سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: سنڌي پھاڪا ۽ محاورا

باب: --

صفحو :4

 

پھاڪو

¨”پھاڪو“ لفظ جي اکري معنيٰ

سنڌيءَ ۾ ھڪ مصدر آھي ”پھڻ“. ان جون مکيھ معائنون آھن، ”خيال ڪرڻ، فيصلو ڪرڻ، صلاح وٺڻ يا ڏيڻ، ملڻ، سرچڻ؛ نبرڻ.

مثال طور:

.1   تڏھن ويھي ساٿ وارن، پاڻ ۾ ”پھيو“ پرياڻا.

(مخدوم غلام محمد بگائي)

.2   پتگن پھھ ڪيو، مڙيا مٿي مچ.

(شاھھ عبداللطيف)

”پھھ“ ڌاتوءَ ۾ ”آڪو“ پڇاڙي گڏڻ سان لفظ ٺھيو آھي ”پھاڪو“. ان ريت فعل – ڌاتوءَ ۾ ”آڪو“ يا ”ڪو“ پڇاڙي جوڙڻ سان سنڌيءَ ۾ ٻيا بھ اسم ٺاھبا آھن. جيئن تھ،

ميڙ – (ميڙڻ) – ميڙاڪو؛

چئھ (چئڻ) – چئاڪو؛

لڇڻ – لڇڪو؛

چٻڻ – چٻڪو؛ ڇلڻ – ڇلڪو.

انھيءَ ڪري ”پھاڪو“ لفظ جي اکري معنيٰ آھي – ”اھو نڪتو يا گفتو جنھن ۾ ڪو اونھو خيال يا ويچار سمايل آھي.“ عام ماڻھن جي روزاني جيوت ۾ اھو گفتو صلاح يا ھدايت طور ڪتب آڻجي ٿو، جنھن مان ٻين کي اڪثر صحيح واٽ تي ھلڻ لاءِ اشارو ملي ٿو.

”پھڻ“ مصدر مان ٺھيل ٻين ڪن لفظن يا اصلاحن جا مثال ھيٺينءَ ريت آھن؛

پھھ. ”پور“ خيال، اونھو ويچار، غور، صلاح، رٿ، تجويز، منصوبو.

پھھ پارڻ.  خيال ڪرڻ، ارادو ڪرڻ، رٿ رٿڻ.

پھھ پچار. صلاح مصلحت، خيال جو اظھار؛

پھھ پچائڻ. خيالل ڪرڻ، فيصلو ڪرڻ، منصوبو سٽڻ،

پھھ ڪرڻ. ٺھراءُ ڪرڻ،

پھھ پوڻ. پور پوڻ، خيال اچڻ،

پھڪار. صلاحڪار وغيره

انھن مثالن مان بھ ان ڳالھھ جي پٺڀرائي ٿئي ٿي، تھ پھاڪو اھو گفتو آھي، جنھن ۾ ڪو گنڀير ويچار يا سھني صلاح سمايل آھي.

ھاڻي اچو تھ ڏسون تھ پھھ – ڌاتوءَ جي تاريخي اوسر ڪيئن ٿي آٰحي. سنسڪرت ۾ ھڪ ڌاتو آھي ”ڌرش“ جنھن جو گردان ۾ روپ ٿئي ٿو ”پشيھ“، ان مان سنڌيءَ ۾ ڏسڻ، پسڻ، فعلن جي اوسر ٿي آھي. ”پشيھ“ جون سنڪرت ۾ مکيھ معنائون آھن. ڏسڻ، نھارڻ، ويچار ڪرڻ، غورڪ رڻ، جاچڻ، سمجھڻ، اندر جي آواز سان ڄاڻڻ، فيصلو ڪرڻ، سنسڪرت جا ڪجھھ لفظ جڏھن بدلجي سنڌي روپ اختيار ڪن ٿا، تڏھن انھن جي ”ش“ آواز جي تبديل ڪڏھن ڪڏھن ”ھھ“ ۾ بھ ٿي وڃي ٿي. مثال طور، پش وپھون (ٻڪري، رڍ، جانور) ”منشيھ، ماڻھو، پاش، ڦاھي.

