ڇپائيندڙ پاران
“ بتين واري ناني” جهڙي شهڪار ناول جي سَرجڻهار
اڪبر جسڪاڻيءَ جو شمار سنڌي ٻاراڻي ادب جي معروف ۽
مانائتن ليکڪن ۾ ٿئي ٿو. جنهن سنڌي ٻاراڻي ادب جي
حوالي سان سنڌي ادبي بورڊ مان شايع ٿيندڙ ٻاراڻي
ادب جي ناليواري رسالي “گل ڦل” جي ايڊيٽر طور طويل
عرصي تائين ذميواري نڀائي رسالي کي چار چنڊ لڳائي
نروار ڪيو. ان کان علاوه اڪبر جسڪاڻي پنهجيون ذاتي
لکڻيون جهڙوڪ “بتين واري ناني” “رمون پيٽي”، “خيرو
حجم” ۽ “گلڙن جهڙا گهاءُ” جهڙا انمول ڪتاب سنڌ جي
شٻاجهڙن ٻارڙن کي ارپي پاڻ مَلهايو آهي. اڪبر
جسڪاڻيءَ جي ناول ۽ ڪهاڻيون ۾ اسان کي سنڌ جي
سٻاجهڙن ٻارڙن جا مختلف روپ نظر اچن ٿا. سندس لکڻي
سنڌي سماج جي عڪاسي ڪري ٿي.
سنڌي ٻاراڻي ادب جي ترقي ۽ اشاعت لاءِ سنڌي ادبي
بورڊ شروع کان ئي ڪوشان رهندو پيو اچي ۽ اداري
طرفان ٻاراڻي ادب جا گهڻا ۽ معياري ڪتاب شايع ڪري
بورڊ پاڻ ملهايو آهي. بورڊ پنهنجي روايتن کي
نڀائيندي، سنڌي ٻاراڻي ادب جي ڏاهي ليکڪ اڪبر
جسڪاڻي جي ناول ۽ ڪهاڻيون جي مجموعن کي يڪجا ڪري،
“بتين واري ناني ۽ ٻيون ڪهاڻيون” جي نالي سان شايع
ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.
سنڌي ٻاراڻي افسانوي ادب جو هيءُ ڪتاب “بتين واري
ناني ۽ ٻيون ڪهاڻيون” آءُ پنهنجي ايامڪاريءَ ۾
اداري طرفان پڌرو ڪري خوش محسوس ڪري رهيو آهيان.
آءُ بورڊ جي مانائاتي چيئرمئن جناب مخدوم
سعيدالزمان “عاطف” صاحب جن جو دل جي گهرائين سان
ٿورائتو آهيان، جن جي ساٿ سان هيءُ ڪتاب اشاعتي
مرحلا طئي ڪري پڙهندڙن جي هٿن تائين پهتو آهي.
اميد آهي ته، اسان جو هيءُ پيار ڀريو پورهيو سنڌ
جي معصوم ۽ سٻاجهڙن ٻارڙن وٽ مڃتا ماڻيندو.
04- شعبان المعظم 1440هه
سيد سڪندر علي شاهه
10- اپريل 2019ع
سيڪريٽري
ارپنا
پنهنجي ناني ۽ نانيءَ
جي نانءَ
جن کي مرڻ گهڙيءَ تائين
اسان جي مستقبل جو فڪر هو
۽
امڙ جي نانءَ
جيڪا اڄ به اسان لاءِ حياتيءَ جي
رڃ ۾
گهاٽي وڻ جي ڇانوَ آهي.
اڪبر جسڪاڻي
پهرينءَ ڇاپي جو مهاڳ
هڪ وڻندڙ ڪهاڻي
هونئن ته ٻارن جي ادب جي کوٽ، هر ڪو ليکڪ- پڙهندڙ
محسوس ڪري ٿو. پر انهيءَ مسئلي جي حل لاءِ اجتماعي
طرح ڪي به اُپاءُ نه ورتا ويا آهن. ڪي نوجوان ليکڪ
ٻارن لاءِ شاعري ۽ ڪهاڻيون وغيره تخليق ڪن ٿا، پر
جڏهن انهن جي لکڻين کي ڪو پبلشر نٿو ملي ته هو
مايوس ٿي، اڳتي انهيءَ عمل کان لنوائڻ ۾ بهتري
ڄاڻن ٿا. ڇو ته اها هر ليکڪ جي خواهش هوندي آهي ته
هن جا ويچار گهڻن کان گهڻن ماڻهن تائين پهچن.
