ٿلهو ماڻهو اچي ڦاٿو ته ڪار اتان ڪڍي ڪيئن. ڇو ته
ٻيون به ڪارون هيون ۽ اسٽيئرنگ تڪڙو ڦيرائي به نه
سگهي. ابتو سبتو اسٽيئرنگ ڦيرائي ڪار ڪڍي آيو.
جڏهن ٻاهر روڊ تي ڪار پهتي ته ٻارن سان ڳالهايائين
”ڪهڙي در کان آيا هئا“.
ٻارن چيو ته ”وڏي در کان آيا هئاسين“. ”پوءِ مون
کي نظر ڇو نه آيا“. ٻارن کان پُڇيائين
انهن چيس
ته ”بابا توهان به اسان کي نظر ڪونه آيا هئا. رش ۾
ڪير ڪنهن کي نظر ڪو ٿوروئي ايندو آهي. ڊرائيور ڪار
۾ ويٺو هوندو آهي، اسين ڪار سڃاڻي اچي ويهندا
آهيون توهان ڪار ۾ ئي ويٺا هجو ها“.
ٻارن اڃا ايترو مس ڳالهايو ته هن ڪار کي روڪي
پنهنجي منهن ڳالهائيندي چيو ”مون کي ڪهڙي کٽي کنيو
جو آيس. هاڻ ٽائر به پنچر ٿي پيو هاڻ ڪيئن
مٽائيندس“. ڪار مان هيٺ لٿو ٻار به هيٺ لٿا. هن وٽ
ٻيو ٽائر ته هو پر مٽائي ڪيئن؟ هيٺ ڪار کي جيڪ
ڪيئن ڏيئي. ڇو جو سندس پيٽ ته ڪار ۾ هيٺ ڦاسي ٿي
پيو.
پريشان ٿي بيهي رهيو سندس وڏي پٽ چيس ته ”بابا جيڪ
مون کي ڏيو ته مان ٿو ڪار جي هيٺان ڏيان“. هن جيڪ
کڻي پٽ کي ڏنو، جنهن ڪار جي ڪماني وٽ جيڪ رکي هيٺ
مٿي بٽڻ ڪيو ته وِيل مٿي ٿي ويو، هن وِيل کوليو،
هر نٽ جي کولڻ سان سندس سهڪو ڌار پئي نڪتو، جيئن
تيئن ڪري ڪار ۾ نئون اسپيئر ٽائر هنيائون ۽ پوءِ
ٻارن سان گڏ ويٺو ڪار ۾. جڏهن گهر آيو ته سندس
ڪپڙا خراب ٿيل هئا، ٻارن جا ڪپڙا به خراب ٿيل هئا،
ڊرائيور کي چاٻي ڏيندي چيائين ته ”وٺ پنهنجي چاٻي
اڄ کان پوءِ مون ٻارن کي کڻڻ کان بس ڪئي. ميان مون
سمجهيو هو ته تنهنجو ڏوهه آهي، پر هتي ته منهنجو
محشر ئي گم ٿي ويو“.
هو ٻاهر ڊرائيور سان ڳالهائي رهيو هو ته ٻارن وڃي
اندر گهر ۾ سڀني ڀاتين کي ٻڌايو ته بابا ڪيئن ترڪي
پيو هو. هو جيئن اندر گهر ۾ آيو ته سڀني ماڻهن کان
ٽهڪ نڪري ويا ۽ هو قميص لاهي دهل جهڙو پيٽ ڪڍي پکي
جي هيٺان وڃي ويهي رهيو.
هو جيئن پکي هيٺان ويٺو ته ننڊ جو جهوٽو اچي ويس ۽
اهڙا کونگهرا هڻڻ لڳو ڄڻ ته ڪنهن نڙي تي لت ڏني
هجيس. ٻار هٿ منهن ڌوئي ماني کائڻ لڳا ۽ پيءُ جي
کونگهرن تي مشڪندا رهيا. جنهن جو پيٽ قلعي گر جي
باهه ٻارڻ واري ڌمڻ وانگر هيٺ مٿي ٿي رهيو هو.
خواهشون
ننڍڙيون ڀيڻون ۽ ڀاءُ ڇا سوچيندا هوندا. ڀلا جي
مان هي چوري نه ڪيان ها ته ننڍڙين ڀيڻن جي خواهشن
کي ڪٿي پورو ڪري سگهان ها! سڄي ڏينهن ۾ وڌ ۾ وڌ
10- 15 روپين جا هڏا مس ميڙيندو آهيان، جنهن مان
اٽو چانور ۽ امڙ جي دوا به مس ٿي آئي، ۽ هفتي کان
ننڍڙين جو انگل هو ته ادا اسان کي چپل ۽ ڪپڙا وٺي
ڏي. روز سندن ٻاتا ٻول گهٽين مان هڏا ميڙيندي مون
سان گڏ هلندا هئا. اڄ به ته هر هر مون کي چئي رهيا
ته ”ادا اسان کي عيد تي ڪپڙا وٺي ڏي“. ۽ مون
سامهون ڏٺو هو، گهر اندر رکيل ٽيپ رڪارڊ ۽ گهڙيال
پيو هو. سو کڻي نڪري آيو هوس. ٻوري ڪلهي تي کڻي
ڏاڍو خوش ٿي سوچيو هوم ته کپائي اڄ پنهنجي ڀيڻن ۽
ڀائرن لاءِ سٺا چپل ۽ ڪپڙا وٺي ويندس. ننڍڙي پپي
لاءِ ته پولڪا آئس ڪريم به وٺي ويندس، جنهن لاءِ
سالن کان پئي واجهائي. پر مان اڃا رستي تي ئي هوس
ته مون کي اچي پڪڙيائون. ڏاڍي مار
ڏنائون،
مون سڀ ڪجھه سچ ٻڌايو پر ڪنهن به ڪهل ڪونه ڪئي.
پئسي وارا ماڻهو ڪڏهن ڪڏهن رحم کائي پڃري ۾ بند
ٿيل پکين کي ته آزاد ڪرائڻ لاءِ پئسا ڏيئي آزاد
ڪرائيندا آهن. پر مون لاءِ ڪنهن به ائين نه ڪيو.
شايد ڪنهن کي مون تي رحم نه آيو هو. جڏهن ڪٽيندا
ٿاڻي تي پهتا هئا ته صوبيدار الائجي ڪيترو ماريو.
هن کي سڀ ڪجھه ٻڌايم، پر شايد هن ڪو ڏکيو ڏينهن
ڪونه ڏٺو هوندو. يا هن کي ٻچا ڪونه هوندا. پر جن
وٽ کائڻ ۽ پائڻ لاءِ سڀ ڪجھه هوندو آهي، تن کي بک
جي ڪهڙي خبر. هيءَ انهيءَ سوچ ۾ هو ته لاڪپ جي
ٻاهران رڙ ٿي. ”ابا- ادا“ هن ڇرڪ ڀري در ۾ نهاريو.
سندس ماءُ ننڍڙن ٻارن سان بيٺي هئي. هي ٿيڙ
کائيندو در تائين آيو، سيخن مان ڀاڪر پائي، ماءُ
سان مليو. امڙ روئيندي چوندي رهي ”ٻچا تو هيءُ ڇا
ڪيو؟“ ننڍڙا ٻار سيخن کي کولڻ لاءِ ڇڪڻ لڳا، هڪ
جمعدار ڪهل ڪري در کوليو. ننڍڙا ٻار ڀاءُ کي چنبڙي
پيا. ننڍڙا ٻار ٻاتن ٻولن سان چوڻ لڳا. ”ادا عيد
لاءِ چپل نه کپن، ڪپڙا نه کپن تون گهر هل“. پر
هيءَ خاموشي سان گونگو مينهن ڳاڙيندو رهيو. ”ابا
تون هت! مان مري وڃان. تو هي ڇا ڪيو کڏ ۾ پون ها
ڪپڙا، رکي سکي کائي گذارو ڪريون ها.“ پٽ کي ائين
چئي وڃي صوبيدار جي پيرن تي پوتي وڌائين. ۽
ليلائيندي عرض ڪيائين، ”سائين اڳتي ائين نه ڪندو،
هي دفعو معافي ڏئينس“. صوبيدار کي بنا پئسي واري
منٿ به گار ٿي لڳي، پوتي کي کڻي پري اڇلايائين ۽
جمعدار کي چيائين، ”در ڇو کوليو اٿيئي هن جو وڏن
ڌاڙيلن سان تعلق آهي“. جمعدار در بند ڪري ڇڏيو.
