سيڪشن: ٻاراڻو ادب

ڪتاب: بتين واري ناني ۽ ٻيون ڪهاڻيون

باب:

صفحو:7 

ٻه، ته ٻارنهن

هن ڀيري ڳوٺ پهتس ته سڀ ٻار جاويد جي اوطاق اڳيان ويٺا هئا. ننڍڙو جاويد تقرير ڪري رهيو هو. آءٌ ٻارن کي ائين ميڙ جي صورت ۾ ڏسي ڏاڍو خوش ٿيس. گهر ڏانهن ويندي ويندي جاويد جا اهي لفظ ٻڌندو ويس: ”پيارا ڀائرو! عيد اچڻ واري آهي، ان لاءِ اسان ڪوشش ڪري، غريب ٻارن لاءِ ڪپڙا وٺي سبايا آهن، جيڪي اڄ توهان کي ڏينداسين“.

مان ڪافي اڳتي نڪري چڪو هوس، پر آهستي آهستي تاڙين جو آواز اچي رهيو هو.

گهر پهچي، امڙ سان ملي، ڪجھه وقت ٿڪ ڀڃڻ لاءِ وڃي ڪمري ۾ کٽ تي ليٽيس. ماضيءَ جون ڪي جهلڪيون اڳيان اچڻ لڳيون.

اڄ اهو ساڳيو پاڙو آهي، جنهن ۾ ڇوڪرا تعليم چاهه سان وٺن ٿا، پر اسان جي وقت ۾ ڪو ٻار پڙهڻ ويندو هو ته ٻيا ٻار ٽوڪيندا هئس ۽ وڏڙا مخالفت ڪندا هئا، پر اڄ ننڍڙن ٻارن ۾ به اها ساڃهه اچي ويئي آهي، جو گڏجاڻيون ڪري، پنهنجن مسئلن کي گڏجي حل ڪن ٿا. ننڍڙو جاويد ڪيڏو نه سٻاجهڙو ٻار آهي. پهرينءَ ڀيري جڏهن مون وٽ آيو هو، تڏهن خوشيءَ مان

چيو هئائين: ”ادا، اسان ٻارن لاءِ هڪ جماعت ٺاهي آهي، جنهن جو ڪم آهي غريب ٻارن جي مدد ڪرڻ ۽ جيڪي مائٽ ٻارن کي نٿا پڙهائين، تن سان ملي، انهن کي راضي ڪرڻ ته جيئن هو ٻارن کي اسڪول موڪلين ۽ جيڪي ٻار اسڪول وڃڻ کان نٽائين ٿا يا نٿا پڙهن، تن سان ملڻ، ۽ جي اسان جي چوڻ ۾ نٿو اچي ته پوءِ انهيءَ سان سوشل بائيڪاٽ ڪندا آهيون، ۽ ڪوبه ٻار اُن سان ميل ميلاپ نه رکندو آهي، راند روند ۾ به اُن کي شامل نه ڪبو آهي ۽ پوءِ اهو ايترو ته مجبور ٿي پوندو آهي، جو اسان وٽ ايندو آهي، ۽ اچي چوندو آهي ”ڀاءُ! مون گهڻو پڇتايو آهي ۽ هاڻ مان پڙهندس“. ادل! پوءِ اسين ان کي اسڪول ۾ داخل ڪرائيندا آهيون، جي غريب جو پُٽ هوندو آهي ته ڪتاب وغيره وٺي ڏيندا آهيون ۽ شام جو اسان جي اوطاق ۾ اچي گڏ ٿيندا آهيون، راند روند ڀر واري ميدان ۾ ڪندا آهيون، ۽ رات جو اوطاق ۾ پڙهندا آهيون! اول انهن شين جي خرچ جي پورائي ڪرڻ لاءِ اسين هر نوڪريءَ واري ۽ سرندي واري وٽ ويندا آهيون ۽ اسان پنهنجو حساب ڪتاب رکيو آهي ۽ پئسا بئنڪ ۾ رکايا اٿئون. رمون، آچر، سومر ۽ آءُ چار ئي عهديدار آهيون. ادا، تون به اسان جي مدد ڪر، ته اسان ٻار اڳتي لاءِ وڌيڪ ڪم ڪري سگهون“.

مون جاويد کي هر مهيني پنجويهه رپيا ڏيڻ جو وچن ڪيو، ۽ پاڻ ڏاڍو خوش ٿي چيائين: ”ادا، هاڻ مٿان عيد پئي اچي ۽ هر عيد تي ڪافي ٻار ويچارا ڦاٽل ڪپڙن سان هوندا آهن. پر هن ڀيري اسان سوچيو آهي ته ڪوشش ڪري سڀني يتيم ۽ غريب ٻارن کي ڪپڙا چندي مان وٺي، سبائي ڏينداسين. ادا، ڀلا ڏس نه! غريب به ته انسان آهن، انهن کي به اهو ذهن، اهي جذبا ۽ دل آهي، پوءِ عيد جي ڏينهن، جتي اميرن جا ٻار گلاب جيان ٽڙندا وتن، اتي غريب جا ٻار سڪل مکڙيءَ وانگر مايوس لڳا وتن، اهو ٺهي ڪونه ٿو“.

