سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل

باب: --

صفحو :2

اهو سمورو عرصو مئل ٻچڙي جو سخت ۽ ڄميل مڙهه کامي ۾ پيو هوندو هو. آخر هڪ ڏينهن رسٽي جو ان طرف به ڌيان ويو. هن محسوس ڪيو ته اها ڳالهه اڻوڻندڙ ۽ ان حسين ماحول تي داغ هئي. هن ان کي اتان هٽائڻ جو فيصلو ڪيو. هن مڙهه جي پوين ٽنگن کي پڪڙي، مٿي ڇڪڻ شروع ڪيو، پر جڏهن ماديءَ جي نظر پنهنجي ٻچي تي پئي، ته هن هڏڪار ڪري رسٽي طرف اُلر ڪئي. اچرج ۽ ڪاوڙ ۾، رسٽيءَ هن جي پاسراٽيءَ ۾ زور سان مُڪ هڻي ڪڍي، ۽ اهڙي طرح بلند آواز ۾ هڪل ڪيائين جو ان جي پڙاڏي کان بيوقوف مادي وائڙي ٿي پٺتي هٽي ويئي. ايتري ۾ نر سامبر، جو رسٽيءَ سان پالتو جانور وانگر هري مري ويو هو، ماديءَ کي پنهنجن سڱن سان اهڙو ته زوردار ٽڪر هنيو، جو هوءَاڌکامي تائين رنڀون ڪندي ويئي. هوءَ ماٺ ڪري، موڳي ٿي اڻتڻ ۾ بيهي رهي. پوءِ رسٽي، همت ڪري، مئل ٻچي کي برف جي مٿاڇري تي سولائيءَ سان گهلڻ لڳو. هن اهو مڙهه ڇڪي، کامي کان ٻاهر، برف سان ڊڪيل هڪ جهڳٽي جي پويان آڻي ڇڏيو. پوءِ هو موٽي کامي ۾ آيو. ۽ نر سامبر جي منهن تي پيار سان هٿ ڦرائيندي، ساڻس ڳالهيون ڪرڻ لڳو. آخر هن کيس سندس وفاداريءَ جي بدلي ۾ لوڻ جو ڳپل حصو به ڏنو. اهو ڏسي، ٻچو به ڀڇ لوڏي ڪري پنهنجي حصي وٺڻ لاءَ اڳتي وڌيو. رسٽيءَ ان کي به حصو ڏنو. مادي پنهنجي ڪاوڙ ڇڏي، لوڻ لاءِ نوس نوس ڪندي، رسٽيءَ ڏانهن وڌي. پر رسٽي اڃا ان تي ڪاوڙيل هو، ۽ کيس رڳو بچيل سچيل ٻه ٽي داڻا هٿ جي تريءَ تان چٽڻ لاءِ ڏنائين.

”اها سزا توکي اڳتي اُٻهرائي نه ڪرڻ جو سبق سيکاريندي.“ هن ڪاوڙ ۾ چيو.

به ڏينهن پوءَ جڏهن رسٽي وري اتي آيو، ته آسپاس جهنگلي جانورن جا ڪيترائي پيرا ڏسي هو اچرج ۾ پئجي ويو. انهن مان لومڙ جا پير ته بلڪل چٽا ۽ پڌرا هئا، ۽ نور جي چنبن جا نشان به هئا ۽ جهنگلي ٻليءَ جا پيرا به برف تي بلڪل ظاهر بيٺا هئا. گهڙي کن رسٽي انهن پيرن جي نشانن کي غور سان ڏسندو رهيو ۽ پوءِ اتي ان جهڳٽي طرف ويو، جتي به ڏينهن اڳ سامبر جو مئل ٻچو رکي آيو هو. سڄي جهنگ ۾ ڪانڍ پئجي وئي هئي، ۽ بکايل ساهه وارن، مڙهه جو ڪو حصو به نه ڇڏيو هو. هن فڪر ۾ پنهنجي ڳاڙهيءَ لوندڙيءَ تي کنهيو، ۽ هيڏانهن هوڏانهن واجهائڻ لڳو. ٽينهن چاليهن وکن تي بيٺل هڪ ٻوٽي جون ٽاريون لڏي رهيون هيون، ۽ وڻن مان اڇي برف ڇٽي پئي نظر آئي. هن چتائي ڏٺو، سندس اکين اڳيان ٽارين جي اوٽ ۾ لڪل ڀورو لومڙ چٽو ٿيندو ويو.

