سيڪشن: ٻاراڻو ادب

ڪتاب: بتين واري ناني ۽ ٻيون ڪهاڻيون

باب:

صفحو:4 

اسان جي مائٽن ڪنهن کي چئي، اسان جي چوري ڪرائي. هڪ ڀيرو چور ڍڳي ڪاهڻ آيا، جيئن هو لوڙهو لتاڙي اندر داخل ٿيا ته ڪتو ڀونڪڻ لڳو. نانيءَ کي ان وقت ننڊ اچي وئي هئي، سو ڪتي ڇا ڪيو جو اچي نانيءَ جي چولي ۾ چڪ وجهي ڇڪڻ لڳو ۽ اتفاق سان چور جيئن ڍڳي ڪاهي اڳتي هلڻ لڳو ته ڍڳيءَ سٽ ڏني ۽ ان وقت چور جا پير، پيش جي ڦڙن تي هئا، جيڪي ڌار ٿيا ٿلهي تي رکيا هئا، سو همراهه اونڌي منهن وڃي ڪريو. آواز تي ناني به ڇرڪ ڀري اُٿي. چور پاڻ سنڀالي ڀڄڻ لڳو. ناني چور چور ڪندي ڪافي پنڌ پٺيان ويس، پر هو ڀڄي ويو. صبح جو هڪ پيري آيو، جيڪو بابي جو دوست هو. جنهن پيرو ڏسي چيو ته مون کي ڪا خبر ڪانهي ته ڪنهن جو پيرو آهي. باقي جاچ ڪندس. پوءِ ته نانيءَ اچي ورتس مهڻن سان چئي: ”ها توکي ڪا خبر ڪانهي، تر جو چور توکان ڳجهو آهي. اهي ڏهاڙا ياد اٿئي، جڏهن تو وٽ رهڻ لاءِ جاءِ ڪانه هوندي هئي. ڀاڻين چوريون ڪندو هو. تون ۽ تنهنجو ڀاءُ ڀڳل هوندا هئا. تڏهن توهان جي ٻچن کي ڪنهن پاڻ وٽ رهايو هو ۽ اڄ تون ان جي ٻچن تي هٿ رکڻ ته ٺهيو، پر چوري ٿي وئي آ ته ان جو به نٿو ٻڌائين“. ان سان نانيءَ اهڙي حالت ڪئي جو ماٺ ڪيو هليو ويو. پوءِ بابا جي هڪ ٻئي دوست کي خبر پئي، جنهن وڃي چور ڳولهي هٿ ڪيو. ان چيس ته مون کي خبر ڪانه هئي ته تنهنجي دوست جو گهر آهي. مون کي ته فلاڻن موڪليو هو. پوءِ شام ڌاري اهو ان چور کي وٺي آيو هو، جنهن اچي معافي ورتي هئي ۽ ان بابي جي دوست نانيءَ کي چيو هو ته امڙ چئين ته ساڳئي ماڻهوءَ کان انهن جي چوري ڪرايان. پر نانيءَ چيس ته ”ابا! نيت اٿن، پنهنجي پگهر ۾ پيا ڳرندا، اسان ڪنهن جا مَٺ گهرا ڪونه آهيون“.

مان جڏهن شهر ۾ يا پاڙي ۾ ڪنهن وٽ بيهندو هوس ته گهڻا ماڻهو مون کي چوندا هئا ته تنهنجي نانيءَ وٽ جام پئسو آهي ۽ اٿس به اڳئين وقت جا چانديءَ جا ٺهيل رپيا، سي تون

وٺينس. مون کي پهرين اعتبار ڪونه ايندو هو. پر هڪ ڏينهن ڏٺم ته نانيءَ ڪا شيءِ ٽامي جي لوٽي ۾ وجهي گهر ۾ اندر پوري رهي هئي، مون کي شڪ پيو. مون سوچيو ته هاڻ نه پڇانس. ڀلي ڪنهن ڏينهن ڪم سان وڃي ته پئسا ڪڍي کپايان. اتفاق اهڙو ٿيو جو هڪ ڏينهن هڪ همراهه ڪپڙو کپائڻ کڻي آيو. مون چيو مون کي وٺي ڏيو، ان وقت گهر ۾ پئسا ڪونه هئا. نانيءَ چيو ته ”ابا پئسا ڪونهن، توکي شهر مان اڌارو ڪپڙو ٿي وٺي ڏيان. هيءُ ٻاهريون ماڻهو آهي رکت ڪونه ڪندو“. مون کي ڪاوڙ اچي وئي. مون چيو ته ”ها! پئسا ڪونهن، ماڻهو چون ٿا ته تنهنجي نانيءَ وٽ کوڙ سارا اڳئين وقت جا رپيا آهن تون مون کان لڪائين ٿي“. مون ڏانهن ڏسي چيائين ته ”ابا ماڻهن جو آ ڪارو منهن جي پئسا هجن ها ته ائين ڏاڪڻيون کڻي پنهنجي زندگي برباد نه ڪيان ها“. مون ٺهه پهه چيو: ”ها، ڪونهن! دکيءَ ۾ جو پوري رکيا اٿئي“. چيائين ته ”اڙي ابا! اهي ته منهنجي زندگيءَ ۾ ابي جي نشانيءَ جا ڪنگڻ آهن ۽ ٻيو تنهنجي ماءُ جي نٿ آهي. ٻيو ته ڪجھه ڪونهي، انهيءَ ڪري اها پوري ڇڏي اٿم جو اسان عورتون ڀلا ڇا ڪري سگهنديون سين جو ڪير رات جو اچي کڻي وڃي“. پوءِ انهن مان ڪنگڻ به ضرورت وقت کپائي ڇڏيا هئائين. باقي نٿ لاءِ چوندي هئي ته اها تنهنجي ڪنوار پائيندي. اها نٿ اڃا به سلامت آهي. زمين ۾ پوريل ڪانهي، پر گهر ۾ سلامت آهي. مون کي پوءِ به شڪ هوندو هو ته نانيءَ وٽ پئسا آهن. پر ڪڍي ڪانه ٿي، پر جڏهن وڏو ٿيس تڏهن خبر پئي ته نانيءَ ويچاريءَ وٽ ته ڪوڙو پئسو به ڌار ڪونه هو جيڪو اسان کان لڪائي رکي ها.