ننڍڙن ٻارن ”ادا پڪاريو ته صوبيدار رڙ ڪري انهن کي
هيسائي ڇڏيو. مائي ٻارڙن کي وٺيو پٺتي موٽي رهي
هئي ۽ ٻارڙن جون ڪيهون هيون ”امان- ادا گهر هلي،
عيد جا ڪپڙا نه کپن“. ۽ هوڏانهن صوبيدار هن کي سڌو
بيهاري چماٽون هڻي رهيو هو ته تنهنجو ڪهڙي ڌاڙيلن
جي ٽولي سان واسطو آهي. هو ڀت سان ائين سڌو بيٺو
هو. غريب جي آهه ستين آسمان کي ته ڏڪائي سگهي ٿي،
پر صوبيدار جي دل ۽ ٿاڻي جي ڀتين کي ڪونه ٿي ڏڪائي
سگهي. عيد، ڪپڙا ڀائر- امڙ…… سڀ ڪجھه سوچيندي، مار
کائيندي به هن جي ذهن ۾ اهي چپل ۽ ڪپڙا هئا. پر هن
جون سڀ خواهشون اڌ ۾ رهجي وين. جيڪي شايد ڪڏهن به
پوريون نه ٿين.
چور مار ڀائر
احمد ۽ عرس ٻه ڀائر هوندا هئا، ٻئي مئٽرڪ پاس هئا،
اهي نوڪري ڪرڻ بجاءِ پنهنجي زمين کي آباد ڪرڻ لاءِ
وڃي ٻنيءَ تي گهر ٺاهي ويٺا.
ٻئي ڀائر ڏاڍا هوشيار هوندا هئا، پڙهيل هجڻ ڪري
سندن زمين ۾ ڪم به نئين رنگ ۽ ڍنگ سان ڪندا هئا.
سندن سڄي ڳوٺ ۾ هاڪَ هوندي هئي.
انهن جو پوڙهو پيءُ به جيئرو هو جنهن کي هي ڪو گهر
جو ڪم ڪار ڪرڻ ڪونه ڏيندا هئا. پر پوڙهو رات جو
ڏاڍو خبردار هوندو هو.
ٻهراڙي ۾ اڪيلي گهر هجڻ ڪري انهن تار جو لوڙهو
ڏيئي ڇڏيو هو ۽ رات جو جنهن وقت سمهندا هئا ته
ڍنگرن جي کڙهه ڏيندا هئا. کڙهه جي اندرين پاسي هڪ
ڍٻي ٺاهي رات جو رکندا هئا. انهن ڍٻي ائين ٺاهي
هئي جو هڪ اڌ چنڊ وانگر هڪ ڪاٺ جي ڪاٺي ٺهرائي.
انهي ۾ رٻڙ جو ٽيوب ٻڌائون ۽ ان ٽيوب ۾ وري هڪ
جانور جي ڏندن وارو حصو هٿ ڪري اهو ان ۾
ڦاسايائون. رات جو اُن کي ڇڪي ڪاٺ جي ڀرسان ٻئي هڪ
اڙ ۾ ڦاسائيندا هئا. اهڙي نموني جيئن ڪنهن جي پير
لڳڻ سان، اها کلي پوي ۽ ماڻهو قابو ٿي وڃي. (جيئن
ڪوئا مار هوندي آهي، جنهن ۾ ڪوئا ڦاسندا آهن) هڪ
ڀيري چورن کي کُٽيءَ کنيو سو انهن ڀائرن جي چوري
ڪرڻ آيا. هي اڃا کڙهه کولي رهيا هئا ته ڪتي باهوڙ
ڪئي، ٻنهي ڀائرن جي اک کلي پيئي ۽ هوشيار ٿي ويهي
رهيا. سيارو پارو هو. هڪ چور جيئن اندر داخل ٿيو
ته ان جو پير ان ڍٻي جي مٿان آيو. جيڪا کلي پيئي ۽
هڏو سٽڪي سان وڃي چور جي ٽنگ ۾ لڳو. هڏي جو ڌڪ
اهڙو لڳس جو رڙ ڪري، ڪري پيو. هنن به رڙ ڪئي ته
”متان ويا آهيو“. ٻيا چور ڀڄي ويا. هڪ کي ٽنگ ۾
ڍٻي اهڙي ڦاسي پيئي جو چور ڀڄي نه سگهيو. گهر ڌڻين
اچي هن کي پڪڙيو.
ٻنهي ڀائرن پاڻ ۾ صلاح ڪئي ته ان کي اهڙي سيکت ڏجي
جو وري نه اچي، سو سياري پاري ۾ هن کي وڃي واٽر
ڪورس ۾ ڪپڙن سوڌو وهنجهاريائون. سيارو پارو مٿان
ٿڌو پاڻي ۽ ڌڪ لڳل سو همراهه جي ڄاڙي ڄاڙي سان
پيئي لڳي. وري انهن کي ذهن ۾ حرڪت سمجهي آئي سو
وٺي پکو هنيائونس. پوءِ ته همراهه جي رڦ رڦان هجي
۽ بي ستو ٿي ڪري پيو. انهن سوچيو ته هاڻ اها سزا
ڪافي اٿس ۽ ڇڏي ڏنائونس. همراهه زهر کاڌل ڪتي
وانگيان ڪرندو ٿاٻڙجندو هليو ويو.
اها ڳالهه انهن جي سڄي علائقي ۾ پکڙجي ويئي هر ڪو
کلي کيرو ٿي پي ويو ۽ جيڪي چوري جي ارادي سان آيا
هئا. انهن جڏهن پنهنجي ساٿي جي حالت ڏٺي ته ڏاڍي
ڪاوڙ آين، سو پلاند ڪرڻ لاءِ وجهه ڳولڻ لڳا. پر هي
ان ڏينهن کان وٺي هوشيار ٿي ويا هئا. هڪ ڀاءُ ننڊ
ڪندو هو ته ٻيو جاڳندو هو. هڪ ڏينهن چور به ٺهي
سنڀري آيا پلاند لاءِ. رات ٿي گرمي جا ڏهاڙا هجن.
انهن ڇا ڪيو جي ڍٻي جي خوف کان ٻئي پاسي کان لوڙهي
تي رلي وڇائي اندر لنگهي آيا. هڪ ته هي ڀائر اڳ ۾
سجاڳ هئا ۽ انهن وٽ هڪ ٻه مائٽ ٻيو به رهيل هو. سو
جيئن چور اندر داخل ٿيا ته انهن بندوق جو فائر ڪري
چورن کي للڪاريو، چور وائڙا ٿي ويا. ڀڄن ته ڪيئن
ڀڄن هوڏانهن کڙهه بند ٿيل لوڙهو تار ڏنل. چور
وائڙا ٿي بيهي رهيا. هنن رڙ ڪري چيو ته هٿ مٿي
ڪيو، ٽنهي چورن هٿ مٿي ڪيا، هڪڙن اچي انهن جا هٿ
پٺيان ٻڌا. لالٽين کڻي آيا. انهن مان پهريون چور
اُتي ڪونه هو. پڇڻ تي انهن چورن چيو ته هو ٻاهر
بيٺو هو اندر ڊپ کان ڪونه آيو آهي. توهان اسان کي
معاف ڪريو. پر انهن ڇا ڪيو جو انهن کي هڪ وڏي
پراڻي پپر جي وڻ سان رسي سان کڻي ٻڌائون. پوءِ گهر
۾ ڳُڙ پيل هو، ڇو ته ڪمند پوکيندا هئا ۽ پنهنجو ڳڙ
ٺاهيندا هئا، سو هڪ وڏي ديڳڙي ۾ ڳڙ جو شربت ٺاهي،
اهو پاڻي انهن جي مٿان هاريائون ۽ ٽي دٻا پاڻيءَ
جا ڀري وڻ جي پاڙ ۾ ماڪوڙ جي کڏ ۾ وڌائون. پوءِ ته
ماڪوڙن جو لشڪر نڪري نروار ٿيو ۽ انهن همراهن کي
چنبڙي ويو.
مٿان وري ماڪوڙن کي مٺاڻ لڳو، پوءِ ته همراهن جون
ڪيهون هجن. توبهن ڪرڻ لڳا ته قسم سان وري جي جيئرا
هونداسين ته اسان ڪونه اينداسين. پر انهن چيو ته
نه، جي توهان عزت مان ڄاڻو ها ته اڳئين ڀيري مان
سبق سکي وڃو ها. سو اسان هن ڀيري ڪونه ڇڏينداسون ۽
توهان کي مارينداسون. پوءِ ته چورن جون رڙيون هجن.