گهڙيءَ ساعت بعد، جڏهن لومڙ کي پڪ ٿي ته پاڻ کي لڪائڻ اجايو آهي، تڏهن هن اُتاڇرين ۽ بيپرواهه نظرن سان رسٽيءَ ڏانهن نهاريو _ گويا کيس چئي رهيو هو ته آءُ ڏوهاري ڪونه آهيان. هن هڪ اوٻاسي ڏني، ۽ ڪياڙي کنهي بيپرواهيءَ سان اڳتي وڌڻ لڳو. ڄڻ ته ڪجهه ٿيو ئي ڪونه هو. رسٽيءَ، جيڪو لومڙ جي فطرت کان چڱيءَ پر واقف هو، سمجهي ويو ته لومڙ نظر بچائيندي ئي غائب ٿي ويندو.

”واهه واهه! سندس کل ته ڪهڙي نه سٺي آهي!“ هو سوچڻ لڳو ته اها ڪيترن ڊالرن جي هوندي. هن جي دماغ ۾ جهنگلي ٻلا به اچي ويا، ۽ سوچڻ لڳو ته انهن جو کلون ڪيتريون نه قيمتي ٿين ٿيون. نيٺ هن رٿيو ته مئل سامبر جي ڀرسان، انهن کي ڦاسائن لاءِ ڪوڙڪيون اڏي. پر هن اها ڪوڙڪين واري رٿ ٿڏي ڇڏي، اها بزدلن واري حرڪت هن کي پسند نه آئي. وري سندس خيال پنهنجيءَ بندوق ڏانهن ويو، جنهن سان هو انهن شڪرن ۽ بازن جو شڪار ڪندو هو، جيڪي سندس چوزا کائي ويندا هئا.

”ڪيترو نه متارو آهي! نشان به واه جو بيهندو!“ هن ڀڻڪيو. سندس ذهن  ۾ وري لومڙ جي کل جو اگهه ڦري آيو. هن کي لومڙ جي بيڊپائيءَ تي رشڪ اچڻ لڳو. پنهنجي دشمن آڏو ڪهڙي ته بيڊپائي ۽دليريءَ سان بيٺو هو!”پر ٻيلي“ هن سوچيو، ”مون کي ائين نه ڪرڻ گهرجي. اهو سٺو نٿو لڳي جو آءُ هنن جي بُکئي هجڻ جو فائدو وٺي، کين ڍونڍ تي ورائي شڪار ڪريان. ڀل ته پيا موجون ڪن. وري جي بندوق ڇوڙيان ته متان منهنجا سامبر به ٽهي وڃن!

ان فيصلي تي پهچي، هو موٽي سامبرن جي وٿاڻ تي آيو. ڌڪار جوڳي مرڪ منهن تي آڻي، هن سوچيو،”جي بابا کي اهڙي شڪار ڇڏي ڏيڻ جي سُڌ پيئي ته ضرور ڪاوڙبو.“

آخر اهي ڏينهن به آيا جو سياري جي سختي ڍري ٿي ويئي. جيئن جيئن سج جي تپش وڌندي ويئي، تيئن تيئن برف هيٺان دٻيل جهنگلي ٻوٽا، وڻ ۽ کڏون مان کاما وڌيڪ ظاهر ٿيندا ويا، ۽ ماٿريءَ مان مسافري ڏينهون ڏينهن ڏکي ٿيندي ويئي. هاڻي سامبر به پنهنجي کاڌ خوراڪ لاءِ پاڻ ڳولا ڪندا هئا، ۽ رسٽي جونس جو وٽن اچڻ به آهستي آهستي گهٽبو ويو. هنن کي رسٽيءَ جي ڪا ضرورت ڪانه رهي هئي. پر هو هنن سان ايترو ته رلي ملي چڪو هو، ۽ خاص ڪري نر سامبر سان ته سندس ايتري دل ٿي ويئي هئي، جو هن ان خيال کان به نفرت پئي ڪئي ته ڪو سامبر کانئس جدا ٿي وڃن. پر اهو ٿيڻ لازمي هو، ۽ آخرڪار ٿيو به ائين.

