مهاڳ
سنڌ جي لوڪ ادب کي مڪمل طرح سهيڙي ڇاپڻ لاءِ وڌ ۾ وڌ جاکوڙ ۽
وڏو ڪارنامون سنڌي ادبي بورڊ جو آهي، جنهن پنهنجي
مقصد، ساک ۽ ناموس مطابق 36 سالن جي ڪوشش سان لوڪ
ادب جا چاليهه ڪتاب ڇاپي هڪ اهم ڪم سرانجام ڏنو.
سنڌي لوڪ ادب کي مڪمل طرح سهيڙڻ بابت تفصيلي تجويز
سنه 1955ع ۾ ”سنڌي ادبي بورڊ“ جي سامهون آندي وئي،
جنهن کي سنه 1956ع ۾ بحال ڪيو ويو ۽ فيصلو ٿيو ته
هن اسڪيم کي مڪمل ڪيو وڃي ۽ اهو لوڪ ادب کي سهيڙڻ
وارو ڏکيو، محنت ۽ جاکوڙ وارو ڪم نامياري عالم ۽
محقق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب جي حوالي ڪيو
وڃي.
سنه 1957ع ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب لوڪ ادب متعلق ڪم شروع ڪيو ۽
باقاعدي ”لوڪ ادب“ جي مرڪزي آفيس قائم ڪئي. پهريان
ٻه سال مواد کي سهيڙڻ ۾ لڳي ويا ۽ اهو مواد جيڪو
ڊاڪٽر بلوچ صاحب سنڌ جي مختلف حصن جو گشت ۽
ڪچهريون ڪري هٿ ڪيو هو، 1959ع کان ڇاپڻ شروع ڪيو
ويو. پهرئين سال، لوڪ ادب سلسلي جو پهريون ڪتاب
”مداحون ۽ مناجاتون“ شايع ڪيو ويو.
سنڌي ادبي بورڊ جي اسڪيم تي باقاعدگي سان عمل ٿيندو رهيو ۽
ٻارهن ڪتاب شايع ٿيڻ بعد بدقسمتي سان لوڪ ادب
اسڪيم کي پوري ڪرڻ ۾ رڪاوٽون پيدا ٿيون، پر سنڌي
ادبي بورڊ جي صدر جناب مخدوم محمد زمان ”طالب
الموليٰ“ صاحب (تمغهء پاڪستان) جن لوڪ ادب سلسلي
جي اسڪيم ۾ ذاتي دلچسپي وٺندي حڪم جاري ڪيو ته ”هن
اهم ڪم کي ٻيهر جاري ڪري، مڪمل ڪيو وڃي ۽ هن سموري
ڪم لاءِ ڊاڪٽر بلوچ صاحب کي اها ذميواري سونپي
وڃي“. محترم داڪٽر صاحب لوڪ ادب سلسلي جي
37،30،28،18،15،13 ۽ 38 ڪتابن جي مهاڳن ۾ اظهار
ڪري ٿو ته مخدوم صاحب پنهنجي ذاتي دلچسپي جو اظهار
ڪري وقت بوقت مختلف قسم جي رنڊڪن کي دور ڪندو
رهيو، جيڪر سندس ذاتي دلچسپي شامل حال نه رهي ها
ته ”لوڪ ادب تجويز“ هن مرحلي تي نامڪمل رهجي وڃي
ها“.
اهڙي طرح سان ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب جي اڻ ٿڪ محنت سان
هيءُ ڏکيو ڪم هن اسڪيم جي آخري ڪتاب ”هنر“ تي
1991ع ۾ مڪمل ٿيو، جيتوڻيڪ هن اسڪيم جي منظوريءَ
وقت چاليهن ڪتابن جي سهيڙڻ ۽ تحقيق لاءِ پنجن سالن
جو مدو رکيو ويو هو، پر ڊاڪٽر بلوچ صاحب ۽ سندس
ساٿين کي ان ۾ ڇٽيهه سال لڳي ويا، ڇاڪاڻ ته پنج
سال هن موضوع کي سهيڙي ڇاپڻ لاءِ تمام گهٽ هئا.