مان ڏاڍو خوش ٿيس ته اسان جو ٻار اڄ اها سوچ رکي ٿو! نه ته اسان جي وقت ۾ ڪڻو ڪڻي کان ڌار هو، پر واقعي ٻڌيءَ ۾ طاقت آهي. وڏڙن سچ چيو آهي ته ”ٻه ته ٻارنهن“. ننڍڙي جاويد جيئن چيو، تيئن ڪري ڏيکاريائين ۽ اڄ هو غريب ٻارن ۾ ڪپڙا ورهائي رهيو هو.

شل ٻيا به سڀ ٻار ائين اهڙيون تنظيمون ٺاهي، اڳتي وڌن ته هوند ڪيڏو نه سٺو ٿئي ۽ سنڌڙيءَ ۾ ڪوبه اڻ پڙهيل ٻار نه سڏجي.

 

۽ چنڊ اُجهامي ويو

 

ڪافي ٻارن جي چهرن تي معصوم مُرڪ هئي، هر ڪنهن پنهنجي دوست سان ڪپڙن جي ڊاڙ پئي هنئي. اڄ عيد جو چنڊ بيهڻو هو، ان لاءِ اڳواٽ ننڍن توڙي وڏن ٻارن جي منهن تي مرڪ هئي! سول اسپتال جي ڀرسان هڪ عورت ويٺي آهي، جنهن کي به ٻه معصوم مکڙي جهڙا پٽ آهن، ننڍو پٽ اڃا سمجهه ڀريو نه آهي. باقي وڏو پٽ ڳالهائڻ جو ايڏو ته پيارو آهي، جو هر ماڻهوءَ هن سان پيار ڪندو آهي! راجپوتانا اسپتال وڃڻ لاءِ سوزوڪيون به اُتي بيهنديون آهن، ننڍڙن هٿن ۾ ڪپڙو کڻي انهن کي صاف ڪندو آهي. پوءِ ڊرائيور روپيو خرچي به ڏيندا اٿس!

اڄ جيئن ٻارن کان ٻڌايائين ته شام جو عيد جو چنڊ بيهندو ته ماءُ کي اچي ڀاڪي پائي چيائين ”امي اڄ عيد آهي.“ ماءُ جا ڦٽ چڪجي پيا، اکين مان ڳوڙهن کي لڪائيندي چيائين ”ها! پٽ جي چنڊ بيٺو ته عيد آهي.“ ”پوءِ امي، عيد جي رات اسان سيون کائينداسين.“ اوچتو ڄڻ ته ماءُ کي يادگيري ڏياري هجائين ”ها! پٽ کوڙسيون توهان لاءِ“.

اتان اٿي مارڪيٽ مان، سيون وٺي آئي، کنڊ جي لاءِ سڄي مارڪيٽ رلي، پر ڪانه مليس،
 

هن بي گهر وٽ راشن ڪارڊ ته هو ئي ڪانه لاچار ڳڙ وٺي آئي.

سورج آخري ٽٻي هڻي جبلن ۾ گم ٿي ويو، ڪافي ماڻهو، ٻار چنڊ کي تڪي ڏسڻ لڳا، ننڍڙو پپو به سول اسپتال کان نور محمد هاءِ اسڪول جي ڀت جي اوريان بيهي چنڊ کي ڏسڻ لڳو، اوچتو ٻارن توڙي وڏن جون رڙيون پئجي ويون، چنڊ ڏسجي ويو. هي به ڊڪندو اچي ماءُ کي چنبڙيو امان چنڊ ڏسجي ويو! ماڻس هن کي ڀاڪي پائي پاڻ وٽ ويهاريو.

اڌ آنو گيهه جو ديڳڙي ۾ وجهي سيون رڌڻ لڳي، ننڍڙو پپو ويو شهر مان پاٺا ۽ ڪاغذ ميڙڻ باهه ٻارڻ جي لاءِ، موٽي آيو ته ڏٺائين ماڻس ڳڙ پاڻي ۾ ملائي رهي هئي، کيٽو ڪيائين ”ممي سيون ڳڙ سان مزو ڪونه ڪنديون، کنڊ وجهينس.“ ماڻس ٻڌايس ته ”پٽ! کنڊ ڪانه ٿي ملي“ پاڻ سوزوڪي کي صاف ڪيو هئائين، اهي ٻه روپيا کيسي ۾ هئس کڻي ڀر وارن هوٽلن وارن وٽ ويو. پر ڪنهن کنڊ ڪانه ڏنس، ٿڪل قدمن سان ماءُ وٽ آيو. جيڪا ڳڙ سان سيون رڌي چڪي هئي. اچڻ شرط روئي ڏنائين، ماڻس پرچائيندي چيس پُٽ تون هيءُ کاءُ جڏهن وڏو ٿيندين، ڪمائيندين، پوءِ کائينداسين کنڊ واريون سيون“.

