سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل

باب: --

صفحو :4

سجاڳيءَ جو زمانو

علم اهو سچ آهي، جنهن مان انسان کي پاڻ ۾ سچائي ۽ پنهنجيءَ منزل مقصود جي ڄاڻ پوي ٿي. هيءُ سجاڳيءَ جو زمانو آهي. اڳي چوندا هئا ”تن درست ته من درست“ پر هاڻي چون ٿا ته ”من درست ته تن درست.“

(علامه آءِ . آءِ قاضي)

موڪليندڙ: نجما ناز پنهور، سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو

 

 

سنتوش ڪمار، ڪنڌڪوٽ

س: لبيا ڪهڙي تاريخ تي آزاد ٿيو؟

ج: 24 ڊسمبر تي.

· اعجاز حسين ميمڻ، نوابشاهه.

س: سڄيءَ دنيا ۾ اٽڪل ڪيتريون ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون.

ج: اٽڪل ساڍا ٽي هزار.

· فضل الرحمان  قاضي مورو

س: پاڪستان جي ائٽمي توانائي ڪميشن جي چيئرمين جو نالو ڇا آهي؟

ج: چوڌري منير احمد.

· فضل الرحمان قاضي مورو .

س: انهيءَ هٿراڌو گرهه جو نالو ٻڌايو، جنهن پهريون ڀيرو چنڊ جي چوڌاري چڪر لڳايو .

ج: اپالو- 11.

· علي محمد کوسو ڳوٺ عبدالله کوسو جهڏو

س: ڇا اهو سچ آهي ته ڏاڏو آدم سنڌ ۾ آيو هو؟

ج: بلڪل نه.

· غلام الله مٺواڻي ڏيپلو

س: سنڌ ۾ ڪيترا ميڊيڪل ڪاليج آهن ۽ اُهي ڪٿي ڪٿي آهن؟

ج: پنج. نوابشاهه، لاڙڪاڻو، حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ ۾ .

· نرملداس وارهه

س: سنڌي  ادبي بورڊ ڪڏهن قائم ٿيو؟

ج: سال 1941ع ۾، ۽ 1951ع ۾ ان کي سنڌي ادبي بورڊ جو نالو ڏنو ويو.

· منور عالم انصاري پاٽائي

س: سڀ کان گهڻي برسات ڪٿي ۽ ڪهڙي ملڪ ۾ پوندي آهي؟

ج: ڀارت جي شهر چيراپنجيءَ ۾.

· شير خان ڪاڪا، ڳوٺ ڀليڏنو ڪاڪا

س: دنيا ۾ سڀ کان سٺي ۾ سٺو شهر ڪهڙو آهي ۽ ڪهڙي ملڪ ۾ آهي؟

ج: ڀليڏنه ڪاڪا، پاڪستان ۾.

· جئرامداس لکي ڪنڌڪوٽ

س: دنيا ۾ سڀ کان حسين، خوبصورت ۽ گهمڻ وٽان ڪهڙو ملڪ آهي.

ج: پاڪستان .

· ڀڄنداس اٻاوڙو

س: دنيا ۾ سڀ کان وڏي ديوار ڪهڙي ملڪ ۾ آهي.

ج: چين ۾.

· رياض شاهد ميمڻ حيدرآباد

س: دنيا ۾ وڏي ۾ وڏو درياءُ ڪٿي ۽ ڪهڙو آهي؟

ج: آمريڪا ۾، ميسپي.

· عاشق علي گوپانگ لاڙڪاڻو

س: سنڌ ۾ ڪل ڪيترا ٽيليويزن  بوسٽر آهن؟

ج: ٻه

· عبدالفتاح سيال ڪنڌڪوٽ

س: پاڪستان جي چئن صوبن ۾ گهڻا ضلعا آهن ڌار ڌار ٻڌائيندا؟

ج: سنڌ ۾ 12، بلوچستان ۾ 13، پنجاب ۾ 19 ۽ سرحد ۾ 10.

· منظور علي بلوچ باڊهه

س: سنڌ ۾ اٽڪل ڪيتريون ڍنڍون آهن ۽ انهن ۾ مشهور ڍنڍ ڪهڙي آهي؟

ج: اٽڪل 232- منڇر ڍنڍ مشهور آهي.

· نثار ڪورائي لاڙڪاڻو

س: پهريائين سمنڊ جو ڪنارو سنڌ جي ڪهڙي علائقي تي هو؟

ج: سنڌ جي ڏاکڻي علائقي تي.

· غلام حسين سومرو سڪرنڊ

س: سائيڪل ڪنهن ايجاد ڪئي ۽ اهو ڪٿي جو هو.

ج: ميڪملن. اسڪاٽلينڊ جو هو.

