خيرو حجم
ارپنا
سائين محمد يوسف عباسي
رٽائرڊ پرائمري استاد
۽
سائين غلام حيدر سولنگي
اڳوڻو هيڊماستر گورنمينٽ هاءِ
اسڪولڍ
جوهي، جي نالي
اڪبر جسڪاڻي
پهريون ڇاپو
ٻارن سان ٻه ٻول
ٻارو! ڪيئن خوش آهيو نه. ڏسو منهنجو چوٿون ڪتاب
(ڪهاڻين جو مجموعو) به اوهان وٽ پهچي چڪو آهي، ۽
هن ڪتاب جي ڇپجڻ وقت منهنجي دل سَٽ کاڌي ته پنهنجي
باري ۾ ۽ ڪتاب جي باري ۾ توهان سان ڪچهري ٿي وڃي.
ها ته ننڍڙا ساٿيو! جيسين ٻاراڻي سنڌي ادب ۾ اسان
جا تنقيد نگار تنقيد جا فوٽ اسڪيل ايجاد ڪن، تيسين
منهنجا تنقيد نگار ته اوهان ئي آهيو. ڇو ته مون
جڏهن توهان لاءِ لکڻ شروع ڪيو هو، تڏهن ڪيترن
دوستن اهو چيو هو ته ”تون وڏن لاءِ نٿو لکي سگهين،
تڏهن ٿو ٻارن لاءِ لکين“. ان وقت ٿوري چڙ آئي هئي،
پر جڏهن اوهان منهنجين ڪهاڻين کي پڙهي مانُ ڏنو ۽
واٽ ويندي بنا ڄاڻ سڃاڻ جي جڏهن اوهان جا اهي لفظ
ٻڌندو آهيان، يار اهو اٿئي ”اڪبر جسڪاڻي! رمون
پيٽي ڪتاب جو لکندڙ“. تڏهن منهنجي اندر جو ٻار سچ
ته، ڏاڍي خوشي محسوس ڪندو آهي ۽ مون کان ڪانه ڪا
ڪهاڻي ضرور لکرائيندو آهي. حقيقت ۾ مان اوهان تي
ٿورو ڪونه ٿو ڪيان، پر ڪهاڻي لکڻ وقت منهنجي اندر
جو ٻار جڏهن مايوس ٿي ويندو آهي، يا سماجي برايون
ڏسي جذباتي ٿي ويندو آهي، تڏهن ان کي ”خيرو حجم“
يا ”عوامي چڪن سوپ“ جهڙيون ڪهاڻيون ٻڌائي، سندس
چپن تي مرڪ آڻڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان.
پيارا ٻارو! ننڍپڻ ۾ منهنجي بِلي صرف لڙڪ ئي لڙڪ
هئا ۽ مان چاهيان ٿو ته اوهان جي اکين ۾ لڙڪن
بجاءِ چپن تي مٺڙي مٺڙي معصوم مُرڪ هجي.
سو ٻارو! اهي اٿوَ منهنجا حال، پر سچ، هڪ ڳالهه ٻي
به اٿوَ: انهن ڪهاڻين کي تڪڙو اوهان تائين پهچائڻ
جو سهرو ”سائين نثار حسيني“ جي سِر تي آهي، جيڪو
وڏن جي ڪتابن مان هٿ ڪڍي هاڻ اوهان کي وندرائڻ
لاءِ ٻاراڻا ڪتاب پيو ڇپرائي. منهنجون هي ڪهاڻيون
اوهان کي وڻيون يا نه. ان لاءِ ٻه اکر لکي مون کي
ضرور آگاهه ڪجو. چڱو ٻئي ڪتاب تائين موڪلاڻي.
اڪبر جسڪاڻي
اڪبر جسڪاڻي- موت جنهن کي جي ڪي
رولنگ بڻجڻ نه ڏنو
سنڌي ادب جو اهو الميو آهي ته اسان وٽ اينڊ بلئٽن
۽ جي ڪي رولنگ جهڙو ڪوبه ليکڪ ناهي، جيڪو ٻارن
لاءِ ادب لکندڙ هجي. انهيءَ کان به ٻيو وڏو الميو
اهو آهي ته ٻارن لاءِ ادب لکندڙ اڪبر جسڪاڻي وقت
کان اڳي اسان کان وڇڙي ويو. اڪبر جسڪاڻي جيڪو سڄي
زندگي زماني جا سُور ۽ سختيون سهندو رهيو، پر ٻارن
جي دل وندرائڻ ۽ انهن جي چهري تي رونقون ۽ مُرڪون
آڻڻ لاءِ ”گل ڦل“ جي ذريعي ڪوششون ڪندو رهيو ۽
انهيءَ کان به اڳتي وڌي ڪري ٻارن لاءِ شاهڪار
ڪهاڻيون ۽ ناوليٽ لکندو رهيو. اهڙين شاهڪار ڪهاڻين
مان سندس هڪ مجموعو ”رمون پيٽي“ ۽ بايوگرافيڪل
ناوليٽ ”بتين واري ناني“ اڳ ۾ ڪاڇو پبليڪيشن،
ڪراچي طرفان ڇپجي چڪا آهن، جڏهن ته اڳ ۾ ڇپيل
ڪهاڻين جو هڪ ٻيو مجموعو ”خيرو حجم“ جي نالي سان،
ٻيهر ڇپجي ڪاڇو پبليڪيشن جي طرفان پڌرو ٿي اوهان
جي هٿن ۾ پهتو آهي. هڪ ٻئي پٺيان اڪبر جسڪاڻيءَ جا
لاڳيتا ٽي ڪتاب شايع ڪري محمد علي ماجد سچ ته اڪبر
جسڪاڻيءَ سان پنهنجي دوستي جو حق ادا ڪيو آهي. ٻئي
پاسي هن سنڌي ٻاراڻي ادب تي هڪ ٿورو پڻ ڪيو آهي.
اڪبر جسڪاڻي، جنهن سموري زندگي گلن جهڙن ٻارڙن سان
پيار ڪندي، انهن لاءِ ڪهاڻيون لکندي گذاري، تنهن
جي بي وقتائي موت کيس پنهنجي گلن جهڙن ٻارڙن کي
جنم ڏيڻ جو موقعو کسي ورتو ۽ اڄ هن جو ڪوبه اولاد
ڪونهي، پر هن جا لکيل ٻارن لاءِ ڪتاب انهيءَ ڳالهه
جي شاهدي ڏين ٿا ته اڪبر جسڪاڻي جي اولاد ناهي، هن
جي اولاد ڪتابن جي صورت ۾ اسان وٽ موجود آهي.