هڪڙي ڏينهن صبح جو، سخت محنت کان پوءِ، ٿڪل ۽ پگهر ۾ ٻڏل رسٽي انهن وڻن جي جهڳٽي ۽ کامي وٽ اچي پهتو، جتي سامبر رهندا هئا. هو ان لاءِ آيو هو ته سامبر اتان هليا ويا هئا يا نه. پر اتي هن رڳو پوڙهو سامبر ڏٺو، جيڪو پڻ هن جي انتظار ۾ ويٺو هو، رسٽي ان لاءِ پنهنجن کيتن ۾ لوڻ ۽ مانيون کڻي آيو هو. ۽ سامبر اهي شوق سان کائڻ لڳو. رکي رکي سامبر پنهنجي مٿئين چپ سان رسٽي جي بدن جي ڪنهن نه ڪنهن حصي کي چٽي، هن لاءِ پنهنجو پيار پئي ظاهر ڪيو. اهو ڏسي رسٽيءَ کان رهيو نه ٿيو، ۽ پنهنجون ٻئي ٻانهون سامبر جي ڳچيءَ ۾ وجهي چيائين، ”خدا حافظ منهنجا مسڪين دوست! پنهنجو خيال رکجانءِ. ٻيءَ برف پوڻ وقت، شڪارين جي دڳ کان پاسو ڪري وڃجانءِ ڪاش، توکي به پنهنجي مٿي تي سهڻن ۽ سندر سڱن جو جوڙو هجي ها،. جهڙو ٻين سامبرن کي آهي!“

 پوءِ هو تکو تکو گهر واپس ورڻ لڳو. پر اڃا ڪي قدم ئي ڪين هليو هو، ته پنهنجي ڪلهي پٺيان هن ڪنهن جي تڪڙن تڪڙن ساهن کڻڻ جو آواز ٻڌو. هو اچرج ۾ بيهي رهيو. ڪو سندس پيڇو ڪري رهيو هو. رسٽيءَ کي ان ڳالهه ڏاڍو متاثر ڪيو. هن ڄاتو پئي ته اهڙي موقعي تي هن کي ڇا ڪرڻ کپي. هن ترسي، پنهنجي مٿان گهور ٿيندڙ  جانور کي ڪجهه وقت پيار ڪيو، ۽ پوءِ وري پنهنجي دڳ لڳي پيو. سامبر کليل ۽  ڪشادين پوکن تائين سندس ڪڍ لڳو آيو. ڪڙمي ڪاسبي کوهه مان پاڻي ڀري رهيا هئا، ۽ گرڻين جي گونج بهار جي سانتيڪيءَ فضا ۾ پکڙجي رهي هئي. رسٽيءَ جو چٽڪمرو ڪتو، ڀونڪندي، هن جي آجيان لاءِ اڳتي وڌندو پئي آيو. سامبر اتي بيهي رهيو. ۽ پنهنجا ڪن هوا ۾ لوڏڻ لڳو.

”چڱو،  منهنجا دوست!“ رسٽيءَ وساميل دل سان چيو، ”پنهنجو خيال رکجانءِ!“

رسٽيءَ جي ننڍڙي دل ڀرجي آئي. هو پٺيان نهارڻ جي همت به نه ساري سگهيو، ۽ پنهنجي ڪتي سان ملڻ لاءِ اڳتي وڌڻ لڳو، ڳرن قدمن ۽ ڏکويل دل سان، ۽ سامبر جو ڪارو ۽ وڏو وجود پويان جهڪو ٿيندو ويو، ائين، جيئن ڪو گهاٽن وڻن ۾ وڃي گم ٿي ويندو آهي.

اصل ليکڪ: سرچارلس جارج ڊگلس رابرٽس.(ڪئناڊا)

· احمد خان” آصف“

(نظم)

ڀيڻ

 

ننڍڙي ڀاڳن واري ڀيڻ،

توکي ڏسندي ٺريا نيڻ.

 

اهڙي تنهنجي صورت آهه،

تون ٿي ٻولين جيڪي ٻول،

مائٽ مٽ توتان ٻلهار،

ٿيندءِ عمر جڏهن پنج سال،

پڙهڻ لکڻ سان رکجان چاه،

موٽي گهر ۾ پائين پير،

خوش ٿي گهر جو ڪج ڪم ڪار،

جهڙي چند جي مورت آهه.

آهن موتي ڄڻ انمول.

ڀائر تنهنجا خدمتگار.

مڪتب ۾ وڃجان هر حال.

علم پڙهڻ ۾ ناهه گناه.

پاڻ کي رڌ پچاءَ تي هير.

سبڻ ڀرڻ ۾ ٿي هوشيار.

 

پياري ڀاڳن واري ڀيڻ،

توکي ڏسندي ٺريا نيڻ.

