هن تڏهن به رڙ نه ڪئي. زبان مان رڳو انا الله ...
الخ نڪري ويو ۽ منهن خوشيءَ مان جرڪي پيو. ڄڻ سندس
ڀاءُ جي زندگي وطن جي آزاديءَ لاءِ ڪم آئي. ان ۾
سندس به خوشي هئي.
هند، ٻيهر سُٽ ڪتڻ ويٺي. اوچتو هن کي خيال آيو ته.
محمد کي ٽن ڏينهن کان بخار هو. سيني ۾ سُور هيس.
جهلڻ تي به اسڪول وڃڻ کان نه مڙيو. ٿوري پريشاني ۽
جک آيس ۽ ڪروڌ مان چيائين: ”اڄوڪا ٻار ڪيترا نه
ضدي آهن.“
جيئن سامهون ڏٺائين تيئن سندس نظرون اُتي کپي ويس.
اڌ کليل در جي وچ ۾ محمد جي اسڪول جي ماسترياڻي
آسيه بيٺي هئي. ماسترياڻي جو رنگ ڦڪو ٿي ويو ۽
هوءَ ڊنل به هئي. اکين ۾ سوڄ هيس، ڄڻ سڄي رات رُني
آهي. ساعت کن ماٺ رهي ساهي کڻي آسيه چيو:
”جيجل! محمد مري ويو.“
ماءُ جي ممتا ٻيو ڪجهه ٻڌڻ کان سواءِ تڙپي اُٿي.
حجاب ۽ پرده نشيني جا زنجير ٽٽي پيا. هوءَ ٻاهر
نڪري آئي. اسڪول ڏانهن ڊوڙ پاتائين. سڃاڻڻ وارن
هن کي سڃاتو هو ته هوءَ ڪيڏانهن ٿي وڃي؟
اسڪول جي ننڍڙن شاگردن تي اسرائيلي پوليس جي خوني
ڪارروائيءَ نفرت پکيڙي ڇڏي هئي. ڪيترا معصوم شاگرد
پوليس جي گولين جو کاڄ ٿي ويا هئا. والدين پنهنجن
ٻارڙن جي لاش لاءِ ڊوڙي رهيا هئا. ان قيامت جي ڊُڪ
ڊوڙ ۾ هند جا پير پختا هئا. هن جو ڪنڌ مٿي کڄيل
هو. هوءَ وڏي اعتماد سان اسڪول ڏانهن وڃي رهي هئي.
شام وارين خبرن ۾ هن ظلم جي ڪا به خبر نه ڏني ويئي
هئي، پر هند کي پڪ هئي ته يهودين جو سئنيما گهر،
شو شروع ٿيڻ شرط مجاهدن جي بمن سان ضرور تباهه ٿي
ويندو.
سنڌيڪار: اختر سنڌي، وارهه
[ايراني ڪهاڻي]
ذهين فقير
پراڻي زماني جي ڳالهه آهي ته ايران ۾ هڪ بادشاهه
حڪومت ڪندو هو. ان ملڪ جو رواج هو ته جيڪو بادشاهه
پنهنجي لاءِ محل ٺهرائيندو هو ته دروازي تي ڪنهن
نه ڪنهن پکيءَ جي تصوير ضرور ٺهرائيندو هو. هڪ
ڀيري اتان جي بادشاهه پنهنجو محل ٺهرائڻ چاهيو.
حسب دستور ان جي دروازي تي تصوير ٺهڻي هئي.
بادشاهه سادو هو. انهيءَ ڪري هن اعلان ڪيو ته جيڪو
به مصور منهنجي نئين محل جي دروازي تي اهڙي تصوير
ٺاهي جنهن ۾ خوبصورتي کان سواءِ سادگي به هجي ته
مان ان کي دل گهريو انعام ڏيندس.