اسان وٽ هڪ زمين مقاطعي تي هوندي هئي. ڪن ماڻهن اهو نه سٺو ۽ جن جي زمين هئي، انهن کي وڌيڪ پئسن جي آڇ ڏيئي، زمين انهن کان خريد ڪيائون. جڏهن اها خبر نانيءَ کي پئي تنهن چين ته مينهون کپائي توهان کي پئسا ڏيان ٿي، ٻني ڏيو. انهن ها ڪئي، پر پوءِ اڃا اسان جا ٻه سال مقاطعو هو ته زمين ڏئي ڇڏيائون. هئا هو وڃائو قسم جا ماڻهو، پنهنجي پيءُ جي سڄي ملڪيت کپائي اُڏائي ڇڏي هئائون. جن لاءِ نانيءَ چوندي هئي ته ”ڪڏهن سڄن پيٽان وڍيا ڄمن، ڪڏهن وڍين پيٽان سڄا“. سو هو اسان جا پئسا کائي پي ويا. مقاطعي جي لکت به ڪانه هئي. جنهن زمين ورتي اهو هو زور وارو ماڻهو، سو فيصلو ٿيو انهن چيو ته اسان جاءِ کپايون ٿا، اها وٺو ته ڏيونوَ، اسان جاءِ ڪانه ورتي، ٻئي هڪڙي ماڻهوءَ جاءِ ورتي. اسان جا هزار رپيا هن چيو ته جنهن فيصلو ڪيو هو ان کي ڏيندس.

پئسا اتان نه نڪتا، پر جنهن فيصلو ڪيو تنهن جو ڌنڌو ئي اهو هو ته جتان جهٽ لڳي پئسا هضم ڪجن. سو نانيءَ کي هزار مان پنج سؤ ڏنائين، باقي چيائين ته ”پوءِ ڏيندس“ ان جي دل ۾ اهو هو ته ڦٻائي ويندس. پوءِ پنجن سون لاءِ روز نانيءَ جا پنڌ هوندا هئا، ڪڏهن ڏهه رپيا ڏيندو هو، ڪڏهن پنج، ڪڏهن ته ٻه رپيا به ناني وٺندي هيس. اهي اچي بڪ تي تاريخ هڻي لکرائيندي هئي. هڪ ڀيري هو مختيارڪار جي آفيس ۾ ويٺو هو. ناني اتي ويس. هن نانيءَ کي ڏٺو ته ٻاهر آيو ۽ ڏهه رپيا ڏنائين. ان وقت مختيارڪار ڪيڏانهن وڃڻ لاءِ آفيس مان نڪتو. هن کي ڏهه رپيا ڏيندي ڏسي چيائينس ڇا آهي؟ ان کي چيائين: ”سائين پوڙهي آهي، رن زال سو ڏهه رپيا خيرات ڏني مانس“. نانيءَ اهو ٻڌي ورتو سو اتان ئي چيائينس: ”نه ابا! نه هيءَ خيرات نه پر فيصلو ڪيو هئائين. اهي پئسا پاڻ ورتائين، هاڻ اهو آهي جو ڪڏهن ڏهه ته ڪڏهن پنج پيو ڏئي“. ان وقت هو ڏاڍو لڄي ٿيو هو. ناني شهر ۾ جتي به ڏسندي هيس، پئسا گهرندي هيس. هڪ ڀيرو ڪاوڙ مان چيائين ته اڃا ”تنهنجا پئسا کٽن ڪونه ٿا؟“ ٻئي ڏينهن تي ناني لکيل بوڪ کڻي ويس، جنهن کي ڏسي خاموش ٿي ويو. باقي رهيل پئسا اسان سياري ۾ ان کان ڪاٺيون

وٺي، مس وڃي پورا ڪيا هئا. مان سمجهان ٿو ته اُن وڏيري جي زندگيءَ ۾ اهو پهريون قرض هو، جيڪو ان ڏنو هو، نه ته ڪيترن جا پئسا کائي ويو هو ۽ ماڻهو رڙي رڙي ماٺ ڪري ويهي رهيا هئا.