ساڳيءَ طرح، سنسڪرت ڌاتو ”پشيھ“ بدلجي سنڌيءَ ۾ روپ ورتو آھي. پھھ ۽ انيھءَ جون ڪيتريون معنائون ساڳيون قائم رھيون آھن.

مراڍيءَ جو فعلو ”پاھڻي“ بھ سنسڪرت ”پشيھ“ مان نڪتو آھي ۽ معنيٰ بھس اڳي اٿس. گجراتيءَ ۾ ھڪ مرڪب لفظ آھي، ”پھاڻي پترڪ“ يعني ”جاچ رپورٽ“. ھتي پڻ پھاڻي لفظ جو مول سنسسڪرت پشيھ فعل آھي.

”پھڻ“ فعل جو وڪاس سنسڪرت فعل ”پر + ايڪش“ مان بھ ممڪن آھي، جيڪو پراڪرت ۾ ”پيھھ“ ۽ سنڌيءَ ۾ ”پھھ“ روپ ۾ ملي ٿو ۽ معنائون اٿس:

”جاچڻ، غور ڪرڻ، ڌيان سان ڏسڻ، جائسزو وٺڻ، ويچار ڪرڻ.

عبدالڪريم سنديلي ”تحقيق لغات سنڌي“ ۾ ”پھاڪو“ لفظ جي ويتپتي ھن ريت ڏني آھي؛

پھاڪو (سن. پٿ + ڪو پڇاڙي) نصيحت آميز چوڻي، ضرب المثل[1] جامع لغات سنڌي (جلد ٻيو) جنھن جي ايڊيٽرن ۾ عبدالڪريم سنديلو بھ شامل آھي، انھيءَ ۾ پڻ ”پھاڪو“ لفظ جي ساڳي ويتپتي ڏنل آھي. [2]

حقيقت ۾ نصيحت آميز چوڻي، جي معنيٰ پھاڪو لفظ جي ويتپتي سن ”پٿ“ مان کڻڻ درست نھ آھي. مرزا قليچ بيگ سنڌي لغات قديمي توڙي لغات لطيفي ۾ پھاڪو لفظ جي ھڪ معنيٰ ”واٽ، رستو، پھھ“ پڻ ڏني اھي. انھيءَ معنيٰ ۾ ”پھاڪو“ يا ”پھو“ لفظ جو مول سنسڪرت ”پٿ“ ۾ ڄاڻائڻ بلڪل درست آھي. انھيءَ معنيٰ جي لاءِ ھن شاھ جي ڪلام ۾ آيل ھيٺينءَ سٽ جو حوالو ڏنو آھي.

آتڻ وجھي آگ ۾، پڇنديس پوءِ پھاڪو.[3]

سنسڪرت لفظ ”پٿ“ يعني رستو، مارڳ، گس، سنڌيءَ ۽ ٻين ڪيترين ئي ھاڻوڪين ٻولين ۾ ساڳئي روپ ۽ معنيٰ ۾ پڻ ڪتب اچي ٿو، پر انيھءَ جو بدليل روپ پڻ پراڪرت، سنڌي، ھندي، رجسٿاني وغيره ٻولين ۾ ملي ٿو. جيئن تھ، سنڌيءَ ۾ ھي لفظ ڏسو:

پھھ. پھو (سنسڪرت پٿ) – رستو، واٽ، گس.

پھي (س. پٿِن) واٽھڙو، قاصد، پانڌي، ھمراھھ.

ساڳيءَ طرح راجسٿاني ۽ ھنديءَ ۾ ”پھھ، پاھھ“ لفظ ملن ٿا، جن جي معنيٰ آھي رستو، واٽ، انيھءَ مان ظاھر آھي تھ سنسڪرت جي ”ٿ“ڪ ڌوني ھاڻوڪين ٻولين ۾ ڪڏھن ڪڏھن بدليج ”ھجھ“ پڻ ٿئي ٿي. (”پٿ“ سان ڀيٽيو انگريزي لفظ ”پاٿ“ Path).