هن ڪتاب جي پهرين ڇاپي ۾ اڪبر جسڪاڻيءَ لکيو هو ته
جيسين ٻاراڻي ادب ۾ اسان جا تنقيد نگار تنقيد جا
فوٽ اسڪيل ايجاد ڪن، تيسين منهنجا تنقيد نگار ٻار
ئي آهن. مان نه ته ڪو تنقيد نگار آهيان ۽ نه ئي
وري مون وٽ اهڙو ڪو فوٽ اسڪيل آهي جنهن سان اڪبر
جي ڪهاڻين کي ماپيان. بس هن سان پنهنجي محبت ۽
عقيدت جي اظهار طور هي چند جملا لکي، هن کي ڀيٽا
ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان.
اڪبر جسڪاڻيءَ جي هن مجموعي ۾ ڪل 12 ڪهاڻيون شامل
آهن، جيڪي سڀ پنهنجي پنهنجي جڳهه تي نه رڳو ٻارن
لاءِ تفريح پيدا ڪندڙ آهن، پر انهن کي هڪ پيغام
ڏيندڙ پڻ آهن. سندس بهترين ڪهاڻيون، ٽائيٽل ڪهاڻي
خيرو حجم، وئڪيشن، حرڪت مان برڪت، آفيسر ٻار ۽
ڪار، عوامي چڪن سوپ ۽ اٺ پتڻ تي آهن. هر ڪهاڻيءَ ۾
ٻارن جي دلچسپي ۽ موهه کي اڳيان رکندي، اهڙو
مزيدار اسلوب اختيار ڪيو آهي جو ٻار ڪهاڻي پڙهندي
ڪٿي به بور نه ٿيندو، هر ڪهاڻيءَ جي آخر ۾ هڪ
پيغام ڏنل آهي، جنهن کي پڙهي ۽ سمجهي ٻار پنهنجي
زندگيءَ ۾ بهتري آڻڻ جي ڪوشش ڪندو.
اڪبر جسڪاڻي ڌرتي ۽ اُن جي ماڻهن سان شديد پيار
ڪندڙ ماڻهو هو. هو ڀلي ڪٿي به هجي، شهرن جي
رنگينين يا آسائشن ۾، پر پنهنجي ڳوٺ جوهي ۽ اُن جي
آسپاس واري علائقي کي ياد ڪري، پنهنجي اباڻي ماحول
کي ساريندي انهيءَ کي هر شيءِ کان بهتر سمجهي ٿو.
حيدرآباد جي گاڏي کاتي ۾ گهمندي، هن کي پنهنجي ڳوٺ
جو خيرو حجم ياد ٿو اچي، چائنيز جي اي سي ماحول ۾
چڪن ڪارن سوپ پيئندي، هن کي پنهنجي ڳوٺ ۾ تيار
ٿيندڙ ساڳ ۽ ٻاجهري جي مانيءَ کان وڌيڪ بهتر نه ٿو
سمجهي.
هن جون ڪهاڻيون پڙهندي، ڪجھه جملن کي پڙهڻ سان
ماڻهو گهري سوچ ۾ هليو وڃي ٿو، انهن سادن سودن
جملن ۾ جيڪو پيغام رکيل آهي، انهيءَ تي سوچي ماڻهو
اڪبر جي تيز مشاهدي ۽ گهري سوچ کي داد ڏيڻ کان
سواءِ رهي نه ٿو سگهي، جيئن هن جا هي جملا:
•
”سرڪار اسان کي گرمي جي وئڪيشن انهيءَ ڪري ٿي ڏئي
ته آرام ڪريون، پر انهن کي ڪهڙي خبر ته غريب ٻارن
لاءِ آرام نصيب ۾ لکيل ڪونهي. اڄ ڪيڏي گرمي آهي.
اخبارن ۾ لکن ٿا، ماڻهو بي هوش ٿي وڃن ٿا، اسان ته
هن دوزخ ۾ روز پڄرون ٿا، پر پوءِ به جيئرا آهيون،
اُهي ضرور نازڪ هوندا“. (وئڪيشن)
• ”آئون اسڪول ۾ ٻڌائيندس ته سائين بابي جي بيمار
رهڻ ڪري، وئڪيشن ۾ مان مينهون چاريندو هوس، ڀلا
اها به ته بهادري آهي نه.“ (وئڪيشن).
• ”سنڌي آهيون، سنڌي ئي ته هڪ ٻئي جا پير اکيڙيندا
آهيون“. (عالم ثاني)
• ”پئسي وارا ماڻهو ڪڏهن ڪڏهن رحم کائي پڃري ۾ بند
ٿيل پکين کي ته آزاد ڪرائڻ لاءِ پئسا ڏيئي آزاد
ڪرائيندا آهن، پر مون لاءِ ڪنهن به ائين نه ڪيو“.
(خواهشون)
• ”جن وٽ کائڻ ۽ پائڻ لاءِ سڀ ڪجھه هوندو آهي تن
کي بک جي ڪهڙي خبر“. (خواهشون)
• ”صوبيدار کي بنا پئسي واري منٿ به گار ٿي لڳي“.