 

ٿيندءِ سورهن سال ڄمار،

عرض ڪري ٿوکي ڀاءُ،

چوکي رکجان پنهنجي چال،

سهريجن جو رکجان شان،

داغن کان رک دامن پاڪ،

ڀيڻ اسان کان ٿيندينءَ ڌار.

ڌارج ڌيرج شرم حياءُ.

لڄ پت ست ۽ سيل سنڀال.

پيڪن جو به مٿي ڪر مان.

گهر گهر ٿيندي تنهنجي هاڪ،

 

پياري ڀاڳن واري ڀيڻ،

ڪين ورائج ڪنهن کي ويڻ.

·  ميلارام واسواڻي                                  (ڪهاڻي)

 

سچائيءَ جو انعام

 

هڪ نامي گرامي چور هڪ ڏينهن ڪنهن درويش وٽ ويو ۽ هٿ جوڙي چوڻ لڳس ته” سائين مان وڏو گنهگار آهيان. اوهين مون کي دعا ڪريو ته خدا منهنجا ڏوهه بخشي.“ درويش چيس ” اي نادان، جيسين تون پنهنجون برايون نه ڇڏيندين، تيسين ڇوٽڪاري جي اميد رکن اجائي اٿيئي. بيس اڄ کان ئي پنهنجي خراب ڪمن کان توبهه ڪر ۽ سنئين رستي تي اچ ته ڌڻي توتي مهربان ٿيندو.“

چور جواب ڏنس:” سائين، چوري ڇڏڻ مون کان ڪين پڄندي. اها عادت هاڻي پڪي ٿي چڪي آهي. باقي ٻيو ڪو ڪم چئو ته ڪريان.“

درويش چيس:”ڀلا ايترو ڪر ته آئيندي ڪوڙ ڪڏهن نه ڳالهاءِ.“

چور اها ڳالهه قبول ڪئي ۽ ڪوڙ کان توبهه ڪيائين.

ٻئي ڏينهن چور ارادو ڪيو ته اڄ اڌ رات جو شاهي محل مان چوري ڪجي. جڏهن ٻه پهر رات جا گذريا، تڏهن سهي سنڀري نڪتو. اتفاق سان بادشاهه چمڙا پوش ڪري شهر جو سماءَ لهڻ نڪتو هو. چور کي ڏسي چيائينس:” ميان ڪيڏانهن ٿو وڃين؟“

چور، جنهن سدائين سچ ڳالهائڻ جو اقرار ڪيو هو. جهٽ پٽ جواب ڏنو،”شاهي محل ۾ چوري ڪرڻ ٿو وڃان.“

بدليل ويس ۾ بادشاهه چيس: ”مان به چور آهيان. مون کي پاڻ سان وٺي هل.“

چور قبول ڪيو ۽ ٻيئي گڏجي هليا. جنهن وقت بادشاهه ۽ چور شاهي محل جي دروازي وٽ پهتا، تنهن وقت بادشاهه چيس:”ميان تون اندر وڃ، مان ٻاهر ٿو بيهي نگهباني ڪريان ته ڪو سنتري ته ڪونه ٿو اچي.“ چور اها رٿ پسند ڪئي ۽ پاڻ هڪ دروازي جو ڪڙو ڀڃي اندر گهڙيو. هڪ ڪمري ۾ وڃي ڏس ته ٽي هيرا رکيا آهن. دل ۾ خيال ڪيائين ته هيرا آهن ٽي ۽ اسين ڀائيوار ٻه. ايمانداري انهيءَ ۾ آهي ته ٻنهي جا حصا هڪ جيترا هجن. انڪري اسين هڪ هڪ ورهائي ٻه هيرا ته کڻداسون، باقي ٽيون ڪيئن ورهائينداسون، انڪري بهتر آهي ته ٽيون اتي ئي پيو رهي ۽ ٻه هيرا کڻان.“ اهو فيصلو ڪري ٻه هيرا کيسي ۾ وجهي ٻاهر آيو ۽ هڪ هيرو پنهنجي ساٿيءَ کي ڏنائين ۽ ٻيو پاڻ رکيائين. بادشاهه کي ته محل جو سڀ حال معلوم هو. پڇيائينس،”ميان، فقط ٻه هيرا هٿ آيهءِ؟“

چور جواب ڏنو:” هيرا هئا ته ٽي، پر خيال ڪيم ته ٽيون ورهائبو وري ڪيئن؟ سو ميز تي ئي ڇڏي آيس.“

رستي ۾ بادشاهه چور کان موڪلائي موٽيو ۽ سڌو پنهنجي محلات ڏانهن وريو. بادشاهه کي چور تي شڪ ٿي پيو هو، انڪري هن پاڻ اندر وڃي ڏٺو ته برابر ٽيون هيرو ميز تي رکيو آهي. چور جي ايمانداريءَ تي خوش ٿيو ۽ دل ئي دل ۾ سندس تعريف ڪرڻ لڳو.