·  حضور بخش سومرو مورو

س: روبل ڪهڙي ملڪ جو سڪو آهي.

ج: روس جو.

·  اشوٿاما ٽنڊو باگو

س: سعودي عرب جي سفارتخاني جي ايڊريس ٻڌايو؟

ج: اسلام آباد.

·  غلام نبي پيرزادو ڪنڊيارو

س: دنيا جي بلند ترين عمارت ڪهڙي ۽ ڪٿي آهي؟

ج: ايمپائر اسٽيٽ. نيو يارڪ ۾.

 

· بنده علي اصغر ساند ڳوٺ پهڻاريه

1. ايمان کان پوءِ افضل ترين نيڪي خلق کي آرام پهچائڻ آهي.

2. ٻن ڀائرن ۾ صلح ڪرائڻ روزي، نماز ۽ صدقي کان وڌيڪ آهي.

· محمد عمر ميمڻ کهڙا

1. خطا ڪرڻ انسان جو ڪم آهي ۽ معاف ڪرڻ خدا جو ڪم آهي.

2. بخش ڪرڻ وارو خدا جو پيارو هوندو آهي.

· محمد رحيم ميربحر ڇتو چنڊ

1. آءٌ علم جي هن درجي تي ان ڪري پهتس ته جيڪو ڪجهه مون کي معلوم نه هو، مون ان کي پڇڻ کان شرم نه ڪيو. (امام غزالي)

2. خدا انهن تي مهربان نٿو ٿئي، جيڪي ٻين تي نامهربان آهن.

(قرآن شريف)

· ميولداس- ٽي- ڪڪريجا حيات پتافي

1. ايمان دل جي رڻ پٽ ۾ زمين جو هڪ سائو ستابو ٽڪرو آهي. جتي شڪ شبهي جا قافلا پهچي نٿا سگهن. (حضرت علي رضه)

· چنديرام لالواڻي ڪلوئي

1. قوت ارادي تي سڀني قوتن جو راز آهي

2. دنيا ۾ نااميدي وڏو گناهه آهي.

3. سادگي اعتماد جي سڃاڻپ آهي.

4. خاموشي ڪاوڙ جو علاج آهي.

5. ڪنهن سان به نيڪي يا ڀلائي ڪريو ته ائين سمجهو ڄڻ پاڻ سان، نيڪي ٿا ڪريو.

6. پئسا محنت سان ۽ علم نوڙت سان حاصل ڪريو.

· آغا ثناء الله سانگهڙ

بهترين انتقام معافي آهي.

بهترين سرمايو علم آهي

بهترين ساٿي ڪتاب آهي.

بهترين استاد شوق آهي.

بهترين گفتار خاموشي آهي.

بهترين دولت سٺي صحت آهي.

· نظير حسين ٽالپر ڳوٺ مير يار محمد ٽالپر

1. ڪانئر پنهنجي موت کان ڪئين ڀيرا اڳ مرندو آهي پر سورهيه رڳو هڪ ڀيرو پنهنجو سر ڏيندو آهي.

2. ميدان عمل ۾ ڄميو رهڻ دليرن جو ڪم آهي.

· محمد هارون گاد لاڙڪاڻو

1. جيڪڏهن ڪو ماڻهو عقل هوندي به پاڻ کي دشمن جي حوالي ڪري ٿو ان جي نيٺ بري حالت ٿئي ٿي.

2. تمام گهڻي واقفيت ۽ ڄاڻ سڃاڻ سان ماڻهوءَ جو اڳيون رعب نٿو رهي.

· عبدالفتاح ميمڻ مورو

1. شڪايت جو ترڪ ڪرڻ، صبر آهي.

· عبدالحق دايو عبد خانپور

1. مون کي اهڙي دوست جي صحبت مان خوشي نه ٿيندي، جيڪو منهنجي خراب ڪمن کي، منهنجي عيبن کي هنر سمجهي ۽ منهنجي ڪنڊن کي گلاب سمجهي.

2. ديانتدار ماڻهوءَ لاءِ اها سزا ڪافي آهي ته سندس منهن تي ڪوڙي تعريف ڪجي.

کل ته سهي

 

·       اعجاز علي ٽالپر ڳوٺ مير يار محمد ٽالپر.

عابد: (زاهد کي) جيڪڏهن مينهن نه پوي ته گهڻو نقصان ڪنهن کي ٿئي.

زاهد: ڇٽين وڪڻن وارن کي.

·       نور احمد نظاماڻي ٽنڊو قيصر.

پوليس وارو: (چور کي) ايڏي ڏاڍائي، جو ڏينهن جو به چوري پيو ڪرين.