ماڻس ائين چئي بس ڪيو، هن اُٽِلندو ماءُ کي سوچن ۾ جڪڙي ڇڏيو. ”ممي اڄ عيد آهي!“ ها پٽ اڄ عيد آهي. ”ممي پوءِ صبح جو ٻار نوان ڪپڙا پائيندا“، ”ها پٽ تون به نوان ڪپڙا پائيندين“، ”ممي ماڻهو ته نوان ڪپڙا پائي پنهنجي پيءُ سان گڏ نماز تي ويندا“، ”ها پٽ“، ”پر ممي منهنجو بابا ڪٿي آهي. اڄ اچي نه ته سڀاڻي مون کي عيدگاهه تي وٺي وڃي“. ننڍڙي ٻار ماءُ جي هنج ۾ ڄڻ ته ڪيئي غمن جا ڪنڊا اڇلائي ڇڏيا. پر مامتا پُٽ جي مايوسيءَ کي پرڀائڻ لاءِ چوڻ لڳي. ٻچا توهان جو بابا حج تي ويو آهي ”ننڍڙي ٻار جي ذهن ۾ آيو ته مان به حج تي وڃان ۽ بابا کي وٺي اچان“. ان لاءِ ماءُ کي چيائين، ”ممي پوءِ مان به ڀلا حج تي وڃان.“ ماڻس کان رڙ نڪري ويس ”ٻچا خير گهر، الله توکي وڏو ڪري“. هن کي پنهنجي مڙس جو مرتيو ياد اچي ويو، ڪيئن نه وڏيري هن کي زمين تي قتل ڪرائي، هن کي لوڌي ڪڍي ڇڏيو هئائين. هوءَ در در ڀٽڪي هئي، پر ڪوبه انصاف پلئه ڪونه پيو هوس. هي سوچن ۾ هئي ته وري پٽ جو آواز ڪن تي پيس. ”ممي ڀلا بابا ڪڏهن ايندو؟“ ڪوڙو دلاسو ڏيندي چيائينس!. ”پٽ مرچن جي ٻارين ۾.“ ننڍڙي ٻار کي اچي بک ورايو هو. سو اچي ديڳڙيءَ جي ڀرسان بيٺو. ٻئي ماءُ پٽ سمجهي ويا ته ننڍڙي کي بُک لڳي آهي. ان لاءِ ننڍڙي کي ڪن کان جهلي پپو چوڻ لڳو. ”ادا ڪشو! سَيون ڳُڙ واريون اٿئي“ هي اڃا سيون ڪڍي کائڻ لڳا ته سامهون هڪ سوزوڪي ڊرائيور جو گهر هو سو هنن لاءِ پلاءُ جي ڀت جي پليٽ کڻي آيو.

پپو ماني کائي، اچي ماءُ سان گڏ هيٺ سُتو. هن جي نظر لبرٽي مارڪيٽ تي ٺهندڙ جاين تي پيئي، ماءُ کي ڀاڪر پائيندي چيائين، ”امي ڀلا هي جيڪا نئين جاءِ ٺهي ٿي تنهن ۾ کڻي هڪڙي ڪوٺي، اسان کي ڏين“. ماڻس چيس ”پپو جڏهن تون وڏو ٿي پئسا ڪندين ته پوءِ وٺنداسين.“ ماءُ کي چيائين ”امي پئسا گڏ ڪڏهن ڪونه ٿيندا، ڏس اسڪول ويو هوس ته به ماستر موچڙا هڻي ڪڍي ڇڏيو هو، چيائين ”ڪٿان جو آهين ڇورا“. امي! ڇو نه پنهنجي گهر هلون. ماءُ تي هنن ڳالهين ايترو اثر ڪيو جو پاڻ تي ضابطو رکي نه سگهي، ۽ اوچتو سُڏڪا ڀري روئڻ لڳي، ننڍڙو ڪشو ماءُ کي روئندي ڏسي روئڻ لڳو. پپو ٻنهي کي ڀاڪر پائي روئندو به رهيو، ۽ پرچائيندو به رهيو. ائين ننڊ جي ديوي ٽنهي کي پنهنجي هنج ۾ کڻي وئي! صبح ٿيو. ڌرتيءَ تي سورج جا ڪرڻا پيا. هر ٻار معمول کان سوير اُٿيو، هر گهر ۾ مائرون ننڍڙن ٻارن کي وهنجاري نوان ڪپڙا پارائي رهيون هيون، هن به سامهون واٽر سپلائي جي خيراتي نل مان پاڻي ڀري ڪپڙن ڌوئڻ جي صابڻ سان ٻنهي ٻارن کي وهنجاري (نوان ڪپڙا وٺي رکيا هئائين) نوان ڪپڙا پارايائين. هيءَ ٻنهي ٻارن کي تيار ڪري ڏاڍو خوش ٿي. اوچتو کيسي ۾ هٿ وڌائين،
 

ٽڪو به ڪونه هوس، پپو کان پئسا گهريائين، ان کيسي ۾ هٿ هنيو، پئسا رات ڪنهن هوٽل تي کنڊ وٺڻ وقت ڪري پيا هئس، مجبور ٿي پاڙي مان ٻارن لاءِ ڪجھه کاڌو وٺي آئي. هاڻ ننڍڙن جي خرچي لاءِ اڻ تڻ هئس، اٿي سامان کوکن ۾ وجهي نڪري پئي شهر ڏانهن ته ڪو فطرو ملي ته ٻچن کي ڏيان. هيءَ حيدرآباد جي تِلڪ چاڙهي کان هيٺ لهي رهي هئي ته پريان ٻن ڪارن وارا تيز پئي آيا، ٻچن کي بچائيندي پاڻ ڪار جي ڦيٿن ۾ اچي ويئي. سڄي رت ۾ لت پت ٿي ويئي. سڀ ماڻهو عيدگاهه ۾ عيد نماز پڙهڻ لاءِ پنهنجن ٻارن کي وٺي پئي ويا. پر ٻه معصوم ٻار ماءُ جي لاش مٿان، زارو قطار روئي رهيا هئا. پر ڪير به انهن ڏانهن وڌي ڪونه ويو ۽ هو ماءُ جي مٿان روئندا رهيا.