(خواهشون)
• ”غريب جي آهه ستين آسمان کي ته ڏڪائي سگهي ٿي،
پر صوبيدار جي دل ۽ ٿاڻي جي ڀتين کي ڪونه ٿي ڏڪائي
سگهي“. (خواهشون)
اڪبر جي ڪهاڻين ۾ ٻارن جي دلچسپي لاءِ ڪيئي کل
ڏياريندڙ جملا اهڙي ته مهارت سان لکيل آهن، جو
انهن کي پڙهي ٽهڪ نڪري ويندو- ڪجھه ڪهاڻين ۾ ڀرپور
قسم جا لطيفا آهن جن کي پڙهي ڏاڍو انجواءِ ڪندو-
مثال طور:
• ”وڏي مان وڏي گنجيءَ جي سائيز دُن تي ايندي
اٿس“. (آفيسر، ٻار ۽ ڪار)
• ”…… پيٽ قلعي گر جي باهه ٻارڻ واري ڌمڻ وانگر
هيٺ مٿي ٿي رهيو هو…“ (آفيسر، ٻار ۽ ڪار)
• ”جي سوٽ ويڪرو هوندس ته پٽي جي جاءِ تي اڳٽ ٻڌي
ڇڏيندو.“ (خيرو حجم)
• ”جي ڪا ڳالهه نڪتي ته کڻندو ڪو قصو- پوءِ ڀل ته
صابڻ سڪي وڃي ۽ جڏهن يادگيري ايندس ته اتان ئي
پاڪي هلائڻ شروع ڪندو پوءِ ته گراهڪ ويندو اُڀو
ٿيندو ۽ خيرو ويندو پيرن جي کُڙين تي مٿي ٿيندو.“
(خيرو حجم)
• ”پوءِ گراهڪ ويچارو جڏهن اتان اٿندو ته سم واري
زمين وانگيان پيو منهن مان رت ٽمندس.“ (خيرو حجم)
”مون کي ائين محسوس ٿي رهيو هو ڄڻ ته خيرو ٻار جي
ٺوڙهه نه پر سارين ۾ لابارو ڪندو هجي“. (خيرو حجم)
ٻهراڙيءَ ۾ رهڻ جي ڪري اڪبر جي ڪهاڻين ۾ ٺيٺ
ٻهراڙيءَ جي بهترين عڪاسي ٿيل آهي. ڪهاڻي وئڪيشن ۾
مال چاريندڙ ميهارن جي ڪردارن ۽ ماحول کي اهڙو ته
بيان ڪيو آهي جو اهي سامهون بيٺل نظر اچن ٿا.
انهيءَ ڪهاڻيءَ ۾ جيئڻ جي اميد ۽ جدوجهد ڪرڻ جو
پيغام ملي ٿو. ڪهاڻي ”آفيسر، ٻار ۽ ڪار“ هڪ بهترين
مزاحيه ڪهاڻي آهي. ڪهاڻي خواهشون ۾ ٻارن جي بيوسي
ڏيکاريل آهي. ٽائيٽل ڪهاڻي ”خيرو حجم“ به مزاحيه
انداز ۾ لکيل هڪ بهترين ڪهاڻي آهي. جنهن ۾ هڪ حجم
جي ڪردار کي اعليٰ نموني سان پيش ڪيو ويو آهي.
ڪهاڻي ”چور مار ڀائر“ ۾ چورن کي سزا ڏيڻ جا نت
نوان طريقا پڙهي کل اچي ٿي ۽ اڪبر جسڪاڻيءَ جي
مشاهدي کي داد ڏيڻو پوي ٿو. ڪهاڻي ”عوامي چڪن سوپ“
۾ به ٻارن جي دلچسپي ۽ وندر موجود آهي.
هن جي ڪهاڻي پڙهڻ کان پوءِ وري جڏهن هن جي وڇوڙي
تي سوچجي ٿو ته دل مان اها ئي آهه نڪري ٿي ته ڪاش
اڪبر جسڪاڻي زندهه هجي ها ۽ سنڌي ٻاراڻي ادب کي
پنهنجي لکڻين سان مالامال ڪندو رهي ها. هو جنهن
طريقي سان ٻارن لاءِ ادب لکي رهيو هو، جيڪڏهن موت
۽ وقت کيس مهلت ڏين ها ته هو سنڌي ادب جو انينئڊ
بلئٽن ۽ جي ڪي رولنگ هجي ها.
منظور جوکيو
حيدرآباد
12- جولاءِ 2005ع
پَپُو جا گفتا
پَپُو، ماءُ پيءُ جي اکين جو هڪڙو ئي نور آهي.
ماءُ پيءُ جي گهڻي پيار ڪري پپو پڙهي ته نه سگهيو،
پر پنهنجو دماغي توازن به ٺيڪ رکي نه سگهيو آهي.
ننڍڙو هو ته عجيب و غريب ڳالهيون ڪندو هو. ۽ پڻس
به ته علاج ڪونه ڪرايس. هاڻ ته پيءُ ماءُ مري ويا
اٿس. ۽ پپو هن هيڏي ساري ڌرتي تي اڪيلو آهي. ٻارو
پپو اڄڪلهه مشين تي ڪپڙا سبندو آهي. اهو هنر پپو
پنهنجي چاچي جمع وٽ سِکيو. جيڪو تقريبن سڄي شهر جو
استاد ڪاريگر هو. پر پپو چاچي سان به ڏاڍا چرچا
ڪندو هو ۽ سندس دڪان تي رش لڳي پئي هوندي هئي.
جيڪو به دڪان تان لنگهندو هو، سو پپو سان چرچا
ڪندو هو، ۽ پپو جا جواب به اهڙا هوندا هئا، جو
ماڻهن جا رڳو هوڪرا هوندا هئا.
هڪ ڀيري پپوءَ سان ڪنهن مذاق ڪيو. پپو ڊوڙي روڊ
ڪراس ڪري رهيو هو ته مٿان ٽرڪ اچي ويئي. ٽرڪ واري
بريڪ ته هنئي پر پپو ٽرڪ جي هيٺان اچي ويو. سڀ
ڪنهن سمجهيو ته پپو مري ويو. پر ٽرڪ جي بيهڻ سان
پپو هيٺان نڪري وٺي ڀڳو. ۽ وري روڊ تي ڪري پيو.
ڊرائيور وڃي اٿاريس. ماڻهو مڙي ويا. اتفاق اهڙو
ٿيو جو پپو ٽرڪ جي وچ ۾ اچي ويو
هو ۽ بچاءَ ٿي ويو هوس. ڊرائيور پپو کي ڏهه رپيا
ڏنا ته پپو کلڻ لڳو ۽ ڏهه رپيا کڻي وٺي ڊوڙ
پاتائين.
شهر به سڄو نوسيندو آهي ۽ وڏن ماڻهن کان وٺي ننڍن
ماڻهن تائين، ڪنهن مان به نه ٽرندو آهي. هڪ وڏو
ماڻهو، پپو سان چرچا ڪندو هو. هڪ ڀيري ڊي، سي شهر
۾ آيل هجي ۽ اهو ماڻهو به ويٺو هجي، اتي پپو به
اچي نڪتو. اهو ماڻهو سمجهي ويو، ته پپو چرچا ڪندو.