چور: ڇا ڪريان سائين مجبور آهيان، رات جو ڪتا ٿا کائين.

·       نوشينا عابد ميمڻ هالا .

جانو: (سومار کي) عرق جو جمع ڇا ٿيندو.

سومار: عراق.

·       مقبول احمد عباسي ٺٽو.

هڪ دفعي ٻه دوست ٻيڙيءَ ۾ سير ڪرڻ لاءِ چڙهيا.

هڪ دوست چيو: اڙي يار ٻيڙي لڏي رهي آهي، ٿي سگهي ٿو ته پاڻ متان ٻڏي وڃون.

ٻيو دوست: ان ۾ ڇا آهي؟ ڀلي ٻڏي وڃون ٻيڙي واريءَ جي ڀاڙي کان ته بچي پونداسين.

·       عبدالرحمان غمگين ڏيپلو.

پروفيسر: (زال کي) اڄ ڪو منهنجو ٻٽون کيسي مان ڪڍي ويو.

زال: ڇا توهان ٻي جو هٿ پنهنجي کيسي ۾ محسوس نه ڪيو.

پروفيسر:ڪيو ته هوم پر مون سمجهيو ته اهو منهنجو پنهنجو هٿ آهي.

·       يونس قمر شيخ مٽياري.

احمد: (عرفان کي) ڪارخاني جي معنيٰ ڇا آهي.

عرفان: جنهن ڪار ۾ خانو هجي.
 

 

-798 نالو: محمد يوسف کهاوڙ. پڙهندڙ: نائون. عمر: 15 سال. وندر: نماز. ائڊريس: معرمت محمد پناهه هوٽل وارو ٻيڙو چانڊيو ضلع لاڙڪاڻو.

-799 نالو: محمد فيصل پنهور. پڙهندڙ: پنجون. عمر: 7 سال. ائڊريس: گورنمينٽ محمد بخش پنهور پرائمري اسڪول ميرپور پراڻي.

-800نالو: غلام مصطفيٰ ”مسڪين“ اوٺو. پڙهندڙ: اٺون. عمر: 12 سال. وندر: خطن جا جواب ڏيڻ ۽ قلمي دوستي رکڻ. ائڊريس: نئون محلو سيوهڻ.

-801نالو: گورڌنداس رامچند. پڙهندڙ: 8. عمر: 15 سال. وندر: اسڪولي ڪتاب پڙهڻ. ائڊريس: معرفت رامچند رائس مل ٽنڊو باگو.

-802نالو: قادرداد ولد نادر خان مهر. پڙهندڙ: 9. عمر: 15 سال. وندر: گل ڦل پڙهڻ، اخبار پڙهڻ، گلن جهڙا ٻارڙا پڙهڻ ۽ بئڊمنٽن راند ڪرڻ. ائڊريس: گورنمينٽ مڊل اسڪول خانپور مهر، تعلقو ميرپور ماٿيلو.

 

-803نالو: حبدار علي لاڙڪ. پڙهندڙ: 9. عمر: 14 سال. وندر: ڪتاب پڙهڻ ۽ قلمي دوستي رکڻ. ائڊريس:  لاهوري محلو لاڙڪاڻو.

-804نالو: جمال صحبت. پڙهندڙ: نائون. عمر: 14 سال. وندر: سڪا گڏ ڪرڻ ۽ معلوماتي رسالا پڙهڻ. ائڊريس: گلن جهڙا ٻارڙا سنگت قنبر، سنڌ.

-805 نالو: شاهنواز نظاماڻي بلوچ. پڙهندڙ: نائون. عمر: 14 سال. وندر: قلمي دوستي رکڻ. ائڊريس: پوسٽ آفيس ٽنڊو قيصر ضلعو حيدرآباد.

-806 نالو: سيف الله ٻرڙو. پڙهندڙ:  ڇهون (د). عمر: يارنهن سال. وندر: رسالا پڙهڻ ۽ راند ڪرڻ. ائڊريس: گلن جهڙا ٻارڙا سنگت قمبر، سنڌ.

-807 نالو: محمد ايوب حاجي محمد پناهه شيخ. پڙهندڙ: اٺون بي. عمر: 13 سال. وندر: قلمي دوستي رکڻ ۽ ڪرڪيٽ راند ڪرڻ. ائڊريس: مدينه اليڪٽرڪ اسٽور ڪوهنور موٽر چونڪ شهدادڪوٽ.

-808 نالو: محمد حسين شيخ. پڙهندڙ:  ڏهون درجو. عمر: 15 سال. وندر: ٽڪليون گڏ ڪرڻ، خطن جا جواب ڏيڻ. ائڊريس: لائل پور ڊرائي ڪلينرس منوآباد نوابشاهه.