آگم وارن دوستن، پنهنجي حيثيت آهر ٻارن جي ڪتابن
شايع ڪرڻ لاءِ ڪتاب- لڙي جو سلسلو شروع ڪيو آهي.
ٻارن جي ادب جي هن اڻهوند واري زماني ۾ اها شروعات
به ڄڻ ته غنيمت آهي. گهٽ ۾ گهٽ سنڌي ٻارن کي سندن
ئي ٻوليءَ ۾ ڪجھه چڱا ڪتاب پڙهڻ لاءِ ملي ويندا.
ڪتاب- لڙيءَ جو پهريون ڪتاب نوجوان ليکڪ اڪبر
جسڪاڻي جي ٻارن لاءِ لکيل ڪهاڻين جو ڳٽڪو ”رمون
پيٽي“ هو. جيڪو ٻارن ۾ ڏاڍو مقبول ٿيو. اوهان جي
هٿن ۾ هي ڪتاب ”بتين واري ناني“ به ساڳئي اڪبر
جسڪاڻيءَ جو آهي.
اڪبر جسڪاڻي هڪ باصلاحيت نوجوان ليکڪ آهي. ٻارن جو
رسالو ”گل ڦل“ ترتيب ڏئي ٿو. اُن حيثيت سان، سندس
واسطو ٻارن جي ادب سان اڃا به گهرو آهي. مان ان
چوڻ ۾ ذرو به وڌاءُ محسوس نه ڪندس ته ”بتين واري
ناني“ اڪبر جسڪاڻيءَ جي هڪ شاهڪار تخليق آهي. هن
پنهنجي ننڍپڻ واري زندگيءَ جي حوالي سان، پنهنجي
نانيءَ جي ڪردار بابت نهايت اثرائتي نموني ۾ لکيو
آهي. ان لحاظ کان هي ڪتاب ڄڻ ته، اڪبر جي ننڍپڻ جي
آتم ڪهاڻي آهي. پنهنجي حياتيءَ جي حقيقتن کي
جيڪڏهن قلمبند ڪجي ته، ان کان وڌيڪ ڪابه ڪهاڻي ٿي
نٿي سگهي. هن آتم ڪهاڻيءَ ۾، هيٺينءَ طبقي جي انهن
خوددار ڪردارن (نانِي ۽ نانو) جو ذڪر آهي، جيڪي
حياتيءَ جي اڻانگي سفر ۾ مايوس ٿيڻ بجاءِ، پنهنجي
قافلي کي منزل تائين رسائڻ لاءِ، عمر جي پوئينءَ
پهر ۾ به محنت ۽ جاکوڙ جاري رکن ٿا. هيءَ ڪهاڻي
ڌرتيءَ جي انهن لکن هزارن انسانن جي ڪهاڻي آهي،
جيڪي سڌي يا اڻ سڌي طرح، معاشري جي حرفتي ۽ مڪار
ماڻهن جي چالبازين جو شڪار ٿين ٿا.
اڪبر جسڪاڻي، هن ڪهاڻيءَ کي نهايت فنڪارانه نموني
۾ لکندي، منجهس دلچسپي برقرار رکي آهي. ان ڪري
ڪهاڻي هڪ ئي دفعي ۾ پوري پڙهڻ کان رهي نه سگهبو.
