طوطي جي شادي
هڪڙي طوطي جي ٿي شادي،
تنهن جي ڳالهه ٻڌو سڀ ساٿي.
ڳيرن ڳيچ
خوشيءَ
مان ڳايا،
گدڙن
گڏ ٿي دُهل وڄايا،
ڪانوَن ڏاڍي ڪان ڪان لاتي.
ڏيڏر ٽپندا ڪُڏندا آيا،
ڀولا باندر ڀَڄندا
آيا،
ڀل
۾ آيو اُت هڪ هاٿي.
ڪٻرين
جو اُت ٿي پيو جهيڙو،
تن کي ڇڏائڻ آيو هيڙو،
جهرڪي تن جي وچ ۾ ڦاٿي.
ٽِلندا آيا مور ڪبوتر،
ڪُڪڙين ڪٽ ڪٽ لاتي هر هر،
چُهنب گهڙائي موٽي لالي.
پوپٽ
گُلڙن جو شهزادو پوپٽ،
باغن جو متوالو پوپٽ.
هيڏي هوڏي ڀيرا ڏئي ٿو،
گُلڙن تي هو ڦيرا ڏئي ٿو.
پَرڙا
هن جا نيرا پيلا،
ڏاڍا پيارا رنگ رنگيلا.
ريشم جهڙو ڪُنئرو
آهي،
ڪارو، ڳاڙهو، نيرو آهي.
گُلڙن کي ٿو ڀاڪِي پائي،
هنڙي سان ٿو تن کي لائي.
اُلفت پائي، اُلفت ماڻي،
ڪُلفت مان هو مُور نه ڄاڻي.
اُڏندو لَمندو، ڦِرندو وتندو،
ڄڻ ته هوا ۾ تَرندو وتندو.
وَٺبو
هن کي وَٺُ
نه ڏيندو،
هٿ مان کِسڪي اُڏري ويندو.
رات
رات اچي وئي رات اچي وئي،
تارن جي آ موج مچي وئي.
چنڊَ
ڪئي چانڊوڪي آهي،
رات
بَڻي وَئي
ٿڌڙي آهي.
گيت ڌڻيءَ جا ڳايون گڏجي،
نيري اُڀ جا واهه نظارا.
جنهن تي چمڪن روشن تارا،
ٽانڊاڻا ڪن ٽِم ٽِم
ٽمڪي،
ڏينهن سڄي جو ٿَڪُ ڀَڃون ٿا،
آسيسي سڀ ننڊ ڪريون ٿا.
مالڪَ
مِهر ڪئي آ ڪيڏي!
ڀنڀوري
ڳاڙهي سائين خاڪي
ڀُوري،
رنگ برنگي آهه ڀنڀوري.
صُورت ۾ آ ڏينڀُو جهڙي،
پر هيءَ ڏنگ نه آهي هڻندي.
جاٿي ساوڪ سبزي هوندي،
تاٿي هيءَ اُڏامي ويندي.
باغن ۾ آ هن جي بستي،
واهڻ واهڻ هن جي وَستي.
ساوڻ ۾ هيءَ
موج
مچائي،
گهر گهر
۾ هيءَ ڦيرا پائي.
هوڏانهن آئي، هيڏي ويئي،
ڪاڏهن آئي، ڪيڏي ويئي.
ڪڏهين ڪڏهين
هِتڙي پسبي،
پوءِ وري
هُوءَ هُتِڙي ڏِسبي.
ڳاڙهي سائي، خاڪي ڀُوري،
رنگ برنگي آهه ڀنڀوري.
منهنجي ٻِلڙي
منهنجي
ٻلڙي پياري پياري،
نيري نيري اکڙين واري.
هوريان هوريان هلندي آهي،
ڪڏهين ڪڏهين ڀڄندي آهي.
مون کي ڏاڍي وڻندي آهي،
توڙي آهي رنگ جي ڪاري.
ميائو
ميائو ڪندي رهي ٿي،
ڪُوئا
گهر ۾ ڪين ڇڏي ٿي.
ڄڻ ڪا شينهڻِ
آهه شڪاري.
ڪڏهين ڪينَ
رُسي ۽ روئي،
ڏاهي
ڪنهن کي ڪين ڏُکوئي.
کاڌو کائي منهن ٿي ڌوئي،
آهي صاف صفائي واري.
وَڻُ
ڳالهه ٻڌو
هيءَ دل سان ٻارو،
هر هڪ وڻ آ خوبين
وارو.