سو جلدي ۾ چيائينس ته ”هل ڙي پپو، ڇو بيٺو آهين“.
پپو بيهي بيهي، ان ماڻهوءَ ڏانهن اشارو ڪري چيو،
”مار ڏس ته ڪرسي تي ڪيئن ويٺو آهي، ڄڻ ته ڇانوَ تي
ڪتو ويٺو هجي“. اهي لفظ چئي پپو وٺي ڀڳو ۽ آفيسر
سڀ کل ۾ اونڌا هجن.
پپو جو چاچو به گذاري ويو آهي. هاڻ هڪ ٻي درزي وٽ
ويٺل آهي. پور پوندس ته قميص سٺي سبندو، جي پور نه
هوندس ته پوءِ ٻانهن جي جاءِ تي ڪالر، ته ڪالر جي
جاءِ تي ٻانهن هڻي ڇڏيندو ۽ ڏسندو ته قميص خراب ٿي
وئي آهي ته پيشاب جو بهانو ڪري هليو ويندو، ۽ سڄو
ڏينهن گم ٿي ويندو. سندس استاد پوءِ کولي قميص
ٺاهيندو. جي ڪا ٿوري خراب هوندس، ۽ ڪو چوندو ته
پپو هي ڇا ڪيو اٿيئي ته چوندو، اهو فيشن آهي.
پپوءَ کي مون هڪ ڏينهن قبرستان مان ايندي ڏٺو.
پڇيومانس ته ”پپو ڪيڏانهن ويو هئين؟“ چيائين ”ادا
ويو هوس، چاچي جي قبر تي، دعا گهريم ۽ چيم ته چاچا
ڏاڍو چڱو ماڻهو هئين، پر وڏو استاد نڪتين جو مون
کي ڇڏي هليو وئين“.
ٻارو گهڻا ماڻهو پپو سان چرچا ته ڪندا آهن، پر
جڏهن ڪو مهمان ايندو اٿن ته پوءِ پپو لاءِ دعا
گهرندا آهن ته شل منهن نه پوي. هڪ ڀيري ته مون کي
به بخش نه ڪيائين. هڪ دڪان تي ويٺو هوس. ڏسي ڏسي
چيائين ته، ”ائين ويٺو آهين، ڄڻ ته ڪتو گاهه ۾
ويٺو آهي“. ٻارو چرچو ٺهي نه ٺهي، پر هو پپو جي
واتان نڪتل، سو اڌ ڪلاڪ تائين ته ان دڪان تي کلندا
رهياسين. ها ٻارو پپو گهڻي پيار ملڻ ڪري نه پڙهي
سگهيو، نه پورو هنر سکي سگهيو آهي. بس ماڻهن جي
کلڻ جي خوراڪ بنجي ويو آهي.
وئڪيشن
وئڪيشن ملڻ کان پوءِ عثمان جي ذهن ۾ هو ته ناناڻن
۾ وڃي موڪل اتي گذاريندو. موڪل ملڻ کان پوءِ اوچتو
عثمان جو پيءُ سخت بيمار ٿي پيو. عثمان جو پيءُ
پاڙي جون مينهون چاريندو هو. ان لاءِ روز مينهون
عثمان چارڻ ويندو هو، هن جو ٺاهيل ناناڻن جو
پروگرام اڌ ۾ ئي ختم ٿي ويو. روزانو صبح جو مينهون
ڪاهي جهنگ ۾ ويندو هو، ۽ سج لهڻ وقت واپس موٽائي
آڻيندو هو. مينهون چاريندي هن کي ڏيڍ مهينو کن ٿي
ويو ۽ هڪ ڏينهن اوچتو ياد آيس ته استاد هوم ورڪ به
ڏنو هو، جيئن ئي رات ٿيندي هئي ته هن کي ننڊ اچي
ويندي هئي. سڄي ڏينهن جي ٿڪاوٽ ڪري هن کي سمهڻ کان
پوءِ سجاڳي ڪانه ٿيندي هئي، ان ڪري سوچيو هئائين
ته ”منجهند جو جنهن وقت مينهون پاڻي ۾ ويهنديون ان
وقت اتي ويهي هوم ورڪ ڪري ڇڏيندس“.
شام جو مينهون ڇڏي هو ويو شهر ڏانهن پيءُ جي دوا
وٺڻ ته جاويد مليس، جنهن کيس ڊاڪٽر جي پٽ، امجد جو
خط ڏيکاريس، امجد اهو خط جاويد کي ڪوِهه مري مان
لکيو هو، عثمان خط پڙهي پورو ڪيو ۽ ٿڌو ساهه ڀري
جاويد کي چيائين ”يار وئڪيشن انهن ماڻهن جي، پاڻ
ته غريب ماڻهو اتي پيا گرمي ۾ پَڄرون“.
شهر مان دوا وٺي آڻي پيءُ کي ڏنائين، ماني کائڻ
کان پوءِ اگهور ننڊ وڪوڙي ويس.
صبح جو ماڻس هن کي معمول جيان ننڊ مان اٿاريو.
عثمان وهنجي سهنجي اچي کٽ تي ويٺو. ماڻس لسيءَ جو
وٽو ۽ مانيءَ جو ڊڳڙ آڻي اڳيان رکيس، ماني کائي لٺ
هٿ ۾ کڻي، بيمار پيءُ ڏانهن ڏسي نڪتو مال ڇوڙڻ
لاءِ.
