سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل

باب: --

صفحو :4

دنيا جو سڀ کان وڏو هوائي حادثو

ترڪيءَ جو هڪ هوائي جهاز، جمبو جيٽ، فرانس جي شهر پيرس جي هوائي اڏي تان اڏامڻ کان ستت پوءِ، هڪ ويجهي جهنگل ۾ ڪري تيل ٿي ويو. انهيءَ جهاز ۾ 334 مسافر ۽ 11 عملي جا ماڻهو سوار هئا. جن ۾ گهڻائي ترڪن، انگريزن ۽ فرينچن جي هئي. هڪ شاهد جو چوڻ آهي ته جهاز جو ٺڪاءُ ايڏو ته وڏو هو. جو حادثي واري جاءِ کان ڪيترا ميل پري مارٽيفونٽائن ۾ گهرن جي درين جا شيشا ڀڄي پيا. انهيءَ حادثي جي ڪري ترڪيءَ ۾ سوڳ ملهائڻ  جو اعلان ڪيو ويو ۽ ريڊيو ۽ ٽيليويزن تان ماتمي موسيقي نشر ڪئي وئي.

هي حادثو هوابازيءَ واري ويمي لاءِ پڻ سڀ کان وڌيڪ مهانگو ثابت ٿيو آهي. ڀرطانيه ۾ ويمي جي ماهرن جو چوڻ آهي ته هوائي جهاز جي ويمي جي رقم هڪ ڪروڙ اسٽرلنگ کان سواءِ، مري ويل مسافرن جي مائٽن  ۽ وارثن کي پڻ ويمي جون وڏيون رقمون ڀري ڏيڻيون پونديون.

ٻي وڏي جنگ دوران لڪل شخص لڌو

فلپائن جي سهر منيلا جي ويجهو جهنگلن ۾ هڪ اهڙو شخص ڏسڻ ۾ آيو آهي، جنهن بابت چيو وڃي ٿو ته هو ٻي وڏي جنگ دوران لڪي ويندڙ جپاني سپاهي آهي. هو پنهنجي فوجي آفيسر جي حڪم موجب 1940ع کان وٺي، 29 سالن تائين، اڪيلو جهنگ ۾ لڪو پيو هو. هن جو نالو سب ليفٽننٽ هيرو اونودا آهي، جنهن کي تازو جپان جي فوج هٿيار ڦٽا ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. جپان جي ساهي فوج جو هڪ اڳوڻو ڪمانڊنگ آفيسر ميجر تانگيچي اهڙو حڪم کڻي منيلا روانو ٿي ويو آهي. ميجر تانگيچي جو چوڻ آهي ته 29  سال اڳ هن سب ليفٽننٽ هيرو او نودا کي حڪم ڏنو هو ته ڀلي سڀ جپاني فوجي مري وڃن، پر تون جاسوسيءَ وارو ڪم جاري رکندو اچجانءِ. ان کان  سواءِ چيو وڃي ٿو ته 10 آگسٽ 1940ع تي جپان جي شهنشاهه هيروهٽو جو به هڪ فرمان سب ليفٽننٽ هيرو اونودا وٽ موجود آهي. جنهن ۾ هن کي پنهنجي ڊيوٽي جاري رکڻ جو حڪم ڏنو ويو هو.

 

ٽيليويزن ڪئميرائن وسيلي انڌا به ڏسي سگهندا

آمريڪا ۾ ٻن انڌن کي اوزارن وسيلي دنيا جينظارن ڏيکارڻ جو تجربو ڪامياب ويو آهي. هاڻي انڌا به ائين ڏسي سگهندا، جيئن اکين وارا ڏسن ٿا.

سائنسدانن انهن انڌن جي اکين ۾ ٻه تمام ننڍا ٽيليويزن ڪئمرا لڳائڻ سان گڏ، سندن دماغ ۾ به اليڪٽرانڪي اوزار لڳايا آهن. ٽيليويزن ڪئميرائن اکين جو ڪم ڪيو ۽ انهن جيڪي ڪجهه ڏٺو، تنهن جو عڪس اليڪٽرانڪي اوزارن جي وسيلي دماغ کي موڪليو. اهڙيءَ طرح اهي انڌ به ڏسڻ لڳا، جهڙيءَ طرح اکين وارن کي ڏسڻ ۾ ايندو آهي.

