سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: سنڌي پھاڪا ۽ محاورا

باب: --

صفحو :9

  

 

محاورن جو جنم ۽ ارتقا

 

محاورن تي ويچار ڪندي اسان ڏٺو، تھ محاورا اکري معنيٰ بدران ٻي معنيٰ ڏيندا آن، جيڪا اسان کي بيان جي حوالي ۾ گھربل ھوندي آھي. مٿال طور. ”ھو اٿيي ٻگھلو ڀڳت، کائنس خبردار رھجانءِ. ”ھن جملي ۾ چوندڙ جو اھو مطلب ھرگز نھ آھي، تھ ڪو اڳلو ڪو ٻگھھ پکي آھي. پر سندس مطلب اھو آھي تھ جنھن مجاڻھوءَ کان خبردار رھڻ لاءِ تاڪيد ڪيل آھي، اھو ”ٺڳ، دوکيباز، مقار“ آھي. ھتي ”ٻگھلو ڀڳت ھئڻ“ ھڪ محاورو آھي، جنھن جي اکري معنيٰ بدران ٻي معنيٰ کنئي ويدئي آھي. محاورا ڏس، اِشاري، وينجنا ذريعي اکري معنيٰ بدران ٻي معنيٰ ڪھڙيءَ ريت ڏيندا آھن، ان تي اڳ ئي وستار سان بحث ڪيو ويو آھي.

محاورن جو جنم

ٻوليءَ ۾ محاورن جي استعمال سان ھڪ نرالي سونھن پيدا ٿئي ٿي. ان کان سواءِ ٻولي وڌيڪ زوردار ۽ اثرائتي بڻجي ٿي.ا نسان سڀاويڪ طرح سونھن ۽ نزاڪت کي چاھيندڙ آھي. سندس اھا تمنا ھوندي آھي، تھ پنھنجن ويچارن ۽ خواھشن جو اھڙي سھڻي ۽ زوردار ڍنگ سان اظھار ڪري، جو ٻڌندڙ متاثر ٿي وڃن. انسان جي من جون اھي خواھشن ئي محاورن جي جنم جو مکيھ ڪارڻ آھن.

پھاڪن وانگر محاورن جو جنم بھ عام ماڻھن جي روزمره واريءَ گفتگو مان ٿئي ٿو. محاورن کي گھڙڻ لاءِ عالمن جي ڪاميٽي مقرر ڪانھ ڪئي ويئي. جنھن ڪنھن عاليشان عمارت ۾ گڏجي ويھي محاورا  جوڙيا. اھي تھ وھنواري زندگيءَ ۾ ڪتب ايندڙ ڳالھھ ٻولھھ واريءَ ٻوليءَ ۾ سڀاويڪ طرح پيدا ٿيا آھن. اوھان ڏٺو ھوندو تھ ھاري ناري، ڪمي ڪاسبي، لوھار – سونارا، ڪنڀر – مٽير (اوڏ)، مھاڻا ملاح، ڊکڻ- رازا، ماڇي-ساٽي وغيره پنھنجي ڌنڌي ڌاڙيءَ ۾ ڪيترا نھ تز اصطلاح ۽ محاورا ڪتب ٿا آڻن. شھري ماڻھن کي اڪثر اھڙن محاورن ۽ ڌنڌن – پيشن سان واسطو رکندڙ خاص لفظن لفظن جي جاڻ نھ ھوندي آھي. ان ڪري شبد ڪوش يا لغات جوڙيندڙ عالم گھڻ ڪري جدا جدا ڌنڌن ۽ کيترن جي ماھرن سان ملاقاتون ڪري، سگھڙن سان ڪچھريون ڪري، ٻوليءَ جا لفظ ۽ محاورا ڪٺا ڪندا آھن ۽ انھن جي معنيٰ جي تصديق ڪندا آھن. مثال طور، ڀيڏي ھڻن (ٺڳڻ، تور ۾ دوکو ڪرڻ) محاوري جو لاڳاپو ڌنڌي- واپار سان آھي. ”ڀيڏي“ لفظ جو مطلب آھي ڪرائيءَ جو اڀريل ھڏو.  تور ۾ ٺڳي ڪندڙ اڪثڙ ڪرائيءَ جي ھڏيءَ سان ساھميءَ جي ڪانيءَ تي تل ڏيئي وزن گھٽائي ڇڏيندو آھي.