تنهن هوندي به هي اهم ڪم سرانجام ڏيڻ لاءِ ڊاڪٽر
بلوچ صاحب مبارڪن جو مستحق آهي ۽ لوڪ ادب سلسلي جي
اسڪيم کي مختلف رنڊڪن جي باوجود به مڪمل ڪرڻ لوڪ
ادب کي جيارڻ ۾ مددگار ٿيو آهي. حقيقت جي آڏو اچڻ
تي اها ڄاڻ ملي ته لوڪ ادب جي اسڪيم ۾ جيڪر مخدوم
محمد زمان ”طالب الموليٰ“ صاحب ذاتي دلچسپي وٺي
وقت بوقت رنڊڪون دور ڪندو نه رهي ها ته اڄ سنڌ
واسين آڏو لوڪ ادب جا چاليهه ڪتاب موجود نه هجن ها
۽ هي اهم ڪم اڌورو رهجي وڃي ها.
سنڌ جي سمورن عالمن، اديبن، محققن ۽ سگهڙن کي اها ڄاڻ آهي ته
مخدوم صاحب هڪ اهڙي علمي ۽ ادبي خاندان جو گوهر
آهي، جنهن نه صرف علمي ۽ ادبي محفلن کي مچايو،
اهڙن ادارن جي سرپرستي ڪئي، پر وڏن وڏن عالمن ۽
محققن جي مدد ڪري، انهن جي ذهني ڪاوش ۽ تخليق کي
عمل ۾ آڻڻ لاءِ مددگار ٿيو. جنهن جا اڻ ڳڻيا مثال
اسان وٽ موجود آهن. اڄ وري به جڏهن لوڪ ادب جا
چاليهه ڪتاب مڪمل ٿي چڪا آهن، سنڌي ادبي بورڊ جو
سربراهه هڪ دفعو وري سائين ”طالب الموليٰ“ آهي،
جنهن پنهنجي ٻيهر چيئرمين ٿيڻ بعد ساڳئي شوق ۽
اتساهه سان نه صرف لوڪ ادب جي اسڪيم پر ڊاڪٽر بلوچ
جي سمورن، شيڊول ۾ شامل، ڪتابن کي ترت ڇپائڻ جو
حڪم ڏنو ته جيئن اسان جي مانائتن محققن جي تحقيق
وقت سر عوام آڏو اچي ۽ ڪڏهن به سندن دل آزاري يا
حوصله شڪني نه ٿئي.
لوڪ ادب اسڪيم تحت چاليهن ڪتابن جو سلسلو مڪمل ٿيڻ بعد هڪ دفعو
وري به مخدوم محمد ”طالب الموليٰ“ چيئرمين سنڌي
ادبي بورڊ هن اسڪيم کي وڌيڪ اثرائتو ۽ ڪارگر ڪرڻ
لاءِ ”لوڪ ادب جي چاليهن ڪتابن جي فهرست“ تيار
ڪري، هڪ ڪتاب جي صورت ۾ ڇپائڻ جو حڪم جاري ڪيو ته
جيئن تحقيق ڪندڙ يا دلچسپي رکندڙ هڪ ئي جلد کي
سامهون رکي چاليهن ڪتابن ۾ شامل ڄاڻ حاصل ڪري
سگهن.
هيءُ تعريف جوڳو قدم آهي، ڇاڪاڻ ته عالمي سطح تي جديد تحقيق
موجب جيڪي به لغات، انسائيڪلوپيڊيا يا عالمي ادب
متعلق ڪتاب سيريز ۾ مختلف جلدن تي ڇاپيا ويندا
آهن، انهن جي فهرست ڌار هڪ ڪتاب جي صورت ۾ ڇاپي
ويندي آهي. سنڌي ادبي بورڊ ۾ هن قسم جو هي پهريون
مثال آهي، جيڪو پڪ سان پسند ڪيو ويندو.