ايتريون رڙيون ڪيائون جو جن جا گهر سڏ پنڌ تي هئا،
سي ڀڄندا آيا ۽ اچي انهن کي سڏ ڪري حال احوال
پڇيائون.
انهن کڙهه کولي اچي چور ڏيکارين هر ڪو کل ۾ اونڌو
هجي ۽ ماڪوڙا انهن کي پٽي رهيا هئا انهن جون رڙيون
هجن.
گهڻي منٿ ميڙ کان پوءِ انهن کي ڇڏيائون ۽ چورن قسم
کڻي چيو ته هي ته ڇا پر اسان اڄ کان پوءِ چوري کان
به توبهه ڪئي. چورن کي ڇڏي ڏنائون، پر چورن جو ڪو
اهڙو جسم جو عضوو سلامت نه هو جو ماڪوڙن جي چڪ کان
محفوظ رهيو هجي. ان واقعي کان پوءِ اڄ تائين ڪوبه
چور وري انهن ڏانهن نه ويو آهي ۽ انهن ڀائرن تي
نالو پئجي ويو آهي ”چور مار ڀائر“ اڄ به هو ٻهراڙي
۾ سڪون سان رهيا پيا آهن.
شرارتي فيضو
فيضوءَ کي ڪاليج ۾ آئي سال ٿيو هو. پر هن شرارت ۾
ايترو ته نالو ڪڍيو هو، جو استاد لهرائيندا هئس.
شرارتي به ننڍي هوندي کان هو. جڏهن پرائمري اسڪول
۾ پڙهندو هو، تڏهن هڪ ڏينهن استاد صبح جو ڪلاس ۾
لسي ماني پي کاڌي. اسڪول ٺهيل هو ڪچو، سو مٿان
جهرڪي ويٺي هئي. هن وٽ گليلي هئي. استاد جي اک ٽيٽ
ڪري ڀر ڪري کڻي گليلو جهرڪي کي هنيائين. جهرڪي
ڦرندي اچي استاد جي لسي واري گلاس ۾ پئي. استاد کي
ڪاوڙ ته ڏاڍي آئي، پر جهرڪيءَ کي جو گلاس ۾ ڏٺائين
ته کلي ڏنائين. فيضو پرائمري اسڪول کان جڏهن هاءِ
اسڪول ۾ آيو. تڏهن به هو پنهنجن شرارتن کان باز نه
آيو. استاد تنگ ٿي ڪلاس مان ڪڍي ڇڏيندا هئس ۽ پوءِ
بيهي بيهي ڪانه ڪا اهڙي شرارت ڪندو هو، جو استاد
هن کي وري گهرائيندو هو. هڪ استاد ته هڪ ڀيري هن
جا ٻئي هٿ ڪرسي جي ٽنگن جي هيٺان رکي ويهي رهيو هو
۽ هي وري اتان ڇوڪرن جا چيٻاڙا ڪڍي رهيو هو.
نائين جماعت ۾ هڪ زهريلي گئس جو تجربو ڪري رهيو
هو. ڄاڻي واڻي ڇا ڪيائين جو چيرو لڳل پائيپ کي پن
سان سوراخ ڪيائين. گئس ڪلاس ۾ اهڙي پکڙجي ويئي جو
ڇوڪرن جو
ساهه پي ويو. سڀ شاگرد ٻاهر نڪري آيا. هي به انهن
سان گڏ ٻاهر نڪري آيو. استاد نڪ تي رومال رکي جلدي
۾ ٽيوب ٻاهر ڪڍي آيو. ان ڏينهن سڄو وقت هن کي ڊيسڪ
تي بيهاري ڇڏيو هئائين. پر هن تي ڪو اثر ڪونه ٿيو
هو.
هاءِ اسڪول مان نڪري جڏهن ڪاليج ۾ داخلا ورتائين
ته اُتي هن کي هاسٽل ۾ رهڻو پئجي ويو. پوءِ هاسٽل
وارن شاگردن لاءِ ڏچو ڪري ڇڏيائين. هڪ ڀيري ڇا
ڪيائين جو چيلهه وٽ هڪ ڪاٺي پاڻ کي ٻڌائين ۽ مٿان
قميص پاتائين، ٻانهون وڌائين قميص جون ان لٺ ۾، ۽
پنهنجون ٻانهون مٿي ڪري، انهن کي ڪارو ڪپڙو
ويڙهيائين، پوءِ هاسٽل جي لان ۾ ميندي جي ٻوڙن ۾
لڪي ويهي رهيو، جيڪو ڇوڪرو شهر کان موٽي، ۽ هن جي
ڀرسان اچي ته هي ميندي جي ٻوٽن مان نڪري ٻاهر اچيو
وڃي، ۽ پري کان هڪ عجيب مخلوق پيو نظر اچي. هن کي
ڏسي ڇوڪرا ويچارا کڻي پٺتي ڊوڙ پائن ۽ جڏهن ڏٺائين
ته هاڻ ڇوڪرا گهڻا گڏ ٿي ويا آهن، تڏهن آهستي
آهستي اتان کسڪي ويندو هو. هڪڙي روم ۾ ته هڪ
ويچارو اهڙو ڊڄڻو ڇوڪرو رهندو هو. جو هن ته ان
ڪاليج مان پنهنجو نالو ٿي ڪڍرايو. ڇو ته هن ان
ويچاري کي اهڙو ڊيڄاريو جو هو سمجهندو هو ته واقعي
هاسٽل ۾ جن آهي. ان هڪ ٻن دوستن سان ڳالهه ڪئي ته
”يار، هن هاسٽل ۾ جن آهن مان ته ڪونه پڙهندس“. ٻين
ڪن دوستن هن کي چيو ته يار اهو شرارتي فيضو هوندو.
پر ترس ته هن جي شرارت پڪڙيون.
هڪ رات جو گڏجي هاسٽل ۾ ويٺا. پهرين ٻلي جي
ميائون، ميائون جو آواز ٿيو. سڀني کي پگهر اچي
ويو. پوءِ وري ڇير وڄڻ لڳي. انهن دوستن مان هڪڙو
اتان نڪري ٻاهر روم جي پٺيان ڦري آيو. اهو ٿورو
دلير ڇوڪرو هو. هن ڏٺو ته فيضو جي روم جي دري کليل
آهي پوءِ اچي دوستن کي سڄي ڳالهه ٻڌايائين، جيڪو
ڇوڪرو، هاسٽل ڇڏي پي ويو، سو ته ٻاهر نڪتو ئي نه
ٿي. پر ٻيا زوري پاڻ سان وٺي ويس. ڏسن ته فيضو
پنهنجي دري کان اڳيان سيمنٽ جي وڌيل دِڪي تي پَير
رکي اچي هنن جي دري وٽ بيٺو ۽ پوءِ ٻلي وانگيان
ميائون ميائون ڪندڙ رانديڪي کي هيٺ مٿي ڪرڻ لڳو ۽
ٻن ٽن منٽن کان پوءِ وري ڇير کيسي مان ڪڍي اها
وڄائڻ لڳو. هي سمجهي ويا ته فيضو آهي. سو روم ۾
اچي آهستي آهستي ڪري در کوليائون، ۽ فيضو جو در
کُلڻ جو آواز ٻُڌو ته چوڻ لڳو، ”اڄ ته تون مري
ويندين، مان ڍيڍ جن آهيان، ها ها ها- هو“.
پر هنن نه ڪئي هم نه تم، وٺي فيضو کي ٺاهوڪي مار
ڪڍيائون، ۽ پوءِ سڀني هاسٽل وارن کي وٺي آيا، تن
به ڏاڍي ٿُڪ لعنت ڪيس. هاسٽل سپرنٽيڊنٽ به آيو،
جنهن چيو ته ”ابا هن مون سان اهڙي حالت ڪئي، جو سؤ
جو نوٽ رکي ڇڏيائين روڊ تي. ان کي ڪو اڇو ڌاڳو
ٻڌائين. مون جيئن کڻڻ جي ڪئي، ته کڻي ڌاڳي کي
ڇڪيائين ۽ مان شرم ۾ ٻڏي ويس. سٺو ڪيو اٿوَ.“
ان ڏينهن کان پوءِ فيضو هاسٽل ۾ اهڙي حرڪت ڪانه
ڪئي. ڇو جو ڇوڪرن گڏجي اهڙي مار ڪڍيس جو وري اهڙي
حرڪت ڪرڻ کان توبهه ڪيائين.