شهر ۾ ٿنڀا (پول) به لڳڻ شروع ٿي ويا هئا، ناني ڪڏهن ڪڏهن دل کي دلاسي ڏيڻ لاءِ چوندي هئي ته ”اڃا پنج ڇهه سال دير اٿس“. پر اتفاق اهڙو ٿيو جو، چئن پنجن مهينن ۾ وائرنگ به ٿي ويئي ۽ 14 آگسٽ جي رات جو شهر کي پاور ڏيئي اليڪٽرڪ سان روشن ڪيائون. اها سڄي رات نانيءَ ننڊ ڪانه ڪئي هئي. هر هر ٿڌو ساهه ڀري ٿي چيائين: ”شڪر اٿئي، منهنجا موليٰ شڪر اٿئي......“ وري اتفاق اهو ٿيو جو اسان جون باقي بچيل ٻه ٽي مينهون، جن جي کير تي گذر سفر هوندو هو، سي به ڳنڍ جي بيماريءَ ۾ مري ويون. پوءِ اسان جو آخري پيٽ قوت جو سهارو به کسجي ويو. ٻئي ڏينهن تي نانيءَ کي شمعدان گهٽين مان لاهي، ٽائون ڪاميٽيءَ ۾ جمع ڪرائڻا هئا. صبح جو مون کي ساڻ ڪري ناني هلي شهر جي گهٽين مان شمعدان لاهڻ ۽ هڪڙو گند کڻڻ وارو ڀنگي گاڏي ۾ شمعدان کڻندو ٿي ويو. نانيءَ جو چهرو ڏاڍو ملول هو. ائين پئي لڳو ڄڻ ته جسم جي سڄي قوت هينئر جو هينئر ختم ٿي وئي هيس. ڪيترائي ماڻهو نانيءَ کي ڇيڙڻ لاءِ مذاق ۽ فقري بازي ڪرڻ لڳا. پر نانيءَ ڪنهن کي به جواب ڪونه ٿي ڏنو. نه ته ناني ۽ ماٺ ڪري! کوڙو ئي ڪونه ٿي لڳو.

شمعدان هلي جمع ڪرايائين. نانيءَ کي اهو آسرو هو ته 25- 30 سالن کان نوڪري پئي ڪيان، سو پينشن به ملندي ۽ گڏ ٿي اٺ- ڏهه هزار به ملندا. پر نانيءَ جا تڏهن ڇهه ئي ڇڄي پيا، جڏهن سيڪريٽريءَ چيس ته ”امڙ تنهنجي نوڪري ڪچي هئي. فنڊ به ڪونه ڪٽبو هو ۽ پينشن به ڪانهي ڪا، باقي پراڻي ملازم آهين توکي ٽائون ڪاميٽيءَ طرفان 500 رپيا ڏيون ٿا. نانيءَ ويچاريءَ جي 25- 30 سالن جي نوڪريءَ جي عيوضو صرف 500 رپيا مليس. ڪافي مٿي درخواستون ڪيائين، پر وريو ڪجھه به نه ۽ ان ڏينهن کان وٺي ناني ڪمزور ڏسڻ ۾ پئي آئي ۽ ويهي ويهي ٿڌو ساهه ڀري چوندي هئي: ”موليٰ شڪر اٿئي شڪر......“ ۽ پوءِ اکين ۾ لڙڪ ڀرجي ايندا هئس.