 

چاچو ولو

 

پنجين درجي ۾ ڪيترا نه معصوم هوندا هئاسين، گهر ۾ يا نه آهي، جو ڪو فڪر ڪونه هوندو هو. اڄ به اهي بينچون ۽ دوست اکين آڏو آهن.

سالن کان پوءِ نه اهي بينچون آهن نه اهي دوست، ڪڻو- ڪڻو ٿي وياسين، پر چاچو ولو اڄ به جهور عمر ۾ انهيءَ ساڳيءَ دِڪي تي روزانو ڇولا وڪڻندو آهي، جڏهن ڳوٺ وڃڻ ٿئي، تڏهن چاچي ولوءَ سان ملاقات ضرور ٿئي ٿي، ويچارو هن دنيا ۾ اڪيلو آهي.

اسين پنجين جماعت ۾ پڙهندا هئاسين، تڏهن رسيس وقت چاچي ولو جي ڇولن تي مارو ڪندا هئاسين. آني، ٻياني ۾ بک جو احساس مري ويندو هو، وقت تي اوڌر به رکندو هو، ڇولا ختم ٿيڻ کان پوءِ اسان کان ڪتاب وٺي پڙهندو هو، چرچائي به اهڙو هوندو هو، جو ٻارن سان ٻار، ڀوڳن ڀوڳن ۾ ڏاڍيون نصيحتون ڪندو هو. هڪ ڀيرو چيو هئائين، ”پيارا ٻارو جي توهان گُسائيندو ته مون جهڙا حال ٿيندو، پر جي پڙهندو ته وڏا آفيسر ٿيندو“.

انهن ڏينهن ۾ اهي لفظ منهنجي اندر ۾ کپي ويا هئا، هڪ ڏينهن اسان جو استاد، اسڪول ۾ ڪونه آيو. موڪل تي ڪلاس ۾ واندا هئاسين، مون ٻاهر ڏٺو ته، چاچو ولو پراڻي
 

اخبار کڻي پڙهي رهيو هو، مون ويجهو وڃي، چاچي ولو کي چيو، ”چاچا ڇا پيو ڪرين“. کلندي چيو هئائين. ”ابا! پڙهياسين ڪونه، هاڻ شوق کي پوري ڪرڻ لاءِ مڙئي پيا پراڻي اخبار چٽيون.“ مون کان به نڪري ويو وات مان، چاچا ڇو ڪين پڙهين، منهنجن انهن لفظن تي، چاچو صفا مايوس ٿي ويو، کن پل کان پوءِ چيائين ”پٽ ستل سور نه جاڳاءِ؟“ ٻاراڻو ذهن هو، ان ڪري، مان به چِچڙ ٿي چنبڙي پيومانس، ”چاچا ٻڌاءِ، ڏس جي نه ٻڌائيندين ته مان ڪاوڙجي ويندوسائين!“ چاچي ڪاوڙ جو لفظ ٻڌي نرم لهجي ۾ چوڻ لڳو، پُٽ، ڀائٽيا چاچن سان ٿورو ئي ڪاوڙ ڪندا آهن. بس جي ڪاوڙ ٿو ڪرين ته ٻڌ ڪهاڻي.

”ڀائٽيا مان به ڪڏهن توهان وانگر معصوم ٻار هوندو هوس، صفا گل جهڙو معصوم گهر ۾ مان اڪيلو اولاد هوس، ان ڪري ماءُ، پيءُ جو مون تي ڏاڍو پيار هوندو هو، انهيءَ وقت ۾ ”راڻي“ ڪپڙي ۽ ٻين ڀلن ڀلن ڪپڙن مان ڪپڙا سبائي پائيندو هوس. ۽ چوٿين درجي تائين مون کي ڪو ڏينهن ياد ڪونهي جو گُسايو هوندم. اسڪول ۾ مان پهريون نمبر ايندو هوس، پر چوٿين جماعت کان پوءِ منهنجي ذهن ۾ به هوا ڀرجي وئي، ماءُ پيءُ کي اڪيلو پٽ، دادلو گهڻو، کپي آنڪ ته ملن ٻه آنا، سو پٽ! آئون انهيءَ وقت اهڙن ڇوڪرن جي سنگت ۾ اچي ويس (جيڪي هينئر به مون وانگر وتن ٿا، شهر ۾ مزوري ڪندا) جن منهنجا ڪن ڀرڻ شروع ڪيا، ”يار پڙهائي ۾ ڇا آهي. اڄ هلو ته هلئون ٻير کائڻ“. اهي لفظ انهيءَ وقت ڏاڍا پيارا لڳا هئا. پوءِ انهن ڇوڪرن سان گڏ ڪڏهن بئراج تي، ڪڏهن مُقام ۾ پيا شڪار ڪندا هئاسين، ڪڏهن باغ ۾ پيا لِيما پٽيندا هئاسين، گهڻن ڏينهن کان اسڪول نه وڃڻ ڪري استاد گهر ڏي ڇوڪرا موڪليا. گهر ۾ بابا کي پهريون ڀيرو سُڌ پئي ته ڇوڪرو اسڪول نه ٿو وڃي، بابا کي ڀلا خبر ڪيئن پوي. صبح جو تيل ڦليل ڪري ڪتاب کڻي بابا کان خرچي وٺي ايندو هوس ته پڙهڻ ٿو وڃان، پوءِ پويان اڳ ۾ گوسڙو ڇوڪرا، انتظار ۾ هوندا هئا.