لُڙڪ- مرڪ گاڏڙ هن ڪهاڻيءَ ۾ ڪن همدرد انسانن جي
چڱاين جو ذڪر آهي ته پنهنجن جي مڪارين ۽ دوستن جي
دل آزاريندڙ ڳالهين جو بيان آهي. خاص طور تي جڏهن
اڪبر واسطي، ناني گهر ۾ رکيل ٽامي جا ٿانوَ، وڪڻي
ٿي ڇڏي. اڪبر جو هڪ سٺو دوست، انهيءَ ڳالهه تي
اڪبر سان همدردي ڪرڻ بجاءِ، کيس مهڻو ڏئي چوي ٿو
ته: ”يار ڪمال آهي، ٿانوَ ٻين کي وڪڻي ڇڏيو، اسان
کي ڏيو ها ته ڇا ٿيئوَ ها، اسان به اوهان کي اوترا
ئي پئسا ڏيون ها“. ان مان اڄڪلهه جي ٺڙڪائو دوستن
جي ذهنيت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. هيءَ ڪهاڻي
معاشري جي اهڙن فردن کي وائکو ڪري ٿي، جيڪي فقط
دولت کي دين ايمان سمجهن ٿا ۽ وقت تي ڪنهن جي حق
ڦٻائڻ لاءِ قرآن شريف کڻڻ ۾ به دير ڪونه ٿا ڪن.
مون کي پڪ آهي ته اڪبر جسڪاڻيءَ جي ننڍپڻ جي هيءَ
دردن ڀري ڪهاڻي، ٻارن توڙي وڏن ۾ گهڻو پسند ڪئي
ويندي.
ادل سومرو
اڪبر
جسڪاڻي- اونداهي ۾ ڏيئو
انتونيو چيخوف جي ڪهاڻين جا ڪردار رُکا، کهرا،
گُهچلا ۽ اُگهاڙا هوندا هئا. هن جڏهن ”سخالين جو
سفر“ جي نالي سان سفرنامو لکيو، جنهن تي کيس سندس
موت کان پوءِ 1888ع ۾ پشڪن ايوارڊ مليو. سخالين جو
سفر منظر عام تي اچڻ تي هڪ ملاقات ۾ گورڪي کيس چيو
ته ”تنهنجي لکڻين جو هر ڪردار کهُرو آهي ۽ ائين
لڳندو آهي، ڄڻ اهو ڪردار قلم سان نه بلڪه ڪنهن
کهُري ۽ مُڏي ڪاتيءَ سان گهڙيو ويو آهي“ چيخوف جا
ڪردار نه صرف کهرا ۽ اڻ گهڙيل هوندا هئا، بلڪه اهي
عام ۽ عوامي ڪردار هوندا هيا. چيخوف شهرت جي
بلندين ته پهچڻ سان ئي 1904ع ۾ 44 سالن جي عمر ۾
مري ويو. ”بتين واري ناني“ جهڙي شاهڪار ناوليٽ جو
خالق اڪبر جسڪاڻي به انهيءَ ئي عمر ۾ مري ويو.
اڪبر جسڪاڻيءَ ۽ چيخوف ۾ حيرت انگيز مماثلت اها نه
هئي ته اهي هڪ عمر ۾ ئي مري ويا. ليڪن چيخوف جيان
اڪبر جسڪاڻي جا ڪردار به عوامي عام هيا. کهرا ۽ اڻ
گهڙيل ڪردار جيڪي توهان اسان جي چوگرد هر روز ملن
ٿا. بتين واري ناني جهڙا ڪردار رڳو جوهي ۾ نه آهن،
بلڪه اهي هر شهر ۽ هر ڳوٺ ۾ آهن. چيخوف وٽ شرابي
پيءُ ۽ طوائف ماءُ جا ڪردار آهن. پٽ جي ملڻ لاءِ
هڪ جج وٽ بليڪ ميل ٿيندڙ قيدي ماءُ جا ڪردار آهن ۽