بادشاهه جو اعلان ٻڌندي ئي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ کان
مصور پنهنجي فن جو مظاهرو ڪرڻ لاءِ بادشاهه جي
خدمت ۾ حاضر ٿيا.سڀني مصورن پنهنجي تصويرن جا
نمونا بادشاهه جي خذمت ۾ پيش ڪيا. پر ڪا به تصوير
بادشاهه کي نه وڻي. سڀ مصور مايوس ٿي پنهنجي
پنهنجي وطن روانا ٿي ويا. جڏهن سڀ مصور بادشاهه
جي محل مان هليا ويا ته بادشاهه پنهنجي وزير کي
سڏي چيو، ”انهن مصورن مان ڪنهن به مصور منهنجي
پسند مطابق تصوير پيش نه ڪئي. ائين ٿو محسوس ٿئي
ته سڄي دنيا ۾ ڪو به اهڙو مصور ڪونهي جيڪو منهنجي
پسند مطابق تصوير ٺاهي ۽ مان به ان ڳالهه تي قائم
آهيان ته جيستائين مون کي منهنجي پسند جي تصوير نه
ملندي تيستائين مان دروازي تي تصوير نه ڪڍرائيندس،
وزير بادشاهه کي دلاسو ڏيندي چيو ته بادشاهه سلامت
اڃا ڪي اهڙا به مصور آهن، جن کي توهان جي اعلان جي
سڌ ڪانهي. اگر توهان اجازت ڏيو ته مان وري به هڪ
ڀيرو اعلان ڪرايان. بادشاهه چيو: ڀلا اها به ڪا
پڇڻ جي ڳالهه آهي. ضرور اعلان ڪراءِ. اتفاق سان
انهيءَ ڀيري ان اعلان جي خبر روم ملڪ جي هڪ وڏي
مصور کي پيئي، جنهن اڳيون اعلان نه ٻڌو هو. هُو
روم مان ڪهي ايران آيو ۽ بادشاهه وٽ حاضر ٿيو ۽
پنهنجي تصويرن جا نادر نمونا بادشاهه جي خدمت ۾
پيش ڪيا.
بادشاهه کي هن جي ٺاهيل تصويرن مان هڪ تصوير پسند
پئي. ان تصوير ۾ ڪڻڪ جي ٻوٽي تي هڪ بلبل ويٺل هئي.
بادشاهه اها تصوير پنهنجي محل جي دروازي تي هڻڻ جو
حڪم ڏيئي ڇڏيو. مصور محل جي دروازي تي تصوير ٺاهڻ
شروع ڪئي ۽ جڏهن تصوير مڪمل ٿي ويئي ته بادشاهه ان
کي ڏسڻ ويو. بادشاهه تصوير کي ڏسي ڏاڍو گدگد ٿيو ۽
چوڻ لڳو ته هيءَ تصوير سڀني کان به وڌيڪ دلڪش ٿي
لڳي.
بادشاهه تمام گهڻو خوش هو. هن انهيءَ خوشيءَ ۾
پنهنجي خزاني جا دروازا کولي ڇڏيا ۽ ان مصور کي
هيرن جواهرن سان مالا مال ڪري شاهي ٺاٺ سان پنهنجي
ملڪ روانو ڪيو. بادشاهه ان تصوير جي خوشيءَ ۾
اعلان ڪرايو ته ”جيڪو به شخص هن تصوير مان غلطي
ثابت ڪندو ته آءٌ ان کي به انعام و اڪرام سان
نوازيندس.“ پر تصوير ڏاڍي خوبصورت هئي هر ڪو تصوير
کي ڏسي ان جي ساراهه جا ڍڪ ڀريندو هو، ۽ ڪير به
تصوير مان غلطي ڪڍي نه سگهيو.
هڪ ڏينهن هڪ فقير بادشاهه جي خدمت ۾ حاضر ٿيو ۽
چيائين ته حضور ان تصوير ۾ غلطي آهي، جيڪڏهن اجازت
مليم ته حضور جن کي اها غلطي ڏيکاريان. بادشاهه
فقير سان گڏجي دروازي وٽ آيو، جتي ماڻهن جو ميڙ
لڳو پيو هو. جن کي اڳي ئي خبر پئجي ويئي هئي ته
فقير تصوير مان غلطي ڪڍندو. تصوير وٽ پهچي بادشاهه
سلامت غور سان ڏٺو پر ان کي ڪا غلطي نظر نه آئي.
فقير تصوير ڏانهن اشارو ڪندي چيو بادشاهه سلامت!