جڏهن، بابا کي اها خبر پئي تڏهن جيئن شام جو گهر ويس ته بابا پڇيو، اسڪول ويو هئين؟ مون زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو ڪوڙ ڳالهائڻ جي شروعات ڪئي. ڏڪندي ڏڪندي چيم. ها، بابا اهي لفظ ٻڌي ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي ويو، پر چيائين، ترس مان پاڻ اسڪول ڇڏي ٿو اچان ئي، بس پوءِ ته اڌ ساهه سُڪي ويو. ٻئي ڏينهن بابا سان گڏ منهنءَ ڌرتي ۾ کپايو هلندو ويس، جڏهن واٽ تي پهتاسين ته اتي منهنجا پراڻا يار بيٺا هئا، جن کي ڏسي مان ٿورو بابا کان پٺتي ٿي ويس ۽ اشاري ۾ چئي ويو مان، ته اڄ ڦاٿل آهيان، پر پوءِ به اشارا ڪري رهيا هئا ته اچ.

جڏهن، اسڪول پهتم ته، ڪافي ڇوڪرا، مِڙي آيا هئا، آئون شرم جو ماريو ڪنڌ هيٺ ڪيو بيٺو هوس، ايتري ۾ استاد به اچي ويو، جنهن مون کان گَسائڻ جو سبب پڇيو، مان ماٺ ڪيو بيٺو رهيس. بابا، ويندي ويندي سائين کي چئي ويو ته اڄ کان جي گسائي ته پوءِ توهان کي جيئن وڻي تيئن سزا ڏجوس.

استاد، بابا، جي وڃڻ کان پوءِ ڏاڍيون نصيحتون ڪيون، پر منهنجي ذهن ۾ اهي ليمان ۽ يار هئا، سوچڻ لڳس ته سائين نڪري ته مان کاوان ڪلٽي. پر سائين رسيس تائين ڪلاس مان چُريو ئي ڪونه. رسيس ملڻ شرط ئي مون ڇوڪرن جي اک ٽيٽ ڪري، ڪتاب وڌا ور  ۾ سڌو اتي آيس، جتي يار انتظار ڪري ساڻا ٿيا بيٺا هئا.

بابا، کي رپورٽ پهچي وئي، شام جو پهچڻ شرط بابا، اها مار ڏني جو اڄ به ياد ڪري ڀئو ٿيندو اٿم، پر مان نه سڌرڻو هوس، نه سڌريس.

ان ڏينهن کان پوءِ گهر به رات جو ايندو هوس، جڏهن بابا ننڊ ۾ هوندو هو، ۽ صبح جو بابا جي اُٿڻ کان اڳ گهر ڇڏي ويندو هوس، امڙ وٽ منجهند جو ويندو هوس مانيءَ لاءِ. جا ماني

ته ڏيندي هئي، پر ڏاڍيون منٿون ڪندي هئي. ابا ڏاهو ٿي اسان وينداسين مري. پوءِ ڪير ٿئي، پر منهنجو ذهن ڪٿي ٿو اهي ڳالهيون ٻُڌي، بابا سائين به ڳولڻ سان شهر هڪ ڪري ڇڏيا، پر مان هٿ ئي ڪونه آيومانس.

اسان مُقام ۾ گهاٽن وڻن جي اندر، پنهنجو گهر ٺاهيوسين جنهن ۾ گوسڙو سڀ اتي اچي ويهندا هئاسين، هڪ ڀيري، مقام مان نڪري ڀر واري باغ مان ليما پٽڻ ٿي ويس ته پويان اچي ڪنهن ڳاٽي کان جهليو سمجهيم ته مالي هوندو، پر جان کڻي ڏسان ته بابا جو هٿ آهي، بس اُتي ئي سُڪي بيهي رهيس، بابا جي اکين لڙڪ وهڻ لڳا ۽ چوڻ لڳو ”پٽ مون ته سوچيو هو ته تون پڙهي، آفيسر ٿيندين، پر الائي توکي ڇا ٿيو آهي“. ان ڏينهن بابا مون کي چماٽ به ڪانه هنئي هئي. گهر ۾ امڙ، روئڻ لڳي ته پٽ توکي انهن چورن ڇورن، مار پوين خراب ڪيو آهي. خدا جي واسطي انهن جي پويان نه لڳ، ان ڏينهن مون سوچيو هو ته هاڻ ائين نه ڪبو.