اوچتو هوم ورڪ ڪرڻ لاءِ يادگيري آيس، موٽي گهر آيو
۽ ڪتاب به پاڻ سان کنيائين، مينهون ڇوڙي نڪتو جهنگ
ڏانهن، اسڪول جو ٽائيم هو، پر موڪل هئڻ ڪري اسڪول
بدران مينهون ڪاهي جهنگ ۾ وڃڻو پيس. رستي هلندي
ڪيترائي شاگرد گڏيس روز جيان انهن جو مرڪي نهارڻ
هن کي ٺٺول لڳندي هئي، چَڙن جي جهونگار تي هيءُ به
مينهن کي چاريندو رهيو، ٽاڪ منجهند اچي ٿي، آسمان
مان اُلا نڪري رهيا هئا ۽ ڌرتي سڄي ٽامڻي هڻي ويئي
هئي. ان وقت هيءُ به مال ڪاهي اچي شاخ وٽ پهتو،
مال ويهاري ويهي رهيو وڻ هيٺان، ٻيا ٻه ٽي ڇوڪرا ۽
وڏا ميهار به پنهنجو مال ڪاهي آيا ۽ اچي هن سان
ويٺا، سڀ ڪو شروع ٿي ويو گپ شپ ۾، عثمان اُن وڻ
هيٺان اٿي ٻئي وڻ وٽ اچي ويٺو هوم ورڪ ڪرڻ ۽ ٻين
ميهارن وقت ڪاٽڻ لاءِ نوٽڻ راند شروع ڪئي.
ڪلاڪ کن کان پوءِ هڪڙي عثمان کي چيو، ”ابا پاڙهو
پٽ ماني ڪونه کائيندين ڇا؟“ عثمان مشڪندي اٿي آيو،
سڀني پنهنجون مانيون رومالن مان ڇوڙي گڏ ڪري
رکيون، ڪنهن جي ماني ۾ ڳڙ جو ذرو پيل هو، ڪنهن جي
ماني ۾ بصر جي ڳنڍ هئي، سڀئي اچي ماني کائڻ لڳا ۽
عام ڪچهري به ٿيندي رهي.
ماني کان پوءِ سڀ ئي پاڻ ۾ ويهي چرچا ڀوڳ ڪرڻ لڳا.
پر عثمان جي ذهن ۾ اهو ساڳيو اسڪول ڦرڻ لڳو. سوچڻ
لڳو: وئڪيشن ختم ٿيڻ کان پوءِ سڀ ڪو پنهنجي گهمڻ
جا احوال ٻڌائيندو، مان ڇا ٻڌائيندس. اوچتو امجد
جي ڪوهه مري وڃڻ جو خيال آيس. هن کان ڀڻڪو نڪري
ويو، ”وئڪيشن انهن ماڻهن جي! ڪوهه مري ۾ چون ٿا ته
ٿڌ آهي، جي پئسا
هجن ها مان به وڃان ها، پر پئسا ته بابي جي علاج
لاءِ به پورا ڪونهن، خير وڏو ٿيندس ته ڪمائي ڪوهِه
مري ضرور گهمندس، سرڪار اسان کي گرمي جي وئڪيشن
انهيءَ ڪري ٿي ڏئي ته آرام ڪريون، پر انهن کي ڪهڙي
خبر ته غريب ٻارن لاءِ آرام نصيب ۾ به لکيل ڪونهي.
اڄ ڪيڏي گرمي آهي. اخبارن ۾ لکن ٿا ماڻهو بي هوش
ٿي ٿا وڃن، اسان ته هن دوزخ ۾ روز پَڄرون ٿا پر
پوءِ به جيئرا آهيون، اهي ضرور نازڪ هوندا، بابا
سائينءَ جي بيماري به الائي ڪڏهن ڇٽندي، دوائن ۽
ڊاڪٽرن جا پئسا ڀري ڀري غريب ماڻهو جي جيئري ئي
ساهه نڪريو وڃي. بابا کي اڃا اٺ ڏهه سال زندهه رهڻ
گهرجي، جيئن مان پڙهي وڃان. نه ته اسان جو ڪير
آهي، غريب ماڻهو جو ڪير به ڪونهي- سڀ مائٽ شاهوڪار
آهن، پر اسان غريب آهيون. ان لاءِ اسان کي مائٽ
ليکن به ڪونه، واقعي پئسو آهي ته سڀ ڪجھه آهي، مان
پڙهي پوندس ۽ جڏهن نوڪري ملندي تڏهن اهي سڀ مائٽ
جيڪي هينئر ٻاجهه ڀريو هٿ به نٿا رکن سي خوشامد
ڪندي ڍاپندا به ڪونه، خير حياتي آهي ته مائٽن کي
آفيسر ٿي ڏيکاربو، ٺيڪ آهي وئڪيشن ختم ٿيڻ کان
پوءِ آئون اسڪول ۾ ٻڌائيندس ته سائين بابي جي
بيمار رهڻ ڪري وئڪيشن ۾ مان مينهون چاريندو هوس،
ڀلا اها به ته بهادري آهي نه. هي پنهنجي سوچن ۾
ايترو ته محو هو، جو ڏينهن گذرڻ جي ڪا خبر ئي ڪانه
پيس، ڏينهن ٿڌي ٿيڻ تي مال پاڻي مان اٿڻ لڳو، پر
هي سوچن ۾ ويٺو رهيو. هڪ ڌنار رڙ ڪري چيس: ”ابا
عثمان کنڊ جو جهاز ٻڏي ويو اٿئي ڇا، اٿ مال پيو
وڃي“. هيءُ ڇرڪ ڀري سوچن کان آزاد ٿي بوڪ کڻي لٺ
هٿ ۾ ڪري اٿيو. سج لڙڻ شروع ڪيو هو ۽ ڏينهن ٺري
چڪو هو، هي چڙن جي جهونگار تي مينهن کي هونگاريندو
۽ چاريندو واپس شهر ڏانهن آڻي رهيو هو. سج پنهنجي
سڄي ڏينهن جي شڪتي وڃائي جبلن پٺيان لڪڻ وارو هو،
پر هن جو حوصلو بلند هو، هن جي آڏو سنهري مستقبل
هو، جنهن ۾ هن لاءِ خوشيون هيون.