هن تصوير ۾ ڪڻڪ جو ٻوٽو بلبل جي ويهڻ جي باوجود به
سڌو بيٺو آهي. حالانڪه سڀني کي خبر آهي ته ڪڻڪ جو
ٻوٽو ڏاڍو نازڪ ۽ ڪمزور ٿيندو آهي يقيناً اهو بلبل
جي ويهڻ سان اهڙيءَ طرح سڌو بيهي نٿو سگهي. فقير
غلطي ثابت ڪئي ته چوڌاري واهه واهه لڳي ويئي.
بادشاهه به ان غلطيءَ کي تسليم ڪيو. ۽ وعدي مطابق
بادشاهه فقير کي دولت سان نوازي، خوشيءَ سان ان کي
رخصت ڪيو. بادشاهه ان تصوير کي ائين ڇڏي ڏنو پر ان
جي هيٺان هڪ ڪتبو هڻائي ڇڏيائين، جنهن ۾ لکيل هو
ته ”هن تصوير مان وڏا وڏا ماهر به غلطي ڪڍي نه
سگهيا پر هڪڙي رواجي پينو فقير ان مان هڪ وڏي
غلطي ڪڍي ثابت ڪري ڏيکاريو آهي. ته عقل ۽ ذهانت
هروڀرو ذات تي ڪانهي پر قدرتي ڏات ئي انسان کي
سرخرو بڻائي ٿي.
سنڌيڪار: جاويد احمد شيخ جيڪب آباد
جپاني ڪهاڻي
ڪئيءَ جي
شادي
آڳاٽي وقت جي ڳالهه آهي. هڪ هنڌ هڪ ڪئي ۽ ڪئو
رهندا هئا. هنن جو گهر چانورن جي هڪ گودام ۾ هو.
پرائو ان کائي ڏٺو هئائون سو ڏاڍا سکيا هئا. نهايت
امير سمجهيا ويندا هئا. هنن کي هڪ ڌيءَ به هوندي
هئي، جا به سڳداسي چانور کائي نهايت سهڻي من مهڻي
ٿي پيئي هئي. ڪئن جي دنيا ۾ ڪو به سندس سو انهن جو
ثاني ڪين هو هوءَ پنهنجي مٽ پاڻ هئي هر ڪو ڪئو
ائين پيو گهرندو هو ته جيڪر آءٌ هن سان شادي
ڪريان.
ڪيترن ئي ڪئن شاديءَ جا پيغام موڪليا، پر سهڻي
ڪئيءَ جي پيءُ ماءُ هر ڪنهن سان انڪار پئي ڪيو.
هنن جي پيٽ ۾ چار داڻا سرس هئا، سو پنهنجي ڌيءَ جي
شادي ڪنهن عام ڪئي سان نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو.
”اسين پنهنجي ڌيءَ جي شادي انهيءَ سان ڪنداسين، جو
سڄي ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ سگهارو هوندو.“
پنهنجي دنيا کي ڇڏي هو پرڏيهه منجهه ڌيءَ لاءِ
گهوٽ ڳولڻ ۾ لڳي ويا. ڪئيءَ ۽ ڪئي هڪ ڏينهن ڏٺو ته
اُڀ منجهان گرم گرم ۽ مهربان سج ڌرتيءَ تي روشني
پکيڙي رهيو آهي. سو ٻنهي سج ڏانهن ڏٺو ۽ اوچتو کين
خيال آيو ته ڇو نه اسين پنهنجي ڌيءَ جي شادي سج
سان ڪريون، جو سڀ کان سگهارو آهي.اها ڳالهه ڳڻي هي
نهايت خوش ٿيا، خوشيءَ وچان ٺينگ ٽپا ڏيڻ لڳا. هنن
جلدي جلدي پنهنجي ڌيءَ کي سڀ کان قيمتي وڳو ڍڪائي
لال ڪنوار بنايو، ۽ کيس ساڻ ڪري سج ڏانهن هليا، سج
وٽ پهچي پهريائين هنن نوڙي سلام ڪيو ۽ پوءِ چيائون
”اي مهربان سج! اسين ڏورانهين ڏيهه کان تو وٽ آيا
آهيون تون سڀ کان وڌيڪ طاقتور آهين، اسين گهرون ٿا
ته تون اسان جي ڌيءَ سان شادي ڪر.“
سج وراڻيو، اوهان جي وڏي مهرباني پر آءٌ سڀ کان
طاقتور ڪين آهيان، منهنجي روشنيءَ ۽ چمڪ جي اڳيان
ڪڪر اچي ٿو ته آءٌ بيوس ٿيو پوان. انهيءَ ڪري ڪڪر
مون کان وڌيڪ سگهارو اٿوَ“ ڪئي ۽ ڪئو اهو ٻڌي هڪدم
اٿي کڙا ٿيا ۽ ڌيءُ کي وٺي ڪڪر ڏانهن روانا ٿيا.