ناني نوڪري وڃڻ کان پوءِ، امڙ سان گڏ پيش جو واڻ وٺرائيندي هئي. انهيءَ وقت مان به نائين جماعت ۾ هوس. مون سوچيو هو ته پڙهڻ ڇڏي ڪجھه ڪيان، پر نانيءَ جو ضد هو ته پٽ پني به توکي (مئٽرڪ) فائينل ڪرائينديس. ناني ويچاري جيڪا اڳ ۾ ڏاڪڻ ڪلهي تي بالٽي هٿ ۾ کڻي هلندي هئي، سا هينئر ايڏي ڪمزور ٿي وئي هئي جو لٺ تي هلڻ لڳي هئي. شهر لٺ کڻي ويندي هئي. انهيءَ وچ ۾ نانيءَ کي اهو خيال آيو ته ٻني امڙ جي نالي ڪرائي ڇڏي. متان انهيءَ جي وڃڻ کان پوءِ ٻيا مائٽ جيڪي هينئر ليکن ئي ڪونه سي نه وارث پيدا ٿي پون. ان لاءِ حبيب الله ميمڻ مختيارڪار کي چيائين، جنهن قاضي تپيدار کي چيو. تپيدار ان وقت پنج سؤ کاتي بدلائڻ جا وٺندا هئا. سو نانيءَ کي چيائين: ”ٽي سؤ رپيا ڏي“. نانيءَ سڌو وڃي مختيارڪار کي چيو، جنهن تپيدار جي اهڙي بي عزتي ڪئي، جو ٻئي ڏينهن تي سڀ ڪاغذ تيار ڪري آڻي مختيارڪار کي ڏنائين. ناني انهيءَ وچ ۾ گيهي مل صوبيدار جي گهر ۾ ٿانو مانجهڻ ويندي هئي ۽ هو 30 رپيا مهينو ۽ منجهند جي ماني ڏيندو هوس. ماني اتي ڪانه کائيندي هئي، اسان لاءِ کڻي ايندي هئي، هو جلديءَ ۾ بدلي ٿي ويو ۽ ان ڪري گهر ۾ اچي اهو واڻ نوڙيءَ جو ڪم ڪرڻ لڳي هئي. انهيءَ وچ ۾ منهنجي ڀيڻ جي شادي به ٿي. انهيءَ تي ڪيترا مرحلا ٿيا. (تنهن تي لکڻ لاءِ الڳ ڪنهن وقت تي لکبو). انهيءَ شاديءَ ۾ به اسان جي

مائٽن ڏاڍو اسان کي ستايو. ناني پوءِ به انهن جي آڏو جهڪي ڪانه، پر انهن جي سڀني ارادن کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيائين.

جڏهن مان هاءِ اسڪول ۾ پڙهندو هوس، تڏهن اُتي هڪ استاد هوندو هو، جيڪو اسان کي پي- ٽي ڪرائيندو هو. جنهن شاگرد سان چپ پوندو هو، پوءِ ان لاءِ مصيبت ڪري ڏيندو هو. سندس رهڻي به صفا خراب هوندي هئي. سڄي ڪمري ۾ ڪبوترن جون وٺيون ۽ ڌپ ڦهليل هوندي هئي. هن جي سخت طبيعت هجڻ ڪري، هن جا ٽيئي پٽ جڏهن اٺين نائين جماعت ۾ آيا ته هن کان ڀڄي ويا. سبب صرف خوام خواهه جي سختي هئي، مون سان به اهڙي نموني سان پيش ايندو هو، جو مون سوچيو هو ته پڙهڻ ڇڏي ڏيان هي ليفٽ رائيٽ چوندو (ڪوئيڪ مارچ ڪرائيندو) شهر ۾ وٺي ايندو هو. پوءِ اتي ماڻهن جي آڏو موچڙا هڻندو هو. هن جي سختي ۽ ماڻهن جي آڏو موچڙا هڻڻ ڪري منهنجو ذهن مائوف ٿي ويندو هو. پوءِ هو بيهڻ لاءِ هولڊ چوندو هو ته مان پنهنجي ڌن ۾ پورو اڳتي وڌي ويندو هوس ۽ پوءِ هي اچي موچڙن سان وٺندو هو. مون نانيءَ کي چيو، نانيءَ اچي هن کي چيو، هي نانيءَ سان ڳنڍجي پيو، نانيءَ ۽ هن پاڻ ۾ سٺو جهيڙو ڪيو. ٻئي ڏينهن مون سوچيو ته مون کي موچڙا هڻندو ان لاءِ نانيءَ سان گڏجي هيڊماستر سائين غلام حيدر وٽ آياسين. سائين غلام حيدر هن کي گهرائي چيو، پر هيءُ خاموش رهيو ۽ هيڊماستر صاحب جي ڪمري مان نڪرڻ کان پوءِ وري ناني ۽ هي جهيڙي ۾ شروع ٿي ويا. ڪافي استادن کي مزو اچي ويو. جيڪي نانيءَ کي وڌيڪ جذباتي ڪرڻ لاءِ ها امان سچ ٿي چوين، واقعي مارڻو آهي. هي ڪونه مڙيو. پوءِ اسان جو ڪلاس ٽيچر سائين مولا بخش پي- ٽي ٽيچر جي پيرڊ ۾ مون کي پئسا ڏيندو هو ته چانهه وٺي اچ يا ڪڏهن پوسٽ آفيس موڪليندو هو ته ٽپال کڻي اچ. هن پي- ٽي ٽيچر منهنجو نالو رکيو هو ”ٽانڊي ٽوپي“. چوندو هو: ”رڳو ٿو ٽانڊي ٽوپي ڪرين“. هن جو ڪلاس ۾ رعب اٺين تائين هلندو هو. نائين ڏهين ۾ ڇوڪرا ڏاڍي هوٽنگ ڪندا هئس. ڄڻ ته پنهنجين اڳين سختين جو انتقام وٺندا هئا ۽ نائين ڏهين جي پيرڊ ۾ ڪلاس ۾ خاموشيءَ سان اچي ويهي رهندو هو، ڇو ته نائين ڏهين جماعت جي شاگردن کي ٻه ٽي ڀيرا شهر وٺي ويو هو ۽ اتي هي شاگردن کي حڪم هڪڙو ڏيندو هو ته شاگرد ڪم ٻيو ڪندا هئا. هيءَ چوندو هو ته اتر طرف مڙو ته ڇوڪرا اوڀر طرف ويندا هئا. هي بيهڻ لاءِ چوندو هو ته ڇوڪرا هلڻ شروع ڪندا هئا. ان لاءِ شهر ۾ بي عزتي ٿيڻ ڪري نائين وارن کي پي- ٽي ڪونه ڪرائيندو هو.