نه صرف اهو پر سائين ”طالب الموليٰ“ لوڪ ادب سلسلي جي چاليهن
ڪتابن جي هڪ مڪمل ڏَسڻي (Index)
شايع ڪرڻ ۾ به دلچسپي رکي ٿو ته جيئن چاليهن ڪتابن
۾ ڪتب آندل اسان جي سڄاڻ سُگهڙن ۽ مختلف ڪردارن جا
نالا آسانيءَ سان ڳولهي سگهجن ۽ ڪنهن به قسم جي
لوڪ ادب متعلق تحقيق وڌيڪ سولي ٿي پوي.
مختلف ذريعن کان جناب چيئرمن صاحب ۽ ميمبر صاحبن جي ڌيان تي لوڪ
ادب سلسلي جي ڪتابن جي نايابي بابت شڪايت پڻ آندي
ويئي هئي. جنهن تي هڪدم حڪم جاري ٿيو ته لوڪ ادب
جي ڪتابن جي ٻيهر ڇپائي کي اوليت جي بنياد تي
اهميت ڏيئي، سمورا لوڪ ادب جا اڻ لڀ ڪتاب ٻيهر
ڇاپيا وڃن.
چيئرمن صاحب جي حڪم تي اهو سلسلو جاري آهي ۽ لوڪ ادب جا ڪيترا
ڪتاب ٻيهر ڇپجي بازار ۾ اچي چڪا آهن.
سنڌي معاشرو غربت ۾ وڪوڙيل آهي، سنڌي ادب، خاص طرح ”لوڪ ادب“
سان لاڳاپو رکندڙ اديب، سُگهڙ ۽ سڄاڻ گهڻو ڪري
ديهي علائقن سان تعلق رکندڙ پورهيت طبقي مان آهن،
جن لاءِ هن مهانگهائي جي دور ۾ ڪتاب خريد ڪرڻ ڏاڍو
ڏکيو ٿي پيو آهي. هن مسئلي کي حل ڪرڻ ۾ به سنڌي
ادبي بورڊ جو هڪ اهم ڪردار آهي. بورڊ جي چيئرمن
سائين ”طالب الموليٰ“ جي حڪم تي سنڌ جي مختلف شهرن
۾ ڪتابن جا وقتي اسٽال قائم ڪري، بورڊ جا اڳ ۾
ڇاپيل ڪتاب پنجاهه سيڪڙو ڇوٽ تي وڪرو ڪيا پيا وڃن
ته جيئن پڙهندڙن کي گهر ويٺي سستا ۽ معياري ڪتاب
ملي سگهن ۽ سندن ادبي ذوق ۽ اتساهه نه صرف برقرار
رهي پر اڃا به وڌيڪ وڌي ۽ ويجهي، جنهن سان سنڌي
ادب جو واڌارو ٿيندو، جيڪو سنڌي ادبي بورڊ جو اهم
۽ بنيادي مقصد آهي.
سنڌي ادبي بورڊ لوڪ ادب سلسلي جي چاليهن ڪتابن جي فهرست پڙهندڙن
آڏو پيش ڪري رهيو آهي. اميد ته پڙهندڙ ۽ محقق هن
مان فائدو حاصل ڪندا ۽ کين هيءَ ڪوشش پسند ايندي.
آخر ۾ هڪ وضاحت ڪرڻ ضروري آهي ته لوڪ ادب سلسلي جو تيرهون ۽
چوڏهون نمبر ڪتاب ”ڳجهارتون“ جو ڀاڱو پهريون ۽
ڀاڱو ٻيو هئا، پر ڇپائي ۾ رنڊڪ پوڻ دوران اهي ٻئي
حصا گڏجي هڪ جلد ۾ ”لوڪ ادب سلسلي جي تيرهين ڪتاب“
جي عنوان سان ڇپجي ويا، ۽ ان کان پوءِ ڇپجندڙ ڪتاب
”ڏور“ تي پندرهون نمبر لڳي ويو. ان ڪري ”ڳجهارت“
ڪتاب جو نمبر تيرهون ۽ چوڏهون سمجهڻ گهرجي.