دل ۾ چيائون ته چڱو ٿيو جو سج کي نياڻي نه ڏنيسين.
جڏهن ڪڪر وٽ پهتا ته پهريائين کيس آزيون نيزاريون
ڪيائون ۽ چيائون ته ”اي ڪڪر سائين! اسين وڏو پنڌ
ڪري تو وٽ آيا آهيون ڇاڪاڻ ته تون سڀ کان وڏو
سگهارو آهين. ڀلائي ڪر تون اسان جي ڌيءُ قبول ڪر“
ڪڪر اها ڳالهه ٻڌي وراڻيو ته ”توهان جي وڏي
مهرباني لک لائق، افسوس جو آءٌ سڀ کان سگهارو ڪين
آهيان. مون کان سگهارو واءُ آهي، جڏهن واءُ ايندو
آهي ته آءُ هن اڳيان بيهي نه سگهندو آهيان.“ اهو
ٻڌي هي وري واءُ وٽ آيا. دل ۾ چيائون ته چڱو ٿيو
جو نياڻي ڪڪر کي نه ڏنيسين. پوءِ واءُ کي چيائون ۽
منٿ ڪيائون ”اي سگهارا سائين، ڀلائي ڪري اسان جي
نينگري قبول ڪر. پر واءُ به سندن ٿورا مڃيا ۽
چيائين ”آءٌ سڀ کان سگهارو ڪين آهيان، ڇو ته جڏهن
منهنجي آڏو جبل اچيو وڃي ته بيوس ٿيو پوان. ان ڪري
جبل مون کان وڌيڪ سگهارو آهي.“ هوا جي اها ڳالهه
ٻڌي هو ڏاڍا مايوس ٿيا، پر وري به دل ۾ خوش هئا ته
چڱو جو واءُ کي نينگري نه ڏنيسين. سو هلندي هلندي
جبل وٽ پهتا ۽ پهريائين کيس نهايت عاجزي ۽
نماڻائيءَ سان ڪورنشون ڪيائون ۽ پوءِ چيائون ”اي
جبل سڳورا! اسين تو منجهه وڏيون آسون ۽ اميدون رکي
آيا آهيون. اسان کي مايوس نه ڪجانءِ“ ”چئو ڇا
ڳالهه آهي، توهان مون وٽ ڪيئن آيا آهيو.“ جبل هنن
کان پڇيو انهيءَ تي ڪُئي ۽ سندس زال نهايت
نماڻائيءَ سان عرض ڪيو ته ”تون سڀ کان وڌيڪ سگهارو
آهين اسين گهرون ٿا ته تون اسان جي ڌيءُ کي پنهنجي
ڪنوار بڻاءِ“. اهو ٻڌي جبل وراڻيو ته توهان جا
وڏا احسان پر آءُ سڀ کان وڌيڪ سگهارو ڪين آهيان
آءٌ گهڻو ئي پاڻ پتوڙيان ٿو، پاڻ بچايان ٿو. پر
جڏهن ڪو ”ڪئو خان“ اچي پنهنجي تيز چنبن ۽ ڏندن سان
مون کي ڪترڻ لڳندو ته پوءِ منهنجي ته هڪ به نه
هلندي آهي ۽ ڪئو ڪتري ڪتري سوراخ ڪريو ڇڏي، انهيءَ
ڪري ڪئو مون کان وڌيڪ سگهارو ۽ همت وارو آهي. جبل
جي اها ڳالهه ٻڌي ڏاڍا شرمندا ٿيا ۽ موٽي گهر آيا
۽ ڪنوار روئندي چيو ”پياري امڙ ۽ پيارا بابا، آءٌ
هڪ ڪئو جنهن جو نالو ٽمڪو آهي ۽ اسان جي پاڙي ۾
رهندو آهي، ان سان شادي ڪرڻ گهران ٿي. هي هڪ عام
ڪئو آهي، پر کيس آءُ دل جان سان پيار ڪريان ٿي.