ناني جڏهن شهر ويندي هئي، تڏهن ڪيترائي ماڻهو نانيءَ کي پئسا ڏيندا هئا، جنهن تي مون کي اسڪول ۾ ڇوڪرا چيڙائيندا هئا: ”ناني وتيس ٿي پنندي ۽ پاڻ وتي ٿو اڇا ڪپڙا پايو.“ مان اسڪول مان اچي نانيءَ تي ڪاوڙ ڪندو هوس: ”ناني تون شهر ۾ پئسا گهرين ٿي، مان ڪونه پڙهندس“. تڏهن چوندي هئي: ”ابا پاڻ ڏين ٿا مان ٿورو ئي وٺان. مون کي ڏيندا ته مان پئسا وٺنديس، مون به شهر ۾ 25 سال بتيون ٻاريون آهن“. مان ڪجھه ڪڇي نه سگهندو هوس.

نانيءَ کي ڪيترائي شهري ماڻهو زوري وڃي هوٽل تي ويهاريندا هئا. انور ڊاڪٽر جيڪو نانيءَ کي امان چوندو هو، تنهن هڪ ڀيرو نانيءَ کي اسڪوٽر تي زوريءَ ويهاري، اسڪوٽر کي ٿورو هلايائين. نانيءَ ويچاريءَ کي ڀوڳن ۾ هن اسڪوٽر ويهاريو، پر نانيءَ جون پاسراٽيون ضربجي پيون ۽ مٿو ڦري ويس، الٽيون ڪرڻ لڳي. سڄو هفتو کٽ تي پيئي رهي. ڊاڪٽر انور ويچارو روز پڇڻ ايندو هوس ۽ دوائون ڏئي ويندو هوس. روزانو معافيون به گهرندو هوس ته امڙ مون کي معاف ڪجانءِ، مون کان غلطي ٿي وئي. ناني، جيڪا پهريان گهٽ وڌ چوندي هئس، پر پوءِ اهي لفظ ٻڌي وري دعائون ڏيندي هيس.

اسان جا مئٽرڪ جا امتحان ٿي ويا هئا. مان ڪجھه دوستن سان گڏ غلط رپورٽنگ تي ٻڌجي ويس. سڀ دوست سورس وارا هئا، جيڪي واري واري سان سڀ نڪري ويا هئا، باقي مان وڃي اڪيلو بچيو هوس. جنهن جو گهر ۾ نانيءَ کان سواءِ ٻيو ڪو سهارو ڪونه هو. 1975ع ۾ برساتون به ڏاڍيون پيون هيون، پر انهن برساتن ۾ ناني مون لاءِ روزانو ٿاڻي تي ماني کڻي ايندي هئي. مون کي خوف هوندو هو ته ڪٿي برسات ۾ ڪري نه پوي. پر لٺ هٿ ۾ کنيو ماني کڻي ايندي هئي. مون کي ٻين دوستن اچي ٻڌايو ته شهر ۾ روئندي ٿي وتي ۽ جن توهان تي رپورٽون ڪيون آهن، انهن سان ڏاڍو جهيڙو ڪيو اٿس. پر مون وٽ جڏهن به آئي ته خاموش هوندي هئي. ڪڏهن به مون کي گهٽ وڌ نه ڳالهايائين، سدائين ايندي هئي، چوندي هئي: ابا شوڪت ڏي وئي هيس، دادوءَ ڊي- سي وٽ وئي هيس، پر روزانو ها ها پيا ٿا ڪن. (شوڪت ته ذاتي دوست هو، جيڪو نانيءَ کي ڊي- سي وٽ وٺي ويندو هو) جڏهن ته ٻين دوستن جا مائٽن اتي اچي پٽن کي ڳالهائي ويا ۽ انهن سان گڏ مون کي به، جڏهن ٻيا سڀ نڪري ويا. تڏهن ناني ويچاري ڏاڍي مايوس ٿي ويئي. صرف مون کي ايترو چوندي هئي ابا پيئرن وارا نڪري ويا. تنهنجو به پيءُ هجي ها ته تون به ٻاهر هجين ها. ناني روز دادو ويندي هئي. آخر ۾ ڊي- سي دادو محمد هاشم ميمڻ کان منهنجو ضامن کڻائي آئي ۽ جنهن ڏينهن مان نڪتس، ان ڏينهن ڏاڍو خوش ٿي ۽ پنجن رپين جون ريوڙيون ورهايون هئائين. امڙ ته ايڏي دلير هجي جو هڪ ٻه ڀيرا ٿاڻي تي ملڻ آئي ته سڄي پئي ڏڪي. اڄ به امڙ ڪو خاڪي ڪپڙن سان ماڻهو ڏسندي آهي ته ڊڄي ويندي آهي ته پڪ ڪو پوليس وارو آهي. ٻاهر نڪرڻ کان پوءِ خبر پئي ته ناني ويچاري هنن بارشن ۾ دادو اچڻ وڃڻ ڪري ٻه ٽي ڀيرا گپ ۾ ڪري به پئي هئي. گهر ۾ اچڻ کان پوءِ جنهن شيءِ جي ڪري آءٌ وڌيڪ رنو هوس، اها هئي جو اسان جي گهر ۾ جيڪي ٽامي جا ٿانوَ هئا، سي ڪونه هئا. اهي نانيءَ کپائي منهنجي پويان ڇڏائڻ لاءِ ماڻهن کي پئسا ڏنا هئائين. هڪ ٿانون کپڻ جو ڏک هو، ٻيو هڪ منهنجو دوست جنهن کي آءُ پنهنجو سٺو دوست سمجهندو هوس، تنهن چيو ته ”يار ڪمال آهي، ٻين کي ٿانوَ ڏنا اٿوَ، اسان کي ڏيو ها، ساڳيا پئسا اسان ڏيون ها“. اهي لفظ ٻڌي منهنجو ذهن چڪرائجي ويو هو، ته ايڏو سٺو دوست ڏک ته ڪونه ٿو ڪري، پر رهندو اهو ٿو چوي ته پئسن تي ٿانوَ اسان کي ڏيو ها! مان اها سڄي رات روئيندو رهيو هوس. گهر جي حالت، گهر جا سامان وڪڻڻا پيا ۽ هيڏانهن جن کي سڀ ڪجھه ٿي سمجهيم تن جا لفظ............!