 

ڪھاوت

”پھاڪي) (نصيحت آميز گفتي) جي معنيٰ سنڌيءَ ۾ ٻيا جيڪي لفظ واھپي ۾ اچن ٿا، اھي آھن – ”ڪھاوت“ ڪھات يا ڪھت. انھن ۾ پھريون روپ ”ڪھاوت“ تھ ھندي، راجسٿاني، وغيره ٻين ڪيترين ٻولين ۾ بھ ملي ٿو.

انھيءَ لفظ جي ويتپتي ڳولھي لھڻ، عالمن لاءِ ھڪ وڏو مسئلو بڻجي پيو آھي. انھيءَ باري ۾ مکيھ ريايا ھيٺ ڏجن ٿا:

.1     پنڊت رامدھن مشر جي ويچار ۾ ”ڪھاوت“ جو مول روپ ”ڪٿاوت“ آھي، پراڪرت نيمن جي مطابق، ”ٿ“ جي تبديلي ”ھھ“ ۾ ٿيڻ عام آھي. ڪھاوت جو آڌار اڪثر ڪي آکاڻيون وغيره ھونديون آھن. ڪلھاوتون پڻ ڪٿائن وانگر عوام ۾ مشھور ٿي وڃن ٿيون. اِن ڪري انھيءَ لفظ جو مول ”ڪٿا“ ۾ ھئڻ گھرجي. پلاٽس بھ ”ڪھاوت“ جي اھا سمجھاڻي ڏني آھي.

.2     واسديو شرڻ اگروال پراڪرت ”ڪھاپ“ ڌاتوءَ ۾ ”ت“ پڇاڙي جوڙڻ سان ”ڪھاوت“ لفظ جي بناوت سمجھائي آھي.

.3     ڪيشو پرساد مشر ”ڪھھ“ ڌاتوءَ ۾ عربي پڇاڙي ”آوت“ لڳائڻ سان ھن لفظ جي رچنا سمجھائي اھي. ڪھھ + آو + ت = ڪھاوت.

.4     سنڌيشور ورما نالي مشھور ماھر لسانيات جي راءِ ۾ ھن لفظ جي رچنا ھن ريت آھي؛ ڪھھ + آو + ات = ڪھاوت.

.5     ھنومان پرساد جي پودارج ي ويچار ۾ ھيءُ لفظ ڪھھ + آوت = ڪھاوت نموني ٺھيو آھي، يعنيٰ اھو سخن يا گفتو جنھن کي عام ماڻھو پيڙھي در پيڙھي چوندا ۽ ٻڌندا پيا اچن، انھيءَ طرز تي ھنديءَ ۾ ڪھناوت (ڪھنا + آوت) لفظ بھ واھپي ۾ آھي.

.6     ڪھاوت ” وت“ حقيقت ۾ ”بات“ جو بگڙيل روپ آھي، ان ڪري انيھءَ جو مطلب آھي ”ڪھي ھئي بات“ (چيل ڳالھھ)، گوسوامي تلسيداس ان معنيٰ ۾ بَتڪھي، لفظ جو استعمال ڪيو آھي.

راجسٿانيءَ ۾ پڻ ”ڪھبت“ لفظ ”ڪھاوت“ جي معنيٰ ۾ ملي ٿو.

.7     مولانا ابوالڪلام آزاد جي ويچار ۾ جيئن ”ڪھنا“ فعل مان ”ڪھاڻي“ لفظ ٺھيو آھي، جيڪو ”ڪٿا، آکاڻيءَ“ جي مطلب ۾ مروج ٿي ويو آھي، تيئن ”ڪھاوت“ جو بنياد پڻ ”ڪھنا“ فعل آھي؛ پر اِھو لفظ پھاڪي يا چوڻيءَ جي مطلب ۾ زماني کان وٺي واھپي ۾ ھلندو پيو اچي.

.8     مشھور لسانيات جي ماھر ڪمار چئٽرجيءَ جو رايو آھي تھ ھن لفظ جي اوسر ھيٺيئن ريت ٿي آھي.

Old Indo Aryan Kathayk, Katha + Early M.I.A casusative or denominative affix (satr)- ant.