ڏگھري لٿي اٿس، يعني شرم حياءُ نھ اٿس، ھتي ڏگھري لفظ جو مطلبا ھي ڪاٺ جي پٽي يا ميخ جا ڪرسيءَ وغيره کي جوڙ لاءِ ھڻجي. ان لفظ جو سنٻنڌ واڍڪي ھنر سان آھي.

”ٽي داڻيون پوڻ، جو لاڳاپو چوپڙ راند سان آھي. ساڳيءَ طرح، ”ڪلر ۾ ٻج ڇٽڻ“ ، ”مين ميک ڪرڻ“، ”ڪڙ تي اٽو لڳڻ“ ”کوھھ جي مٽي کوھھ ۾ ھئڻ“، ”ٻن بيڙين تي سوار ٿيڻ“، ”تاڃيءَ پيٽي پٽ ھئڻ“، ”تڳڙيون ٿيڻ“، ”کڳيون ھڻڻ، محاورن جو جنم زندگيءَ جي الڳ الڳ کيترن ۾ شخصي آزمودن ۽  مشاھدن سببان ٿيو آھي.

پھاڪن جئان، محاورا پڻ الڳ الڳ شخصن جي وھنواري زندگيءَ ۾ حاصل ڪيل تجربن جي پيدائش آھن. ڪنھن شخص جيڪي محسوس ڪيو،تنھن کي سھڻي نموني محاوريدار ٻوليءَ ۾ ظاھر ڪيائين. اظھار جو اھو ڍنگ اھڙو اثرائتو ھئو، جو جن ٻڌو، انھيءَ کي وڻي ويو. پوءِ اھي بھ موقعي تي موجب انھن کي دھرائڻ لڳا. ان طرح ڪنھن ھڪ شخص جو سرجڻ ڪيل لفظي  ميڙ يا گفتو، ٻويلءَ ۾ ٻين جي اپنائڻ تي مروج ٿي محاوري جي درجي تي پھچي ويو. ھتي انھيءَ ڳالھھ جو ڌيان رکڻ گھرجي، تھ ڪنھن بھ ھڪ سخص جو چيل استعمال يا لفظي ميڙ تيستائين محاورو نھ چئبو، جيستائين اھو ٻوليءَ ۾ ”روڍ“ يا مروج نھ ٿيو آھي، يعني ٻين دواران پڻ اھو ساڳئي مقرر روپ ۾ اپنايو نھ ويو آھي.