استاد وٽ وري ويس بابا سان گڏ ۽ اڳتي نه گسائڻ لاءِ واعدو ڪيم، پر هوڏانهن منهنجا يار، مون تي ٽوڪون ڪرڻ لڳا، ٻاراڻو ذهن هو، سو ڏهن ڏينهن کان پوءِ وري اهي لاٽون اهي چگهه، وري انهن يارن سان گڏيس، بس پوءِ ته اها حالت اچي ٿي. جو راتين جون راتيون مقامن ۾ مساڻن ۾ گهارڻ لڳاسين، ۽ جي ڪو ٻار اسڪول ويندي ڏسندا هئاسين ته ان کي پٿر چٽيندا هئاسين.“ چاچا ڪافي دير ماٺ ٿي ويو ۽ وري چوڻ شروع ڪيائين. ”ابا انهي وچ ۾ بابا اهو صدمو برداشت نه ڪري سگهيو ۽ لاڏاڻو ڪري ويو. ان وقت منهنجي عمر به چڱي خاصي هئي. پر ڪو ڌيان ڪونه هو. جيجل امڙ کي به ڪو سک ڪونه ڏنم جا آخر تائين، پاڙي وارن جو پورهيو ڪري پيٽ پالڻ لڳي هئي، ۽ ائين اها به هلي وئي هن جهان مان“. چاچو ولو ائين چئي اچي روئڻ ۾ ڇٽڪيو. ڪافي ڇوڪرا ڪلاسن جا نڪري آيا، آخر ۾ سڏ ڪندي چوڻ لڳو بابا، گسائجو نه. برن دوستن جي دوستي ۾ نه اچجو. جي گسائيندو ته، مون جهڙا حال ٿيندوء. پر جي پڙهندو ته پوءِ وڏا آفيسر ٿيندو.

خدا جي واسطي گسائجو نه. پڙهي آفيسر ٿجو، اهي لفظ چئي چاچو ولو هليو ويو هو. هينئر دل ٿي چئي چاچو ولو هجي جنهن سان ڪچهري ڪيان، ڇو ته جي چاچا ولو نه هجي ها ته اسان به ڪونه پڙهون ها!

پيارا ٻارو! چاچا ولوءَ جي ڪهاڻي ٻڌي ان مان سبق حاصل ڪيو ۽ اهڙن دوستن کان پري ڀڄو. جيڪي توهان جي تعليم ۾ رنڊڪ وجهن ٿا. 

 

شو- فاطما

 

پرائمري اسڪول ۾ پڙهندا هئاسين، اُتي هڪ ڪراڙي عورت، اسڪول جي پٺيان ڇيڻا رکندي هئي، اسين کيس شو- شو ڪري چيڙائيندا هئاسين. اسان جو شو ڪرڻ ۽ هوءَ ڀتر کڻي اسان جي پٺيان پوندي هئي، اسين ڪلاسن ۾ ڀڄي ايندا هئاسين. پوءِ اچي ڪلاس ۾ ڳالهاءُ ڏيندي هئي.

شهر ۾ هن کي هر ٻار شو فاطما ڪري چيڙائيندو هو. شو لفظ ٻڌڻ سان چڙي پوندي هئي ۽ ڳالهاءُ ڏيندي هئي، ننڍڙن ٻارن کي ته ڇڏيو، پر وڏا وڏا ماڻهو به هن کي شو ڪري چيڙائيندا هئا، گهڻا ته هن جي آڏو ڌرتيءَ تي ليڪو ڪڍندا هئا. هوءَ ليڪو اورانگهيندي ڪانه هئي، ليڪي جي اندر بيهي ڳالهاءُ ڏيندي هئي. هن کي گهڻي تائين چيڙائڻ کان پوءِ وچان ٻيو ڇوڪرو ايندو هو. جيڪو ليڪو ڊاهيندو هو ۽ ليڪي ڪڍڻ وارو ڀڄي ويندو هو. هوءَ پوءِ ليڪي مان لنگهندي هئي ۽ ليڪي واري ڇوڪري جي پٺيان ڊوڙندي هئي.

هن کي هڪ پٽ هو. پر ان کي ٻاهر ڪانه ڪڍندي هئي. ڇو ته هن کي ڪنهن ٻڌايو هو ته تنهنجي پٽ کي ماڻهو جادو هڻندا. جادوءَ جو ٻڌي هن پٽ کي گهر ۾ بند ڪري ڇڏيو هو. هوءَ

جڏهن ڇيڻا ميڙڻ ويندي هئي. تڏهن پٽ کي ٻاهران ڪلف ڏيئي ويندي هئي. پوءِ ننڍڙو ٻار دريءَ مان بيهي ڏسندو هو. اسين جڏهن شو فاطما جي گهر کان لنگهندا هئاسين تڏهن، چوندا هئاسين ”شو فاطما“ تنهنجي پٽ کي جادو ٿا هڻون، اسان ائين چئي ڊوڙ پائيندا هئاسين ۽ هيءَ پٺيان پٿر کڻي ڊوڙندي هئي.

سندس سڄي عمر ڇيڻا ميڙيندي گذري وئي هئي. ڪجھه ڇيڻا جاءِ کي ٻاهران هڻي ڇڏيندي هئي، ڇيڻا پئسن تي اصل ڪانه کپائيندي هئي، سڄي عمر ائين گذري ويس.