Kathapayanta> Kadhavayanata > Kahavaanta > Kahavanta > Kahawat.

.9     ٽرنر جي راءِ موجب ھن لفظ جو مول  ممڪن آھي تھ ”ڪٿاوارتا“ آھي، ھاڻي انھيءَ جي معنيٰ ۾ اصل لفظن جي معنيٰ کان تبديل اچي ويئي آھي.

منھنجي ويچار ۾ ٽرنر جي راءِ ۾ وزن آھي. ”ڪٿا وارتا، جو پراڪرت ۾ روپ آھي. ”ڪھاوتا“، جيڪو آوازن جي تبديل توڙي معنيٰ جي لحاظ کان ڪھاوت لفظ جي گھڻو ويجھو آھي. ٻئي طرف ڏسجي تھ جيڪي عالم ھن لفظ جي رچنا ۾ عربي ”آوت“ پڇاڙي ڄاڻائن ٿا، اھا بھ ناممڪن نھ آھي. لکاوٽ، سجاوٽ، وغيره لفظن جي طرز تي ”ڪھاوٽ“ ۽ پوءِ ”ڪھاوت“ لفظ جو وڪاس آسانيءَ سان ٿي سگھي ٿو. مطلب تھ ھن لفظ جي رچنا بابت اڃا تائين سڀ عالم شامل راءِ ٿي نھ سگھيا آھن. جدا جدا راين بابت ڪنھيالال سھل تفصيل سان بحث ڪيو آھي، جنھن جو تت ھتي پيش ڪيو ويو آھي.[4]

چوڻي

رچنا جي لحاظ کان ”ڪھاوت“ سان ملندڙ ٻيو روپ آھي – ”چوڻي“ اھو مصدر ”چوڻ“ ۾ ”اي“ جوڙي اسم ذات لفظن جي طرز تي ٺھيل آھي. ويتپتيءَ جي لھاظ کان ان جو سنسڪرت ۾ مول ڌاتو آھي، چيو (چيوتي) جنھن جو بھ مطلب آھي. ”چوڻ، ڳالھائڻ“ ڪھاوت ۽ چوڻيءَ کي سنسڪرت، ھنديءَ ۽ ٻين ڪن ڀارتي ٻولين ۾ لوڪ ڪتي (لوڪ + اڪتي) بھ چئبو آھي، جنھن جي اکري معنيٰ آھي ”لوڪ يعني عوام ۾ مروج گفتو يا سخت“.

ٻوليءَ ۾ مروج استعمال تي ويچار ڪندي مون ڏيکاريو آھي تھ باريڪيءَ سان جاچجي تھ پھاڪي ۽ چوڻيءَ ۾ فرق آھي. پھاڪو اکري معنيٰ بدران ٻوليءَ جي رواج موجب ٻيو مطلب ڏيندو آھي. جيئن تھ، ”پرڻ چوي ڏونگھي کي، ھل ڙي ٽٽونگا“ انھيءَ پھاڪي ۾ ”پرڻ“ ۽ ”پونگھي“ جو مثال کڻي، گھڻن عيبن سان ڀريل ۽ گھٽ عيبن واري شخص طرف اشارو ڪيو ويو آھي. ٻئي طرف، ”ترت دان، مھا پڃ، ھڪ چوڻي آھي، جيڪا پنھنجي اکري معنيٰ ۾ ئي ڪتب ايندي آحي. رچنا يا بناوت جي لحاظ کان پھاڪو ۽ چوڻي، ٻئي ھڪ پورو جملو يا جملن جو ايڪو آھن.

پھاڪي جون خاصيتون

ھر ڪنھن کي عام طور ڄاڻ آھي تھ سندس ٻوليءَ ۾ پھاڪو ڇاکي چئجي. پر جيڪڏھن کانئس پڇجي تھ انھيءَ کي تز لفظن ۾ سمجھاءِ، تھ ھو اڪثر منجھيو پوي. عام ماڻھن جي ڳالھھ ئي پري رھي، جدا جدا ٻولين جا عالم پڻ پھاڪي جي اھڙي تز سمجھاھنيا ڏيئي نھ سگھيا آھن، جنھن جي ذريعي پھاڪي جي روپ ۽ مڙني خاصيتن جي پوري ڄاڻ پئجي سگھي. ڪن انھيءَ جي رچنا تي زور ڏنو آھي، تھ ڪن وري ان جي اھميت جي واکاڻ ڪئي آھي.