اُس ۾ سارو ڏينهن سَڙن ٿا،
واٽهڙن کي ڇانوَ ڏين
ٿا.
ٻئي
جي
سک لئي سُور
سهن
ٿا،
ڪي وڻ عمدو ڪاٺ ڏين ٿا.
وَڍجي
ٽڪرا
ٽڪرا
ٿين ٿا،
هر هڪ جي هو ڪم اچن ٿا.
ڪن تي ڪانوَن جا ڪانگيرا،
ڪن تي گهُو گهُو ڪن ٿا ڳيرا.
ڪن تي جهرڪيون ڪن واهيرا،
وڻ کان ٻارو سکو
ڀلائي.
هر ڪنهن سان نت ڪجي چڱائي،
نيڪيءَ واري واٽ اهائي.
ڪارا ڪارا بادل
ڪـــــــارا ڪــــــارا بــــــادل آيــــــا،
مينهن وسڻ جا ٿيڙا
سعيا.
گاج گجي ٿي گڙ گڙ گڙ گڙ،
ڪڪرن ڀي اُلا تي ڪڙ ڪڙ ڪڙ ڪڙ،
کِنوڻ کلي
اڄ کِجڪا
لايا.
مينهَنِ
جـــــــــا وسڪارا ٿيندا،
ســــــــــاوا ٻنيون
ٻـــــــــارا ٿيندا،
مارُنِ
گيت خوشيءَ جـــــــــا ڳايا.
موسم ٿي وئـــــــــي پياري پياري،
ٽهڪي ٿي اڄ ٽاري ٽاري،
بيشڪ ڏينهن خوشيءَ جـــــــــا آيا.
ســـردي
”سردي آئي“، ”سردي آئي“،
سيءَ سيءَ جي سڀ ڪن ٿا وائي.
سجُ لِڪي ٿو جلدي جلدي،
شايد کيس لڳي ٿي سردي،
۽ رات ٺري يخَ ٿي آئي.
اوني ڪپڙا هرڪو پائي،
ڪو ٿو ڪوٽ نوان ٺهرائي،
ڪن ڪن آهي سوَڙ سِبائي.
روز وڻن جا پنَ ڇڻن ٿا،
ويچارا ته به ڪين ڪُڇن ٿا،
ڪيڏي موسم ڪئي ڏاڍائي.
گرمي سردي ايندي آهي،
موسم نيٺ بدلبي آهي،
ڇا جي لئه تو دل گهٻرائي.
موڪل
مڪتب ۾
جو
گهنڊُ وڄي ويو،
ٻارن جو ڀي شور مچي ويو.
ٿيلها پنهنجا جهٽ پٽ ٻَڌندا،
ويڙهي سيڙهي هٿ ۾ کڻندا.
کِلندا کِلندا ٻاهر آيا،
گُل
جان ٽِڙندا ٻاهر آيا.
اڳ ۾ هوندا پٺ
۾ هوندا،
ٽولا ٺاهيو گهر ڏي ويندا.
هٿ ۽ ڪپڙا مَسُ ۾ ڪارا،
سهڻا پيارا جيءَ جيارا.
در تي ڪنهن جي جيجل هوندي،
اوسيئڙي ۾ بيٺل هوندي.
قُلفي
وارو
”آيو
قُلفي
وارو آيو،“
ٻارن ڏاڍو شرو مچايو.
قُلفي
آهي ٿَڌڙي ٿڌڙي،
ٿڌڙي ٿڌڙي، مِٺڙي
مٺڙي.
گاڏي وارو پنهنجو سنگتي،
خوب وڄائي ٿو هو گهنٽي.
قُلفي
۾ ڪجهه کِيرُ
گڏيل آ،
ٿوري ٿوري کنڊ مليل آ.
گاڏو هو سينگاري آيو،
قُلفيون
ڏاڍيون ٺاري آيو.
پياري موسم
پياري
پياري موسم آئي،
جاڏي تاڏي ٿي
سرهائي.
ڳيرو ڳيچ خوشيءَ جا ڳائي،
پوپٽ ٿو ڪيئن ڦيريون پائي!
لال ڀنڀوري ڀُون ڀُون لائي.
جُهڙ ڦُڙ، کنوڻيون
۽ وسڪارا،
وڻ ٽِڻ خوب لڳن ٿا پيارا.
ڌرتي پهري چادر سائي،
جهرڪيون چِرچر ڪن ٿيون هر هر.
ڪٻرين
ڀي آ، لاتو ڌَمچر،
طوطن آهي موج مچائي. |