محاورن جو ارتقا

محاورن جي خاصيت بابت ويچار ڪندي اسان ڏٺو تھ اھي ڪنھن مقرر روپ وارا (روڍ – استعمال) رواج ۾ آيل استعمال آھن، جيڪي اکري معنيٰ بدران بيان جي مطابق ٻي گھربل معنيٰ ڏيندا آھن. پر جھڙيءَ طرح ٻوليءَ  جو روپ، ارتقا جي منزلن دوران بدلجڻ ھڪ سڀاويڪ ڳالھ آھي، تھڙيءَ طرح وقت گذرندي ڪن ڪن محاورن جي روپ توڙي معنيٰ ۾ تبديلي اچڻ بھس ڀاويڪ آھي. ان کي محاورن جو وڪاس بھ چيو وڃي ٿو. مثال طور، ”ان جل ھئڻ“ محاوري جو مطلب آھي، ”قسمت ۾ لکيل ھئڻ“. اھو محاور ھنن روپن ۾ بھ واھپي ۾ آھي: ”داڻو پاڻي ھئڻ“، ”آب داڻو ھئڻ“ ان جل جي اختيار ھئڻ، سڀني روپن ۾ انيھءَ جي معنيٰ ۾ ڪوبھ فرق نٿو پوي. ساڳيءَ طرح، آسمان مان تارا لاھڻ، (ڪھڙو بھ ڏکيو ڪم ڪرڻ) محاورو ”اڀ مان تارا لاھڻ“ روپ ۾ بھ استعمال ٿيندو آھي. ”ٻاھتريو آھي“ جو ٻيو روپ ”ٻاھتر ۾ آھي“ پڻ استعمال ٿيندو آھي. ٻنھي جو مطلب ساڳيو آھي. يعني عقل کٿو اٿس. اھڙي قسم جي محاورن يج باري ۾ خاطريءَ سان اھو فيصلو ڪرڻ ممڪن نھ آھي، تھ انھن جو اصل روپ ڪھڙو ھئو ۽ بدليل روپ ڪھڙو آھي؟ ان ھوندي پڻ ڪن محاورن جي اصلوڪي روپ جي باري ۾ ڪي قدر انومان ڪري سگھجي ٿو. جيئن تھ، سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد اوائلي ويدڪ پراڪرت مان آھي، جيڪا سنڌ واري علائقي ۾ ڳالھائي ويدني ھئي، ۽ سنسڪرت، پراڪرت، اپڀرنش ٻولين سان انھيءَ جوس اڳئي ڪٽنب مان ھئڻ ڪري ويجھي ۾ ويجھو ناتو آھي. ان ڪري جن محاورن ۾ تتسم يا تدڀو لفظ ملن ٿا، انھن جي اھڙي روپ کي مول روپ ليکي سگھجي ٿو. مثال طور، ”ان جل ھئڻ“ اصلوڪو روپ کي مول روپ ليکي سگھجي ٿي. مثال طور، ”ان جل ھئڻ“ اصلوڪو  روپ مڃي سگھجي ٿو ۽ ”آب داڻو ھئڻ“ ان جو فارسي، اردوءَ  جي اثر ڪري بدليل روپ چئي سگھجي ٿو.

تھذيب ۽ ثقافت جي ارتقا سان گڏ، زبان ۾ بھ نوان نوان لفظ، محاورا ۽ استعمال جڙن ٿا. سنڌيءَ ۾ پڻ ھاڻوڪي دور جي اثر ڪري چڱائي نوان محاورا استعمال ٿيڻ لڳا آھن. مثال طور،

چار سؤ ويھھ ھئڻ (ٺڳ چور ھئڻ)، پالش لڳائڻ، مکڻ لڳائڻ، بٽرنگ ڪرڻ (ٽنھي جو مطلب آھي خوشامد ڪرڻ)، چمچو ھئڻ (خوشامدڙيو ھئڻ) سنڌيءَ ۾ داخل ٿيل نوان محاورا آھن.

ٻين ٻولين جي اثر ڪري بھ ھر ھڪ زبان ۾ محاورن جو ذخيرو وڌندو رھي ٿو. ٻين آريائي ٻولين وانگر سنڌيءَ کي بھ گھڻيئي محاورا آڳاٽين آريائي ٻولين کان ورثي ۾ مليا آھن، جيئن تھ،

وڄ ڪرڻ (مصيبت پوڻ، اٿرو ويد ۾ پريوگ ڏسو – ھنشيتي، جنھن جي بلڪل ساڳي معنيٰ آھي.)

پاڙئون پٽڻ (جڙ کان ناس ڪرڻ، ڀيٽيو ڪٺ اپنشد ۾ پريوگ مولتو وناش)

موت جي منھن مان ڪڍڻ (ڪٺ اپنشد: مرتيو مکتا پرمڪتم) آڳاٽي ڀارتي ادب کان ورثي ۾ مليل اھڙن محاورن يا ٻوليءَ جي استعمال جو ڀنڊار سنڌيءَ ۾ جام آھي پر ان کانسواءِ عربي – فارسيءَ، اردو – ھنديءَ ۽ انگريزيءَ جي اثر ڪري بھ گھڻيئي نوان نوان محاورا سنڌيءَ ۾ واھپي ۾ اچي ويا آھن. انھن جا ڪجھھ مثال ھيٺ ڏجن ٿا:

فارسي: پوست ڪشيدن.