ٻيا ڪي عالم اھڙا آھن، جيڪي پھاڪن ۾ سمايل معنيٰ ۽ ڳوڙھي ڄاڻ تي اڪن ڇڪن آن. مثال طور، ھتي پھاڪي جون ڪجھھ سمجھاڻيون پيش ڪجن ٿيون، جن ۾ انھيءَ جي الڳ الڳ خاصيتن تي روشني وڌي ويئي آھي.

1.         ”پھاڪو اھو آھي، جنھن ۾ گھڻن ويچارن کي ڪاڙھي، انھن جو ست ڪڍي، ٿورن لفظن ۾ رکيو ويو آھي.“

A Proverb is much matter decocted into few words.

.2     پھاڪا پنجن کن لفظن وارا اھي رتن آن، جيڪي زماني جي اشارو ڪندڙ ڏسڻيءَ آڱر تي ھميشھ چمڪندا پيا رھن.“ (ٽينيس)

Jewels five words long that, on the stretched forefinger of time sparkle for ever. (Tennyson)

.3     ڪنھن بھ قوم جي اعليٰ درجي جي انوکي سمجھھ، چترائيءَ ۽ آتما جي سڃاڻپ انھيءَ جي پھاڪن مان ٿئي ٿي.“

(فرئنسز بيڪن)

The genius, wit, and spirit of a nation are discovered in its proverbs.

(Francis Bacon)

.4     پھاڪا اھي ننڍڙا جملا آھن، جيڪي گھڻي آزمودي يا تجربي مان نڪتا آھن.“  (ڊان ڪويزات)

Proverbs are short sentences drawn form long experience.

(Don Quixote Cervantes)

.5     ”پھاڪو ھڪ اھڙو ننڍڙو جملو آھي، جيڪو سوتر – روپ وارو ۽ سچو آھي. اھو ڊگھي عرصي کان وٺي عام ماڻھن ۾ قبوليو ويو آھي.“  (ڪئپريانو ڊي وليرا)

A proverb is a short Sentence Sententious and true. Long since accepted by common consent.

(Capriano de Valera)

.6     ”پھاڪو ھڪ اھڙو ننڍڙو گفتو آھي، جيڪو ڳالھھ ٻولھھ ۾ مروج آھي ۽ عوام ۾ تسليم ٿيل آھي؛ اھو ھڪ مروج – روپ جملو آھي، جنھن ۾ گھڻو ڪري ڪا ڳجھي ڀيٽ يا تجنيس حرفي ھوندي آھي. انھيءَ ۾ اھڙي ڪنھن سچائيءَ جو اظھار ھوندو آھي، جنھن جي تصديق يا پرک، تجربي يا جاچ – جوچ وسيلي ڪيل ھوندي آھي ۽ سڀني ۾ ڄاتل – سڃاتل ھوندي آھي.“ (اينسائڪلوپيڊيا برٽانيڪا)

Proverb…. A short pithy saying in common and recognized use, a concise sentence, often metaphorical or alliterative in form, which is helt to express some truth ascertained by experience of observation and familiar to all… (Encylopaedia Brittianica, 1768 p. 642)

.7     ”پھاڪا، اھڙا آڳاٽا بچيل جزا آن، جيڪي پنھنجي ننڍڙي روپ ۽ صحيح معنيٰ سببان، قديم فلاسافيءَ جي کنڊھر مان سالم صورت ۾ کوٽي ھٿ ڪيا ويا آھن.“ (ارسطو)

Remnants which, on account of their shorness and correctness h ave been saved out of the wreck and ruin of ancient philosophy. (Aristotle)

.8     ”پھاڪو ڪنھن شخص جو چترائيءَ ڀريو گفتو آھي، جنھن ۾ گھڻن ئي ماڻھن جي سڃاڻپ سمايل آھي.“ (لارڊ جان رسل)