اڪبر جسڪاڻي وٽ خيرو حجم، رمون پيٽي ۽ مامون
غلامونءَ جهڙا نه وسرندڙ ۽ لازوال ڪردار ڪهاڻيون
بڻجي ويا آهن. جيڪي اڄ به جوهي جي حجامڪي دوڪانن
تي ۽ تنگ تاريڪ گهٽين ۾ ڳولي سگهجن ٿا. چيخوف کي
زماني نفرتون ۽ چهڪ ڏنا. هن سان پنهنجي زال
بيوفائي ڪري کيس اندر جا وڍ ڏنا. اهو ڪروڌ هن جي
سمورن ڪردارن ۾ چوٽان چوٽ ملندو. اڪبر جسڪاڻي به
جوهي ۽ آسپاس جي ماحول ۾ مليل محرومي، نفرتن ۽
ڪدورتن کان ناآشنا نه هيو. هن پنهنجي ابي جو ڪڏهن
به منهن نه ڏٺو، جڏهن هو امڙ صابل جي پيٽ ۾ هيو ته
حاجن حج تي ويو ته وري ڪڏهن به ڪونه موٽيو. ننڍڙي
عمر ۾ سدائين بيمار رهندي وقت هن جو قد بُت گهٽائي
ڇڏيو، ته هن جي شڪل صورت کي به ڪسارو ڪري ڇڏيو. هن
جي پالنا هن جي نانيءَ ڪئي، جيڪا هن جي شاهڪار
ناوليٽ ”بتين واري ناني“ جو مرڪزي ڪردار آهي. عورت
جي کٽي ڪمائي تي پلجڻ وارو مهڻو اسان جي معاشري ۾
ڪيڏو خراب سمجهيو وڃي ٿو، اڪبر کي سانڀر ۾ ايندي
اها ڳالهه معاشري سندس ڪمزور جسم تي چهبڪ جيان
وهائي ڪڍي. ويتر جو سندس ناني جي ٽائون ڪاميٽيءَ
واري نوڪري جوهي ۾ بجلي اچڻ کان پوءِ هلي وئي ته
سندس پڙهڻ ۽ جيئڻ جي لاءِ ڪتب ايندڙ مايا جي ڀِسم
به سُڪي ٺوٺ ٿي وئي. سندس ناني کي ماڻهن جي ملندڙ
امداد تي ناني کي برو ڪو نه لڳو، ليڪن هن کي عورت
جي محنت تي پلجڻ وارا مهڻا ۽ ناني ڪمائڻ وارو
ڏوهٽو کائڻ واريون زماني جون ڳالهيون اصل نه
وسريون. هن ناني آڏو اهو سڀ ڪجهه زماني جي زبان ۾
پنڻ قرار ڏيندي احتجاج ڪيو، ليڪن جيئن انهيءَ
ناوليٽ ۾ نانيءَ جي واتان لفظ چورائي ٿو ”ته مان
جيڪڏهن ماڻهن کان پئسا امداد طور وٺان ٿي ته ڪهڙو
ڏوهه ٿي پيو، پنهنجي سموري عمر انهن جي گهٽين جون
بتيون ٻاريندي وڃائي ۽ ڳاري ڇڏي اٿم“. اڪبر جي
سنگت پنهنجي غريب طبقي بجاءِ شهر جي امير ليکيو
ويندڙ گهراڻي جي نوجوانن سان ٿي، هن انهن رشتن ۾
به اهو به خلوص پئي ڳوليو، جيڪو سندس نانيءَ ۾
موجود هو، هن شوڪت سنڌي جي سنگت ۾ اچي سياست جي
ڪاريهر تي پير وڌو، ذوالفقار علي ڀٽي جي دور حڪومت
۾ شهر جي گهٽين ۽ ڀتين تي ٿيل چاڪنگ جي ڏوهه ۾ هي
پنهنجي سنگت سميت سنڌ ڪرائيمز هيٺ چالان ٿي ويو.