(ادارو)
�
لوڪ ادب سلسلي جو پهريون ڪتاب
مداحون ۽ مناجاتون
مؤلف
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
صدر شعبه تعليم ۽ شعبه سنڌي. سنڌ يونيورسٽي
۽
ڊئريڪٽر لوڪ ادب اسڪيم
سنڌي ادبي بورڊ
سنڌي ادبي بورڊ
ڪراچي – حيدرآباد سنڌ
پاڪستان
1959
ڇاپو پهريون نومبر 1959ع
ڪاپيون ٻه هزار
___________________________
سنڌي ادبي بورڊ جا حق واسطا قائم
_________________________________________________________________________
اعجاز محمد صديقي، مئنيجر سنڌ يونيورسٽي پريس، حيدرآباد سنڌ،
ڇاپيو ۽ محمد ابراهيم جويي، سيڪريٽري سنڌي ادبي
بورڊ، بورڊ جي آفيس تلڪ چاڙهي، حيدرآباد سنڌ مان
پڌرو ڪيو.
عنوانن جي فهرست
مدح/مناجات
شاعر صفحو
مدح بادشاهه پير رحه جمن
چارڻ 1
مدح نبي صلعم ميان
سرفراز 11
مدح نبي صلعم گرهوڙي
صاحب 16
مدح نبي صلعم صدرالدين
چارڻ 19
مدح بادشاهه پير رحه ثابت علي
شاهه 35
مدح محي الدين جيلاني رحه ملان
صاحبڏنو 38
مدح چار يار رضه فتح
فقير 45
مدح چار يار رضه فتح
فقير 51
مدح غوث اعظم جيلاني رحه فتح
فقير 55
مناجات (نبي صلعم) مخدوم عبدالله
واعظ 59
مناجات (غوث جيلاني رحه) مخدوم
عبدالله واعظ 69
مدح شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه آخوند محمد
بچل ”انور“ 73
مدح بادشاهه پير آخوند
عبدالرحمان 77
مناجات (نبي صلعم) شيخ محمد
حسن 83
مناجات (بادشاهه پير رحه) شيخ محمد
حسن 87
مناجات (نبي صلعم) حاجي طاهر
محمد 93
مناجات (نبي صلعم) حسين فقير
ديدڙ 98
مناجات (نبي صلعم) حسين فقير
ديدڙ 104
مناجات (نبي صلعم) ميان حامد
الله 108
مناجات (بادشاهه پير رحه) همت علي
شاهه 116
مدح نبي صلعم حمل فقير
لغاري 121
مدح چار يار رضه حمل فقير
لغاري 132
مناجات (نبي صلعم) غلام حيدر
شر 137
مناجات غلام
حيدر شر 139
مدح نبي صلعم شاهه محمد
ديدڙ 143
مناجات (نبي صلعم) شاهه محمد
ديدڙ 150
مدح چار يار رضه شاهه
محمد ديدڙ 155
مدح بادشاهه پير رحه مينگهو فقير
شر 160
مناجات (بادشاهه پير رحه) مينگهو
فقير شر 163
مدح بادشاهه پير رحه حاجي محمد ڪاتب
سمون 167
مناجات (نبي صلعم) حاجي احمد
سمون 180
مناجات (غوث اعظم رحه) حافظ حاجي
حامد 182