The wit of the man: the wisdom of many. (Lord John Russell)

.9     ”پھاڪا سياڻپ جو سار (تت) آھي. (جوبرٽ)

Proverbs may be said to be the abridgment of wisdom. (joubert)

.10    ”پھاڪو، ننڍڙو ۽ نصحت آميز ھڪ اھڙو گفتو آھي، جيڪو آدجڳاد کان وٺي مروج آھي.“ (آرچر ٽيلر)

A proverbs is a terse didactic statement that is current in tradition (Archer Tayler)

.11    ”پھاڪا اھي ننڍڙا جملا آھن،  جن ۾ قديم زماني جي عالمن، نيمن وانگر، زندگيءَ کي مختصر روپ ۾ سنجوئي رکيو آھي.“ (جان ائگريڪولا)

Short sentences into which, as in rules, the ancients have compressed life. (John agricola)

.12    ”پھاڪو سياڻن جي سخنن جي سمجھاڻي آھي.“ (ايرئسمس)

A proverb is the interpretation of the words of the wise. (Erasmus)

.13    ”پھاڪا، سياڻپ جا اھي ننڍڙا وچن آھن، جيڪي آڳاٽي زماني ۾ اخلاق يا نيتيءَ جي اڻ کليل نيمن وانگر ڪتب ايندا ھئا.“ (ڊزرائلي)

These fragments of wisdom, the proverbs in the earlies ages served as the unwritten laws of morality. (Disraeli)

.14    ”ڪوبھ سخن يا گفتو، پھاڪي جي درجي کي حاصل ڪري، انھيءَ لاءِ لازمي آھي تھ انھيءَ جو جنم عام ماڻھن مان ٿيو ھجي، يا اھو ھڪ سچائيءَ روپ ۾ عوام ذريعي تسليم ڪيو ويو ھجي. مطلب تھ، پھاڪي جو عوام ۾ مروج ھئڻ لازمي آھي.“ (ھيسٽنگس)

To attain the rank of a proverbs, a saying must either spring from the masses or be accepted by the people as true, In a profound sence, it must be vox populi. (Hastings)

.15    ”پھاڪا، تحريري صورت ۾ قلمبند ٿيڻ کان گھڻو اڳي، زباني روايتن ذريعي اسان تائين پھتا آھن.  اھي اھڙيءَ سياڻپ جا ساکيات ننڍڙا روپ آھن، جنھن جو جنم شخصي تجربي ۽ جاچ مان ٿيو آھي.“ (سمٿ ۽ ھيسليٽائين)

Proverbial utterances, transmitted by oral tradition long berore they were put on paper, were concrete fragments of wisdom, the result of observation.

(Smith and Heseltine, Oxford Dictionary of English proverbs, 1952, Intrtoduction)

.16    ”پھاڪا روزمره جي زندگيءَ ۾ حاصل ڪيل تجربي جون ڌيئرون آھن.“

Proverbs are the daughters of daily experience.

.17    ”پھاڪا، ٻوليءَ جا اھي تيز ھٿيار آھن، جيڪي وھنوار ۽ ڪمن – ڪارين جي ڳنڍين کي ڪاٽي، اندر گھڙي ٿا وڃن.“ (بيڪن)

Edge tools of speech, which cut and penetrate the knots of business and affairs. (Bacon)

.18    ”پھاڪو، ڪنھن قوم جو اھڙو مروج – وچن آھي، جيڪو گھڻي عرصي کان وٺي اڃان تائين عام واھپي ۾ ھلندو پيو اچي. اھو اھڙي صلاح يا نصيحت ٿو ڏئي، جيڪا لازمي طور عام لوڪن لاءِ آھي ۽ رنگين زباني سان سينگاريل آھي، جنھن ۾ ڪا ڳجھي ڀيٽ يا مثال سمايل آھي.“

A proverb is a racial aphorism, which has been or still in common use, converying advice or council invariably common flagged figuratively disguised in metaphor or allegory. (Recial proverbs, Intruduction, P.X.V)

انھن سمجھاڻين مان پھاڪن جو جيڪو روپ ظاھر ٿئي ٿو، انھيءَ ۾ مکيھ طور ھي خاصيتون ڏيدکاريل آھن:

1.         پھاڪن ۾ ٿورن لفظن ۾ گھڻا ويچار سمايل ھوندا آھن.