پوءِ ته هي ٽئي نهايت ٺينگ ٽپا ڏيندا ٽمڪو جي گهر
ويا ٽمڪو کي پنهنجي ڌيءَ جي سڱ جي آڇ ڪئي، جنهن کي
هن خوشيءَ سان قبول ڪيو شاديءَ کان پوءِ ٽمڪو
پنهنجي ساهرن وٽ اچي رهيو ۽ اهڙيءَ ريت گهوٽ ڪنوار
سک جي زندگي گذارڻ لڳا.
پيش اچڻ
انسان کي گهرجي ته هر هڪ سان اخلاق سان پيش اچجي.
نرميءَ سان ڳالهائجي. ڪو به بدلفظ زبان مان نه
ٻولجي. وڏن کي جهڪي سلام ڪجي. استادن ۽ والدين جي
خدمت ڪجي. ائين ڪرڻ سان ئي انسان مانائتو ٿئي ٿو
.
موڪليندڙ: عاجز اسلم لغاري، شاهپور جهانيان
سٺي خواهش
پنهنجي مالڪ کان سدائين اها دعا گهرجي ته منهنجي
وات تي پهرو ڏي، ۽ منهنجي چپن جي چوڦير در ڏيئي ڇڏ
ته منهنجي دل خراب چپن ڏي نه وري ۽ ڪوڙا بهانا نه
ڏئي.
موڪليندڙ: انعام علي عاجز ملاح، سنڌ يونيورسٽي
ڪالوني.
راز سنڌي شڪارپور
پهرين انعامي ڪهاڻي
سنگ
تاري ڪسنگ ٻوڙي
مون کي اهي ڏينهن اڃا به ياد آهن جڏهن آءٌ هڪ
ننڍڙو شاگرد هيس ۽ پرائمري تعليم پڙهندو هيس. بس
رڳو پڙهڻ ئي پڙهڻ ياد هوندو هيم. ايتريقدر جو سج
نه اُڀرندو هو ته اسڪول جو وڃي دروازو وٺندوهيس.
وڏي ڳالهه ته اسڪول جو پٽيوالو به مون کان ڪجهه
دير سان پهچندو هو. منجهند جڏهن گهر واپس ٿيندو
هيس ته ماني کائڻ بجاءِ ”هوم ورڪ“ شروع ڪري ڏيندو
هيس. منهنجي امان ڪنهن ڪنهن ڏينهن ته ماني رکي
رکي ڏاڍي ڪڪ ٿي ويندي هئي ۽ جڏهن ڪڪ ٿي ويندي هئي
ته آءٌ کيس چوندو هوس ته ڀلا تون جو چوندي آهين ته
شال ”ڪلٽر“ ٿئين، پوءِ ٻڌاءِ، آءٌ محنت کان سواءِ
ڀلا ڪيئن ”ڪلٽر“ ٿي سگهندس؟ امان به منهنجو اهڙو
شوق ڏسي ڪاوڙ ڍري ڪري ڇڏيندي هئي. زندگيءَ جي ان
مرحلي ۾ مون ڪنهن سان به دوستي نه رکي ۽ نه وري ڪو
اهڙو خيال ئي ڪيم. بس هوڏانهن اسڪول هيڏانهن گهر.
امڙ جو به اهو چوڻ هوندو هو ته ”پٽ! پهريائين
پڙهڻ، پوءِ دوستي. پڙهي پوندين ته پوءِ هر هڪ
تنهنجو دوست ٿي پوندو. هر هڪ تنهنجو محتاج هوندو ۽
سوين پيا دوستيءَ لاءِ آڇون ڪندا. جي دوستي رکين
ته به ڪنهن سٺي چال چلت ۽ اخلاقي شاگرد سان دوستي
رکبي ڇو ته وڏڙن جو چوڻ آهي ته ”سنگ تاري ڪسنگ
ٻوڙي.“ سٺي چال چلت وارو هر دم نيڪ صلاح پيو
ڏيندو آهي ۽ بڇڙي چلت وارو هر دم خراب راءِ
ٻڌائيندو آهي.“ مون کيس پڪو يقين ڏياريو ته امان
تون ڪو به فڪر نه ڪر. ڏينهن خير جا گذرندا ويا ۽
آخر مون پنج درجا سنڌي پڙهي پاس ڪري گورنمينٽ هاءِ
اسڪول شڪارپور ۾ وڌيڪ تعليم وٺڻ لاءِ داخلا ورتي.