هن جو پٽ وڏو اچي ٿيو. مائٽن سمجهايس ته هن جي شادي ڪرائي. پر راضي ڪانه ٿي. پوءِ هن جو ڀاءُ اچي هن وٽ رهڻ لڳو، ۽ آهستي آهستي هن کي راضي ڪيائين ۽ پٽ جي شادي ڪرايائين. پٽس کي شادي کان پوءِ به ٻاهر وڃڻ نه ڏيندي هئي. سندس پٽ هاڻ اچي گهر ۾ تنگ ٿيڻ لڳو. هڪ ڏينهن زال وٺي، سهري ڏانهن هليو ويو. شو فاطما گهر ۾ آئي ته، نه پٽ ڏٺائين ۽ نه ننهن. روئڻ ۽ دانهون ڪرڻ لڳي. ڪنهن مائٽ چرچو ڪري چيس، ان کي ڪنهن جادو هنيو آهي. جادوءَ جو ٻڌي شو فاطما بيهوش ٿي وئي ۽ ٽن ڏينهن کان پوءِ گذاري وئي، سڄي شهر ۾ ماڻهن افسوس ڪيو. هن کي اهو وهم شهر جي ڪنهن مُلين وڌو هو ته تنهنجي پٽ تي جادو ٿيل آهي ۽ ٻاهر ڪڍنديس ته ڇوڪر تنهنجي هٿن مان ويندو هليو. انهيءَ ڳالهه هن کي اڌ چريو ڪري ڇڏيو هو ۽ پٽ جي وڃڻ جو صدمو سهي نه سگهي هئي ۽ هن سمجهيو هو ته سندس پٽ زال سميت جادوءَ رستي گم ٿي ويو آهي.

سورج

 

اڄ ويهن سالن کان پوءِ هو پنهنجي پراڻي شهر ۾ آيو هو.

اڄ هن شهر جي حالت بَلي بَلي هئي يا سورج کي ائين ئي نظر آيو. ڇاڪاڻ ته هو اڄ کان ويهه سال اڳ وارو سورج ڪونه هو. اڄ هتي هو اسسٽنٽ انجنيئر جي حيثيت ۾ آيو هو. اهي رستا، اهي جايون، اهي اسڪول، اها اسپتال، سڀ ساڳيا هئا، پر الائي ڇو کيس ائين محسوس ٿيو ته هو هن شهر ۾ بلڪل نئون آيو آهي. هو جڏهن پنهنجي پراڻي اباڻي گهر ۾ گهڙيو ته سندس دل کي ڪجھه آٿت آيس. ڪئين واقعا آڏو تري آيس. هن سوچيو ته اڄ انهيءَ حيثيت کي ڪيئن پهتو؟ ائين سوچيندي هو سوچن جي وهڪري ۾ لڙهي ويو:

هو پيءُ ماءُ کي هڪڙو پٽ هو. ان ڪري دادلو هوندو هو. پڙهڻ جو نالو وٺڻ سان هي سڄو ڪنبي ويندو هو. ڇو جو سندس ذهن تي اسڪول جو تصور هڪ ڀيانڪ نموني جو هوندو هو. هو اُستادن کان ايترو ته ڇِرڪندو هو، جو پاڙي جو ڪو ماستر ڪنهن گهٽيءَ مان ايندي ڏسندو هو ته اها گهٽي ڇڏي ويندو هو.

اتفاق سان سورج بيمار ٿي پيو، سندس پيءُ هن کي ڊاڪٽر وٽ وٺي ويو. ڊاڪٽر به ٻارن سان ٻار هوندو هو، گهڻو ڪري مريض هن جي خوش طبع هجڻ ڪري، هن جون ڳالهيون ٻڌي به چاق ٿي ويندا هئا. سورج کي تپاسيندي چيائينس ”ڪائين جماعت ۾ پڙهندو آهين؟“ اهي لفظ ٻُڌي سورج جي منهن جو پنو لهي ويو هو ۽ نفرت واري نموني سان ڊاڪٽر کي وراڻي ڏني هئائين ”پڙهندو ڪونه آهيان“. ڊاڪٽر هن کي ڏسي مُرڪي پيو هو ۽ هن کي چيو هئائين ته ”پُٽ جي پڙهندين ته مون وانگر ڊاڪٽر يا ٻي ڪا نوڪري ڪندي. عزت ٿيندءِ ۽ هي ڏس اخبار، جي پڙهيل هجين ها ته پڙهي وڃي ها، هن منجهه ڏاڍيون دنيا جون مزيدار ڳالهيون لکيل اٿئي. ۽ ٻارن جون آکاڻيون به. پر تون ته پڙهيل نه آهين. پٽ! جڏهن وڏو ٿيندين. تڏهن دوستن جا خط پٽ ايندءِ، اهي ٻين کان پڙهائيندين. ڪي ذاتي مسئلن تي هوندا. پوءِ ڏاڍو شرمندو ٿيندين. اسان کي گهرجي ته اهڙو ڪم نه ڪريون، جو ٻين اڳيان هيڻو يا شرم سار ٿيڻو پوي“.

ڊاڪٽر ائين چئي بس ڪئي. سورج جي اکين ۾ ان وقت ئي هڪ آئيندي جي جوت جَرڪڻ لڳي. اتان اُٿي گهر آيو ۽ پوءِ محنت ڪري انجنيئري پڙهي انجنيئر بڻجي ويو، ماءُ کيس هڪ سٺي گهراڻي مان پرڻايو. سورج پنهنجي ماضيءَ تي سوچيو ته جي ڊاڪٽر نصيحت نه ڪري ها ته هينئر جيڪا لئه اٿم نه هجي ها. ڪاش! اهڙا ماڻهو هجن جيڪي راهه ڀلجندڙن کي دڳ لائين.