عوامي
چڪن سوپ
جيئن سردي شروع ٿيندي آهي. تيئن ڪُلفين کپائڻ وارا
گاڏن تي هڪ هڪ ڪڪڙ صاف ڪري رکي ۽ ان جي هيٺان هڪ
پاڻي جو ٿالهه ڀري رکندا آهن. اهو ٿالهه جنهن ۾
پاڻي هوندو آهي سو سگريءَ ۾ پيل آڱرن تي پيو
اُڀامندو آهي، ۽ گاڏن وارا اتان گلاس ڀري پيا مٿان
ٽنگيل ڪڪڙ تي هاريندا آهن. گراهڪن کي تسلي ڏيڻ
لاءِ اهو اصلي چڪن سوپ آهي.
هڪ ڏينهن سيءَ به هو، سو مون سوچيو ته چڪن سوپ پي
ڏسان. سوپ جو ڪوپ ورتم پليٽ ۾ پاڻي لاهي اڃا سرڪي
مس ڀريم ته، ڪنن مان دونهان نڪرڻ شروع ٿي ويا ۽
اکين مان پاڻي وهڻ لڳو، زبان صفا ڇلجي پئي. اڌ ڪوپ
پيتم اڌ موٽائي ڏنم. توهان سوچيندا هوندا ته ڪڪڙ
جو سوپ ايڏو گرم هو. پر اصل ڳالهه اها آهي ته ان ۾
جيڪي ڪارا ۽ ڳاڙها مرچ پيل هيا، تن منهنجن ڪنن تي
تاڙيون چاڙهي ڇڏيون هيون، اُن کان پوءِ ڪو دوست
چڪن سوپ جو چوندو هو، ته مان ٻانهون ٻڌي چوندو
هومانس ”يار پاڻ کان اهو زور آهي!“ هڪ دوست کي
جڏهن اها حالت ٻڌايم ته کِلڻ لڳو ۽ چيائين ته ”اصل
سوپ ته تو پيتو ئي ڪونهي.
اهي ته گاڏي
وارا گرم پاڻي ڪري ان ۾ ڪارا ۽ ڳاڙها مرچ ۽ هيڊ
ملائي رکندا آهن. پاڻيءَ جو ديڳڙو
ڀري
ايندا آهن ۽ جيئن ٿالهه مان هڪڙو پاڻي کٽندو آهي
ته ٻيو وجهندا ايندا آهن. ڪنهن ٿالهه ۾ جي ڪڪڙ جو
گوشت ڏسين ته سمجهه ته اهو گوشت اڳيئن هفتي واري
ڪڪڙ جو آهي جيڪا مسلسل گرم پاڻي ۾ غسل ڪرڻ تي سُڄي
سُڄي ٽٽي پوندي آهي، تنهن جو گوشت کڻي ٿالهه ۾
وجهندا آهن ۽ ٻي ڪڪڙ جيڪا ٽنگيل هوندي آهي، اها
گراهڪ جي ڏسڻ لاءِ آهي ته اچو ڪڪڙ جو سوپ پيو، اها
ڪڪڙ هفتي ڏيڍ کان پوءِ سڄي ٽٽي پوندي آهي“.
سو سائين، اهو دوست مون کي هڪ وڏي هوٽل ۾ وٺي
هليو. جتي روشني صفا گهٽ هئي، پهرين ته وڃي ٽيبلن
سان لڳس ۽ اتي ڪي ماڻهو ويٺا هئا، جيڪي کِلڻ لڳا ۽
مان لَڄي ٿي، ان دوست جي پٺيان هلڻ لڳس. هو هڪ
خالي ٿيل جاءِ تي اچي ويٺو، پنجن منٽن کان پوءِ
هوٽل جو چڱيءَ طرح سان جائزو ورتم، واهه جي هوٽل
هئي، پهرين سمجهيو هوم ته خالي آهي پر پوءِ خبر
پيئي ته اندر گهڻا ماڻهو ويٺا هئا، بيرو به ڄڻ ته
امير ٿي لڳو. بيري کي ان آرڊر ڏنو، تنهن کان اڳ ۾
سيءَ کان ويڙهيل اجرڪ مون لاهي رکيو، ڇو سينٽرلي-
هيٽيڊ هئڻ ڪري ڪمرو گرم هو.
بيرو هڪ وڏي پيالي ۾ هڪ شيءِ کڻي آيو، مون رڙ ڪري
ان دوست کي چيو ته ”يار هي ته ڏارو کڻي آيو آهي“.
هو کلڻ لڳو، پر سچ ته نمونو صفا ڪڻڪ جي ڏاري جهڙو
هوس.
پوءِ ان دوست پنهنجو حصو ننڍي پيالي ۾ ۽ منهنجو
حصو منهنجي پيالي ۾ لاٿو، ۽ پوءِ لوڻ ۽ مرچ ۽ ٻي
ٽي ٻيون شيون ان ۾ ملائي ڏنيون، کائڻ سان مزو اچي
ويو. ۽ ان ڏينهن خبر پيئي ته مار چڪن سوپ ته اصل
اهو آهي، هو ته رڳو مرچ پيل گرم پاڻي آهي. ها
سائين ڪٿي روپئي جو ڪوپ ۽ ڪٿي 12 روپين جو اڌ
پيالو.
سو سائين مون کي ان ڏينهن خبر پئي ته چڪن سوپ به
ٻه آهن، هڪ غريبي چڪن سوپ جيڪو پيئڻ سان ڪنن مان
دونهان ڪڍي ڇڏيندو آهي ۽ ٻيو چڪن سوپ اهو جيڪو وڏا
ماڻهو پي سگهن ٿا. باقي اسان جي ٻهراڙي ۾ ته سياري
۾ سيءَ کان بچاءُ لاءِ سرنهن جو ساڳ بس آهي. جنهن
جي کائڻ سان سيءَ پاسو ئي نه وٺي. جي ساڳ نه هجي
ته ٻاجهر جي ماني ئي سيءَ کان بچاءَ لاءِ ڪافي
آهي، پر شهرن ۾ ڪيس لڳو پيو آهي، الائي ڇا ٿا
پيارين. سو ٻارو اهو اٿوَ گاڏي وارو چڪن سوپ، جيڪو
توهان جي ڪنن مان به دونهان ڪڍندو هوندو.
عالم ثاني
ڪيتريون دعائون گهريون هئم، اڄ نيٺ دعا قبول پيئي،
هاڻ مس مس منهنجو قد ڊگهو ٿيو آهي. هاڻ مان دنيا ۾
مشهور ٿيندس. ڪيڏو قد وڌي ويو آهي. هيءَ ڇا؟ قميص
ته ڄڻ گنجي پيئي محسوس ٿئي، ۽ ٽن والن جو پوتڙو،
ڄڻ گوڏي کان مٿي بيٺو آهي. اڳ ۾ پيرن کان به هيٺ
هوندو هو، کٽ به هاڻ نئين ٺهرائڻي پوندي، سڄي رات
چيلهه کان هيٺ کٽ کان لڙڪيل رهيو آهيان. خير اهي
ماڻهن جون ڳالهيون آهن، ٿوري تڪليف ٿيندي، پر جڏهن
مشهور ٿي ويندس پوءِ ته لئي هوندي. هاڻ شهر وڃي
ٻيا ڪپڙا سبرائي اچان، ۽ پوءِ ڪراچي وڃان، خدا ڪيو
جو پکو چالو نه هو، نه ته سر هليو وڃي ها، ايڏو قد
ٿي ويو آهي، جو وڃي ڇت واري پکي سان لڳو آهي.
شهر ڇا ويس، ماڻهن جو ميڙ پٺيان لڳي پيو. درزي وات
ڦاڙي نهارڻ لڳو. ماپ لاءِ مون کي هيٺ دڪان کان
ٻاهر بيهاري ٻه وال پٽيون ڳنڍي پوءِ ڪپڙن جي ماپ
ورتي اٿس، تيسين دڪان آڏو ميڙ ٿي ويو ۽ سڀ ڀُڻ ڀُڻ
ڪري چئي رهيا هئا ته هن کي جن ٿيو آهي، چرين کي
اها خبر ڪانه هئي، ته مان عالم ثاني ٿيو آهيان. هو
مون وارو دوست، جيڪو مون سان هر روز گڏ هوندو
هو، تنهن
جو مون کي ڏٺو ته وائڙو ٿي ويو، وات ۾ ڪلفي هئس، ۽
هن کي ڪو شعور ئي ڪونه رهيو جو ڪلفيءَ جي کير جا
ڦڙا وات مان نڪري گاڏي تي وهڻ لڳس. مون خوشيءَ مان
هن کي چيو ته ”يار خوش ٿي، تنهنجو دوست عالم ثاني
ٿيو آهي“. اڃا خوشيءَ مان ڀاڪر پائڻ تي هومانس ته
ٻانهن مان الائي ڪيئن نڪري ويو ۽ منهنجو ٻک وڃي
بجلي جي ٿنڀي کي پيو. هو جن جن ڪندو ڀڄي ويو. مان
کلندو هلڻ لڳس. ان وقت اسڪول جي ٻارن کي ڪا رسيس
ملي هئي، مون کي جن جن ڪري چيڙائڻ لڳا، مون رکيو
پيرن تي زور ۽ پٺيان ٻارن جا هوڪرا هئا. جن ڙي،
جن.