غريب ۽ يتيم هئڻ ڪري هيڊ ماستر کي في معاف لاءِ
چيم ته چيائين: ”في الحال تنهنجي اڌ في معاف ڪريان
ٿو. پر جيڪڏهن تو اڳتي هلي سٺو ڪم ڏيکاريو ته پوءِ
سڄي في معاف ڪندو مانءِ.“
ڪلاس شروع ٿي ويا. مهينو اڃا مس گذريو ته اندازو
لڳايم ته اُتي اهڙو ڪو به شاگرد ڪو نه هئو جيڪو
منهنجو مقابلو ڪري سگهي. جيڪو استاد ٿي آيو، تنهن
ٿي مون کي شاباس ڏني. پهرين ڏينهن ۾ ته پوئين
بئنچ تي ويهندو هئس پر جڏهن ڊپ لهي ويو ۽ استادن
جي نظر ۾ سٺو شاگرد ٿي لڳس ته استادن مون کي پاڻ
اڳين بئنچن تي ويهڻ لاءِ چيو ۽ مون کي مانيٽر مقرر
ڪري ڇڏيائون اُن وقت ڏاڍو خوش ٿيس. پنجاهه کان مٿي
شاگردن جو مانيٽر هئس. هاڻي ته مون کي وڌيڪ موقعو
مليو ته آءٌ پاڻ کي اڃا به وڌيڪ اوڀاريان. ڇهه
مهينا مس گذريا ته ششماهي امتحان به اچي ڪڙڪو ڪيو.
امتحان ڏنم. اوچتو اسان جو هيڊ ماستر صاحب ڪلاس ۾
داخل ٿيو ۽ منهنجو نالو ورتائين. آءٌ اُٿي بيٺس ۽
مون ڏانهن اشارو ڪري چيائين: ”مون کي فخر آهي تو
جهڙي شاگرد تي، جو تون سڄي ڪلاس ۾ پهريون نمبر آيو
آهين. آءٌ وعدي مطابق تنهنجي اڌ في به معاف ٿو
ڪريان.“ آءٌ اڄ ڏاڍو خوش هئس، ڇاڪاڻ ته اڄ منهنجي
استادن ۽ شاگردن هيڊ ماستر صاحب وٽ به عزت وڌي
چُڪي هئي. ڏينهن گذرندا رهيا ۽ پڙهڻ کي لڳو رهيس.
اوچتو منهنجي دوستي هڪ اهڙي دوست سان ٿي ويئي،
جيڪو سڄو ڏينهن ڪُڪڙ ويڙهائيندو هئو ۽ پڻ شرطي به
هئو. هن مون کي سبز باغ ڏيکاري مون کان علم جو
خزانو هٿ ڪرڻ وساري ڇڏيو. چوندا آهن ته شيطان هر
دم سٺي اخلاق واري انسان جون ڪمزوريون ڳولي اتان
وار ڪندو آهي. ساڳيءَ طرح سان هو به ڄڻ انسان جي
صورت ۾ هڪ شيطان هئو، جنهن منهنجي ڪمزوري لهي
اُتان وار ڪيو. جنهن وار جو آءٌ اڄ تائين پڇتاءُ
ڪندو آهيان، جنهن جو زخم اڄ به پيو چيٺيان. آءٌ هن
جي دوستيءَ ۾ تمام اڳتي وڌي ويس. هن جي دوستيءَ
مون کي ڪُڪڙ پالڻ ۽ شرط رکڻ سيکاريو. تعليم حاصل
ڪرڻ جو شوق بلڪل مون کان ياد لهي ويو. ايترو جو
آءٌ اسڪول به هڪ يا ٻه ڏينهن ويندو هئس ۽ باقي
هفتي جا ڏينهن گهر هوندو هئس يا رستن تي ويهي ويهي
واپس موٽي ايندو هئس. هن جي دوستيءَ مون کي
استادن، شاگردن ۽ هيڊ ماستر جي نظرن تان ڪيرائي
ڇڏيو. اُهو احساس تڏهن ٿيو جڏهن آءٌ مڊل اسٽئنڊرڊ
جي اسڪالرشپ واري امتحان ۾ ٿرڊ ڪلاس ۾ آيس. مائٽ
مٽ ۽ منهنجي ماءُ منهنجي مٿان تمام گهڻو ڪاوڙي.