-809 نالو عبدالستار علي محمد مهر.  پڙهندڙ: ڪلاس ٻيون. عمر: 1ٺ سال. وندر: گل ڦل رسالو پڙهڻ ۽ ماءُ پيءُ جي خدمت. ائڊريس: پوسٽ آفيس نوآباد ضلعو سانگهڙ.

-810 نالو: امير محمد دائودپوٽو. پڙهندڙ ڪلاس اٺون. عمر: 13 سال. وندر: گل ڦل ۽ سنڌي رسالا ۽ اخبارون پڙهڻ ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول ٺل.

-811 نالو: محمد هارون گاد. پڙهندڙ: ڪلاس اٺون. عمر: 15 سال. وندر: اخبارون ۽ رسالا پڙهڻ. ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻه.

- 812 نالو: غلام انور ولد قربان علي جوکيو. پڙهندڙ: ڏهون. عمر: 15 سال. وندر: قلمي دوستي رکڻ ۽  خطن جا جواب ڏيڻ. ائڊريس: معرفت ماستر خدا بخش جوکيو، پوسٽ گجو ضلعو ٺٽو.

-813 نالو : اعجاز احمد ولد احمد بخش ميراڻي. پڙهندڙ: درجو پنجون. عمر: ڏهه سال. وندر: والي بال کيڏڻ، ڪڪڙيون پالڻ، رسالا پڙهڻ. ائڊريس: ڳوٺ درويش نائچ تعلقو ميرپور ماٿيلو ضلعو سکر.

-814 نالو: پدم لعل ڏانومل مالهي. پڙهندڙ: درجو 5. عمر: 12 سال. وندر: رسالا پڙهڻ. ائڊريس: پدم لعل ولد ڏانومل سامارو شهر.

-815 نالو: غلام فاروق درس. پڙهندڙ: اٺون ڪلاس. عمر: 13 سال. وندر: ڪرڪيٽ رهڻ ۽ رسالا پڙهڻ. ائڊريس: گهر نمبر 320 نيو ٽائون ميرپور خاص.

-816نالو: ميهر لعل اي لنڊ. عمر: 14 سال. پڙهندڙ: ستون اي. وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ. ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول ميرپور ماٿيلو.

-817نالو: اعجاز حسين ڦل. عمر: 11 سال. پڙهندڙ: ڇهون ڪلاس. وندر: گل ڦل پڙهڻ. ائڊريس: ڳوٺ ڦل وڏا تعلقو لاڙڪاڻو.

-818 نالو: دلدار حسين شيخ. عمر: 14 سال. پڙهندڙ ڪلاس نائون. وندر: ادبي ڪتاب پڙهڻ. ائڊريس: پوسٽ کهڙا تعلقه گمبٽ خيرپور ميرس.

-819 نالو: ضمير احمد علي حسين ميمڻ. عمر: 16 سال. پرهندڙ: ڪلاس ڏهون. وندر: گل ڦل پڙهڻ، ۽ نماز پڙهڻ. ائڊريس: ملوڪ بازار نيو جتوئي، تعلقه مورو ضلع نوابشاهه.

-820 نالو: رياض علي سومرو. عمر: 9 سال. پڙهندڙ: چوٿون. وندر: پڙهڻ. ائڊريس: نزد جانورن جي اسپتال گهوٽڪي.

-821 نالو: معظم الرحمان. عمر: 14 سال. پڙهندڙ: ستون. وندر: قلمي دوستي. ائڊريس: ڊاڪٽر عبدالرحمان هائوس کپرو.

-822 نالو: ممتاز علي ميمڻ. عمر: 10 سال. پڙهندڙ: پنجون. وندر: رسالا ۽ ڪورس جا ڪتاب پڙهڻ. ائڊريس: محمد مانجهي ميمڻ نزد مسجد ڪنري.

-823 نالو: علي محمد نوناري. عمر: 13 سال. پڙهندڙ: اٺون اي. وندر: گل ڦل پڙهڻ ۽ ڪرڪيٽ راند  کيڏڻ. ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول ٺل.

-824 نالو: عبدالخالق شيخ. عمر: 14 سال. پڙهندڙ: نائون- اي. وندر: گل ڦل رسالو پڙهڻ. ائڊريس: محمد صديق شيخ پنسار مرچنٽ نيرولي بزار قمبر.

-825 نالو: گل باز خان.  عمر: 18 سال. پڙهندڙ: درجو ڏهون. وندر: قلمي دوستي، راند ڪرڻ ۽ گل ڦل پڙهڻ. ائڊريس: معرفت محمد سومر خان سرائي- پوليس ٿاڻو ميرپور ماٿيلو سکر.