حرڪت مان برڪت
رجب ننڍي هوندي کان شرارتي هوندو هو، گهر ۾ ڪابه
شيءِ ڏسندو هو ان کي ڀڃي ڇڏيندو هو، ننڍي هوندي
ماءُ پيءُ کي اهي شرارتون ڏاڍيون پياريون لڳنديون
هيون. پر ڪڏهن ڪڏهن هن کي مار به ڪڍندا هئا. رجب
جو ذهن سڄو ڄڻ ته شرارت جو ٺهيل هو، هڪ ڀيري سندس
گهر ککر اچي مانارو ٺاهيو. هن منجهند جي ٽائيم تي
ڇا ڪيو جو هڪ وڏي ڪاٺي کڻي ان کي اڳڙيون ويڙهي ان
کي باهه ڏنائين، ۽ اها ڪاٺي کڻي ککر جي ماناري ۾
هنيائين ڪجھه ڏينڀو مري ويا، ڪجھه اڏاميا. رجب
ڪاٺي ڇڏي ٻاهر ڀڄي ويو. ڪاٺي اچي هيٺ ڪري پئي ۽
دکايل اڳڙيون اچي پيش جي واڻ تي پيون. آهستي آهستي
باهه دکڻ لڳي ۽ ڀنڀٽ ٿي مٿي اُڀامي. گهر ۾ هن جا
ماءُ پيءُ ننڊ ۾ هئا. سندن گهر ۾ پاڙي جي مائي
لنگهي آئي جنهن باهه کي ڏسندي وٺي رڙيون ڪيون.
”آئي اٿو باهه توهان جي واڻ کي لڳي آهي“. اهي لفظ
ٻڌي رجب جي ماءُ پيءُ ڇرڪ ڀري اٿيا ۽ پاڙي جا ڪافي
ماڻهو گڏ ٿي ويا، مس مس باهه کي
وسايائون، سندن گهر ۾ رکيل اٺ ڏهه مڻ واڻ سڙي ويو. رجب جو پيءُ رجب کي ڳولڻ
لڳو، پر شام
تائين رجب هٿ نه آيس. ٻئي زال مڙس ڏاڍا پريشان ٿي
ويا. خوف کان ڪٿي ڇوڪري کوهه ۾ ٽپو ته نه ڏنو! سڄي
شهر جا کوهه جاچيائون پر رجب ڪونه لڌن. نيٺ رجب جو
پيءُ مايوس ٿي اچي گهر ۾ ويهي رهيو. رجب جو ننڍڙو
ڀاءُ مٿي ڪوٺي تي چڙهي ويو ڏسي ته رجب ڪوٺي تي ماٺ
ڪيو ستو پيو آهي، هن وٺي رڙيون ڪيون ”بابا ادا
اجهو ويٺو آهي“. رجب به آواز ٻڌي اٿي خوف ۾ ويهي
رهيو، رجب جو پيءُ مٿي چڙهي آيو، ۽ پٺيان گهر واري
به لڳي آيس، هن جيئن رجب کي ٻانهن کان وٺي چماٽ ٿي
هنئي ته گهر واريءَ پوتي لاهي کڻي پيرن تي رکيس
”بس هاڻ سڌري ويندو نه مارينس سڄو ڏينهن ڳولا ڪئي
اٿئونس.“ پوءِ به رجب کي پيءُ هڪ ٻه چماٽ وهائي
ڪڍي، پر ماڻس اچي مٿان پئيس، پڻس دڙڪا دهمان ڏيئي
ماٺ ڪري ويو. رجب صفا خوف کان ڏڪي رهيو هو، ماڻس
رجب کي سمجهاڻيون ڏيڻ لڳي، ”ابا ڏس سڄو واڻ ساڙي
ڇڏيو اٿئي مون سڄو مهينو محنت ڪري واڻ ٺاهيو هو“.
رجب کي ڏک ٿي رهيو هو. پر ڇا ٿي ڪري سگهيو.
ايترن نقصانن کان پوءِ به رجب شرارت کان باز نه
آيو هو. اسڪول ۾ به اهڙيون حرڪتون ڪندو ۽ روز
استادن جا موچڙا کائيندو هو. هڪ ڏينهن هڪ شيشي ۾
تيزاب وجهي آيو هو ۽ ڪيترن ئي ڇوڪرن جا اسڪول ۾
ڪپڙا ساڙي ڇڏيا هئائين. جن هيڊماستر کي دانهن ڏني
۽ هي موچڙن جي خوف کان اسڪول مان ڀڄي ويو. پوءِ
اسڪول وڃڻ ئي ڇڏي ڏنو هئائين. پيءُ ڏاڍا موچڙا
هنيس، پر هي ڪونه سڌريو، ۽ پيءُ کي چيائين، ”بابا
مون کي گهڻو تنگ ڪندا ته مان کوهه ۾ ٽپو ڏيندس.“
انهيءَ خوف کان هن کي پيءُ به چوڻ ڇڏي ڏنو ۽ هي
حرڪتن مان ڦري هاڻ رولاڪ به ٿي ويو هو. سڄو ڏينهن
پيو رلندو هو، ڪڏهن ڪٿ ته ڪڏهن ڪٿ! پيءُ ماءُ
ويچارا هن کي سمجهائي سمجهائي ٿڪجي پيا هئا ۽
نااميد ٿي ويهي رهيا هئا. هڪ ڏينهن رجب فلم جي
آخري شو تي ويو ڇو جو پهرين شو تي پئسا ڪونه هوس ۽
اک ٽيٽ ڪري واڻ جو سير گهر مان چوري کپائي ويو فلم
ڏسڻ. ٻهراڙي ته نه هئي، پر گهر شهر کان ٿورو پري
هو، فلم جو شو ٻارهين بجي ختم ٿيو، رجب ٻاهر نڪتو
ٻهراري جا ماڻهو جاچڻ لڳو، پر هڪ به نه گڏيس، نيٺ
لاچار اڪيلو ڊڄندو ڊڄندو گهر وڃڻ لڳو. سئنيما کان
نڪري گهٽين مان هلڻ لڳو ۽ هن جو ساهه مٺ ۾ هو.
اوچتو ٻن ڪتن هن تي حملو ڪيو، هي وٺي ڀڳو ۽ ڪتا به
هن جي پٺيان پيا. ڪتن اچي هن کي ڪيرايو، هن وٺي
رڙيون ڪيون. هن جي رڙين تي پاڙي جا ماڻهو نڪري آيا
۽ هن کي اچي ڪتن کان ڇڏايائون، پر ڪتن هن کي صفا
پٽي ڇڏيو هو، سَنڌ سَنڌ زخمي ٿي پيو هوس. پاڙي
وارا هن کي هن جي گهر کڻي آيا پڻس نڪري آيو، بتي
ٻاري هن کي ڏسي چيائين ”ڀَل ته سيکت هجيس.“ پر
ماڻس اچي هن کي ڳلي سان لڳايو ۽ مڙس کي منٿون ڪري
ڊاڪٽر ڏي موڪليو.