گهر آيس ته امڙ اڳ ۾ پريشان هئي ۽ منهنجي ڳچيءَ ۾
کڻي ڏهه ٻارنهن تعويذ وڌائين، گهڻو سمجهايومانس ته
”امڙ مون کي جن ڪونه ٿيو آهي، پر مان عالم ثاني
ٿيو آهيان“. روئندي چيائين ”ابا، مُلياڻي چيو آهي
ته هن تي پرين جو پاڇو پيو آهي ۽ هاڻ هي بالم ٿي
ويو آهي“.
ننڍڙا ٻار پري کان هيسيل هيسيل ڏسي رهيا هئا، مون
گهر ۾ وقت وڃائڻ نه پئي چاهيو، امڙ جي پيرن تي هٿ
رکي چيومانس ”دعا ڪجان تنهنجو پٽ نالو روشن ڪندو ۽
مان ملڪان ملڪ مشهور ٿيندس“. امڙ ڏسندي رهي وڃڻ
وقت صرف ايترو چيائين ته ”پريون الائي ڪيڏانهن کڻي
ويندس. مولا خير ڪريس“.
سڌو اچي بس ۾ چڙهيم، بس وارا به ڏاڍا نه سهو آهن،
ٻن سيٽن جو ڀاڙو ورتائون. ۽ سيٽ تي ويٺل ماڻهو مون
کي گهور ڪري نهاريندا رهيا. بس بيٺي ته منهنجو
ساهه سُڪي ويو، ڇو ته بس، سيوهڻ ۾ اچي بيٺي هئي،
سوچيم ته بس هلي ته سٺو، جي عالم چَني کي خبر پئجي
ويئي ته ڪم خراب ٿي پوندو، سيوهڻ ۾ ماڻهو مون کي
ڏسڻ لڳا هئا، ۽ ڀُڻ ڀُڻ ڪري چيائون پئي ته عالم
چني جو ڀاءُ آهي، مان دل ۾ ڏاڍو خوش پيئي ٿيس، پر
وري عالم جو ڊپ به هو، جڏهن بس هلي ته سک جو ساهه
کنيم، ۽ جڏهن بس ۾ ويٺس، سڀ ماڻهو چتائي ڏسڻ لڳا ۽
مان رعب ظاهر ڪرڻ لاءِ منهن ۾ سونڊ وجهي ويٺس،
سهراب ڳوٺ ۾ لٿس، ڇو ته هوائي اڏو اتان ويجهو هو ۽
مون کي وڃڻو هو هوائي اَڏي ڏانهن. گهڻن رڪشا وارن
کي هٿ ڏنم، ڪنهن به نه کنيو. بس رڳو ڏسي کلندا
هليا وڃن، ۽ بسون به چَڪار هيون. آخر هڪ ٽيڪسي
وارو بنا ڊبل ڪرائي تي راضي ٿيو، ۽ ويهڻ وقت ڏاڍي
تڪليف ٿي، پهرين منهن اندر ڪيم، ۽ وڃي ٻئي در سان
لڳس ۽ پوءِ ٽنگن کي اندر ڪيم، ۽ ڪنڌ هيٺ ڪري ويٺس
ته اڳئين سيٽ سان پي لڳو، تڪليف ته ڏاڍي ٿي، پر
جاپان وڃڻ جي خوشيءَ ۾ سڀ ڪجھه برداشت ڪرڻو هو.
الله الله ڪري ٽيڪسي اچي هوائي اڏي وٽ پهتي، لهڻ
وقت ڏاڍي تڪليف ٿي، پهريون ٽنگون ٻاهر ڪڍيم ۽ پوءِ
ڳچيءَ کي ٻاهر ڪڍيم، هوائي اڏي تي ڏاڍي رش هئي،
سوچيم ته ٻه ٽي منٽ ساهي پٽي پوءِ وڃي ڳالهائيندس
ته جلدي ڪريو ٽڪيٽ ڏيو، مان عالم ثاني آهيان ۽
موهن جي دڙي جو حقيقي وارث مان آهيان، اڃا اهو
سوچي رهيو هوس ته پري کان منهنجي وڃي عالم چني تي
نظر پيئي، جيڪو ڪار مان لهي واهه مينهن ڪندو پي
آيو. مون گهڻي لڪڻ جي ڪئي، پر اچي ڳلي ۾ هٿ
وڌائين. اچڻ شرط چيائين ”ڪير آهين؟“ چيومانس ته
”يار مان عالم ثاني آهيان.“ شينهن واري رڙ ڪري
چيائين ”ڪوڙ ٿو هڻين تون عالم ثاني نه پر عالم
لاءِ ڪاني آهين“. چيومانس ته ”يار ڪير به آهيان،
پر آهيان تنهنجي ضلعي جو مهرباني ڪري هن ڀيري مون
کي ڇڏ ته وڃي جاپان گهمي اچان“. ڏند ڪرٽيندي
چيائين ته ”تون منهنجي مشهوري پيو خراب ڪرين ۽
منهنجي پاران تون پيو وڃين جاپان. مون کي سيوهڻ ۾
جيئن خبر پيئي، بنا نيرن جي ٻيءَ بس ۾ تنهنجي
پٺيان نڪتو آهيان.“ چيومانس ته ”يار پاڻ سنڌي
آهيون.“ چيائين ته ”سنڌي آهيون، سنڌي ئي ته هڪ ٻئي
جا پير اکيڙيندا آهن.“ ائين چئي کڻي مون کي ٻک
وجهي ڦيرائڻ لڳو، ڦيرائي کڻي اُڇلايائين. مون کان
رڙ نڪري ويئي جان کڻي ڏسان کٽ تي ستو پيو آهيان ۽
مٿان اخبار پيئي آهي. جيڪا پڙهيم جنهن ۾ لکيل هو
ته عالم چنا جاپان ويندو.
گڏهه جون خر مستيون
صبح جو سوير جاءِ تان تيار ٿي آفيس وڃڻ لاءِ ٻاهر
نڪتس. پنهنجن سوچن ۾ هوس ته اوچتو ڪنهن جو پاسو
لڳو. پاسو به اهڙو جو ٻه فوٽ کن پري هليو ويس. ۽
ڀر سان بجلي جو ٿنڀو لڳل هو، تنهن کي وڃي هٿ وڌم.
جي ٿنڀو نه هجي ها ته وڃي منهن ڀر روڊ تي ڪران ها.
خار مان نهاريم ته سامهون ئي چار گڏهه ويا پي ۽
پٺيان گڏهه هڪليندڙ، پوش پوش ڪندو ٿي ويو. جنهن
گڏهه مون کي ٽڪر هنيو هو، سو داداگيرن وانگيان
سڀني جي اڳيان پي ويو، سامهون ئي چار ٻار، ڪتاب
کنيو پنڌ اسڪول پي ويا، انهيءَ شرارتي گڏهه انهن
ٻارن کي به نه بخشيو ۽ ٻارن جي وچان کڻي گهُت
هنيائين، ۽ ٻارڙن جا ڪتاب هيٺ ڪري پيا. گڏهه
هڪليندڙ، خار مان ٽي چار لڪڻ، گڏهه کي وهائي ڪڍيا،
پر گڏهه ته لڪڻ لڳڻ کان پوءِ وٺي هينگون ڪيون ۽ ڪڏ
ڏيئي ڀڄڻ لڳو. مون کي ائين محسوس ٿيو ته گڏهه
پنهنجي سرسي تي ڄڻ ته نعرا هڻندو هجي. اهو ڏسي،
مان ته سوچڻ لڳس ته ڪيئن چوندا آهن ته گڏهه بيوقوف
آهي، ايتري شرارت ڪري وري کلي به پيو، سو ڀلا
بيوقوف ڪيئن ٿي سگهندو. گڏهه تي بيوقوف هجڻ جو
الزام گڏهه تي تهمت آهي.