مدح نبي صلعم ۽ صحابه ڪرام الهه بخش
لغاري 185
مدح نبي صلعم حاجي خان
محمد چنجڻي 188
مناجات (نبي صلعم) حاجي خان محمد
چنجڻي 192
مناجات چار يار رضه حاجي خان محمد
چنجڻي 199
مناجات (بادشاهه پير رحه) عنايت
الله چوڍو 213
مدح شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه عنايت الله
چوڍو 211
مناجات (نبي صلعم) هاجي عثمان
چاڪي 217
مناجات (نبي صلعم) مصري
شاهه 225
مدح نبي صلعم مير حسن علي
حسن 231
مدح بادشاهه پير رحه مرزا دوست محمد
”دوست“ 233
مدح نبي صلعم تور پيو
مسڻ 235
مدح نبي صلعم عبدالرحمان
چانڊيو 240
مدح چار يار رضه
عبدالرحمان چانڊيو
242
مناجات (نبي صلعم) حاجي عبدالله
ڊکڻ 244
مناجات (نبي صلعم) حاجي عبدالله
ڊکڻ 246
مناجات (نبي صلعم) حاجي عبدالله
ڊکڻ 253
مناجات (نبي صلعم) حاجي عبدالله
ڊکڻ 258
مناجات (نبي صلعم) حاجي عبدالله
ڊکڻ 266
مدح چار يار رضه حاجي
عبدالله ڊکڻ 270
مدح بادشاهه پير رحه حاجي عبدالله
ڊکڻ 276
مدح نبي صلعم يوسف
عطار 279
مناجات (بادشاهه پير رحه) علي بخش
شر 283
مدح پير صاحب پاڳارو رحه علي بخش
شر 289
مدح نبي صلعم ۽ صحابه ڪرام ڪمال
فقير 296
مناجات (نبي صلعم ۽ اولياء ڪرام) منٺار فقير
راڄڙ 300
مدح نبي صلعم محمد
مداحي 306
مناجات (نبي صلعم) محمد يوسف
ميمڻ 310
مناجات (نبي صلعم) صوفي آسو
رام 313
مناجات (نبي صلعم) مراد علي
شر 315
مدح نبي صلعم حاجي ڄام
چانڊيو 317
مناجات (نبي صلعم) حاجي ڄام
چانڊيو 320
مناجات (نبي صلعم) حاجي ڄام
چانڊيو 323
مدح بادشاهه پير رحه آخوند لطف
الله 328
مناجات (بادشاهه پير رحه) حافظ علي
اڪبر ”مجروح“ 327
مناجات (نبي صلعم) خليفو غلام
الله 340
مناجات (نبي صلعم)
اشرف 347
مناجات (بادشاهه پير رحه) پير محمد
اشرف ڪامارائي 354
مناجات (باري تعاليٰ) ميان
اشرف 260
مناجات (بادشاهه پير رحه) اميد علي
شاهه 364
مناجات (نبي صلعم)
ڪرم 367
مناجات (نبي صلعم) خان محمد
شيخ 369
مناجات (نبي صلعم)
عالم 377
مناجات (باري تعاليٰ) عاصي (مخدوم پير
محمد؟) 380
مدح نبي صلعم ...
... 382
مدح نبي صلعم مولوي محمد
صلاح 383
مدح نبي صلعم ۽ صحابه ڪرام خير
شاهه 385
مدح نبي صلعم ۽ صحابه ڪرام ...