پوءِ بادشاهه ٻاهر وڃي، وزير کي سڏي ڀڳل دروازو ڏيکاري چيو:”منهنجا وفادار وزير! ڏس، اڄ ڪنهن نابڪار چور دروازو ڀڳو آهي ۽ اندران ڪجهه نه ڪجهه چوري ڪري ويو آهي. تون اندر وڃي ڏس ته ڪو نقصان ته ڪونه ٿيو آهي. وزير اندر ويو ۽ هڪ هيرو ميز تي پيل ڏسي، اندرئين کيسي ۾ وجهي، ٻاهر اچي منهن ڦلڙو ڪري بادشاهه کي چيائين:”حضور! ميز وارا ٽي هيرا چور کڻي ويو!“ اهو ٻڌي بادشآهه کي ڏاڍو ڏک ٿيو. هيري وڃڻ جو ڏک ڪونه ٿيس، پر ارمان اهو ٿيس ته منهنجي وزير کان چور به وڌيڪ ايماندار آهي. وڌيڪ ڪي ڪين ڪڇيائين، وزير کي موڪل ڏنائين، پر صبح ٿيندي ئي وزير کي موقوف ڪري راتوڪي چور کي وزير مقرر ڪيائين. چور پوءِ چوري ڪرڻ کان ڇٽو ۽ چورن جي پاڙ به پٽي ڪڍيائين.

(ڪتاب”اخلاق سبق“ ڀاڱو پهريون، ڇپيل سال 1940ع، تان ورتل).

·  محمد اشرف مصراڻي

ٻاراڻا ٻول

 

ٻارڙن جا ٻول به انمول موتين جي مثال آهن، جيڪڏهن اُهي ماڻڪ ميڙي ڪٺا ڪبا، ته علم ۾ عاليشان اضافو ايندو ۽ اُجالو ايندو.

راند ۽ ٻار لازم ملزوم شيون آهن، هر هڪ بار جو راند ڏانهن لاڙو رهي ٿو. انهيءَ اصول تي اڄڪلهه تعليمي ادارن ۾ راند رچنا ۽ مانيٽسوري طريقا چالو ڪيا ويا آهن.

راند رچائڻ وقت هر ٻار، ٻين ٻارن کي ڪٺو ڪندو:

اچوڙي ٻارو راند جو سعيو

اُڪ جي ڪاٺي نم جو پايو

ڊوڙي اچي ڊڳڙ کائو

 موٽي وڃي مار جهليو.

هن هوڪي جي هُل تي ٻار اچي مڙندا. اکٻوٽ راند ڪرڻي هوندن، ته هڪ ٻار کي ويهاري سندس مٿي تي مُٺيون رکي ٻول ٻوليندا. ڪنگري ڪي لوٽو، پاڻيءَ ڀريو ڦوٽو ڦوٽا ڦڪيندس لونگ لٽيندس هيٺئڙو يا مٿيئڙو.

ڇوڪريون چيڪلي راند کيڏندي هيئن چونديون:

چيڪلي پايان، پير گسايان

پير ۾ ڪڙي آ، لال سوناري گهڙي آ

پير ۾ ڪنڊو، صاحبلوڪ منڊو.

”صاحبلوڪ منڊو“ چئي گويا انگريز سان نفرت جو اظهار  ڪنديون آهن، ڇا ڪاڻ ته اُنهن اسان جي آزادي کسي هئي.س

ڇوڪريون هيئن به چونديون آهن:

پئسو لڌم پٽ تان پئسي ورتم گاهه گاهه ڏنم ڳئون کي، ڳئون ڏنو کير، کير ڏنم امان کي، امان ڏنو لولو لولو ڏنم ڪانءَ کي، ڪانءَ ڏنو کنڀ کنڀ ڏنم راجا کي، راجا ڏني بگي چڙهي گهمان، چڙهي گهمان!

پيءَ ماءُ کي پيار مان چون: ديڳڙو دم تي بابل ويو ڪم تي

بابو وٺو ماڙيءَ ۾

گل هڻانس ڏاڙهيءَ ۾

امان ويٺي ڪوٺيءَ ۾

گل وجهانس چوٽيءَ ۾.