نيٺ اهو ڌڪ کاڌم ۽ الله جي مهربانيءَ سان ڪنهن
انساني صورت ۾ فرشتي سان ملاقات ٿي ويم، جنهن وري
مون کي منهنجي غلطيءَ جو احساس ڏياريو. مون کي چڱي
۽ بُري جي دوستيءَ جو درس ڏنو. سٺي ۽ خراب دوستيءَ
جو نتيجو ٻڌايو ۽ آءٌ وري اڳي وانگر محنت کي لڳي
ويس. ۽ انهن ڳالهين کي وساريم. ان سٺي انسان جي
رهنمائي حاصل ڪرڻ شروع ڪيم. نائين درجي جو امتحان
پاس ڪيم ته مٽن مائٽن، ڪلاس جي شاگردن استادن ۽
هيڊ ماستر صاحب تي سٺو اثر پيو. مئٽرڪ جي دوران
ته وڻ ئي وڄائي ڇڏيم. ڪلاس مانيٽر جيڪو مون کان
پوءِ مقرر ڪيو ويو هئو، مون کان هر ٽيسٽ ۾ چار پنج
مارڪون گهٽ ئي گهٽ کڻندو هئو. ڪڏهن ڪڏهن سائنس
ٽيچر اسان کان ليڪچر ڏياريندا هئا. پهريون نمبر
آءٌ ايندو هئس. مون کي ياد آهي ته هڪ دفعي مئٽرڪ
ڪلاس ۾ انگريزيءَ ۾ ڏهن سبقن جو مقابلو رکيو ويو.
ان ۾ به مون مانيٽر کي شڪست ڏني ۽ پنهنجي اڳين
مانيٽري حاصل ڪرڻ جو حق حاصل ڪيم. نيٺ مئٽرڪ ڏنم ۽
پهرين نمبرن ۾ آيس. تڏهن ماءُ وارو ٻڌايل قول
صحيح ثابت ٿيو. واقعي ”سنگ تاري ڪسنگ ٻوڙي“ سٺي
انسان جي دوستي انسان کي شان، مان ۽ عزت وارو
بنائي ٿي. خراب ۽ بدچال دوست جي دوستي هر هنڌ خراب
۽ خوار ڪرائي ٿي. ان ڏينهن کان پوءِ آءٌ ان قول جو
پابند آهيان ۽ هاڻي ڪنهن به اهڙي خراب ماڻهوءَ سان
ڪو نه ڳالهائيندو آهيان. هاڻي جي منهنجو دوست آهي
ته به صرف اهو جنهن مون کي صحيح راهه ڏيکاري ۽ ٻيو
منهنجو دوست اُهو آهي، جيڪو مون سان هر وقت گڏ
هوندو آهي. يعني ”ڪتاب“.
سروجڪماري لاڙڪاڻو
ٻي انعامي ڪهاڻي
ڪنهن ڳوٺ ۾ هڪ غريب ڪاٺير رهندو هو. کيس ٻه پٽ،
ماءُ پيءَ ۽ هڪ زال هئا. سندس ڏينهن تمام ڏکيا
گذرندا هئا. سڄو ڏينهن محنت ڪرڻ کان پوءِ به سندس
ٻار بکيا رهندا هئا. غريب ڪاٺير پنهنجن ڪمايل پئسن
مان اڌ پئسا پنهنجن پٽن جي پڙهائيءَ ۾ خرچ ڪندو
هو. تڏهين به انهن کي پورا ڪتاب ڪو نه هوندا هئا.