رمون پيٽي

 

گهر ۾ جڏهن به رمون ايندو هو ته سڀ ٻار پري ٿي ويندا هئا. رمون ڄڻ ته ٻارن لاءِ ڪو خوفناڪ ديو هو. حالانڪه ٻارن سان پيار به ڪندو هو. پر هو رڳو پيٽي هو. ٻارن کي هٿ ۾ جيڪا شيءِ ڏسندو سا ڦري کائي ويندو هو. اُن ڪري ٻار اڪثر چوندا هئس. ”رمون پيٽي قلم سليٽي“ انهن لفظن جو هن تي ڪو اثر ڪونه ٿيندو هو، ضد ڪيائين، پوءِ اها ضرور پوري ڪندو هو. ان ڪري ڪافي ڀيرا نقصان به ڏسڻو پيس. مدي جو بخار به ٿي پيس، ڊاڪٽرن ماني کائڻ کان منع ڪيس. پر هن زوريءَ ٻوڙ ماني کاڌي ۽ سڄو مهينو ٿوري غلطي جي ڪري لوڙڻو پيس. هي اهڙو ته ضدي ٿي ويو جو رات جو گهر ۾ رکيل شيون چوري کائڻ لڳو. ڪافي دفعا امڙ سمجهايس. پيءُ جا دڙڪا مليس، پر ڪونه مُڙيو. هڪ ڀيري پڻس حيدرآباد مان بسڪيٽ وٺي آيو. هن کي به حصو مليو. ڪجھه بچت بسڪيٽ ڪٻٽ ۾ رکي ڇڏيائون. همراهه کي سڄي رات ننڊ ڪانه
 

آئي. اڌ رات جو اٿي ڪٻٽ کولي بسڪيٽ کائڻ لڳو. آواز تي پڻس سمجهيو ته ڪو ٻلو آهي. سو هش ٻلو- ڪري ڀت ڏانهن چئمپل اڇلايائين. ٽڪڻ ۾ ٺڪاءُ ٿي ويس. پنهنجي چوري کي لڪائڻ لاءِ جلدي ۾ کٽ تي سمهي پيو. پڻس سمجهي ويو ته رمون آهي. پر همراهه صبح جو مڃيو ئي ڪونه ۽ سڄو ڏينهن ٻار هن کي چيڙائڻ لڳا. ”رمون پيٽي قلم سليٽي.“ هن کي هاڻ کير جي ملائي ٺاهي کائڻ جو چسڪو به اچي جاڳي پيو، سو اڌ رات جو اٿي پنهنجو پرائي جو کير کڻي ملائي ٺاهي کائيندو هو. مائٽ نه ڏسندا هئس ته چوندو هو ته کير ٻلي پي ويئي آهي جي ڏسندا ته صفا ڪاوڙجي چوندو ته مون نه کنيو آهي بَڪ نه ڪيو. هن جي شرارتن ۾ به اضافو اچي ويو هو. هڪ ڀيري ماءُ ٿورو ڳالهايس. هن کي شرارت سُجهي آئي. ماءُ ويئي گهر ۾ اندر ڪوٺي کي ٻُهاري ڏيڻ پٺيان هن چِلم کڻي ان جي ٽوپيءَ ۾ ڳاڙها مرچ وجهي، ٽانڊو رکي چلم تي ٽوپي رکي ڇڏي. ماڻس ڪم گهر جو ختم ڪري جڏهن آئي. ۽ چلم مان ڦوڪ ڀريائين ته اچي کنگهه ڇٽڪيس ويچاري سڄو ڏينهن کنگهندي رهي. انهيءَ حرڪت ڪري پيءُ موچڙا به هنيس.

هڪ رات جو چوري صبح جو چانهه لاءِ رکيل کير کڻي چلهي تي ويو ۽ اتي ملائي ٺاهڻ لڳو. کير تمام گرم ٿي ويو هو، هيءُ ڊپ مان آهسته آهسته ديڳڙي ۾ چمچو گهمائي رهيو هو. اوچتو پڻس ڪو پنهنجي ليکي کنگهيو. کنگهه سان هن ڇرڪ ڀريو. چمچو ديڳڙيءَ جي ڪناري سان لڳو. سڄو کير هن جي ٽنگ تي هارجي پيو. هن کان رڙ نڪري ويئي، ماڻس ابا ابا ڪري ڀڄندي آئي. سڀ گهر جا ڀاتي اچي مِڙيا. ننڍڙا ٻار به اٿيا. پڻس ٿورو ڳالهايس، ماڻس چيس ابا توکي ڇا چوان. ان ئي وقت برنال هنيائونس. صبح جو رَمُون اٿيو ٻار چنبڙي ويس. ”رمون پيٽي قلم سليٽي“ رات پيٽ جي ڪري سڙي پيو. پر اڄ همراهه ڪنهن سان ڪونه ڳالهايو. پر شرم کان ڪنڌ هيٺ ڪري ويهي رهيو. ٽي چار ڏينهن شرم کان شهر به ڪونه ويو ۽ ان ڏينهن کان وٺي وري چوري ڦُري ڪا شيءِ نه کاڌائين.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org