... 389
مناجات (نبي صلعم) ميون
عيسيٰ 393
مناجات (باري تعاليٰ) محمد صديق
”مسافر“ 395
مناجات (باري تعاليٰ) مولوي احمد
ملاح 398
مدح نبي صلعم مولوي احمد
ملاح 405
مناجات (نبي صلعم) لالڻ خان
لغاري 409
مدح نبي صلعم ۽ صحابه ڪرام پانڌي
آريسر 416
مدح بادشاهه پير رحه غلام فقير
ماڇي 419
مناجات (بادشاهه پير رحه) محمد
اعظم ”سراجي“ 424
ضميمو
مناجات (نبي صلعم) دريا خان
فقير 431
مدح بادشاهه پير رحه نواب جان محمد
لغاري 434
مناجات (باري تعاليٰ) نواب الهداد خان
لغاري ”صوفي“ 446
مدح نبي صلعم نواب الهداد
خان لغاري ”صوفي“ 449
مدح حضرت علي رضه قائم فقير
شر 460
مدح شاهه محمد مڪي رحه محمد صديق
شهواڻي 463
مناجات (نبي صلعم) مل محمود
پلي 469
مناجات (نبي صلعم) مل محمود
پلي 472
مدح نبي صلعم
عبدالحي
475
مناجات (غوث بهاؤ الحق رحه) پير محمد
اشرف ڪامارائي 479
مدح غوث بهاؤ الحق رحه علي اڪبر
”مجروح“ 484
حمد باري تعاليٰ ۽ مدح نبي صلعم ميان احمد
خانڳڙهي 489
مدح نبي صلعم اسد الله
شاهه ”فدا“ 494
مناجات (نبي صلعم) لالڻ خان
لغاري 497
��------
لوڪ ادب سلسلي جو ٻيو ڪتاب
منـــــــــــــاقبــــــا
مرتب
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
صدر شعبه تعليم ۽ شعبه سنڌي. سنڌ يونيورسٽي
۽
ڊئريڪٽر لوڪ ادب اسڪيم
سنڌي ادبي بورڊ
سنڌي ادبي بورڊ
ڪراچي – حيدرآباد سنڌ
پاڪستان
1960ع
ڇاپو پهريون اپريل
1960ع ڪاپيون ٻه هزار
___________________________
سنڌي ادبي بورڊ جا حق واسطا قائم
_________________________________________________________________________
هيءُ ڪتاب م.ع. ڏيپلائي ”اسلاميه پرنٽنگ“ پريس، ويسٽ ڪچا،
حيدرآباد سنڌ ۾ ڇپيو ۽ محمد ابراهيم جويي سيڪريٽري
سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد سنڌ ۽ ڪراچي، ڇپائي شايع
ڪيو.
عنوانن جي فهرست
مناقبو
شاعر صفحو
(الف) نبين جا مناقبا (1 - 4)
حضرت يوسف عليہ السلام جو ...
... 1
(ب) نبي صلعم جا مناقبا (5 - 216)
نُور جي پيدائش وارو مخدوم محمد هاشم
ٺٽوي 5
سندن نور مان عالم پيدا ٿيڻ وارو آخوند
عبدالرحمان 7
سندن ساراهه وارو پير
محمد اشرف شاهه 20
نُور وارو پانڌي
آريسر 23
سندن نور جي ظهور وارو مولوي محمد
ملاح
28
ڄمڻ وارو مخدوم محمد هاشم
ٺٽوي
30
سندن ڄمڻ وارو مخدوم محمد هاشم ٺٽوي
33
سندن ڄمڻ وارو مخدوم محمد هاشم ٺٽوي
36
سندن ڄمڻ وارو مخدوم محمد هاشم ٺٽوي
38
سندن ڄمڻ وارو مخدوم محمد هاشم ٺٽوي
41
سندن ڄمڻ وارو فيض محمد
44
لوليءَ وارو فقير محمد
ماڇي
47
سيني چاڪ ٿيڻ وارو مخدوم محمد هاشم ٺٽوي
51
شام ولايت ڏانهن وڃڻ وارو مخدوم محمد هاشم
ٺٽوي 54
شام ولايت ڏانهن وڃڻ وارو ...
... 56
شام ولايت کان موٽڻ وارو ...
... 59
شاديءَ وارو ...
... 62
حضرت ابراهيم جي وفات وارو مخدوم عبدالرؤف
ڀٽي 68
هجرت وارو مخدوم محمد هاشم
ٺٽوي 74
هجرت وارو ...
... 87
معراج وارو مخدوم محمد
هاشم ٺٽوي 81
معراج وارو
حيات 84
معراج وارو ...