2.         استعاري، تجنيس، چتر زبانيءَ ڪري پھاڪن ۾ اظھار جي نرالائي ھوندي آھي.

3.         پھاڪا روزاني زندگيءَ جي آزمودن مان حاصل ڪيل سمجھھ ۽ سياڻپ سان ڀريل نڪتا ھوندا آھن.

4.         پھاڪا زباني روايت ذريعي صدين کان وٺي سماج ۾ ھلندا پيا اچن.

5.         پھاڪا نصيحت آميز ھئڻ ڪري اڪثر عام ماڻھن لاءِ آڻ لکيل قانون آھن.

6.         پھاڪن ۾ گھڻو ڪري ڪنھن قوم يا جاتيءَ جو عڪس ملندو آھي.

 

پھاڪن جي ساراھھ ۾ چيل سخن

جدا جدا ٻولين ۾ پھاڪن جي واکاڻ بابت چيل جيڪي سخن ملن ٿا، انھن مان پڻ انھن جي روپ جي ڪي قدر ڄاڻ حاصل ٿئي ٿي. مثال طور، اھڙا ڪجھھ سخن ڏسو:

1.         پھاڪا عوام جو آواز ھئڻ ڪري، الله جو فرمان آھن. (اردو)

2.         جنھن پھاڪي جو مطلب سمجھيو، انھيءَ ويد جو ڳجھھ سڃاتو. (ڪنڙ)

3.         ھن سنسار ۾ ٽي رتن آھن – جل (پاڻي)، ان  ۽ چوڻيون (سندر وچن يعني پھاڪا). خبر نھ آھي تھ پوءِ ھو مورک، ماڻھو پٿر جي ٽڪرن کي ”رتن“ ڇو ٿا سڏن؟ (سنسڪرت)

4.         سنسار جي سندر ويچارن جو سار پھاڪن ۾ محفوظ آھي.

All the good sense of the world runs into proverbs.

5.         پھاڪو عام ماڻھن جي سياڻپ سان ڀريل وچن آھن.

Proverbs are the wisdom of the streets.

6.         موت ۽ پھاڪي کي اختصار سان پريم آھي. (جرمن ٻولي)

7.         پھاڪا لوڻ جون ٿيلھيون يا کاڻ آھن. (سسيرو)

(مطلب تھ گفتگوءَ يا تقرير ۾ پھاڪن جو جوڳو استعمال ڪرڻ سان اھا اثرائتي ۽ کاڌي وانگر لذيذ بڻجي پوي ٿي.)

8.         جھڙيءَ طرح کاڌي ۾ لوڻ آھي، تھڙيءَ طرح ٻوليءَ ۾ پھاڪا آھن. (عربي)

9.         يادگيريءَ ۾ سلامت رکيل سھڻي ڪھاوت، ٻٽئين ۾ رکيل سون جي سڪي مثل آھي.

10.      ڪھاوت پکيءَ جي چھنب کان ننڍڙي ٿيندي آھي.

11.      ڪھاوت تمام سستي اگھھ ۾ اوھان کي گھڻي نصيحت ڏيندي.

12.      پھاڪا عوام ۾ مروج سڪا آھن.

13.      پھاڪا گيان جو اکٽ ڀنڊار آھنل. (آمريڪا)

14.      پھاڪي سان وقت تي چور جي ويچارن ۾ بھ ڦيرو اچيو وڃي. (فرينچ)

15.      پھاڪن جو جنم ڄاڻ مان، تھ ڄاڻ جو جنم  پھاڪن مان ٿئي ٿو. (روسي)

16.      پھاڪا ڇا آھن؟ اِھي عوام جو آواز آھن (چيني)

17.      پھاڪا آزمودن جو پڙاڏو آھن. (سويڊن)

18.      جيڪڏھن پھاڪي کي ڪو ڪوڙو ثابت ڪري، تھ پوءِ چئبو تھ کير جو سواد بھ کٽو ٿيندو آھي. (مليالم)

انھيءَ طرح ڏسبو، تھ جدا جدا ملڪن ۽ ٻولين ۾ پھاڪن جي اھميت کي سڃاتو ويو آھي ۽  انھن جي واکاڻ ڪئي ويئي آھي.