اردو: کال کينچنا

سنڌي: کل لاھڻ

فارسي: پنڀا درگوش نھادن.

ھنديءَ: ڪان ۾ روئي دينا.

سنڌي: ڪنن ۾ ”ڪپھھ وجھڻ“

اڄ ڪلھھ ڀارت جي سنڌي ٻوليءَ ۾ ڳالھائڻ ٻولھائڻ توڙي معياري لکڻين ۾ ھندي محاورا چڱي تعداد ۾ واھپي ۾ پيا اچن. اھڙن محاورن جا ڪجھھ مثال آھن:

لنگوٽيو يار ھئڻ (لنگوٽيا يار ھونا)،

ڏند کٽا ڪرڻ (دانت کٽي ڪرنا)،

ٻيڙو کڻن (ٻيڙا اٺانا)

الٽي گنگا وھڻ (الٽي گنگا بھنا)

گھاٽ گھاٽ جو پاڻي پيئڻ (گھاٽ گھاٽ ڪا پاني پينا)،

تين وار ڪرڻ، (تين وال ڪرنا يا تين بار ھونا)

ھٿ ڌوئي پٺيان پوڻ (ھاٿ ڌوڪر پيڇي پڙنا)

جوٺن ٽڪرن تي پلجڻ (جوٺي ٽڪڙون پر پلنا)،

رام ٻاڻ ھئڻ (رام باڻ ھونا)

ستيوادي ھرشچندر ھئڻ (ستيھ وادي ھرشچندر ھونا)

لال جھنڊي، ھري جھنڊي، سفيد جھنڊي ڏيکارڻ (لال، ھري، سفيد جھنڊي دکانا)

انگريزيءَ جي اثر ھيٺ سنڌيءَ ۾د اخل ٿيل محاورن جا ڪجھھ مثال ھن ريت آھن:

·          اکين جو تارو، اکين جي پتلي (ھندي: آنک کي پتلي)

(Apple of onc’s cye)

·          پڇ پائي ڀڄڻ (ھندي: دم دبا ڪر ڀاگنا)

(He ran away with his tail between his legs)

·          ڌرتي آسمان ھڪ ڪرڻ (آڪاش پاتال ايڪ ڪرنا)

(to move heaven and earth)

·          ھوائي قلعا اڏڻ (ھوائي قلعي بنانا)

To build castles in the air

·          ھڪ تير سان ٻھ شڪار ڪرڻ، ھڪ پٿر سان ٻھ پکي مارڻ

(ايک پٿر سي دو چڙيا مارنا، ايڪ پنٿ دو ڪاٿ)

To kill two birds with one stone

·          ساڄڙ يا ساڄ – ھٿيو ھئڻ (داھنا ھاٿ ھونا)

(A right hand man)

جدا جدا ٻولين جي محاورن ۾ ھڪجھڙائي ھئڻ جو ڪارڻ فقط ھڪ بوليءَ جو ٻيءَ ٻوليءَ تي اثر ھئڻ نھ آھي. ان جا ٻيا بھ سبب ٿي سگھن ٿا، جيڪا آھني انسان جي تجربن، سوچ ويچار ۾ ھڪجھڙائي، انساني من ۽ سڀاءُ ۽ جذبن ۾ ھڪ جھڙائي، انھيءَ ڪري دنيا جي دور دور ملڪن جي ٻولين ۾ سرجيل ساھٿ ۾ بھ انسانيت جي بنيادي خواھشن، جذبن ۽ امنگن جي اظھار ۾ ھڪجھڙائي نظر اچي ٿي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com