 

ڪڪڙ جي جهيڙي تان چار ماڻهو سخت زخمي

هندستاني ڪشمير جي شهر سرينگر ۾ هڪ ڪڪڙ تان ٻن پاڙيسري ڪٽنبن جي وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو. هڪٻئي تي پٿرن جي وسڪاري ۾ چار ماڻهو ڦٽجي پيا، جن مان هڪڙي جي حالت بنهه نازڪ ٿي وئي.

 

ڀلا ٻڌايو ته

 

1.سنڌيءَ ٻوليءَ جون هن وقت مشهور روزانه اخبارون ڪهڙيون آهن؟

2.ڪهڙي ملڪ کي دنيا جي ڇت سڏيو وڃي ٿو؟

3.  اسين ڏينهن جي وقت تارا ڇو نٿا ڏسي سگهون؟

4.  الجزائر جي گاديءَ جو هنڌ ڪهڙو آهي؟

5.  ڪا به شئي سڙڻ کان پوءِ ڪيڏانهن ويندي آهي؟

6.    دنيا جو وڏي ۾ وڏو اسلامي ملڪ ڪهڙو آهي؟

7. اُٺ کي رڻپٽ جو جهاز ڇو ٿو سڏيو وڃي؟

8.       هندستاني بادشاهن جو مشهور هيرو”ڪوهنور“ هينئر ڪٿي آهي؟

9.     انگلنڊ جي موجوده وزير اعظم جو نالو ڇا آهي؟

10.   دادو ضلعي ۾ هڪڙو مشهور پراڻو قلعو آهي، ان جو نالو ٻڌايو؟

(هنن سوالن جا جواب پڙهندڙ وٽان پهچڻ بعد، سندن نالن سان گڏ شايع ڪيا ويندا.)

 

گذريل مهيني جي سوالن جا جواب

 

1.                  شاهه جو رسالو سڀ کان پهرين جرمن عالم ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرسپ، جرمنيءَ جي شهر لپزگ مان ڇپايو هو.

2.                 اٽليءَ ۾. سڌي هئڻ جي بدران آڏو بيٺل آهي.

3.                 جهڪڙ جو دڙو.

4.                 ٽماهي”مهراڻ“،

5.                 گليو.

6.                 ڪارونجهر.(ننگر پارڪر شهر سان لڳ).

7.                 1_ جولاءِ 1970ع.

8.                 ڪرپئٽرڪ مئڪملن سن 1839ع ۾ اسڪاٽلينڊ جي شهر ڊمفريز ۾ سائيڪل ٺاهي.

9.                 انهن سوالن جا جواب تمام ٿورن ٻارن لکي موڪليا آهن ۽ انهن به گهڻو ڪري ڌّڪا هنيا آهن. جيئن سوال نمبر 3 جي جواب ۾ ڪن ٻارن موهن جو دڙو لکيو آهي. هنن اهو سوال پورو سمجهيو ڪونهي. سوال ۾ صاف لکيل هو ته”لاڙڪاڻي ۾ تازو هڪ دڙو کوٽيو ويو آهي.....“

 ظاهر آهي  ته موهن جو دڙو گهڻو وقت اڳي کوٽيو ويو هو. سوال نمبر 6 جو جواب اهو ڏنو ويو آهي ته ضلعو ٿرپارڪر هڪ ريگستاني علائقو آهي. انڪري اتي به جبل ٿي نٿو سگهي. حقيقت ۾ سڄو ضلعو ريگستاني علائقو ڪونهي، ٻار جيڪڏهن جاگرافي ڌيان سان پڙهندا ته کين خبر پئجي ويندي. بهر حال، آئيندي انهن سمورن ٻارن جا نالا شايع ڪيا ويندا، جيڪي جواب موڪليندا، پوءِ کڻي جواب غلط به هجن.

 

کل ته سهي

 

موڪليندڙ: آغا عرفان الله، حيدرآباد.