نانيءَ جو پوءِ به ارادو هو ته مان ڪاليج تائين پڙهان، پر گهر جي حالت ڏسي، مون سوچيو ته نوڪري ڪندس. هڪ دوست مون کي چيو هو: ”تون داخلا وٺ. پئسا مان ڏيندس ڪا ڳالهه ڪانهي“. پر عجيب اتفاق اهو ٿيو جڏهن هو ڪاليج ۾ داخلا وٺي مٿين ليول تي وڃڻ لڳو ته مون کان پري ٿيڻ لڳو. جڏهن ته مان هن جي جائز ناجائز هر ڪم ۾ گڏ هوندو هو مانس. اهو لفظ ان ڏينهن منهنجي سمجهه ۾ آيو ته غريب ماڻهو امير ماڻهوءَ سان ڪيترو به خلوص ۾ هلي، ته هو پوءِ به سمجهندو ته مان امير آهيان، ان ڪري منهنجي پويان آهي. منهنجي زندگيءَ ۾ اهي ٻه وڏا حادثا ٿيا آهن، هڪ ٿانو گهر جا کپائڻا پيا، ٻيو جنهن کي مون سڀ ڪجھه سمجهيو، سو ڏکي وقت ۾ ڪم ته (دوست) ڪونه آيو، پر رهندو پاڻ آهستي آهستي ڪري ڌار ٿي ويو مون کان.

گهر ۾ غريبي حال مون کان ڏٺو ڪونه ٿي ٿيو ۽ ڪنهن امير ماڻهوءَ کي منٿ ڪرڻ مناسب نه پئي لڳي. پهرين نانيءَ هڪ دڪاندار کي چئي، مون کي منشي رکايو، پر پوءِ اهو دڪاندار ٿورو شڪي مزاج هو، ان ڪري آءٌ ٽي ڏينهن به ڪونه بيٺس، نڪري آيس رائيس مل ۾ ٻه مهينا منشي ٿي رهيس. ماڻهن انهيءَ مان هزارين رپيا ڪمايا. پر منهنجي ٻن مهينن جي پگهار به کائي ويا. دادو ۾ نئون ديرو شگرمل طرفان سيڪشن آفيس ۾ ٻه ٽي مهينا رهيس، پر اتان