جڏهن کان انسان غارن مان نڪري گهر ٺاهي، رهڻ لڳو
آهي. تڏهن کان گڏهه انسان سان نڀائيندو اچي. جي
گڏهه مٽي نه کڻي ها ته انسان ايترو جلد پنهنجا گهر
ٿورو ئي ٺاهي سگهي ها، ڏسو نه ويچارو صدين کان
داين ۽ اوڏن سان دوستي نڀائيندو اچي. سائنس ڪيتري
ترقي ڪئي آهي. پر وري به سامان ننڍين گهٽين ۾ کڻڻ
لاءِ گڏهه جي ضرورت پوي ٿي. ڪنهن دور ۾ گڏهه جو
کير ٽي- بي واري کي پياريندا هئا. ايتري وفاداري
ڪرڻ جي باوجود به انسان گڏهه کي بيوقوف سمجهي ٿو،
۽ ها ڏسو نه جي ڪو ڇوڪرو اسڪول مان گسائيندو هوندو
۽ استاد ڪاوڙجندس، ته ٺهه پهه چوندس، ته ”تون ته
ڪو گڏهه آهين“. يا جي ڪو ٻار مار جو پڪو هوندو ته
اُستاد يا مائٽ چوندس، ”ڇورا! صفا گڏهه وانگيان
نود آهين“. گُسائي اسڪول کان ٻار، بدنام وري ٿئي
گڏهه.
وڏڙا ته چوندا آهن ته گڏهه جي لَت کان گهوڙي جي
لَت سٺي آهي. اها ڳالهه ته مون کي اصل سمجهه ۾
ڪانه پي آئي. پر پوءِ خبر پيم ته گڏهه جي لَت
(ٽونٽي) واقعي حال خراب ڪريو ڇڏي. ڏسو نه ٻارو!
آمريڪا ۾ هڪ پارٽي جي اليڪشن جو نشان ئي گڏهه آهي
۽ اها پارٽي ويچاري ڪڏهن ڪڏهن اقتدار ۾ ايندي آهي،
ڇو ته سندن سامان آهي گڏهه تي لڏيل. سو هاڻ ويجهڙ
۾ جو اليڪشن ٿي ته ويچارو مانڊيل صدر ٿيڻ لاءِ
چڙهي ويٺو گڏهه تي. ۽ هيڏانهن ريگن مڪني هاٿي تي
چڙهي ويٺو، سو سائين، گڏهه ڦيرائي ڦيرائي مانڊيل
کي اهڙو ته ڌڪ ڏنو، جو بجاءِ تخت جي وڃي تختي تي
پيو. خدا ڪيو ته بچي ويو. اها ته انهن جي ڀل هئي،
يا کڻي اسان جي ملڪ وارن کان پُڇن ها ته ٻڌايون
ها، ته ڀائي گڏهه تي آسرو نه ڪيو.
سو ٻارو اهي اٿوَ گڏهه جون خَر مستيون. توهان جڏهن
به اسڪول ويندا ڪيو ته رستي جي پاسي کان فوٽ پاٿ
تي هلندا ڪريو، ۽ ڪڏهن به گڏهه جي پٺيان نه
لنگهندا ڪريو، ڇو ته گڏهه اهڙو شرارتي آهي، ماٺ
ماٺ ۾ اهڙي ته لت هڻي ڪڍندو آهي، جو ڏينهن جا تارا
نظر اچڻ لڳندا آهن. ۽ سچ ته گڏهه، ويچاري وتائي
فقير کي به ڪونه بخشيو. روزانو ويچاري جي ڳئون جو
گاهه کائي ويندو هو ۽ وري جڏهن وتائي، پٽيو گڏهه
کي ته مري وري ڳئون ويس. ۽ وتائي ويچاري جي دل ۾
اڃان ڳئون جو سور تازو هو ته هڪ ڏينهن، گڏهه تي
چڙهي ويو پي ڪيڏانهن گهمڻ، گڏهه ڏٺو ته فقير
پنهنجي مستي ۾ مست آهي، سو ڦيرائي کڻي پٽ تي
هنيائينس، وتائي جا ڪپڙا سڄا مٽي ۾ ڀڀوت ٿي ويا ۽
گڏهه کي ڏسي چيائين، ”توکي جيڪو چوڻو اٿم سو ته
تون اڳئي آهين وڌيڪ تو کي ڇا چوان“، ائين چئي فقير
گڏهه کي اتي ڇڏي پنڌ هلڻ لڳو ۽ گڏهه هينگون ڏيندو
واپس گهر موٽي آيو.
اُٺ پتڻ تي
ننڍي هوندي جي ڪا حرڪت ڪندا هئاسين ته مائٽ ناراض
ٿي جلدي ۾ چئي ڏيندا هئا ته ”ڇورا جيئن اُٺ پتڻ تي
ڪُٽبو آهي، تيئن ڪُٽبين“. ان وقت اهو لفظ سمجهه ۾
ڪونه ايندو هو ته، اُٺ پتڻ تي ڪيئن ڪٽبو آهي.
اسڪول ۾ به استاد جي واتان اهو لفظ روز ٻڌندا
هئاسين، پر اهو تجربو ڪونه ٿيو ته اُٺ پتڻ تي ئي
ڪيئن ڪٽبو آهي.
پرائمري ڇڏي جڏهن، هاءِ اسڪول ۾ داخل ٿياسين ته
اتي به انهيءَ لفظ جند ڪانه ڇڏي. ۽ ذهن ۾ ويتر
هورا کورا ٿي پئي ته اُٺ پتڻ تي ڪيئن ڪُٽبو هوندو.
هڪ اُستاد جيڪو سنڌي پڙهائيندو هو (اهو ڏاڍي محنت
ڪري پڙهائيندو هو، گرامر کان ويندي ڏکين لفظن جي
معنيٰ تائين، سڀ بوڪ تي لکرائيندو هو) ۽ جڏهن
پڇندو هو. جي ڪا معنيٰ ڪنهن جي ڪچي نڪتي ته توبهه
زاري ٿي ويندي هئي. ڇوڪرن به ان استاد جي نفسيات
جانچي ڇڏي هئي، جڏهن شلوار قميص ۾ هوندو هو ته
ڪونه ماريندو هو، پر جي سُوٽ پائي جنهن ڏينهن
ايندو هو ته، اسان جي دل پئي ڌَڪ ڌَڪ ڪندي هئي،
سُوٽ ۾ ڪارو سُوٽ پائي آيو ته، ڄڻ
اسان
لاءِ شامت آئي. گهڻا ڇوڪرا ته ڪارو سوٽ پاتل ڏسي
صبح سان ئي ڪلاس مان گولي ٿي ويندا هئا.
هڪ ڏينهن سائين اسان کي چيو ته بيت ياد ڪري اچجو،
ٻئي ڏينهن تي، سائين ڪارو سوٽ پائي آيو، هڪ بيت
اڌو گابرو ياد، ۽ ٻيو ڪاري سُوٽ جي دهشت، جيڪي
سِٽون ياد هيون سي به وسري ويون. مان ته ڪلاس مان
ڀڄڻ جي ڪوشش ۾ هوس، پر ڀڄان ڪيئن، سامهون ڪرسي
وجهيو سائين ويٺو هو. ان کي به ڪي پرون پئجي ويا
هئا. سو نظر رڳو اسان جي ڪلاس ۾ هوس. بيل وڳو،
اسيمبلي ڪري اچي ڪلاس ۾ ويٺاسين، ڪلاس ۾ رڳو
خاموشي هئي. هر ڪو ڪتاب، منهن تي ڏيو ويٺو هو. مان
به قُل پڙهڻ ۾ پورو هوس، ايتري ۾ سائين، اندر داخل
ٿيو، ڇيهه ئي ڇڄي پيا. وري جو نظر ڪاري سوٽ تي
پئي. پوءِ ساهه وڃي لڪي وٽ بيٺو. سائين بيت ٻڌڻ
شروع ڪيو، ڇوڪرا ٻه ٽي سٽون پڙهي بيهو رهن، ته ڪي
چار سٽون، آءٌ ٽِن سِٽن تي اچي ائين بيهي رهيس،
جيئن پيسينجر گاڏي ڪنهن اسٽيشن تي بيهي رهندي آهي.
سيارو پارو هجي، سڄي ڪلاس ۾ صرف ٻن ڇوڪرن جو بيت
پڪو هو، ٻيا سڀ اسان سان گڏ بيٺا هئا. سائين
مانيٽر کي جنهن وقت چيو، وڃي مولا بخش (لَڪُڻ) کڻي
اچ ان وقت اسان جي منهن تي ٻارنهن وڄي ويا. ائين
ڏڪي رهيا هئاسين ڄڻ ته اسي سالن جا پوڙها هجون.