هڪ ماستر ڪنهن اسڪول ۾ نئون بدلي ٿي ويو، ڪلاس ۾ ڇوڪرا سڀ جڏا هئا. ٻن ٽن ڏينهن کان پوءِ اسڪولن جي صاحب اسڪول گهمڻ آيو،استاد کان پڇيائين ته ”ڇوڪرا هوشيار آهن يا نه؟ استاد وراڻيو، ”سائين سڀ ٺيڪ آهن.“

صاحب هڪ ڇوڪر کي گهوڙي جي هجي ڪرڻ لاءِ چيو.”ن،ل،س، گهوڙو.“ اها هجي ٻڌي صاحب استاد ڏانهن تڪڻ لڳو، استاد چيو ته ”سائين، الله ڏسي ٿو ته ڇوڪرن کي اهو به مون سيکاريو آهي.“

پٽ(ماءُ کي )امان! اڄ ته اڦراٽا پچاءِ.

ماءُ: ابا گهر ۾ اٽي جي لپ به ڪانهي.

پٽ: ته چڱو، پوءِ  ڀل ڊڳڙ پچاءِ.

نور محمد ڪنڀر، ملڪاڻي شريف،

ڪنهن پير کان سندس هڪڙي مريد پچيو ته ‎” سائين، توهان جي عمر گهڻي آهي“ پير جواب ڏنو،”چاليهه سال.“ ڏهن سالن کان پوءِ پير کان وري انهيءَ ساڳئي ماڻهون پڇيو ته ”توهان جي هاڻي عمر گهڻي آهي؟“ پير وري به چيو ته ”چاليهه سال.“ انهيءَ تي مريد حيرت مان چيوته ”سائين، ڏيهه سال پهرين به توهان چيو هو ته چاليهه سال، هينئر به چاليهه سال ڪيئن ٿا چئو؟” پير حاضر جوابيءَ سان چيو: جيڪڏهن تون ڏهن سالن کان پوءِ ايندين، تڏهن به آءُ چاليهه سال چوندس.“

خالد پرويز ڪنڀر، ملڪاني شريف.

ڪنهن ڳوٺ ۾ هڪڙو ملان رهندو هو. هڪ دفعي تمام گهڻي برسات پيئي، ملان پنهنجي گهر جي دري کولي ان مان برسات جو نظارو ڏسي رهيو هو. هن هڪڙي ماڻهو کي ڊوڙندو ڏٺو، هن انهيءَ ماڻهوءَ کي چيو ته ”اهڙيءَ طرح ڇو ڀڄي رهيو آهين.” هن ماڻهو جواب ڏنو ته ”ڏسين نٿو ته برسات ڪهڙي پئجي رهي آهي!“ ملان چيو ته ” خدا جي رحمت کان ماڻهوءَ کي اهڙيءَ طرح ڀڄڻ نه کپي.“ اهوماڻهو ماٺ ٿي ويو ۽گهر پهتو، هن جا ڪپڙا بلڪل پسي ويا هئا. هن گهر وڃي ٻيا ڪپڙا پاتا. ٻئي ڏينهن اهو ماڻهو پنهنجي گهر جي دريءَ مان ٻاهر برسات جو نظارو ڏسي رهيو هو، هلڪي هلڪي برسات پئجي رهي هئي. هن ماڻهوءَ ڏٺو ته ڪالهه وارو ملان ڀڄندو پيو وڃي. هن ماڻهوءَ ملان کي چيو ته” ملان صاحب! خدا جي رحت کان هاڻي ڇو ڀڄي رهيو آهين؟“ ملان اهو ٻڌي وراڻيو ته” اي عقلمند ماڻهو! تون نٿو سمجهين ته خدا جي رحمت منهنجي پيرن هيٺان لتاڙجي رهي آهي.“

پير شهاب الدين،حيدرآباد.