-826 نالو: علي محمد ڀٽي. عمر: 13 سال. پڙهندڙ: نائون سائنس. وندر: قلمي دوستي رکڻ ۽ رسالا پڙهڻ. ائڊريس: ڪمال الدين ڪريانه مرچنٽ غريب آباد نوابشاهه سنڌ.

-827 نالو: رميش ڪمار. عمر: 12 سال. پڙهندڙ: ڇهون اي. وندر: قلمي دوستي رکڻ. ائڊريس:  گورنمينٽ هاءِ اسڪول ميرپور ماٿيلو.

* ڳوٺ ڪنڊيءَ کان ضياء الرب قريشي لکي ٿو:

جناب ايڊيٽر صاحب، گل ڦل ماهه جون واري پرچي ۾ 31 صفحي تي ”هيءَ ڪهاڻي ڪنهن جي آهي“ جي عنوان سان توهان جي لکت پڙهيم. ان مان منهنجو اندازو اهو آهي ته اها ڪهاڻي اڳي جي ٺهيل ۽ ڪنهن نه ڪنهن رسالي يا اخبار ۾ ڇپجي چُڪي آهي. اهو ئي سبب آهي جو ٽن ٻارن جدا جدا هنڌن تان موڪلي آهي. ان جي اشاعت لاءِ توهان جي اها جدوجهد ته اصل مالڪ ڳولجي، اجائي آهي.

توهان صاحبن کي آءٌ ته اها گذارش ڪندس ته اها ڪهاڻي جيڪڏهن شايع ڪرڻ جي قابل آهي ته  بنا نالي جي شايع ڪري ڇڏيو.

[ادا؛ ڪهاڻي ”انسانيت جو واسو“ ڪنڌڪوٽ مان شمس الدين اعواڻ، ٽنڊي قيصر مان شاهه نواز نظاماڻي ۽ ٺٽي مان مقبول عباسي، لکي آهي ۽ ٽنهي ڄڻن وري به اها دعويٰ ڪئي آهي ته اها ڪهاڻي سندن سخت محنت جو نتيجو آهي. هاڻي اوهين ٻڌايو ته ٽن جدا جدا شهرن جا ليکڪ اکر به اکر هڪجهڙي ڪهاڻي ڪيئن لکندا. ڪهاڻي ضرور ترجمو ٿيل آهي. پر لکندڙ مڃين نٿا. فيصلو اوهان تي ۽ پڙهندڙن تي ڇڏيل آهي. جيئن حڪم ڪيو تيئن ڪرڻ لاءِ اسين حاضر آهيون.]

* دڙي کان مس نظير بيگم ناز لکي ٿي:

عرض ته ادا ماهوار رسالو گل ڦل پڙهيم بيحد پسند آيو. جون جي مهيني ۾ ڪينو ۽ حسد، انسان ۽ طوطو، ضدي  زال، صوفي شاهه عنايت شهيد، ماءُ جي خدمت، محنت جو ڦل، ٽائيپ رائيٽر  ۽ ڀيڻ ثمينا جو انٽرويو بيحد پسند آيا مطلب ته رسالو سڄو لاجواب هو. انهن جي ليکڪن کي منهنجي طرفان مبارڪون ڏيندا.

ادا، مون هنن سان ملو ڪالم ۾  ٻه- ٽي خط لکيا آهن. مگر توهان شايع نه ڪيا آهن آخر ڇو؟

ادا، توهان گل ڦل جي پٺيان جيڪي ڪتابن جا نالا لکيا آهن، انهن مان مون سڀ ڪتاب پڙهيا آهن، مگر دلارام ۽ حسنا دلدار ڪتاب نه پڙهيا اٿم. مون ڄام شورو ۾ انهن ٻنهي ڪتابن گهرائڻ لاءِ خط لکيو مگر اڃا تائين ڪتاب نه آيا آهن. جيڪڏهن توهان وٽ اهي ڪتاب موجود هجن ته پوءِ اسان کي ٻڌايو ته اسان توهان کان گهرايون.

[ادي، اوهين گل ڦل کي پنهنجو سمجهيو ٿيون ان ڪري ئي اوهان کي وڻي ٿو. اوهان جا گهربل ڪتاب موجود آهن، جيڪڏهين اوهان کي کپن ته لکي موڪليو ته ڏياري موڪلجن.]

* دڙي کان مشتاق احمد مشتاق لکي ٿو:

ادا، گهڻن ڏينهن کان پوءِ هي ڇهون خط موڪلي رهيو آهيان پر اڃا تائين خط جو جواب نه مليو آهي. اها خدا کي خبر ته توهان ناراض آهيو يا خوش آهيو. ادا، مان گل ڦل هر مهيني وٺندو به آهيان، ۽ وڪڻندو به آهيان.