مانيٽر، ”مولا بخش“ کڻي آيو، سائينءَ اچي ورتو
لڪڻن سان، ڪلاس ۾ رڳو ڇوڪرن جون رڙيون هجن ۽ ائين
منهنجو وارو به اچي ويو، بس مان سائينءَ جي پيرن
تي ڪري پيس، سيءُ کان پوتڙو ڪنن کان ويڙهيل هو،
سائين انهيءَ پوتڙي کان وٺي کڻي، مون کي ائين مٿي
ڪيو، جيئن مڇي کي پُڇ کان وٺي مٿي ڪبو آهي! پوتڙو
لهي ويو ۽ منهنجا ٻئي هٿ وڃي لڪڻ ۾ پيا، سائين ڀر
ڪري چماٽ هنئي، هڪ سيءُ ٻيو چماٽ اهڙي لڳي جو
سِنگهه وڃي هيٺ ڪري، سائين کان کِل نڪري ويئي، مون
سمجهيو ته جان ڇٽي، پر سائين وري وارن کان وٺي سڌو
بيهاري چيو ”هٿ ڪڍ“ هٿ ٻاهر ڪڍيم، سائين لڪڻ هڻڻ
وارو هو ته وري وڃي پيرن تي ڪريومانس، پوءِ ته اتي
ئي اچي لڪڻن سان ورتائين، سائين جا لڪڻ هڻڻ جا
وسڪارا هجن، ۽ منهنجا رڙين جا رانڀاٽ هجن، سڄي
ڪلاس ۾ مان ليٽندو رهيس، ۽ سائين ڪٽيندو رهيو،
ماري ماري جڏهن بس ڪيائين، پوءِ هئا اسان جا سُڏڪا
۽ سُڏڪن سان گڏ سرڙاٽ به، ڇو ته سياري هجڻ ڪري،
مون جهڙا ٻيا به ڪافي ڇوڪرا جن جي سنگهه هيٺ لهي
ٿي آئي ته مون وانگر مٿي ٿي ڇڪيائونس. سائين سڀني
کي ڪٽي بس ڪئي، پوءِ رڳو ڪلاس ۾ هجن اسان ٻارن جا
سڏڪا ۽ رڙيون، آخر ۾ سائين وارننگ ڏيندي چيو ته،
جي سڀاڻي بيت ڪچو هوندو ته، انهيءَ کان وڌيڪ مار
ڏيندو سانوَ، ائين جيئن اُٺ پتڻ ڪٽبو آهي سائين
ائين چئي هليو ويو.
اسان جا هٿ سيءَ ۾ صفا سڄي پيا هئا، منهنجي ته جسم
جو ڪو حصو واندو ڪونه هو، جتي لڪڻ جا نشان نه هجن.
جڏهن روئي روئي بس ڪيم ته، سوچڻ لڳس ته ڇا اٺ
ويچارو پتڻ تي انهيءَ کان به وڌيڪ مار کائيندو
هوندو.
اتفاق سان هڪ ڀيري سيوهڻ ويس ۽ درياءَ واري پاسي
گهمندي، اُتي اچي پهتس جتي کوڙ ساريون ٻيڙيون
بيٺيون هيون ۽ ماڻهو ٻيڙين ۾ چڙهي پنهنجي ماڳ وڃي
رهيا هئا، اتي هڪ اُٺ کي به ٻيڙي ۾ چاڙهڻ لاءِ
ڪاهي آيا، مان ڏاڍو خوش ٿيس ته اڄ اُٺ پتڻ تي
ڪٽبو، سو ڏسندس، اُٺ کي ٻيڙي ۾ اندر ڇڪڻ لڳا، ٻين
اچي لٺين سان وسڪارو لاٿس، پر اُٺ هجي، جيڪو اڳتي
وڃڻ بجاءِ پٺتي پيو ٿئي، پر همراهن به لٺين جو
وسڪارو لائي ڏنس، اُٺ لٺين جي باهه کان وٺي اندر
ٻيڙي ۾ ٽپو ڏنو، پر سندس جسم اڌ اندر ٻيڙي ۾ ته اڌ
حصو پاڻي ۾، مان ته کل کي روڪي نه سگهيس ۽ کلڻ
لڳس، پر اُٺ ويچاري سان حالت هجي، پوءِ ته ڊگها
لڪڙا کڻي اُٺ جي پيٽ جي هيٺان ڏنائون ۽ ويهارو کن
ماڻهن، ان کي مٿي ڇڪيو ۽ ٻين لٺين جو وسڪارو لائي
ڏنو. گهڻي دير کان پوءِ اُٺ ويچاري وري اڇل ڏني
وڃي ٻيڙي ۾ پيو. ان وقت منهنجي آڏو اهو
ڪلاس جو
نقشو هو، جنهن ۾ اسان به ائين ڪٽجي رهيا هئاسين.
ان ڏينهن خبر پئي ته اٺ پتڻ تي ڪيئن ڪٽبو آهي. پر
هاڻ ته سائنس جو زمانو آهي. اخبار ۾ فوٽو ڏٺم ته
اُٺ کي ڪرين کڻي جهاز ۾ وجهي رهي هئي، سوچيم ته
اُٺ ويچارو پتڻ تي ڪٽجڻ کان ته بچيو، پر جڏهن ڳوٺ
ويس ته ڀاڻج کان پڇيم ته ڪير پڙهائيندو اٿو. تڏهن
ساڳي سائين جو نالو ورتائين. چيومانس ته پوءِ ته
جام موچڙا کائيندو هوندين. ٺهه پهه چيائين، توهان
وارو زمانو ڪونهي. هاڻ ته ڪاپي به زنده آباد لڳي
پئي آهي. مون ڦڪي کل کلندي چيو واقعي هاڻ نه شاگرد
مار کائيندو ۽ نه اُٺ به پتڻ تي ڪٽبو، ڇو ته
سائنسي دور آهي، هر ڪو پنهنجي ڪم ۾ ماهر ٿي ويو
آهي. پر ڪاپي زنده آباد تي هڪ دوست جو ٻڌايل قصو
ياد اچي ويو. ڪنهن ننڍي ڳوٺ ۾ همراهه جي شادي هئي.
هن جي نوڪري ڪنهن ٻئي ضلعي ۾ هئي. هن مائٽن ڏانهن
تار (ٽيلي گرام) ڪئي ته مان، شادي کان هڪ ڏينهن اڳ
۾ ايندس، انتظار نه ڪجو. جيئن ته انهن جو ڳوٺ شهر
کان پري هو. سو پوسٽ وارن ڪنهن ماڻهوءَ هٿان ان جي
تار مائٽن ڏانهن موڪلي ڏني. ڳوٺ وارا اچي پريشان
ٿيا ته تار ڇا جي آهي ۽ ڪنهن کان پڙهائجي. اتي
خيال آين ته فلاڻي جو پٽ انگريزي پڙهي آيو آهي، سو
ان کان پڙهائجي. تار ان وٽ کڻي ويا، ان جا حال هئا
ڪاپي زنده آباد وارا سو تار پڙهي چيائين ته هو فوت
ٿي ويو آهي. لاڏا بند ٿي ويا. جنهن گهر ۾ خوشيءَ
جو سماءُ هو اتي رڳو روڄ راڙو پئجي ويو، هڪڙا ان
وقت ئي ڀڳا اوڏانهن. جنهن شهر ۾ هو نوڪري ڪندو هو.
پري کان ڏٺائون ته همراهه آفيس ۾ ويٺو آهي. ڪجھه
ساهه پين، ۽ وڃڻ شرط پهرين ته مائٽ ڀاڪرين پئجي
ويس، پوءِ سڄي ڳالهه ڪري ٻڌايائونس. ان چيو ته مون
ته لکيو هو ته مان هڪ ڏينهن اڳ ۾ ايندس، پوءِ ڳوٺ
۾ اچي ان ڇوڪري کي چيائون ته ”ابا تو ڇا پڙهيو
هو“، ته ٺهه پهه چيائين ته ”مون سمجهيو ته تار رڳو
مئل ماڻهو جي ايندي آهي“. سو جي ڪاپي جو اهو حال
آهي ته پوءِ هر ٻار تعليم پرائڻ کان پوءِ به ان ۾
۽ اڻ پڙهيل ۾ ڪو فرق نظر ڪونه ايندو.