ٽيٽيءَ هڪڙي ماڻهوءَ کان، جيڪو ريل ۾ سفر ڪري رهيو هو. ٽڪيٽ ڏسڻ جي لاءِ گهري، ٽڪيٽ ڏسي ٽيٽيءَ هن کي چيو: ”هيءَ ٽڪيٽ ته چئن ڏينهن جي پراڻي آهي!“ مسافر جواب ڏنو:”پر گذريل ٽن ڏينهن کان ته تازي آهي، اڄ چوٿين ڏينهن ريل ۾ چڙهيس ته پراڻي ٿي پيئي!“

محمد زمان جمالي، لطيف آباد.

هڪڙو ننڍڙو ڇوڪرو راند وچ ۾ ڇڏي پنهنجي نانيءَ وٽ دوڙي آيو ۽ چيائين: ”ناني! توکي ڏند ته ڪونه آهن نه؟“ نانيءَ چيو،” نه ابا، هڪڙو به ڪونهي.“ ان کي ڇوڪري کيس هڪ صوف ڏيئي چي:”ناني! منهنجو هي صوف تون پاڻ وٽ رک، جيسين آءُ راند ڪري اچان.“

 

هنن سان ملو:

1.                  نالو: نند ڪمار لکواڻي پٽ سيٺ ٽيئون مل(پڙهندڙ ڪلاس اٺون).

عمر 12 سال.

وندر:ٽڪليون گڏ ڪرڻ ۽ خطن جا جواب جلد ڏيڻ.

ائڊريس: گهر نمر اي _ 411_7342، ڀرڳڙي روڊ، حيدرآباد. سنڌ.

2.                 نالو:جميل احمد، ولد محمد سليمان ميمڻ( پڙهندڙ ڪلاس ڏهون، الف)

وندر: ڪرڪيٽ راند ڪرڻ

ائڊريس: سنڌ سرڪار جو جامع هاءِ اسڪول خيرپور. سنڌ.

3.                 نالو: زبيده سلطانه ڌيءَ محمد عمر مودي(پڙهندڙ ڪلاس ستون).

عمر 14 سال.

وندر:ڀينرن سان قلمي دوستي رکڻ، سبڻ ڀرڻ جو ڪم رڪڻ رسالا پڙهڻ.

ائڊريس: گهر نمبر 656 C/13 خير شاهه جو پڙ حيدرآباد سنڌ.

4.                 نالو: قمرالدين ولد غلام حسين سومرو( پڙهندڙ پنجون ڪلاس)

عمر 13 سال.

وندر: رسالا ڀڙهڻ ۽ ورزش ڪرڻ

ائڊريس: گهر نمبر سي _13_714 واڍن جو پڙ حيدرآباد سنڌ.

5.                 نالو: آغا عرفان الله ولد آغا عبيدالله خان ( پڙهندڙ ڪلاس پنجون).

عمر:10 سال.

وندر: ٻاراڻا رسالا پڙهڻ ۽قلمي دوستي رکڻ.

ائڊريس: معرفت آغا عبيدالله خان، سيڪريٽري آر.ٽي.اي. حيدرآباد سنڌ.

6.                 نالو:نظير احمد ولد عبدالڪريم شورو(پڙهندڙ ڪلاس ستون بي).

عمر: 12 سال.

وندر: آکاڻيون پڙهڻ ۽ لکڻ.

ائڊريس: نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد سنڌ

7.                 نالو: خالد اڪبر ولد غلام حيدر تالپر‎(پڙهندڙ ڪلاس اٺون).

عمر:14 سال.

وندر: معلوماتي ڪتاب پڙهڻ.

ائڊريس: گورنمٽ هاءِ اسڪول، ٽنڊو جان محمد.

8.                 نالو: جڳديش لعل پٽ ڪشنچند بيجاج( پڙهندڙ ڪلاس پنجون بي).

وندر: قلمي دوستي، گل ڦل پڙهڻ ۽ اخبار پڙهڻ.

ايڊريس: معرفت ڪشنچد بيجاج، ميرپور ماٿيلو، ضلعو سکر سنڌ.

9.                 نالو: رخسانه پروين ڌيءَ محمد صادق قريشي(پڙهندڙ ڪلاس پنجون).

عمر:11 سال.