... 90
معراج وارو شيخ محمد حسن
علوي 93
تڪليفن جي ذڪر وارو محمد
حسن 97
حسنين جو راند تي وڃڻ وارو پانڌي
آريسر 100
حسنين جو گم ٿيڻ وارو پانڌي
آريسر 103
حسنين جي گم ٿيڻ وارو فقير محمد
ماڇي 107
راهه ۾ ڪنڊا اُڇلائيندڙ يهوديءَ کان
بيماريءَ ۾ پڇڻ وارو پانڌي
آريسر 110
يتيم ڇوڪر وارو حاجي عبدالله
ڊکڻ 113
يهودي ڇوڪر وارو ...
... 117
يهودي ڇوڪر وارو حاجي عبدالله
ڊکڻ 121
مائي رڪنا وارو فقير محمد
ماڇي 126
عقاش اصحابيءَ وارو
رمضان 132
قيصر شهنشاهه وارو خليفه غلام الله
ڪلهوڙو 136
بکايل شخص وارو فقير محمد
ماڇي 149
ديو وارو مخدوم غلام محمد
بگائي 152
ٿنڀ وارو رمضان
واڍو 155
کجور جي ککيءَ وارو ...
... 157
ڪُتي وارو سيد صالح
شاهه 160
ڪُتي وارو فقير محمد
ماڇي 163
بگهڙ وارو فقير محمد
ماڇي 169
ڳيري وارو سارنگ
پنهور 174
طوطي وارو يارمحمد
مهاڻو 177
دج پکيءَ وارو فقير محمد
ماڇي 180
پکيءَ وارو فقير محمد
ماڇي 185
پکيءَ وارو
اشرف 189
ڪانٌڳي وارو
عبدالرحيم 191
ماکيءَ جي مک وارو فقير محمد
ماڇي 195
بي نمازيءَ وارو ...
... 197
صلواة سڳوريءَ جي برڪت وارو مخدوم غلام محمد
بگائي 201
آخرت جي ذڪر وارو
صديق 205
اُمت جي شفاعت جي ذڪر وارو سيف
الله 209
لاڏاڻي وارو محمد
حسن 214
(ج) اصحابن سڳورن جا مناقبا (217 – 345)
پنجن تنن جو پانڌي
آريسر 217
حضرت عمر جو: ابوشهم وارو پانڌي
آريسر 221
حضرت عليءَ جو: حسنين وارو ...
... 227
حضرت عليءَ جو: رستم سان مقابلي وارو جانب
جمالي 231
حضرت عليءَ جو: بيرالعلم وارو احمد علي
شاهه 234
حضرت عليءَ جو: شمشاد ڪافر وارو عثمان
ڪلهوڙو 251
حضرت عليءَ جو: ديو وارو رنگريز
(غلام؟) 269
حضرت عليءَ جو: ميلڪ ڪافر وارو عثمان
ڪلهوڙو 286
حضرت عليءَ جو: ميلڪ ڪافر وارو
بچل 295
حضرت عليءَ جو: زقوم ڪافر وارو
حيات 299
حضرت عليءَ جو: مقاتل ڪافر وارو علي
محمد 315
حسنين جو: نبي صلعم جي پٺيءَ تي چڙهڻ وارو حاجي جمعو
ملاح 338
حسنين جو؛ نبي صلعم جي ڪلهن تي چڙهڻ وارو فقير محمد
ماڇي 340
حسنين جو: اکرن پڄائڻ وارو پير محمد
اشرف 343
(د) ولين جا مناقبا (346 - 370)
بادشاهه پير جو: مريد جي مدد ڪرڻ وارو ...
... 346
بادشاهه پير جو: فقير وارو
ڏنو 350
بايزيد بسطامي جو: ڪافرن جي سوالن جا
جواب ڏيڻ وارو
محمد 357
مخدوم نوح رح جو: احمد دماهي جي خواب وارو ملان
يعقوب 371
|