رجب سڄو مهينو کَٽ تي پيو هو ۽ دل ۾ سڀني شرارت
کان توبهه ڪئي هئائين ۽ ڦَٽ ڇُٽڻ کان پوءِ پيءُ کي
وٺي اسڪول آيو هو ۽ استادن سان واعدو ڪيائين ته
سائين مون رُلڻ کان توبهه ڪئي. اڳتي مان سُٺو ٿي
پڙهندس ۽ ڪابه حرڪت نه ڪندس.
آفيسر، ٻار ۽ ڪار
ڪامران هڪ وڏو آفيسر آهي، شڪل شبيهه اهڙي جو مٿي
تي هڪ به وار نه! سپر هاءِ وي جهڙي ٺوڙهه، پيٽ
لمليٽ يعني اڳتي نڪتل قد جو بندرو، هلندو ته ڄڻ
ڪُڇون پيو هلي. آفيس ۾ ايندو ته ٻه ٽي ڏاڪا ڏاڪڻ
جا به ڪونه چڙهندو ته پيو سهڪندو، ڪير ڳالهائيندس
ته سهڪندي چوندو ”ساهه پٽڻ ڏيو“. طبيعت جو تمام
سادو ۽ ڳالهائڻ ۾ پوندو ته پوءِ پيو ڳالهائيندو ۽
آواز کان وڌيڪ سهڪو پيو هلندس، اهڙي ٿولهه هجڻ جي
باوجود ڪار هلائڻ جو شوقين، جڏهن ڪار هلائڻ لاءِ
اسٽيئرنگ تي ويهندو ته سندس پيٽ جو ڪجھه حصو
اسٽيئرنگ سان لڳل هوندس. اڪثر ڪري سندس قميص تي
اسٽيئرنگ جي گاٺ جو نشان چٽو نظر ايندو. هن وٽ هڪ
ڊرائيور به رکيل آهي، پر ڊرائيور کان هن کي اڪثر
ڪري اها شڪايت هوندي آهي ته هو ٻار اسڪول مان دير
سان کڻي ٿو اچي.
ٻارن سان ڏاڍي محبت اٿس، گهر ۾ ڪپڙا تبديل ڪرڻ وقت
اونهاري ۾ اڪثر ڪري گنجي پائي پيو هلندو آهي ۽ وڏي
مان وڏي گنجي جي سائيز دن تي ايندي اٿس. ٻارن سان
کل ڀوڳ ڪندو. ڪنهن وقت جي ستو پيو هوندو ته ننڍڙو
پٽ آصف مٿان پيٽ تي چڙهي ويهندس
پوءِ ننڍڙي ٻار سان پيو مذاق ڪندو ۽ کلندو. کلڻ
وقت سندس پيٽ تي ويٺل آصف ائين پيو هيٺ مٿي ٿيندو
ڄڻ ته اسپرنگ جي گاديلي تي ويٺو هجي، ننڍڙو آصف
پيءُ کان هلي پڇندو ته ”بابا هي ڇا آهي؟“ تڏهن پاڻ
پيٽ کي ڦوڪي چوندو ته ”پٽ هيءُ اٿئي ماسٽر جو اصلي
مولٽي فوم.“ پوءِ ته پاڻ ۽ گهر وارا سڀ کل ۾ ٻڏل
هوندا آهن. موڪل واري ڏينهن اڪثر ڪري گهر ۾ لان تي
ٻار بيڊمنٽن (گُڏي راند) کيڏندا آهن ۽ مذاق خاطر
پاڻ اچي کيڏندو اٿن، پوءِ ڌڪ هڻڻ سان گڏ پيو پيٽ
حرڪت ڪندس، ڄڻ ته پيٽ هن کان ڌار هجي، جي ٿڪجي
پوندو ته چوندو ”بابڙا، هاڻ مون سنهڙي کي ٿڪائي
وڌو اٿوَ مان بس ٿو ڪريان“. پوءِ ٻار اچي پٽائيندس
”نه بابا راند ڪيو“ ٻه- ٽي ڌڪ گُڏي کي هڻي ڇٻر تي
سمهي پوندو ۽ چوندو ته ”الا، ڪهڙو نه سنهڙي ماڻهو
کي ٿڪ ٿيو آ“ ۽ ٻار وٺي تاڙيون وڄائيندا ۽ پاڻ
چوندو ته ”هاڻ نعرو هڻو سنهڙو بابا زنده آباد،“ ۽
ٻار وٺي ڏاڍيان چوندا ”سنهڙو بابا زنده آباد“.
هڪ ڀيري سندس ٻارن اٽي ڏڪر پئي ڪئي ۽ هي لان ۾
ڪرسي تي ويٺو هو. اتفاق سان اٽي اچي ٺوڙهه ۾ لڳس،
پوءِ رت ائين نڪتس، جيئن ڦوهاري مان پاڻي نڪرندو
آهي، انهي وقت ويو اسپتال پٽي ڪرائڻ. اسپتال ۾
جڏهن ڊاڪٽر کي ٻڌايائين ته ٻارن جي اٽي لڳي آهي ته
ڊاڪٽر به کِل ۾ اونڌو ٿي ويو. اصل ۾ کِلَ هن جي
گنجي ٽڪڻ کي ڏسي ٿي آئي، جتان رت ڦوهاري وانگيان
وهي رهيو هو. پٽي ڪرائي آيو، ٻارن کي ڪجھه به نه
چيائين.
ٻارن جي دير سان اسڪول موٽڻ ڪري هن جي ڊرائيور سان
روز چڪري لڳندي هئي، ڊرائيور جي هڪ به ڳالهه نه
مڃيندو هو ته هو دير سان رڳو ٿو اچي، هڪ ڀيري ڪاوڙ
مان پاڻ ڪار ڪاهي ويو ٻار کڻڻ، تلڪ چاڙهي کان هيٺ
سينٽ بونا وينچر اسڪول ۾ سندس ٻار پڙهندا آهن اتي
اچي ڪار بيهاريائين، ٿوري دير کان پوءِ هشام ڪارن،
سوزڪين ۽ رڪشائين جا گڏ ٿي ويا، هن سوچيو ته ٻار،
ڪار متان ڳولي نه سگهن. سو پاڻ اچي سينٽ بونا
وينچر اسڪول جي دروازي وٽ بيهي رهيو، ٻارن کي موڪل
ملي، ٻارن جي فوج ٻاهر نڪتي. هُل هنگامو ۽ گوڙ
شروع ٿي ويو. هيءُ به در وٽ جوهه وجهي بيهي رهيو،
هڪ- ٻن ٻارن تي ڀلجي پيو، اڃا انهن کي هٿ وجهي پاڻ
ڏانهن ڇڪڻ وارو هو ته انهن جي ٻي ٻولي ٻڌي کڻي هٿ
هيٺ ڪيائين.