 

الڳ الڳ ٻولين ۾ ”پھاڪي“ لاءِ لفظ

جھڙيءَ طرح سنڌيءَ ۾ ”پھاڪي“ ۽ ”چوڻي“ لفظن مان انھن جي ڪن وصفن جي ڄاڻ پوي ٿي، تھڙي طرح جدا جدا ٻولين ۾ ”پھاڪي“ يا ”چوڻيءَ“ لاءِ جيڪي لفظ ملن ٿا، انھن مان پڻ انھن ننڍڙن سخنن جي ڪنھن نھ ڪنھن وصف جي سڌ پوي ٿي. ھتي ڪجھھ مثال پيش ڪجن ٿا:

1.         سنسڪرت ۾ پھاڪي لاءِ لفظ آھن – آڀاڻڪ، پرواد، لوڪو ڪتي، لوڪ – پرواد، لوڪڪي گاٿا، پرايوواد، انھن سڀني جو مطلب آھي، ”اھو وچن جيڪو عام جنتا ۾ مروج آھي.“

2.         پاليءَ ۾ پھاڪي کي چون ”ڀاستو“ يعني ”اھو وچن جيڪو عام ماڻھن جي رواج م مشھور آھي.

3.         پراڪرت ۾ پھاڪي لاءِ لفظ آھن – آھاڻ، آھاڻيھ، آھيڻ، اڪکاڻي، اھاڻئھ. اھي سڀ عام جنتا ۾ وھنوار ۾ آيل سخن جي معنيٰ ٿا ڄاڻائين. آڪکاڻيھ جو مول سنسڪرت روپ آھي. ”آکيانڪ“ جنھن ۾ اھڙي سخن جي بنياد ۾ ڪنھن آکاڻيءَ جي ھئڻ جو بھ مطلب ظاھر ٿئي ٿو.

4.         مراٺي، مھڻي ۽ لوڪ – سمپردايھ، لفظ، عام ۾ مشھور ٿيل چوڻي يا وچن جو مطلب ٿا ڏيکارين.

5.         بنگلا ٻوليءَ ۾ سنسڪرت جا ”پرواد“ يا ”لوڪو ڪتي“ لفظ پھاڪي جي معنيٰ ۾ ڪتب ايندا آن.

6.         گجراتيءَ ۾ پھاڪي کي چون ”ڪھيوت“، ”ڪھيڻي“، ”ڪھيتي“، ”ڪٿن“، جيڪي ڪھاوت ۽ چوڻيءَ جي معنيٰ ڏيکارين ٿا. ساڳيءَ طرح گجراتيءَ ۾ ڪتب ايندڙ ٻيو لفظ ”آکاڻون“ (سنسڪرت اپاکيان) پھاڪي ۾ ڪنھن ننڍڙي آکاڻيءَ جي ھئڻ طرف بھ اشارو ڪري ٿو.

7.         ھنديءَ ۾ عام لفظ جيڪي پھاڪي لاءِم لن ٿا، اھي آن، ڪھاوت، اپکان يا پکانا، جيڪي اپاکيان جا بگڙيل روپ آھن.

8.         اردوءَ ۾ ڪھاوت کي چون ’ضرب المثل‘. ھي لفظ پھاڪي ۾ تمثيل يا ڀيٽ جي ھئڻ طرف اشارو ڪري ٿو.

9.         پنجابي ۽ لھندي ٻوليءَ ۾ ڪھاوت يا آکاڻ (سنسڪرت) آکيان) لفظ پھاڪي لاءِ ڪتب اچي ٿو.

تمل ”پزمولي“ (Pazamoli) ۾ آڳاٽي زماني کان وٺي ھولندڙ چوڻيءَ جو مطلب سمايل آھي. مليالم پزمچول (Pazamchol)

(وڌيڪ پڙهو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com