ڪانوَن جي شادي
ڪلهه ڪانوَن جي ڪا شادي هئي،
۽ شادي بلڪل سادي هئي.
ڪنوار کي ڪَٻرين
ميندي لائي،
لال
کٽياڻي سيج وڇائي.
ڳاڙها ڳانا گهوٽ وِڌا
ها،
مورن تنهن کي موڙ ٻَڌا
ها.
ڳيرن ڳيچ خوشيءَ جا ڳايا،
هيڙهن ڏاڍا هُل مچايا.
جهرڪين تن کي لائون ڏنيون،
طوطن ڏاڍيون دُعائون
ڏنيون.
ڪيئي ڪبوتر ڀڄندا آيا،
مور خوشيءَ مان ٽِلندا آيا.
ڪانويليون ۽ ڪڻڇون چيها،
آيا هُد هُد ۽ ٻاٻيها.
واهه جو ڪلهه هيءَ شادي هُئي،
اُت خلق خدا جي ڏاڍي هُئي.
ڪبوتر
آهي ڪبوتر قربن وارو،
ڏاڍو سهڻو، ڏاڍو پيارو.
ڳيري کان هو آهي وڏيرو،
رنگ جو آهي هلڪو نيرو.
سانت صُلح جو آهي ساسي،
پيار امن جو آهي پياسي.
هو ٿو ڪنهن سان ڪين
اُچائي،
ڪنهن به پکيءَ کي ڪين رنجائي.
وَلرن
سان هو اُڏندو رهندو،
پنهنجن سان گڏ چُڳندو رهندو.
ايڪو اُلفت هن جي فطرت،
ميٺ محبّت هن جي عادت.
آهي ڪبوتر قربن وارو،
ڏاڍو سهڻو، ڏاڍو پيارو.
نيري اُڀ جا نظارا
نيري اُڀ تي واه نظارو،
ڪيڏو سهڻو ڪيڏو پيارو.
ڪڪرن جي ڏس ڊوڙ شروع ٿي،
جهٽ ۾ بادل آيا ڀرجي،
بجلي
خوب خوشيءَ مان چمڪي،
وڏ ڦڙي جو ٿيو وسڪارو.
هڪ ٽانڊاڻي جي ٿي شادي،
کڙکٻيتا وَيڙا گڏ ٿي،
خوب خوشيءَ مان
چلڪي
چمڪي.
ڳائن ٿا ڪو گيت نيارو.
ٽِيڙو ٽيئي اُڀريا آهن،
ڪي ڪي تارا نکڙيا آهن،
هاڻ ڪتين
ڪر موڙيا آهن،
اُڀريو ڄاڻ صُبح جو تارو.
باندر وارو
باندر وارو آيو، ٻارن هُل مچايو،
ٻارن هل مچايو، باندر وارو آيو.
باندر بيهي ناچ ڪري ٿو،
ٺينگ ٽپا هو خوب ڏئي ٿو،
مينهون چارڻ پاڻ وڃي ٿو،
لٺ ڪُلهي تي تڏهين کڻي ٿو،
ٻارن هُل مچايو، باندر وارو آيو.
مالڪ هن کي نئي
ٿو گهر گهر،
ڌڪ جهلي ٿو ڪيڏا باندر،
سوٽيون کائي
بيٺو
هر هر،
ڪين کٽيو ڪو کائي ڪنهن پر،
ٻارن هُل مچايو، باندر وارو آيو.
هوڏي ڏس هُوءَ آئي ڀولي،
پاتي جنهن آ سهڻي چولي،
باندر جي هوءَ آهي گولي،
ٻارن جي ٻي آئي ٽولي،
ٻارن هُل مچايو، باندر وارو آيو.
عيد مُبارڪ
”عيد مُبارڪ جي ٿي وائي،
چوڏس ڏسجي ٿي سَرهائي،
خوب خوشيءَ جي موسم آئي.
رنگ رنگيلا ڪپڙا پائي،
تيل
ڦليل بدن کي لائي،
ننڍڙن ٻارن موج مچائي.
هرهڪ نينگر پيارو پيارو،
ڄڻ
ڪو آهي اُڀ جو تارو،
سونهن سڀن جي آه سَوائي.
موج ۾ آيون مُکڙيون پياريون،
چوڏس آهن باغ بهاريون،
گلڙن آهي سونهن وڌائي.
محنت
محنت ڪر تون محنت ٻار،
محنت سڀنيءَ جو سينگار.
محنت سان ٿئي عزّت حاصل،
مال متاع ۽ دولت حاصل،
محنت سان ٿين ٻيڙا پار.
ننڊ، نڀاڳ نحوست آهي،
جاڳ ته ڀاڳ ۽ برڪت آهي.
پل نه وڃائج تون بيڪار.
ويٺي جن آ عمر گذاري،
تن جي حياتي آهي خواري،
راتيان ڏينهان ڪر ڪم ڪار.
محنت ڪر تون محنت ٻار.
کُڙ کٻيتو
کڙ کٻيتو نڪتو ٻارو،
چمڪي ٿو ڄڻ اُڀ ۾ تارو.
ڄڻ ته هوا ۾ پُڄري ٽانڊو،
ڄڻ
ته هوا ۾ اُڏري ٽانڊو.
هر هر هُو پيو ٻرندو وِسندو،
هيٺ مٿي هُو اُڏندو هلندو.
ٻار وٺڻ لئي ڊوڙون پائن،
ڊُڪندي ڊُڪندي ڪِرندا آهن.
هُو ته هٿن مان تِرڪي ويندو،
گوهي
ڏيئي کِسڪي ويندو.
اڳيان چمڪا ڏيندو هلندو،
ٻارن جو ڪڍ ٽولو هوندو.
ساوڻ ۾ هُو ايندو آهي،
ڏاڍو نازڪ ٿيندو آهي.
ادب
ادب سان ئي انسان انسان آ،
ادب ناهه جنهن کي سو حيوان آ.
چوڻ ماءُ مِٺڙي،
جو مڃجي ضرور،
سدا ڳالهه ان جي تي هلجي ضرور.
جو پيءُ ماءُ جي ٿو ادب ۾ رهي،
انهيءَ کي ئي هرڪو چڱو ٿو چئي.
ادب پنهنجي
استاد جو نِت ڪريو،
پَڙهي
۽ ڪڙهي خوب ڏاها ٿيو.
ادب ساڻ پختو ٿو ايمان ٿئي،
انهيءَ تي خدا
ٿو
مهربان
ٿئي.
چڱا ڪن چڱايون، بُرايون بُرا،
ڪري نت چڱايون، اوهين ٿيو چڱا.
پياري هرڻي
منهنجي پياري هرڻي،
تون آن ڏاڍي
سهڻي.
تنهنجون اکڙيون ڪاريون،
آهن ڏاڍيون پياريون،
مور مٺي تون مَکڻي.
ڏُور
نه مون کان ڀڄ تون،
منهنجي سڏ تي اچ تون،
تون تان ناهين رُسڻي.
گاهه گهڻو ئي چاريان،
توکي کير پياريان،
کاءُ خوشيءَ مان کچڻي.
ڀڄندي
ڀڄندي آءٌ تون،
ٽپندي ڪُڏندي آءُ تون،
آهين نَچڻي
ڪُڏڻي. |