ادا، مون کي اهو پڇڻو آهي ته آءٌ ڇهه- ست  پروليون موڪليان، اهي شايع ڪندا يا نه. مهرباني ڪري انهيءَ جو جواب ڏيندا.

[ادا؛ اوهان جو هي پهريون خط آهي، جنهن جو جواب ڏيئي رهيا آهيون. پروليون ٻڌل سڌل ۽ گٺل پيٺل  هونديون آهن، ان ڪري شايع نه ڪندا آهيون. اوهين موڪليو جي نيون هونديون ته شايع ڪنداسون.]

* لاڙڪاڻي کان ڀيڻ مسرت نواز اعوان جي جواب ۾ عرض ته هي ڪالم ننڍن وڏن ٻنهي لاءِ آهي. ملاکڙو رڳو سنڌ ۾ ٿيندو آهي. ملهه ۽ ملاکڙي جو واسطو سڄيءَ دنيا ۾ سنڌ کان سواءِ ڪنهن به علائقي سان ڪو نه آهي.

* لاڙڪاڻي کان ڀيڻ عاليه جوڻيجو کي گذارش آهي ته اوهان جيڪي ڪجهه ٺاهي موڪليو آهي، اهو پينسل ۾ آهي ۽ اسان جي ڪم ڪو نه ايندو. جيڪڏهين ڪاريءَ مس ۾ ٺاهي موڪليو ته پوءِ ان جي ڇاپڻ بابت راءِ ڏيئي سگهبي.

*  هنن ادن جا خط پهتا: رفيق احمد ڀرڳڙي سامارو، يوسف حيدر شيخ، ڪنڌڪوٽ، خالد احمد جمالي تلهار، محمد علي خان ميمڻ ٿاڻو بولا خان، حاجن علي منگي لاڙڪاڻو، مسعود احمد سيهڙ مورو، فيض محمد سومرو ڳوٺ سمي، اين- ايم سومرو ڪنڌڪوٽ، شيخ محمد حفيظ لاڙڪاڻو، پريتم داس پريم جيسراڻي قمبر ۽ محمد علي راهوجا قمبر.

* شڪارپور کان جواد حسين شاهه لکي ٿو:

ادا، مئي مهيني وارو پرچو تمام گهڻو وڻيو. مان اڳي  ٻه ڪهاڻيون موڪليون سي اڃا تائين ڪو نه ڇپيون آهن. گهڻن ئي ٻارن جون ڪهاڻيون هن ۾ ڇپجن ٿيون، مگر منهنجون اڃا تائين ڪو نه ڇپيون آهن؟ الائي ڇو اوهان ڪاوڙجي ويا آهيو؟ منهنجي طرفان توهان کي اها گذارش آهي ته مون کي مايوس ۽ نااميد نه ڪندا.

[ادا، اوهين پنهنجي ڪهاڻين لاءِ واري جو انتظار ڪريو. جيڪڏهين سٺيون هونديون ته ضرور شايع ٿينديون. اوهان کان ڪاوڙ ڪيئن ڪبي؟ اوهين ته منهنجا ننڍڙا مٺڙا ادا آهيو نه؟]

* خانپور کان الاهي بخش ”زخم“ لکي ٿو:

ادا، سقراط جو قول آهي ته ”سٺو اديب اهو آهي، جيڪو تعريف کان جائز تنقيد کي وڌيڪ پسند ڪري.“ توهان ته ماشا الله ٺاهوڪا اديب آهيو، پوءِ توهان ڇو تنقيد کان وڌيڪ تعريف کي پسند ڪريو ٿا! جيئن ته مان گل ڦل جو ساليانو خريدار آهيان ۽ مون کي ڪڏهن به وقت تي رسالو نه مليو آهي. سالنامو مون کي 26 مئي تي مليو. ان کان پوءِ 10- جون تي مئي جو گل ڦل مليو. مارچ ۽ اپريل جا پرچا اڃا گم آهن. خبر نه آهي ته اهي ڪيڏانهن ويا. مون ڪيترا شڪايتي خط مئنيجر صاحب ڏانهن لکيا آهن. پر وري به ”ساڳيو ڳن، ساڳي ڪهاڙي.“

هن وقت ”گل ڦل“ وقتي بي قائدگيءَ ۾ زور آهي. ان کي وقت تي آڻيندا. نقل ٿيل ڪهاڻيون شايع ٿي رهيون آهن، انهن جو ڪو بندوبست ڪندا. ”گل ڦل“ ۾ هر مهيني ۾ اهڙو صفحو هجي، جنهن ۾ گذريل مهيني جون اهم خبرون هجن. مثال ڀٽي صاحب جا  ٻاهرين ملڪن جا دورا، ٻين ملڪن جي نمائندن جا پاڪستان جا دورا ۽ اهم اعلان وغيره.