سڀ پنهنجي جان پئسا ۽ سفارشون ڪرائي ڇڏائي ويا. هن
جي ناني پنهنجي گهر جا ڪڱڻ ۽ ٿانوَ گروِي رکي سندس
ضمانت ڪرائي سگهي. پنهنجي شاهوڪار امير سنگت جو
تجربو هن کي اُتي ٿئي ٿو، جو اهو سنگتي کيس چوي ٿو
ته ”ٿانءُ ٻئي هنڌ ڇو کپايا اٿوَ اسان کي کڻي ڏيو
ها.“ بتين واري ناني ۾ اها ڳالهه ڪندي هو چوکنڀو
ٻڌجي رڙيون ڪندي ڀاسجي ٿو. انهيءَ ماحول ۽ تجربي ۾
اڪبر جسڪاڻي جي شخصيت ٺهي ٿي. ڄام شوري ۽ حيدرآباد
جي هوائن ۾ پهچڻ سان هن جي قوم پرست سوچ تي ترقي
پسندي جو رنگ چڙهي ٿو ۽ پوءِ شوڪت برادرز واري
جاءِ ۾ ڄام ساقي، امداد چانڊيو، تاج مري جو اچڻ
روز جو معمول بڻجي وڃي ٿو ۽ اُتي هن وٽ ڪجهه
ڪامريڊن لاءِ پيٽ پرست وارو اصطلاح گهڙجي ٿو. اڪبر
جسڪاڻي کي معاشري ۾ محروميون ۽ مايوسيون مليون،
ليڪن جن به دوستن هن ڏانهن ٿورو هٿ وڌايو، هي سڄو
ان جو ٿي ويو. هن جي محرومين منجهان اڀريل شخصيت
جڏهن سياست ۾ داخل ٿي ته هو سڀ کان وڌيڪ محبت
ڏيندڙ بڻجي ويو. اڪبر ايڏو وڏو نظرياتي ڪارڪن به
ڪونه هيو ۽ نه هن جي شخصيت ۾ ڪو ايڏو ڏيا ۽ سحر ئي
هيو. ليڪن خلوص محبت سان هن تمام گهڻا محبتي ميڙي
ورتا، هن جي تمام اعليٰ خوبي اها هئي ته ڪوبه ڪم
هوندو، جنهن ۾ ڪنهن چندي جو ذڪر نڪرندو پهريان هن
جي کيسي مان پئسا نڪرندا هئا. هن جي پگهار پهرين
پنجن ڏينهن تائين به مشڪل سان هلندي هئي، ننڍڙي قد
۽ هلڪي وزن ۽ سادي سودي طبيعت وارو اڪبر جسڪاڻي
پوءِ به محفل جو مور لڳو پيو هوندو هيو. ڪميونسٽ
پارٽي، ڊيموڪريٽڪ اسٽوڊنٽس فيڊريشن، ساٿي ٻارڙا
سنگت، سنڌي ادبي سنگت، سماجي تنظيمون پهل ڪرڻ وارو
ڪردار هن وٽ هوندو هيو. خاص طور فنڊ جي معاملي ۾
حيدرآباد ۾ هو پنهنجي گهري دوست محمد شريف ٿهيم
سان شوڪت برادرز ۾ رهندو هيو. محمد شريف سنڌ
يونيورسٽي ۾ سوشيالاجي ۾ ايم. اي ۾ پڙهندو هيو.
اڪبر جسڪاڻي جي هن سان ايڏي ته لُون لڳل هئي، جو
هن محمد شريف جي هاسٽل ۾ رهڻ واري خيال تي هو
کانئس ڪاوڙجي ويندو هيو. محمد شريف جڏهن ايم. اي
ڪري واپس نوڪري سانگي دادو آيو. اڪبر جسڪاڻي
وسامجي ويو، اها هن جي خوشگوار ۽ ڀرپور زندگي ۾
ٽرننگ پوائنٽ هئي. اڪيلائي جي بلا هن کي ڪکي وڌو.
سندس روح ۾ باقي رهيل رچنائون ڪميونسٽ پارٽي ۾ آيل
ڀونچال ۽ سوويت يونين جي ٽٽڻ سان بي رنگ ٿي ويون.
