڌرتيءَ وانگر هڪ گولو آهي، ان ڪري ان جو هيٺيون
اڌ حصو ڌرتيءَ تي رهندڙ انسانن کي نظر اچي ٿو، ۽
مٿانهون اڌ نظرن کان غائب رهي ٿو. چنڊ جو جيڪو اڌ
گولو اسان کي ڏسڻ ۾ اچي ٿو، تنهن جو مشاهدو گهڻي
وقت کان وٺي وڏين ۽ طاقتور دوربينين وسيلي ماهر
هيئتدان ڪندا رهيا آهن، ۽ ان جي تصويرن وٺڻ جون
ڪوششون به گذريل ڪيترن ئي سالن کان وٺي جاري رهيون
آهن. پر جيئن ته اهي تصويرون هزارها ميلن جي
مفاصلي تان ورتيون وينديون هيون، ان ڪري انهن مان
ڪن ٿورين بنيادي ڳالهين کان سواءِ چنڊ جي مٿاڇري
بابت تفصيلي معلومات نه ملي سگهندي هئي. چنڊ تي
انسان کي موڪلڻ، ۽ کيس دوباره زنده هيٺ لاهڻ جي
مهم جي سلسلي ۾، روس ۽ آمريڪا جا سائنسدان جيڪي
ڪوششون ڪري رهيا آهن، سي هن وقت گهڻيءَ حد تائين
ڪاميابيءَ جي منزلن کي ويجهو پهچي رهيون آهن. تازو
آمريڪا، چنڊ جي مٿاڇري جون تمام ٿوري مفاصلي تان
نهايت چٽيون تصويرون وٺڻ ۾ ڪامياب ٿيو آهي، جن مان
آخرين تصوير چنڊ جي مٿاڇري کان فقط هڪ هزار فوٽن
جي اوچائيءَ تان ورتل آهي.
آمريڪا جي خلائي تحقيقات سان واسطو رکندڙ اداري جي
سائنسدانن، سيپٽمبر 1964ع ۾، ڀنڀوريءَ جي شڪل جي
هڪ خود-ڪار مشين (جنهن کي ”روبوٽ“ سڏيو وڃي ٿو)
تيار ڪري، ان کي چنڊ جي مٿاڇري جي سروي ڪرڻ جو حڪم
ڏنو. مشيني ڀنڀوريءَ جي منهن ۾ اکين واريءَ جاءِ
تي ٻن تيز حس ڪئميرائن جا بلور رکيا ويا ۽ پوءِ
ڀنڀوريءَ کي سيکاريو ويو ته چنڊ تي مٿي پهچڻ بعد،
اها سندس اکين جي اڳيان رکيل ڍَڪَن کي ڇپرن وانگر
کولي ۽ ٻوٽي. ڀنڀوريءَ جي نڪ واريءَ جاءِ تي، گول
رڪابيءَ جهڙو هڪ تيز حس ريڊيائي اوزار لڳايو ويو ۽
”روبوٽ“ کي ٻي هدايت اها ڪئي ويئي ته هو انهيءَ
رڪابيءَ جهڙي نڪ جي ذريعي ڪئميرائن جي ورتل تصويرن
کي، زمين تي لڳل ٽيليويزن پردن ڏانهن موڪلي. آخر ۾
کيس هي حڪم ڏنو ويو ته جڏهن هو انهن تصويرن وٺڻ ۽
کين زمين تي موڪلڻ جو ڪم ختم ڪري، تڏهن هڪدم چنڊ
جي ويجهي ۾ ويجهي مٿاڇري سان ٽڪرائجي پاڻ کي تباهه
ڪري ڇڏي. جڏهن اهي سڀ ابتدائي تياريون پوريون
ٿيون، تڏهن سائنسدانن ڀنڀوريءَ جا کنڀ ويڙهي،
انهيءَ مشيني جيت کي کڻي هڪ طاقتور راڪيٽ مٿان
رکيو ۽ راڪيٽ کي زمين جي مدار جي چوڌاري خلا ۾
چاڙهيو ويو، جنهن ڀنڀوريءَ کي زمين جي ڇڪ کان مٿي
پهچائي ڇڏيو، جتي ڀنڀوريءَ پنهنجا ويڙهيل کنڀ کولي
پنهنجو پاڻ مقرر ڪيل رستي تي اڏامڻ شروع ڪيو.
ڀنڀوريءَ جو رخ هاڻي، 243665 ميل ڊگهي آسماني رستي
ڏانهن ڦيرايو ويو، جنهن جو آخرين ڇيڙو چنڊ تي واقع
هڪ خشڪ ڍنڍ جي تري ۾ هو، جنهن کي اڄ ڏينهن تائين
ڪنهن به هيئتدان ڪنهن خاص نالي ڏيڻ جي ضرورت ڪا نه
سمجهي هئي، حالانڪ انهن چنڊ جي ٻين نمايان حصن کي
سڃاڻپ لاءِ مختلف نالا ڏئي ڇڏيا آهن.
سائنسدانن انهيءَ ڀنڀوريءَ کي ”رينجر_ 7“ جو نالو
ڏنو جنهن جو ڪم هو، چنـڊ جي مٿاڇري جي سروي
ڪرڻ.”رينجر“، ڪي ٻه-چار ميل هيڏانهن يا هوڏانهن
چنڊ جي انهيءَ هنڌ تي وڃي پهتو، جيڪو کيس ڏنل آرڊر
۾ متعين ڪيو ويو هو. رينجر_7 ڏيڍ ميل في سيڪنڊ جي
رفتار سان اتي اچي ٺڪاءُ ڪيو، ۽ آخر ۾ هن پنهنجي
مقصد کي پوري ڪرڻ بعد، چنڊ جي هڪ ٽڪريءَ سان
ٽڪرائجي پاڻ کي تباهه ڪري ڇڏيو، پر هن پنهنجي ڊگهي
پرواز جي آخري هڪ هزار سيڪنڊن جي دوران ۾، مليل
حڪم جي پيروي ڪندي، پنهنجين اکن جا ڇپر ايتري تيز
رفتاريءَ سان کولڻ ۽ ٻوٽڻ شروع ڪيا، جو هن
پنهنجيءَ زندگيءَ جي انهن پوين هڪ هزار سيڪنڊن
اندر چنڊ جي مٿاڇري جون 4316 تصويرون زمين تي لڳل
ٽيليويزن پردي تي پهچايون، جي اعتبار جي حد کان
ٻاهر صاف ۽ چٽيون آهن. خود سائنسدان اهڙيون چٽيون
تصويرون ڏسي دنگ رهجي ويا، جو هن کان اڳي چنڊ جي
مٿاڇري جي تصويرن وٺڻ جون جيڪي به ڪوششون ڪيون
ويون هيون، تن ۾ جيڪي تصويرون حاصل ٿي سگهيون
هيون، سي اهڙيون چٽيون ڪين هيون، جو انهن ۾ هرڪا
شيءِ صاف نظر اچي سگهي. انهن تصويرن مان سائنسدانن
وڏي آسانيءَ سان چنڊ جي انهيءَ هنڌ جو تقرر ڪيو،
جتي رينجر_7 ٽڪرائجي تباهه ٿيو هو. |