سندس پٽن مان ننڍي پٽ جو نالو اسلم ۽ وڏي جو نالو
سليم هئو. ڪتاب گهٽ هوندي به ٻئي ڀائر پنهنجي ڪلاس
۾ هوشيار هوندا هئا. غريب ڪاٺير پنهنجي زندگي،
خدا جا شڪرانا ڪري گذاريندو هو. سندن گهر ۾ سڪون
هوندو هو. هڪ ڏينهن اوچتو سندن ڏينهن ۾ ڦيرو آيو.
هڪ صبح جو جڏهين سڀيئي ننڊ ڪري اُٿيا، ته سندس
ننڍو پٽ گم هو، سندس کٽ خالي پيئي هئي. هڪ خوشيءَ
واري گهر ۾ غمي ۽ اُداسي ڦهلجي ويئي. ڏينهن هوندي
به غريب ڪاٺير کي رات محسوس ٿي. کيس مستقبل جو ڏيو
وسامندو نظر آيو. سندس دماغ چڪرائڻ لڳو کيس دنيا
جي هر شيءِ ڦرندي نظر آئي. رات وچ ۾ هڪ ننڍڙي گهر
جي خوشي ماتم ۾ بدلجي ويئي. هيڏانهن هوڏانهن
ڏٺائون پر اسلم جو ڪو به پتو ڪو نه پيو. نيٺ چپ
ڪري ويهي رهيا ٻيو ڪري به ڇا ٿي سگهيا. پنهنجي
ننڍي ڀاءُ جي گم ٿيڻ کان پوءِ سليم ڪوماڻل لڳو.
کيس پڙهائيءَ تي به دل ڪو نه لڳندي هئي. پر ٻئي
طرف سندس خيال هو ته هو وڏو ٿي، انسپيڪٽر ٿيندو ۽
پنهنجي ننڍڙي ڀاءُ جي ڳولها ڪندو.
هاڻي ننڍڙي ڀاءُ اسلم جو احوال ٻڌو. ان رات سندن
گهر ۾ ڌاڙيل ڪاهي پيا هئا، ۽ سندس پياري ڀاءُ اسلم
کي بيهوش ڪري کڻي ويا. ۽ ان کي پاڻ سان ملائي
ڌاڙيل ڪري ڇڏيائون.
هوڏانهن اسلم جي ڀاءُ سليم کي اٺين ڪلاس ۾
اسڪالرشپ ملڻ لڳي ۽ ڪا نه ڪا ننڍي نوڪري ڪري
پنهنجي اسڪول جو خرچ پورو ڪندو هو. سندس خيال
انسپيڪٽر ٿيڻ تي هئو. پر قدرت جي ڪئي کي ڪير ٿو
ٽاري سگهي. آخرڪار هو انجنيئرنگ جي آخري سال ۾
پهتو. سندس دوستي هر وقت هوشيار ۽ ذهين ڇوڪرن سان
رهي هئي. هڪ ڏينهن کيس اوچتو ڪنهن دوست ٻڌايو ته
سندس ڀاءُ هڪ خطرناڪ ڌاڙيل ٿي ويو آهي. ۽ ان سان
گڏ هن کيس ڀاءُ جو فوٽو ۽ سندس نالو لکيل هڪ اخبار
ڏيکاري. سليم پنهنجي ڀاءُ اسلم کي سڃاتو ۽ کيس
ڏاڍو ڏک ٿيو هو. ڪڏهين سوچي به نٿي سگهيو ته ڪو
سندس ڀاءُ ڌاڙيل ٿيندو. اخبار تي مٿان وڏن اکرن ۾
لکيل هو، اسلم کي جيڪو به گرفتار ڪندو کيس 15 هزار
نقد انعام ڏنو ويندو. سليم اهو پڙهي بيهوش ٿي ويو.
جڏهن هو هوش ۾ آيو ته هن پاڻ کي پنهنجي گهر ۾ هڪ
کٽ تي سمهيل ڏٺو. کيس ڪجهه به سمجهه ۾ نٿي آيو ته
هو ڇا ڪري. هن کي ائين محسوس ٿيو ڄڻ چوطرف هوا جي
لهرن سان گڏ آواز گونجندا هجن. ”سنگ تاري ڪسنگ
ٻوڙي.“ |