ڪو اُٺ ڏاگهو ڏسن ته موج مان وٺي آلاپيندا:

اُ ماما گوگڙو

سائي لڪڻ پوئتون

منهنجا ماما ڪاٿي

جڙيا پنهنجي جاءَ تي.

 

سنڌ ۾ اونهاري جو گهڻي گرمي گُهٽ ۽ ٻُسٽ ٿئي، مڇر به اچي ماروڪن، ان وقت ٻهڳڻ ٻارڙا ٻول ٻڌائڻ شروع ڪندا:

الله الله الله_ آءُ ڏکڻ ڏيهي.

 ڀڃ مڇرن جي پيهي.

ڏکڻ آيو هل سان_ گهوڙو ٻڌي گل سان

ڏکڻ آيو ڇير سان_ گهوڙو ٻڌي ٻير سان

گهل ڙي ڏکڻ گهل.

 

مينهن نه وسندو ته پوءِ ڪارڙو ڪمارڙو ڪندا ۽ چوندا:

ڪارڙو ڪمارڙو _ الله جو پيارڙو کلي ڏيو خيراتون _ وسن برساتون  ڀت تي نوڙي _ مينهن اچي ڊوڙي، ڀت تي جهرڪي _ مينهن اچي ترڪي، اُکري ۾ ڪڪڙو _ مينهن اچي تڪڙو.

 

ڪي متفرقا ٻول:

حسبي ربي الاالله

مير محمد صلي الله

نور نبيءَ جو جل الله.

 

ارچڪ مرچڪ ڌاڻا ڌرچڪ اڳ پٽيهر_ ٽوئي ٽيهر نانگڻ جوڳڻ _ خيران کٽي ٻٽي ڇُٽي.

· سنڌيڪار: افرو عبدالڪريم                  (چيني ڪهاڻي)

 

ڳاڙهي نڪ واري ڇوڪري

 

ڪنهن ڳوٺ ۾ ٻه ڀينرون رهنديون هيون. وڏي ڀيڻ نهايت سست هوندي هئي ۽ ننڍي ڀيڻ تمام محنتي هئي. ٻيئي ڀينرون شڪل جو سهڻيون هيون، پر وڏي ڀيڻ جيڪا ڪم کان بنهه ونءُ ويندي هئي. تنهن جي منهن جو رنگ پيلو هو. جيتوڻيڪ هوءَ پنهنجي پر ۾ ڏاڍو سينگار ڪندي هئي ۽ ڳلن تي لالي هڻندي هئي، پر تڏهن به پيلاڻ لڪي ڪانه سگهندي هئي. سندس ڀيٽ  ۾ ننڍي ڀيڻ جي منهن تي لالاڻ ٻهڪندي رهندي هئي. ڳوٺ جا ماڻهو هميشه ننڍي ڀيڻ کي ساراهيندا هئا. هو چوندا هئا:

”ڏسو ته ننڍي ڪيڏي نه سوهڻي آهي! هن جو منهن صوف جهڙو آهي.“

”هوءَ ڄڻ ته گلاب جو گل آهي، پر گلاب جو گل به سندس سونهن جي برابر ڪونهي.“

وڏي ڀيڻ جڏهن اها ڳالهه ٻڌندي هئي، ته کيس سخت ڪاوڙ لڳندي هئي. هڪ ڏينهن هن سوچيو ته آءُ ڇا ڪريان، جيئن منهنجو منهن به گلاب جي گل جهڙو ٿئي! آءُ درويش بابا کي چونديس.“

درويش بابا سندس گهر جي ويجهو ئي رهندو هو. هو تمام پوڙهو هو. هن جي ڏاڙهي بنهه اڇي، ڪپهه جهڙي هئي، ۽ منهن مان نور پيو بکندو هوس.سڄو ڳوٺ هن جي عزت ڪندو هو. ڪنهن کي به ڪو اهنج ايذاءُ رسندو هو يا ڪا مشڪل پيدا ٿيندي هئي، ته هن کان صلاح وٺڻ ايندو هو. وڏي ڀيڻ جنهن وقت درويش بابا وٽ وئي، ته هو ڪکن جا سينڊل ٺاهي رهيو هو. وڏيءَ هن کي چيو:

”درويش بابا! مان چاهيان ٿي ته منهنجو منهن به منهنجي ننڍي ڀيڻ جي منهن وانگر گلاب جيان ٻهڪندڙ ٿئي. پر نه نه، منهنجي منهن جو رنگ هن کان به وڌيڪ سهڻو ۽ ٻهڪندڙ هجي. مون کي ٻڌاءَ، ته آءُ ڇا ڪريان؟“

”اها ڪهڙي ڏکي ڳالهه آهي“، درويش بابا هن جي ڳالهه ٻڌي چيو:” تون هي سينڊل ٺاهي، تيستائين آءٌ ڪجهه آرام ڪري وٺان ۽ ڪا اٽڪل سوچيان.“ هن اُٿي وڏي ڀيڻ کي جاءِ ڏني، ته جيئن هوءَ سندس ڪم شروع ڪري.