وندر: رسالا پڙهڻ، ٽي وي تي سنڌي ڊراما ڏسڻ ۽ ڀينرن سان قلمي دوستي رکڻ

ائڊريس: گورنمينٽ پرائمري اسڪول قاضي عبدالقيوم، پير سخي روڊ، حيدرآباد سنڌ.

10.             نالو:منور علي شاهه ولد حاجي حسين شاهه (پڙهندڙ ڪلاس پنجون).

عمر 11 سال.

وندر: راند ڪرڻ، تصويرون ٺاهڻ، رسالا پڙهڻ ۽ سنڌي فلمون ڏسڻ.

ائڊريس: گورنمنٽ پرائمري اسڪول عبدالقيوم، پير سخي روڊ، حيدرآباد سنڌ.

11.              نالو محمد آشرف ولد گل محمد ابڙو ( پڙهندڙ ڪلاس پنجون)

عمر:11 سال

وندر: سنڌي رسالا پڙهڻ، ٻارن جي پروگرام ۾ حصو وٺڻ ۽ قلمي دوستي رکڻ.

ائڊريس: گورنمنٽ پرائمري اسڪول قاضي عبدالقيوم، پير سخي روڊ حيدرآباد سنڌ.

12.             نالو: ارشد ولد الهه بخش ڀٽي(پڙهندڙ ڪلاس پنجون).

عمر 11 سال.

وندر: تصويرون ٺاهڻ ۽ سنڌي رسالا پڙهڻ ۽ آکاڻيون لکڻ.

ائڊريس: گورنمنٽ پرائمري اسڪول قاضي عبدالقيوم، پير سخي روڊ حيدرآباد.

13.             غلام حسين عرف پيو ولد امان الله سومرو(پڙهندڙ درجو پنجون).

عمر 11 سال.

وندر: آکاڻيون پڙهڻ قلمي دوستي رکڻ.

ائڊريس: گورنمينٽ پرائمري اسڪول قاضي عبدالقيوم، پير سخي روڊ حيدرآباد سنڌ.

14.             نالو: منور علي ولد غلام سرور شيخ(پڙهندڙ درجو پنجون).

عمر:12 سال.

وندر: رسالا پڙهڻ، ٽي. وي ڏسڻ ۽ فلمون ڏسڻ ۽ راند ڪرڻ.

ائڊريس: گورنمينٽ پرائمري اسڪول قاضي عبدالقيوم، پير سخي روڊ حيدرآباد سنڌ.

15.             نالو: سعيد اختر ولد ميان علي بخش احمد زئي (پڙهندڙ ڪلاس ڏهون).

عمر: 14سال.

وندر: ڪرڪيٽ راند ڪرڻ

ائڊريس: ٽنڊوآغا، حيدرآباد سنڌ.

16.             نالو منظورعلي ولد مراد علي مرزا پڙهندڙ ڪلاس نائون.)

عمر: 13 سال.

وندر: ڪرڪيٽ راند ڪرڻ.ڪتاب پڙهڻ.

ائڊريس: ٽنڊو آغا، حيدرآباد سنڌ.

17.             نالو جواد حسين ولد ممتاز مرزا(پڙهندڙ ڪلاس ڏهون)

عمر: سال 14.

وندر: ڪرڪيٽ راند ڪرڻ. ڪتاب پڙهڻ

ائڊريس: ٽنڊو آغا، حيدرآباد سنڌ.

18.             نالواعجاز احمد ولد محمد عثمان ڀٽي(پڙهندڙ، ڪلاس چوٿون).

عمر: 10 سال.

وندر: آکاڻين جا ڪتاب پڙهڻ ۽اسڪول جو ڪم ڪار.

ائڊريس: ميمڻ اسپتال، حيدرآباد سنڌ.

19 نالو:غلام عباس ولد محمد عمر بلوچ. پڙهندڙ ڪلاس ڇهون)

عمر: 12 سال

وندر: پنج وقت نماز ۽ شام جو ٽيوشن وٺڻ ۽ اکاڻيون پڙهڻ.

ائڊريس:ٽنڊو مير محمود، اولڊ پاور هائوس حيدرآباد.

19.             نالو: قاضي الله بخش ولد واحد بخش قاضي (پڙهندڙ ڪلاس ستون).