[ادا، اسين هر انهيءَ خط کي شايع  ڪرڻ ۾ بخل ڪو نه ٿا ڪريون، جنهن ۾ گل ڦل بابت ڪي به صلاحون، مشورا ۽ رايا هجن. پوءِ ڀلي انهن ۾ اسان جي عيبن جو ذڪر هجي يا تعريف تڏهن به. اوهان کي جيڪي رسالا نه مليا آهن، اهي وري موڪليا پيا وڃن. پوسٽ ۾ به پورو انتظام ڪونهي. اهڙيون سوين ٻارن جون شڪايتون آهن. گل ڦل کي وقت تي شايع ڪرڻ لاءِ هي پرچو شاهدي ڏيندو. نقل وارين ڪهاڻين ۽ ٻي مواد تي اسين گهري نگاهه رکون ٿا، ان هوندي به اسان جي بي خبريءَ ۾ اهڙيون ڪهاڻيون شايع ٿيو وڃن. خبرن لاءِ اخبارون ئي ڪافي آهن، هي علمي ۽ ادبي رسالو آهي، ان ۾ اهي پراڻيون خبرون شايع ڪرڻ نٿيون سونهن. اوهان جي  صلاحن لاءِ اسين اوهان جا ٿورائتا آهيون.]

* ڏيپلي کان ميمڻ زاهد حسين اسد  لکي ٿو:

ادا سائين، رسالو تمام بهترين آهي، جنهن لاءِ توهان کي خراج تحسين پيش ڪجي ٿو. تنهن ڪري ئي اسان خط لکڻ کان سواءِ نٿا رهون. منهنجي خيال ۾ توهان کي ٻارن جو لکيل مواد معيار مطابق نٿو لڳي. پر سائين، اهو به سوچيو ته اوهان  عالم ۽ مفڪر آهيو، توهان جو دماغ اعليٰ آهي، مگر معصوم گلن جهڙن ٻارڙن جو دماغ اڃا ايڏو ڪو نه آهي. اوهان ڪاپي ڪيل آکاڻيون شايع ڪريو ٿا.  ادا، آءٌ ڪيتري محنت کان پوءِ  ڳولي نيون  آکاڻيون ۽  بيت ٺاهي موڪليندو آهيان ته اڳلي مهيني اهو ”گل ڦل“ ۾ شايع ٿيندو.پر پرچو ڏسي اسان جي اکين اڳيان  اونده اچي ويندي آهي. ائين اسان جي اميدن تي پاڻي نه ڦيريو اسان جي همت افزائي ڪريو.

[ادا، اسين گهڻو ڪري سڀني ٻارن کي راضي  رکڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون پر ان هوندي به ڪي اوهان جهڙا ناراض به ٿيو پون. سچي پچي ته ڪهاڻيون اسان وٽ ايتريون اچي گڏ ٿيون آهن جن کي نمبر وار پڙهڻ به مسئلو آهي، شايع ٿيڻ جو مرحلو ته  پوءِ ايندو. اوهان جو مواد پڙهي جلد ئي اوهان کي پنهنجي راءِ کان واقف ڪيو ويندو. دلگير نه ٿيو، ٿورو انتظار ڪريو.]

گل ڦل جا سنڌ ۾ ايجنٽ

سنڌ جي الڳ الڳ شهرن ۾ هيٺئين موجب اسان جا ايجنٽ آهن. پڙهندڙ ٻارن جي سهوليت لاءِ اسين انهن جا نالا شايع ڪري رهيا آهيون. جن به شهرن ۾ ايجنٽ ڪو نه آهن، اهي پنهنجا آرڊر جلدي بوڪ ڪرائين. ايجنسي حاصل ڪرڻ لاءِ مئنيجر سنڌي ادبي بورڊ بوڪ اسٽال، اسٽيشن روڊ سنڌ يونيورسٽي نيو ڪئمپس ڄامشورو سان لکپڙهه  ڪريو.

حيدرآباد ادبيات اسپتال روڊ، عباسي بوڪ اسٽال لڳ ايلائيٽ سئنيما، جاويد بوڪ اسٽال گاڏي کاتو، ذوالفقار بوڪ اسٽال گاڏي کاتو، فردوس بوڪ اسٽال لڳ فردوس سئنيما، غني بوڪ اسٽال پٺاڻ ڪالوني ۽ ريلوي بوڪ اسٽال.