”ڪير ٿو اهڙا ڪِنا سينڊل ٺاهي؟ تون پاڻ سينڊل ٺاهي ۽ اٽڪل به سوچ.“ وڏي ڀيڻ منهن ڦٽائي چيو.

”چڱو چڱو... ها، مون کي خبر آهي ته ان لاءِ توکي ڇا ڪرڻ گهرجي تون هيئن ڪر جو هڪدم ٻنيءَ تي وڃي پنهنجي ننڍي ڀيڻ کي ڪم ۾ مدد ڪر. ڪجهه ڏينهن اندر تنهنجي منهن تي لالاڻ اچي ويندي.“ درويشن هٿن سان سينڊل ٺاهي وڏي ڀيڻ کي صلاح ڏني.

وڏي ڀيڻ هن جي ٿوري مڃڻ کان سواءِ موٽي آئي. هوءَ ڍرا ڍرا قدم کڻندي، گهر پهتي. سندس ننڍي ڀيڻ به ان وقت ٻنيءَ تام ڪم ڪري گهر آئي هئي ۽ هينئر هوءَ کاڌو رڌي رهي هئي. گهر ۾ کاڌي جي نهايت وڻندڙ خوشبو هئي.

وڏي ڀيڻ چيو: ”جهٽ ڪري مون کي ماني ڏي. آءُ ماني کائي ٻنيءَ تي ڪم ڪرڻ وينديس.“

ننڍي ڀيڻ هن جي اها ڳالهه ٻڌي عجب ۾ پئجي وئي، ڇو ته هوءَ ڪڏهن به ٻنيءَ تي ڪم ڪرڻ ڪانه وئي هئي. هن حيرت وچان چيو:”تون ٻنيءَ جي ڪا ڳڻني نه ڪر. مون سمورو ڪم ڪري ڇڏيو آهي. تون آرام ڪر.“

وڏي ڀيڻ ڪاوڙ مان چيس:”تنهن ۾ تنهنجو ڇا؟ تون ڪيئن چاهيندينءَ ته منهنجو منهن  گلاب جي گل جهڙو ٿئي! تون مون کان سڙين ٿي.“

ننڍي ڀيڻ ويچاري روئڻهارڪي ٿي وئي. هن چپ چاپ، ماني کڻي وڏي ڀيڻ جي اڳيان آڻي رکي. ماني کائڻ کان پوءِ وڏي ڀيڻ بيد جي ڪوچ تي وڃي ليٽي سمهي پيئي، هوءَ اهڙيءَ طرح ٽي ڏينهن ڪم ڪندي رهي ۽ روز آرسيءَ ۾ ڏسندي هئي، ته سندس منهن تي اڃا لالاڻ پيدا ٿي آهي يا نه. پر سندس منهن ته اهڙو ئي پيلو هو، جهڙو اڳي هو.

چوٿون ڏينهن آيو، ته ٻنيءَ تي وڃڻ جي لاءَ سندس دل ڪانه ٿي. هوءَ هاڻي بيزار ٿي پئي هئي. انڪري ٻنيءَ تي وڃڻ جي بدران هوءِ درويش بابا وٽ وئي. هن کي درويش بابا تي ڪاوڙ اچڻ لڳي. جنهن جي صلاح سان ڪو فائدو ڪونه ٿيو هو. هوءَ جڏهن درويش بابا جي گهر وئي، ته ڏٺائين: هو ننڍڙي باغ ۾ گُڏ ڪري رهيو هو. هن جي پيشانيءَ تي پگهر جون بوندون هيون ۽ منهن لالاڻ سبب ٻهڪي رهيو هو.