به جواب مليو ته سيزن ختم ٿي وئي آهي، ان لاءِ سيزنل اسٽاف ختم ڪجي ٿو. هڪ بيروزگاريءَ جا ڏهاڙا ٻيو مٿان اچي هڪ سال تيز برسات پئي. هڪ اسان جو ڪچو گهر ٻيو هيٺاهين، سڀني گهرن جو پاڻي اسان جي گهر ۾ آيو پئي. پوءِ ته نانيءَ ۽ ٻين پاڙي وارين ماين جو جهيڙو شروع هوندو هو. انهيءَ سال ايتري ته برسات پئي، جو نئين گاج جو پاڻي بچاءُ بند ٽوڙي، جوهي شهر ۾ ڪاهجي پيو. چوڌاري هوڪرا پئجي ويا. اسان جو گهر جو ڪجھه سامان ڪڍي مٿاهين تي رکيو. جبل جو پاڻي اسان جي گهر جي پٺيان اچي بيهي رهيو. منهنجي ڀيڻيوي ۽ مون سوچيو ته ٻار ڪڍي ڪنهن حفاظت واري جاءِ تي رهائجن، متان پاڻي وڌڻ ڪري جاءِ نه ڪري پوي. سو مون سانول وارن کان ڪارخاني جي پريان هڪ جاءِ ورتي. امڙ، ڀينرون سڀ نڪتيون پر ناني گهران نڪري ئي ڪانه. چئي: ”مان جيئري پنهنجي گهر مان نڪري ٻئي هنڌ وڃان! مان ڪانه وينديس“. ڏاڍيون منٿون ڪيوسينس، پر ڪانه نڪتي، پوءِ صفا پاڻيءَ جو زور وڌي ويو. منهنجي ڀيڻيوي زوري نانيءَ کي پاڻيءَ مان ڪڍي اتي آندو. ان وقت اڌ رات جو ٽائيم هو. تيسين صبح ٿيڻ کان اڳ ۾ پاڻيءَ کي هيٺاهين ته ڪٽي شهر کي بچائي وڌائون. صبح جو اسان جي اک کلي. ڏسون ته ناني لڀي ئي ڪانه. گوڏي جيڏو پاڻي تانگهي وڃي گهر ڏسون ته گهر جي ٿلهي تي ويٺي آهي. چئي: ”منهنجو پئي هانءُ ڦاٽو پنهنجي گهر کانسواءِ، سو فجر جو هلي آيس“. انهيءَ برسات ۾ ڏاڍو نقصان ٿيو هو. اسان جي گهر جي هڪ پاسي جي ڀت ڪري پئي هئي. ان وقت فنانس وارن طرفان قرض به منظور ٿيا هئا. نانيءَ جو خيال هو ته قرض وٺون پر مون چيو هو مانس ته پئسا جي سڀاڻي نه ٿي سگهن ته پوءِ ڪٿان ڏينداسين. ائين نه ٿئي جو سڀاڻي اچي گهر يا ٻني نيلام ڪن. پوءِ سٺو ٿيو جو اسان قرض ڪونه ورتو. نه ته اهڙن ماڻهن به قرض انهيءَ آسري تي ورتو هو ته معاف ٿيندو، جن وٽ رهڻ لاءِ پورو اجهو به ڪونهي ۽ جڏهن به نوٽيس ٿا اچن ته همراهه وتن ٿا لڪندا.

جڏهن مون کي حيدرآباد ۾ نوڪري ملي، تڏهن ناني راضي ڪونه هئي، چوندي هئي ”ابا رکو سکو گهر جو ٽڪر سٺو آ. تون اکين کان ڌار نه ٿي“. پر مان هوس، جنهن کي ضمير ملامت ڪري رهيو هو. حيدرآباد ڇڏيائين، پر انهيءَ آسري تي ته 15 ڏينهن پيو ايندس، ۽ مان جڏهن به ڳوٺ ويندو هوس ته مون کي رات جو ناني زور ڏيندي هئي. ”ابا پرديس مان ٿڪجي آيو آهين“. مان 20- 25 رپيا خرچي ڏيندو هو مانس، ان مان پنجن رپين جي شيءِ وٺي ورهائيندي هئي.

نانيءَ جي نظر به ڪمزور ٿيڻ لڳي هئي. هڪ درويش نجف شاهه جيڪو اسان ڏانهن ڪاني ڪرامت جي نالي سان مشهور آهي، تنهن ڏس ڏنس ته اکين ۾ مصري ۽ سنڍ گهوٽي وجهه نانيءَ ائين ڪيو، جيڪو ٿورو گهڻو اکين جو سوجهرو هوس اهو به ختم ٿي ويس. ويجهي جي نظر ٺيڪ هئس باقي پري کان ماڻهو ڪونه سڃاڻي سگهندي هئي. ان وقت گرمين جي موسم هئي، مون سوچيو هو ته سيارو اچي ته حيدرآباد مان نانيءَ جي اکين جو آپريشن ڪرائيندس، پر نانيءَ جي وڌيڪ طبيعت خراب ٿيندي وئي.

جڏهن ٻيو ڀيرو ڳوٺ ويم ته ناني کٽولي تي ستل هئي. طبيعت خراب هئس، منهنجو آواز ٻڌي اکيون کولي امڙ جي هٿن جي سهاري سان اٿي ويٺي. مون کي ويٺي ڀاڪر پاتائين ۽ ٻنهي پاسي ڳٽن جي چمي ڏنائين. پوءِ ڪافي دير تائين مون سان ڳالهائيندي رهي. ڊاڪٽر دوائون ڏيئي ويو هو. اهي امڙ کان نٿي کاڌائين. مون اهي کارايومانس کاڌائين، پر گورين تي ننڍڙي ٻار وارو کيٽو ڪرڻ لڳي چئي: ”منهنجي پيٽ ۾ وڃي بيهي ٿيون رهن، پيٽ ۾ اندر باهه ٿيون لائن“. ٻه ٽي ڏينهن دوا کاڌائين ته صحت ياب ٿي وئي. مان موڪلائي حيدرآباد آيس، موڪلائڻ وقت ٻه ٽي ڀيرا مون کي سڏ ڪري. وري ڀاڪر پائي وري چئي هاڻ وڃ، وري سڏ ڪري! آخر ۾ اجازت ڏنائين ۽ مان واپس حيدرآباد هليو آيس.