ڪاش اسان جو ٻار ڪاپي زنده آباد بدران ”ڪاپي مرده
آباد“ چئي محنت ڪري پڙهڻ شروع ڪري ڏيئي.
خيرو حجم
مان جڏهن حيدرآباد ۾ گاڏي کاتي ۾ پهچندو آهيان،
تڏهن محمدي گرلس اسڪول وٽ ويٺل فوٽ پاٿ تي حجم کي
ڏسي، مون کي اسان جي ڳوٺ جو خيرو حجم ڏاڍو ياد
ايندو آهي. اسان ننڍڙا هوندا هئاسين جو خيري کي،
ڇپري ۾ ويٺل ڏٺوسين. اُتي هڪ اڌ ڀڳل ڪرسي ۽ ٽيبل
هوندي هيس. پاڪيون ته شايد شروع ۾ ورتيون هئائين.
اهي گٺل پيٺل اوزار هوندا هيس. پوءِ آهستي آهستي
شهر ترقي ڪئي. هن ويچاري کي اُتان اٿاريو ويو.
ڏسندي ڏسندي اتي شاپنگ سينٽر ٺهي ويو. هي ويچارو
وڃي ٻئي هنڌ ويٺو. پر اتي به ويهڻ ڪونه ڏنائونس، ۽
اڄڪلهه ويچارو ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي شاپنگ سينٽر جي
هيٺان، اها ئي ڀڳل ڪرسي ۽ ٽيبل رکيو ويٺو آهي.
ٻارو- خيرو حجم، ڏاڍو مکڻ ماڻهو اٿوَ! ڳالهين جو
ڳهير، وڏي توڙي ننڍي سان کلي پيو ڳالهائيندو.
سياري ۾ نيلامي ڪوٽ ۽ سوٽ پائيندو. جي سوٽ ويڪرو
هوندس ته پٽي (بيلٽ) جي جاءِ تي اڳٺ ٻڌي ڇڏيندو.
آهي پنهنجي خيالن وارو. گراهڪ به اهڙا ايندا اٿس،
جيڪي ٻن روپين ۾ ڏاڙهي به لهرائن ۽ وار به ٺهرائن،
گراهڪ کي اُبتو سبتو برش هڻي، پوءِ کڻندو پنهنجي
گسيل پاڪي، ۽
جي ڪا
ڳالهه نڪتي ته کڻندو ڪو قصو. پوءِ ڀل ته صابڻ سُڪي
وڃي ۽ جڏهن يادگيري ايندس ته اتان ئي پاڪي هلائڻ
شروع ڪندو پوءِ ته گراهڪ ويندو اُڀو ٿيندو ۽ خيرو
ويندو پيرن جي کُڙين تي مٿي ٿيندو. هن جو چوڻ آهي
ته مان جنن کي انسان ڪندو آهيان، ڇو جو هن وٽ هاري
ناري ايندا آهن. ڪن ويچارن جي ته ڏاڙهي ايتري وڌي
ويندي آهي جو ٻئي ڪنهن حجم وٽ وڃن ته به ڊبل چارج
ڏيڻي پوين. گراهڪ جي دانهن ڪندو ۽ چوندو ته ”يار
آهستي آهستي، ٿورو استري کي ته تکو ڪر“. جلدي ۾
چوندو، ”يار پاڪي ته جرمني جي دور جي آهي. پر تڪڙ
ڇو ٿو ڪرين؟ ڏيندين به ته صرف هڪ روپيو نه. ماٺ
ڪري ويهه!“ پوءِ گراهڪ ويچارو جڏهن اتان اٿندو ته
سم واري زمين وانگيان پيو منهن مان رت ٽمندس.
خيرو ڳالهين جو اهڙو ته ملوڪ آهي جڏهن گهر جي لاءِ
ڀاڄي وٺي ويندو آهي، ۽ واٽ تي ڪو ملي ويس ڪچهري
وارو همراهه، ته پوءِ ڀل پٺيان رکي ماني کائي ڇڏن.
پر هي همراهه پنهنجن ڳالهين ۾ مست لڳي پيو هوندو.
هڪ ڀيري گهر ڏانهن مڇي وٺيو پي ويو ۽ ڪنهن همراهه
سان بيهي رهيو ڳالهين ۾، ڀرسان هڪ ڪتو هن کي تاڙي
ويو. ماٺ ماٺ ڪري لوهه ڏيئي، مڇي کڻي وٺي ڀڳو،
خيرو کلندو رهيو. چئي، ”منهنجو نصيب نه هو“.
هڪ ڀيري خيري جي گهر ۾ ڪو چور آيو. چور به ته ڪو
صفا پَٽيل هو. جو هن مولائي جي چوري ڪرڻ آيو هو.
چور اڃا اڱڻ ۾ هو ته هن جي نظر پئجي ويس ۽ اتان ئي
هڪلون ڏنائينس. چور به ڪو اهڙو هو جو مُنجهي بيهي
رهيو. صبح جو خيرو شهر ۾ چئي، رڙ ڪري چيومانس ته
”ياعلي جي حڪم سان بيهي رهه“. ته بيهي رهيو. مولا
علي کڻي انڌو ڪيس.
اڳي ٻوڏ ۾ ماڻهن کي قرض مليو هو ۽ هن غريب به هزار
رپيا ورتو هو ۽ هاڻ جڏهن به نوٽيس ايندا اٿس ته
چوندو آهي ته هو سخي ته ڏيئي ويو، پر هي مروان نه
ٿا ڇڏين، ڀل اچي سامان نيلام ڪن.
نوَٽِڻ راند جو به شوقين آهي، ڀل ته هارائي، پر
ساري کڻڻ وقت رڙ ڪري چوندو- ”مري وئين اُٿ ساريون
کڻ“. ايستائين جو راند هارائيندو ته به پيو رڙيون
ڪندو.
منهنجو گذر سندس دوڪان وٽان ٿيو. هڪ ننڍڙو ٻار
ڪرسي تي ويٺو هجي ۽ خيري جي هٿ ۾ پاڪي هجي. ٻار
جون رڙيون پيون پون. پر خيري جو هٿ اهڙو سُڪ هو جو
ٻار ڳاٽو ڦيرائي به نه پيو سگهي. وري ٻار جي ٻانهن
کي ٻار جو پيءُ جهليو بيٺو هو. ڇوڪري جي مٿي مان
رت ائين وهي رهيو هو. ڄڻ ته خيرو پاڪي نه پر برش
کڻي ڪا شيءِ جي سرن تي چٽسالي ڪندو هجي. انهيءَ
رونشي ڏسڻ لاءِ مان به بيٺو رهيس ۽ ٻارو سچ ته
سندس خيبر ميل پاڪي جو آواز مون پاڻ ٻڌو پي، ۽ مون
کي ته ائين محسوس ٿي رهيو هو ڄڻ ته خيرو ٻار جي
ٺوڙهه نه پر سارين ۾ لابارو ڪندو هجي. مان اڃا اتي
ئي بيٺوس هوس ته هوٽل جو بيرو ڪٽلي کڻي اچي خيري
وٽ نڪتو ته تون ڀڳل ڪٽلي هوٽل تي رکي ويو آهين.
خيري کلي ڏنو، ۽ مٿي نهاري چيائين، ”مالڪ! ماڻهن
کي ته لک ڦٻيو وڃن، اسان کي هڪ ڪٽلي به ڪونه ڦٻي“.
پوءِ ڀرسان بيٺو هوس ڪڪڙ، بيري کي چيائين، ”اصل ۾
ڪٽلي ڀڳي آهي هن ڪڪڙ، انهيءَ کي کڻي وڃي کپائي
اچينس، ۽ تون ڪٽلي جا پئسا ڪٽي، ٻيا مون کي آڻي
ڏي. ڀيڻسان ٻه ڏينهن مس ٿيا اٿس ته نقصان ۾
وجهرايو اٿس. اڳتي الاءِ ڇا ڪندو“.
سو ٻارو مون هن مولائي جا حال ڏسي سوچيو ته هي
ڪهڙو نه زنده دل انسان آهي. ها ٻارو واقعي خيرو
زنده دل انسان آهي. اڄ تائين ويچارو انهيءَ حال ۾
آهي. ننڍڙن ٻارن سان ته دل اٿس. هڪ ننڍڙي پوٽي کي
کنيو ڪلهي تي وتندو شهر گهمائيندو ۽ ان ننڍڙي ٻار
سان ائين ڳالهائيندو ۽ کلندو وتندو ڄڻ ته هن جي
عمر جو ٻار هجي. سو ٻارو اهي اٿوَ خيري جا حال
احوال. |