 عمر:12 سال

وندر: ڪرڪيٽ، مصوري ۽ آکاڻيون پرهڻ.

ائڊريس: قاضي الله بخش گهٽي، حيدرآباد سنڌ.

 

سلام ۽ سنيها

جناب ايڊيٽر صاحب،

جنوري ۽ فيبروريءَ جون پرچو”گل ڦل“ پڙهيم، خوشي به ٿي ۽ وري ڏک به.

خوشي انهيءَ ڪري ٿي جو اوهان”گل ڦل“ کي ٻيهر شروع ڪري اسان جي همت افزائي ڪئي آهي. ڏک انهيءَ ڳالهه جو ٿئي ٿو. ته رسالي ۾ آکاڻيون ۽ لٽڪا چٽڪا تمام ٿورا، ۽ مضمون تمام گهڻا هئا.جيئن ته ننڍڙن ٻارن کي گهڻو ڪري آکاڻيون ۽ لٽڪا چٽڪا بيحد پسند هوندا آهن. تنهنڪري مان اهو عرض ڪندس ته مهرباني ڪري آکاڻيون ۽ لطيفا گهڻي کان گهڻا شايع ڪريو، جيئن ته هيءَ ڪتاب ڪجهه پڙهڻ جهڙو ٿئي. معلومات لاءِ ڪالم شروع ڪريو ۽ سرورق تي هر مهيني ڪنهن ننڍڙي ٻارڙي جو فوٽو شايع ڪريو.

عبدالغفو وڳڻ، ڳوٺ موندر ضلعو دادو.

 

ادا گذريل پرچو (گل ڦل)اکين جو ٺار، ڳچيءَ جو هار، من جو موتي ۽ اڃايلن لاءِ آبحيات (پاڻي) هو.

گذريل پرچو پڙهي ائين محسوس ٿيو ڄڻ  اوهان سنڌ جي ٻارڙن جي دل کٽي ورتي آهي.”گل ڦل“ وري بند نه ڪجو. مان جڏهن پنهنجن وڏن جا رسالا پڙهيا هئا. تڏهن منهجي دل جي اونهاين مان هيءُ لفظ نڪتا:”ڪاش اڄ به گل ڦل نڪري،“ هاڻي اهي لفظ منهنجا پورا ٿيا آهن. ان لاءِ اوهان کي ۽ سڄي سنڌ جي ٻارڙن کي لک مباڪون هجن.

اوهان جو ننڍو ادو، جميل تحليل، خيرپور.

 

ادا،

گل ڦل منهنجي آڏو آهي، اوهان جهڙي نموني گل ڦل جاري ڪيو آهي، سو نيٺ هڻي وڃي هنڌ ڪندو.

ڀلا ايڏي وڏي مدت بعد، نڪرندڙ گل ڦل کي اسين ڪيئن نه ڪامياب بڻائينداسون، جنهن جي ڏسڻ لاءِ اسان جون اکيون اُداس هيون.

گل ڦل اسان جو آهي. انڪري مان ڪجهه گل ڦل جي باري ۾ اوهان کي صلاح مشورو ڏيندس. هي پرچو اوهان تڪڙ ۾ ڪڍيو آهي، پر مان سمجهان ٿو پنهنجي لحاظ کان تمام بهترين آهي، پڙهڻ جهڙيون شيون آهن. ڀيڻ نيلوفر جويو جو ڊرامو، شيخ اياز جو گيت، ڪهاڻي ڇيلو ۽ بگهڙ، بس.

ادا، اڄ جا ٻار خاص ڪري نيون ڪهاڻيون، نئون مواد وڌيڪ پڙهڻ پسند ڪن ٿا.

وڏن اديبن جي ليکڪن سان گڏ هڪ حصو رڳو ننڍڙن اديبن لاءِ رکو، جنهن ۾ انهن جا ليک، ڪهاڻيون، نظم، ننڍڙا ڊراما ۽ مقصدي ڪهاڻيون هجن. لوڪ ڪهاڻين سان گڏوگڏ نيون ڪهاڻيون ڏيو. معلومات جو سلسلو شروع ڪيو، جنهن ۾ ٻار معلومات جا فوٽو ڏين، برابر جواب ڏيندڙ جا فوٽو ڏيو. ائين اسان جي معلومات ۾ پڻ اضاف ايندو. ۽ رسالي جي سونهن ۾ ٻيڻي ڪشش ٿيندي.