 مون کي ڳوٺان آئي هفتو به ڪونه ٿيو هو جو هڪ ڏينهن صبح جو سوير ڳوٺان ٽيليفون آيو. مون جڏهن ٻڌو ته جوهي مان ڪال آئي آهي. تڏهن ان وقت منهنجي دل تيز ڌڙڪڻ شروع ڪيو هو. مون کي فون تي سانول جي ڀيڻيوي مولا بخش چيو ته ”ناني سخت بيمار اٿئي اچ“ مان سمجهي ويس ته ناني وڇوڙي جو داغ ڏئي وئي آهي. اتان مان اچي ڄام شوري ڦاٽڪ تان بس ۾ چڙهيس. بس ۾ چڙهڻ کان پوءِ منهنجي حالت الائي ڪهڙي هئي، تنهن جي سڌ نه اٿم. ڪنڊيڪٽر مون کي ٻه ٽي ڀيرا چيو هو: ”يار ڇا آهي، مايوس ڇو آهين؟“ پر مان ماٺ ڪيو گونگو مينهن اکين مان ڳاڙيندو رهيس. جڏهن سيوهڻ بس پهتي ته ازخود مون کان اوڇنگارون نڪري ويون. ڪافي مسافر مون کي ڏسڻ لڳا. ان وقت ٽائيم ٽي کن ٿيو هو. جڏهن دادو کان جوهي واري بس ۾ چڙهيس تڏهن بس مون کي ڄڻ ته ڌارئي شهر جي پئي محسوس ٿي. بس ۾ مون ڪنهن سان به ڪونه ڳالهايو. جڏهن بس مان لهي، گهر جي در وٽ پهتس ته امڙ ۽ ادين جون اُڀ ڏاريندڙ ڪيهون ٻڌم. مان نانيءَ کي ڀاڪر وجهي سڏ ڪرڻ لڳس. پر اڄ اها ناني خاموش هئي، جيڪا منهنجي اچڻ تي ٽپ ڏئي اُٿندي هئي. ڪيترين ئي ماين مون کي آٿت ڏني. پوءِ زندگيءَ ۾ پهريون دفعو مان ڪنهن پٿر تي ويٺو هوس. نانيءَ کي وهنجاري کنيائون مقام ڏي، جنهن به ٿي ٻڌو ته بتين واري ناني گذاري وئي آهي، تنهن ٿي اچي ڪلهو ڏنو، هر هڪ جي زبان تي هو: ”اڄ بتين واري ناني گذاري وئي“. مقام کان موٽي اچڻ کان پوءِ به، اسان جي گهر اسان پنهنجي نانيءَ لاءِ روئي رهيا هئاسين. منهنجي امڙ ۽ ڀيڻن مون کي ڀاڪر وجهي چيو ٿي ته اسان ڄڻ يتيم ئي اڄ ٿيا آهيون. نانيءَ لاءِ چيائون ته مرڻ کان اڳ ۾ هر هر رڳو چيائين ٿي ته اڪبر کي گهرايو ۽ بيهوشيءَ جي حالت ۾ هئي. ڪنهن چيو ته متان اڪبر لاءِ ساهه ٽنگيل اٿس، سو ڪن ۾ چيائينس ته اڪبر اچي ويو آهي. ان وقت اسان جو هڪ ٻيو مائٽ بيٺو هو، چون ٿا ته بيهوشيءَ جي حالت ۾ نانيءَ اکيون کولي ڏٺو ۽ ڳاٽو لوڏي نهڪر ڪيائين ۽ اکين مان لڙڪ وهي پيس ۽ پنجن منٽن کان پوءِ 3 بجي ڌاري دم ڏنائين. اڄ به جڏهن انهن لفظن تي سوچيندو آهيان، تڏهن اکين ۾ لڙڪ تري ايندا آهن. ڪاش مان پنهنجي بتين واري نانيءَ سان ٻه لفظ ڳالهايان ها يا ڀاڪر پائي چوانس ها. ”ناني اسان جي پارت ڪنهن کي ڪري ٿي وڃين؟!“ اڄ به مان گهر ويندو آهيان ته ائين محسوس ٿيندو آهي ته ڄاڻ هوءَ گهر جي ڪنهن ڪمري مان نڪري ايندي ۽ اچي مون کي ڀاڪر پائيندي ۽ چوندي: ”ابا ڏاڍي دير سان آيو آهين.“ يا کيسي ۾ هٿ هڻي اٺ آنا خرچي ڏيندي........!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org