سڀ ٻار اسڪول مان نڪري آيا هئا، پر هن جي نظر ۾ هن
جا ٻار ڪونه آيا، ڏاڍو پريشان ٿيو، هڪ ٿلهو ماڻهو،
مٿان گرمي، سو چوڪيدار کي چيائين ته ”منهنجا ٻار
اندران ڪونه نڪتا آهن“. ان چيس ته ”سائين سڀ ٻار
نڪتا آهن“.
هو شش و پنج ۾ پئجي ويو ته ٻار ڪيڏانهن ويا،
هوڏانهن هڪ ته ڪارن ۽ سوزڪين جي هارن جا آواز تيز
وڄڻ لڳا ته ته ٻيو ٽريفڪ سپاهين جون سيٽيون وڄڻ
لڳيون.
چوڪيدار چيس ته ”سائين ڪار توهان جي آهي ڇا، ان کي
سائيڊ تي ڪريو ته ٻيون گاڏيون وڃن“. هن جيئن ڪار
ڏانهن ڏٺو ته عجب ۾ پئجي ويو سندس ٻار ته ڪار ۾
ويٺا هئا! جيئن تيز اڳتي وڌيو ته پير ڪيلي جي کل
تي اچي ويس ۽ ترڪي پيو. پوءِ ٻارن ۽ ڊرائيورن جا
کِل جا ڪوڪرا پئجي ويا.
هڪ ٿلهو ٻيو وڏو آفيسر ٽيون ڪري پيو. سو شرم کان
ڪنڌ هيٺ ڪري اچي ڪار ۾ ويٺو. ٻار کلڻ لڳس پر هن
ڪنهن به ٻار سان نه ڳالهايو.
ٿلهو ماڻهو اچي ڦاٿو ته ڪار اتان ڪڍي ڪيئن. ڇو ته
ٻيون به ڪارون هيون ۽ اسٽيئرنگ تڪڙو ڦيرائي به نه
سگهي. ابتو سبتو اسٽيئرنگ ڦيرائي ڪار ڪڍي آيو.
جڏهن ٻاهر روڊ تي ڪار پهتي ته ٻارن سان ڳالهايائين
”ڪهڙي در کان آيا هئا“.
ٻارن چيو ته ”وڏي در کان آيا هئاسين“. ”پوءِ مون
کي نظر ڇو نه آيا“. ٻارن کان پُڇيائين
انهن چيس ته ”بابا توهان به اسان کي نظر ڪونه آيا
هئا. رش ۾ ڪير ڪنهن کي نظر ڪو ٿوروئي ايندو آهي.
ڊرائيور ڪار ۾ ويٺو هوندو آهي، اسين ڪار سڃاڻي اچي
ويهندا آهيون توهان ڪار ۾ ئي ويٺا هجو ها“.
ٻارن اڃا ايترو مس ڳالهايو ته هن ڪار کي روڪي
پنهنجي منهن ڳالهائيندي چيو ”مون کي ڪهڙي کٽي کنيو
جو آيس. هاڻ ٽائر به پنچر ٿي پيو هاڻ ڪيئن
مٽائيندس“. ڪار مان هيٺ لٿو ٻار به هيٺ لٿا. هن وٽ
ٻيو ٽائر ته هو پر مٽائي ڪيئن؟ هيٺ ڪار کي جيڪ
ڪيئن ڏيئي. ڇو جو سندس پيٽ ته ڪار ۾ هيٺ ڦاسي ٿي
پيو.
پريشان ٿي بيهي رهيو سندس وڏي پٽ چيس ته ”بابا جيڪ
مون کي ڏيو ته مان ٿو ڪار جي هيٺان ڏيان“. هن جيڪ
کڻي پٽ کي ڏنو، جنهن ڪار جي ڪماني وٽ جيڪ رکي هيٺ
مٿي بٽڻ ڪيو ته وِيل مٿي ٿي ويو، هن وِيل کوليو،
هر نٽ جي کولڻ سان سندس سهڪو ڌار پئي نڪتو، جيئن
تيئن ڪري ڪار ۾ نئون اسپيئر ٽائر هنيائون ۽ پوءِ
ٻارن سان گڏ ويٺو ڪار ۾. جڏهن گهر آيو ته سندس
ڪپڙا خراب ٿيل هئا، ٻارن جا ڪپڙا به خراب ٿيل هئا،
ڊرائيور کي چاٻي ڏيندي چيائين ته ”وٺ پنهنجي چاٻي
اڄ کان پوءِ مون ٻارن کي کڻڻ کان بس ڪئي. ميان مون
سمجهيو هو ته تنهنجو ڏوهه آهي، پر هتي ته منهنجو
محشر ئي گم ٿي ويو“.
هو ٻاهر ڊرائيور سان ڳالهائي رهيو هو ته ٻارن وڃي
اندر گهر ۾ سڀني ڀاتين کي ٻڌايو ته بابا ڪيئن ترڪي
پيو هو. هو جيئن اندر گهر ۾ آيو ته سڀني ماڻهن کان
ٽهڪ نڪري ويا ۽ هو قميص لاهي دهل جهڙو پيٽ ڪڍي پکي
جي هيٺان وڃي ويهي رهيو.
هو جيئن پکي هيٺان ويٺو ته ننڊ جو جهوٽو اچي ويس ۽
اهڙا کونگهرا هڻڻ لڳو ڄڻ ته ڪنهن نڙي تي لت ڏني
هجيس. ٻار هٿ منهن ڌوئي ماني کائڻ لڳا ۽ پيءُ جي
کونگهرن تي مشڪندا رهيا. جنهن جو پيٽ قلعي گر جي
باهه ٻارڻ واري ڌمڻ وانگر هيٺ مٿي ٿي رهيو هو. |