سائنس جو هڪ مضمون به ڏيندا رهو.ان کان سواءِ هڪ عنوان ڏيو،ان چٽاڀيٽيءَ تي جدا جدا ٻار لکن. جنهن سان اسان ۾ لکڻ جو مادو پيدا ٿيندو.

شبير سومرو، خير پور ميرس.

 

محترم ايڊٽر صاحب اسلام عليڪم،

رسالو ٻيهر شايع ڪرڻ تي مبارڪباد قبول ڪرڻ فرمائيندا. ايڊيٽوريل وڻيو، محترم نياز همايونيءَ جا شعر پڻ ڏيندا. آکاڻي ڇيلو ۽ بگهڙ سٺي هئي.

اوهان جو، شيخ احمد ڪبير، پڊعيدن.

 

ادا، اسلام عليڪم:

”گل ڦل“جي وري نڪرڻ جو پڙهي ڏاڍي خوشي ٿي. سنڌ ۾ سنڌي ٻارن جي لاءِ هڪ سنڌي رسالي جي کوٽ پئي محسوس ٿي، اها هاڻي پوري ٿي وئي آهي. اڳ جيڪو ”گل ڦل“ نڪرندو هو حالانڪ اهو آءُ ڪونه پڙهندو هوس، (ڇو ته آءُ ننڍو هوس) پر انهيءَ جي باري ۾ وڏن ڀائرن کان( جيڪي انهيءَ وقت ٻار هئا ۽رسالو پڙهندا هئا) گل ڦل جي تعريف به ٻڌيم ۽ انهيءَ پراڻي رسالي جي هڪ ٻه ڪاپيون به ڏٺيون اٿم. مون کي اميد آهي ته نئين سر وري جو گل ڦل ڪڍي رهيا آهيو انهيءَ کي اڳوڻي گل ڦل کان به بهتر بنائيندا.

عبدالعليم زرگر، بدين.

 

پيارا ادا،

فيبروريءَ جو رسالو گل ڦل پڙهيم، سڄو ئي پسند آيو. ادا اهڙو بهترين رسالو شايع ڪرڻ تي منهنجي پاران مبارڪون قبول ڪندا ۽ مون کي اميد آهي ته اوهان هي رسالو باقائدگي سان شايع ڪندا رهندا.

ادا، منهنجي مادري زبان اردو آهي، پر مون کي سنڌي ادب سان بي انتها پيار آهي، ۽ آءُ سنڌ ۾ رهندڙ هر هڪ ڀاءُ ۽ ڀيڻ کي گذارش ڪنديس ته سنڌي سکو،سنڌ پڙهو. هي اسان جي صوبي جي مٺي ٻولي آهي، هن کي ترقي ڏيڻ اسان جو فرض آهي.

زبيده سلطانه مودي، حيدرآباد.

جناب اسلام عليڪم،

اسان گل ڦل رسالو پڙهيو ۽ ڏاڍو پسند آيو. جنهن لاءِ توهان کيرون لهڻيون. اسان جي دعا آهي ته هي ٻارڙن جو رسالو وڏي ويجهي ۽سنڌ جي ابهم ٻارڙن جي صحيح رهنمائي ڪري ته جيئن هو وڏا ٿي پنهنجي جيجل ڌرتيءَ جي خدمت ڪري سگهن.

اسان جي شهر جي سڀني ٻارن جي مرضي آهي ته اسان هتي ٻارن جي رسالي گل ڦل جي شاخ قائم ڪريون، چونڊون ڪرايون ۽ آفيس قائم ڪريون.

رسالي ۾ عام معلومات جو به ڪالم شروع ڪريو ته رسالي جي مقبوليت وڌندي.

مشتاق احمد سومرو،

گورنمنٽ هاءِ اسڪول،سڪرنڊ.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4  
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com