هن جي زندگيءَ مان جڏهن سڀ رنگ نڪري ويا، تڏهن هن
مٿي ۽ مُڇن کي رنگ ڪرڻ شروع ڪيو. وحدت ڪالونيءَ ۾
رهندي هن جي ڪٿي اک لڳي وئي. ليڪن ان قصي جو ڇا
ٿيو، تنهن تي هميشه لاءِ پردو پئجي ويو آهي. ان
واقعي کان پوءِ وحدت ڪالونيءَ به ڇڏي وڃي سحرش نگر
۾ ويرانو وڃي وسايو. سحرش نگر جون تنهائيون هن کي
کائڻ لڳيون ته هن جوهي ۾ رهڻ کي وڌيڪ ترجيح ڏيڻ
شروع ڪئي ۽ حيرت انگيز طور تي هر راند کان ڇرڪيل
رهندڙ اڪبر جسڪاڻي ڪرڪيٽ مئچن تي تبصرا ڪرڻ شروع
ٿي ويو. ليڪن جوهي ۾ رهڻ ڪري هن جو سنڌي ادبي بورڊ
۾ غير حاضر هجڻ شروع ٿي ويو ۽ ڪڏهن مون کان ته
ڪڏهن ٻئي ڊاڪٽر دوست کان بيماري جو سرٽيفڪيٽ وٺي
پيو سنڌي ادبي بورڊ پهچائيندو هيو. ادبي بورڊ
انتظاميه جي غير همدردانه ۽ اڍنگي رويي هن جي جيون
کي اجيرن بنائي ڇڏيو ۽ پوءِ هن جي ناڪام آپگهاتن ۾
واڌارو اچي ويو ۽ هڪ دفعو وري ساهه جهڙي پياري
شيءِ کي بچائڻ لاءِ هو جوهي ڀڄي آيو. هن جو سحرش
نگر مان ڀاڄ ڪنهن کي به ڪونه آئڙيو، سڀڪو کيس پيو
چوندو هيو ته نوڪري ڇڏي گهر ۾ اچي ويهڻ تي توکي
شرم اچڻ گهرجي. مون کي بَلا ٿي کائي جو کيس گاڏي
تي وڃي حيدرآباد ڇڏي ٿو اچان، سحرش نگر ۾ ڪٽ چڙهيل
ڪلف کي ڪنجي هڻي هو ڪمرو کولي ٿو ته ان ۾ مهينن جي
ڌوڙ وڇايل ملي ٿي. سمورا ڪتاب جوهي ۾ قائم
لائبريري لاءِ هو منهنجي حوالي ڪري صرف ’شاهه جو
رسالو‘ پاڻ وٽ رکي ٿو ۽ مان کيس الوداع چئي اچان
ٿو، اها رات هو وري موت کان به لڪي اچي منهنجي
ڀاءُ عزيز سومري وٽ قاسم آباد ۾ اچي رهي ٿو. ليڪن
ٻيو ڏينهن هن جي زندگي جو آخري ڏينهن ثابت ٿئي ٿو
۽ هن جو جوهي مان واپس نه وڃڻ وارو ڊپ موت بڻجي
کيس سحرش نگر ۾ ڪوئلو بڻائي ٿو ڇڏي. 13 آگسٽ 1999ع
جي شام جو پاڪستان جي آزادي جي ڏينهن جي صبح جو
انتظار ۽ تياريون ٿي پيون ۽ اڪبر جسڪاڻي واصل فقير
جي قبرستان ۾ لاٿو پئي ويو. چيخوف پنهنجي سموري
زندگي وڍجي ٿڪجي ڪپجي گذاري. هن جي وجود کي تسڪين
تڏهن ملي جڏهن 1904ع ۾ هن جو موت ٿيو، هن جو وجود
مجسم درد هيو. ليڪن هن جيڪا روشنيءَ ۽ جاڳرتا
ڦهلائي ان جي اُجرتا اڄ به دنيا ۾ ڀاسجي رهي آهي.
ليڪن چيخوف جي درد جو درمان ۽ ان جي پنهنجي ذات جي
سپنن جي ساڀيان جي ڪڏهن به تڪميل نه ٿي سگهي. اڪبر
جسڪاڻي به اهڙو ڏيئو هيو، جنهن چوطرف روشني
ڦهلائي، ليڪن ان جي پنهنجي پاڙ ۽ حدن ۾ اوندهه
هئي، جنهن کي ڪوبه روشن نه ڪري سگهيو. ان جي دردن
۽ ارمانن جو ڪو درمان ته ڇا پر ان کي ڪوبه سمجهي
نه سگهيو. اهو اڪبر جي دوستن جو، ان جي مائٽن جو ۽
اهڙن معاشرن جو الميو آهي، جنهن جو چيخوف کان اڪبر
جسڪاڻي تائين ڪوبه تدارڪ نه ڪري سگهيو آهي.
ڊاڪٽر حميد سومرو |