حيدرآباد ضلعو ضمير احمد قاضي نيوز ايجنٽ مٽياري، اسلامڪ نيوز ايجنسي هالا، محمدي بوڪ ڊيپو نيو سعيد آباد، عبدالحڪيم نيوز ايجنٽ نصرپور، عبدالقادر نظاماڻي نيوز ايجنٽ ٽنڊو قيصر ۽ محمد زبير نيوز ايجنٽ ٽنڊوالهيار.

ڪراچي ڪيپيٽل ڪارنر صدر ڪراچي.

لاڙڪاڻو عبدالحئي ابڙو نيوز ايجنٽ، ادبي بوڪ اسٽال ريلوي روڊ، پاڪستان  بوڪ اسٽال، نوراني بوڪ ڊيپو ۽ ايم. عليم بوڪ اسٽور ريشم گلي.

لاڙڪاڻو ضلعو در محمد ٻرڙو نيوز ايجنٽ قمبر، آزاد نيوز ايجنسي رتوديرو، ڀڳوانداس نيوز ايجنٽ وارهه ۽ علي بخش شيخ  ذوالفقار لئبرري شهدادڪوٽ.

نواب شاهه ضلعو سليمان برادرس نواب شاهه، عبدالفتاح ميمڻ نيوز ايجنٽ مورو، خاڪي جويو نيوز ايجنٽ سڪرنڊ، الاهي بخش ڀٽي نيوز ايجنٽ مٺياڻي، خدا بخش ڪلهوڙو نيوز ايجنٽ سٺ ميل نصرت ۽ ڊاڪٽر محمد قاسم لانگاهه پڊعيدن. سکر ضلعو سکر بوڪ هائوس سکر، مڪتبه جمهور سکر، سنڌ اسٽور پنوعاقل، محمد رفيق غوري نيوز ايجنٽ ڳڙهي ياسين، منوج بوڪ ڊيپو گهوٽڪي، هاسواڻي نيوز ايجنسي ڏهرڪي ۽ رميش بوڪ ڊيپو ميرپور ماٿيلو.

شڪارپور شهر سنڌ ڪتاب گهر، نيشنل بوڪ ڊيپو، سنڌ بوڪ ڊيپو، مرتضيٰ ابڙو ۽ محمد بخش نيوز ايجنٽ.

ضلعو جيڪب آباد عبدالله ائنڊ برادرس جيڪب آباد، فيض محمد بلوچ ڪنڌڪوٽ، نانڪرام پريمي ڪشمور ۽ سنڌ نيوز ايجنسي ٺل.

دادو علم و ادب بوڪ اسٽال، ٻڌرمل بوڪ اسٽور، رشيد بوڪ اسٽور.

ضلعو دادو عبدالقادر ٻگهيو خيرپور ناٿن شاهه ۽ نارائڻداس نيوز ايجنٽ راڌڻ.

ضلعو ٺٽو شمس بوڪ اسٽال ٺٽو، غريب نواز بوڪ اسٽال ٺٽو، مشتاق نيوز ايجنسي دڙو، اعجاز نيوز ايجنسي ميرپور بٺورو ۽ احمد راهي  نيوز ايجنٽ چوهڙ جمالي.

ضلعو بدين غفور نيوز ايجنسي بدين ۽ ٽنڊو باگو، محمد جمن چانڊيو نيوز ايجنٽ تلهار.

ضلعو ٿرپارڪر سنڌ ڪتاب گهر ميرپور خاص، بابو سلطان نيوز ايجنٽ ميرپور خاص، شوقين نيوز ايجنٽ سامارو، عثمانيه بوڪ ڊيپو ڪنري، خالد اڪبر ٽالپر ٽنڊو جان محمد، شيخ محبوب علي بوڪ ڊيپو جهڏو، حافظ رحمت الله بوڪ سيلر جيمس آباد، خان محمد نيوز ايجنٽ عمر ڪوٽ ۽ عبدالقادر ميمڻ نيوز ايجنٽ ڏيپلو.

ضلعو سانگهڙ عبدالجبار حر مجاهد نيوز ايجنٽ سانگهڙ، مهر بوڪ ڊيپو کپرو، مولا بخش ناز سومرو پيرون مل، بلوچ بوڪ اسٽال شاهپور چاڪر، خورشيد عالم لطيفي نيوز ايجنٽ شهدادپور، محمد رمضان قريشي نيوز ايجنٽ نئون آباد، آسومل بوڪ اسٽال ٽنڊو آدم.

ضلعو خيرپور شمشير برادرس خيرپور، نيشنل بوڪ اسٽال پنج گولا خيرپور، روشن علي ملڪ نيوز ايجنٽ گمبٽ، مڪتبه عزيزيه گهڙا ۽ استاد خادم سنڌي اڳڙا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4  
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com