”او پوڙها! تنهنجي صلاح مان ڪو به فائدو ڪونه ٿيو. منهنجو منهن اڃان اهڙي جو اهڙو آهي. تو چيو هو ته ٻنيءَ تي ڪم ڪر ته منهن گلاب جي گل وانگر ٻهڪندو، پر هي ڇا آهي؟“ وڏي ڀيڻ ڏاڍيان ڄڻ رڙيون ڪري، ڪاوڙ وچان اشارو ڪري چوڻ لڳي.

درويش بابا هن جي ڳالهه ٻڌي زور زور سان ٽهڪ ڏيڻ لڳو، هن جون اکيون پٽجي پورجي رهيون هيون ۽ اڇي ڏاڙهي لڏي رهي هئي. هن تاڙي وڄائي چيو:”بس بس... منهنجي ڳالهه ٻڌ. تو کي خبر ڪانهي ته تنهنجو رنگ تنهنجي ڀيڻ کان به وڌيڪ بهڪندڙ بنجي ويو آهي. هينئر جو هينئر وڃي آرسيءَ ۾ ڏس.“

”مون کي بيوقوف ته ڪونه ٿو بنائين؟“

وڏي ڀيڻ خوشيءَ وچان نچڻ لڳي. هوءَ هڪدم گهر ڏانهن ڀڳي، ڀت تان آرسي لاهي، ان ۾ پنهنجو منهن ڏٺائين. ڏسڻ شرط هن کي ڍڪر وٺي ويا ۽ آرسي هٿن مان ڪري پيس. آرسي ٽڪر ٽڪر ٿي وئي. هوءَ روئڻ پٽڻ ۽ واويلا ڪرڻ لڳي. جڏهن سندس ننڍي ڀيڻ ٻنيءَ تان ڪم ڪري موٽي آئي، تڏهن به هوءَ رڙيون ڪري رهي هئي. نيٺ پاڙي جا ماڻهو اچي مڙيا ۽ کانئس روئڻ رڙڻ جو سبب پڇڻ لڳا.

هوءَ تيئن ويتر وڌيڪ روئڻ لڳي. جڏهن هن پنهنجي منهن تان هٿ هٽايا، ته اوچتو ماڻهن جي نظر سندس منهن تي وڃي پئي. هن جي منهن ۾ عجيب ڦيرو ڏسي ماڻهن کي کل اچي ورايو. پر هو سڀ رحمدل مانهو هئا. انڪري هنن پنهنجي کل کي روڪي ورتو.

هن جي منهن ۾ کل جي ڳالهه ڪهڙي هئي؟

درويش بابا جي اها ڳالهه سچي هئي، ته وڏي ڀيڻ جي جو رنگ ننڍي ڀين کان وڌيڪ ڳاڙهو هو، پر اهو رنگ منهن جي رڳو هڪڙي حصي ۾ اچي گڏ ٿيو هو، اهو هو سندس نڪ. وڏي ڀيڻ جو نڪ اهڙو ڳاڙهو هو. جهڙوڪر گجر.

ان ڏينهن کان وٺي، وڏي ڀيڻ تي پري پري تائين نالو ئي اهو بڻجي ويو:”ڳاڙهي نڪ واري ڇوڪري.“

(اصل ليکڪ:هوبي)

·  روچو ”خوابي“ (نظم)

سرڪس

ڏسو!ڏسو!هيءُ سرڪس، يارو!

واه جي ڪن ٿا ورزش، يارو!

1- شينهن، ٻلي گڏ کير پين ٿا،

ڪتو ٻلي کنڊ کير ٿين ٿا،

ڏسي وٺي ٿو تپرس، يارو! ڏسو ڏسو...

2- رڇ ڪري ٿو سائيڪل سواري،

سا به وري هڪ ڦيٿي واري!

ڏسي، ڪريون ٿا سُس پس، يارو! ڏسو ڏسو....

3- ڏسو!  رنگ  ماسٽر ”مستانو“،

ڪيئن نه ڀرائي شينهن کي جانو!

شينهن ٿي بيٺو بيوس، يارو! ڏسو ڏسو...

4- شينهن جي مٿان ٻڪريءَ جي سواري،

جهنگل جي راجا جي خواري!

سور وڃي ٿو پي، بس، يارو! ڏسو ڏسو....

5- بندر  ليٽايو   هاٿيءَ   کي،

هُو ته ڏسو شينهن جي ڇاتيءَ تي!

ڇا زندگي آ سندس يارو! ڏسو ڏسو...

6- ”خوابي“ هاڻي کيل ختم ٿيو!

پئسا پورا، مال هضم ٿيو!

هلو گهرن ڏي واپس، يارو! ڏسو ڏسو.....

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4  
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com