علم
علم خدا جي رحمت آهي،
سڀ کان بهتر دولت آهي.
علم خدا جو آهي جوهر،
جنهن کان گهٽ هي لعل ۽ گوهر.
فاني آهي سڀڪا دولت،
علم ۾ آهي رمز ۽ حڪمت.
دنيا دولت ختم ٿئي ٿي،
علم جي دولت ڪين کُٽي ٿي.
خرچ ڪرڻ سان وڌي وڃي ٿي،
خرچيندڙ جو نانءُ ڪڍي ٿي.
دولت کي ٿو چور تڳائي،
علم کي ڊاڪو هٿ نه لڳائي.
علم کي ڪير کُٽائي سگهندو؟
علم ڪين لُٽائي سگهندو!
علم پڙهڻ سان جهنگلي جاهل،
بڻجي وڃي ٿو سمجهو، قابل.
علم چون ٿا ”ٽين اک آهي،“
ڏنو هي ڏس آ ”اظهر“
ڏاهي.
(ڳوٺ ڪمال مشوري، 8- جنوري 1980ع)
فجر جو ٽاڻو
ستارن سُري، رات کان موڪلايو، چراغن چيو ”بس اسان
کي وِسايو،“
اونداهي پَلو پائي، منهن کي لڪايو، اچي جوت دنيا
سان رستو وڌايو،
وڻن تي پکي ٿا مٺا ٻول ٻولن،
خدا جي ثنا ۾، زبان پنهنجي کولن.
چمن ۾ ٿي بلبل تپي، گيت ڳائي، ڀَنَور واس وٺندي،
ٿو چڪر لڳائي،
پپيهي جي ”پي پي“ صدا ٿي ستائي، ڇڏي ڪوڪ ڪوئل جي
هِردو ڏڪائي،
چَتُونءَ جي گلستان ۾ چونگار آهي،
ٿي جهرڪين جي جهرمر ۽ جهونگار آهي.
ڪري ماڪ ٿي منهن گلن جا صفا ڏس، پکيڙي آ خوشبو چمن
۾ هوا ڏس،
هوا صبح جي، آهه راحت فزا ڏس، رسائي مريضن کي روحي
غذا ڏس،
مڪمل طرح سان ٿيو سوجهرو آ،
نظر کي پري اوري، پوندو پَرو آ.
هو الله اڪبر جي آئي صدا ڏس، وضو ساري مسجد وڃن
پارسا ڏس،
هرن لاءِ هاري ٻنيءَ ڏي، هليا ڏس، ڪري اڳ ۾ پنهنجا
مَتارا ڍڳا ڏس،
هو ڌرتي جي سيني ۾ هر کي هلائي،
اجهو ٿا ڇڏن اَنَ جا انبار لائي!
لبِ آسمان کي لڳي ويئي سُرخي، ضيا پاڻ هُرتو، رهي
آهه مُشَڪي،
اچن ٿيون شعاعون مٿان، هيٺ ترڪي، وئي زعفراني ٿي
گويا هي گيتي،
وڌي جوت ڌرتيءَ سان رشتو وڌايو،
تعلق وڌايو، ۽ رستو وڌايو.
شفق مان بسنتي چمڪ منهن پَسايو، بهار و خزان پاڻ ۾
هٿ ملايو،
تڪڙ ساڻ زردي، قدم کي وڌايو، پهاڙن جي چوٽين کي
رنگين بڻايو،
رکيو سُون جو ڇٽ وڻن سر تي ”اظهر“،
ٿيو صبح، قدرت هي جرڪايو جوهر.
(درگاهه علامه تارڪ. 9- ڊسمبر 1979ع)
صبح جي هوا
هوا پنهنجي جوهر پسائي هلي وئي،
جي مُکڙيون هيون، گل بڻائي هلي وئي.
جي گل ها انهن کي کلائي هلي وئي،
جا ساوڪ سُتل هئي، اٿائي هلي وئي.
گلن جا ڌئڻ منهن، گلستان ۾ آئي،
پَلَو ماڪ ۾ پر پُسائي هلي وئي.
چمن ۾ شرارت جي خاطر ٿي داخل،
گلن کي گلن سان، ملائي هلي وئي.
لڄاڙُو ڪلين کي، ڪري ڪِتڪتائي،
لڄي ٿي نه ليڪن، لڄائي هلي وئي.
کڻي آئي سرهاڻ جا مڻ مٿي تي،
زماني ۾ خوشبو کِنڊائي هلي وئي.
جتان ڀي سڌي ٿي، هٽي ڪين پٺتي،
وڌي تيز تر وک وڌائي هلي وئي.
جي ڪنهن ڪنڊ ڦاٿي، ته اٽڪل سان فوراً،
وڪڙ کائي، رخ کي مَٽائي هلي وئي.
ٿي واڪا وڻن جا، ٻڌا اهلِ گلشن،
وڻن جا وڌي، وڻ وڄائي هلي وئي.
ڏسي غنچه و گل ٿڌو ساهه کڻندي،
جلي جوش ۾ جند ڇڏائي هلي وئي.
خبر ڪانه پئي، ويئي ڪيڏانهن هڪدم،
گلستان مان واري وسائي هلي وئي.
اي ”اظهر“ هوا سڀ کي راحت رسائي،
لٿي مونجهه من تان، مسرت رسائي.
(راهي منزل، ميهڙ. 10-
ڊسمبر 1979ع)
شـــام
ڌرتيءَ ۾ سج ٽٻي هڻي ٿو،
عجيب منظر نظر اچي ٿو.
ڳاڙها، هيڊا، بادل، نظرن،
ڪارا، نيرا، بادل، نظرن.
پکي وڃي آکيرن ۾ پهتا،
ڪامي ڪم تان، گهر ڏي موٽيا.
پورو ٿي ويو ڏينهن جو پهرو،
پاڇو پيو آ، رات جو گهرو.
اونداهي ٿي پائي ليئا،
ماڻهن گهر گهر ٻاريا ڏيئا.
مسجد، مندر، گرجا، روشن،
بازارين ۾ بلب ٿا چمڪن.
هُل هنگامون بند ٿيو آ،
غلبو ننڊ ٻارن تي ڪيو آ.
گُپ چُپ جو ٿو ڏسجي عالم،
رات جي فوج وئي ٿي فالم.
ڏينهن جي محنت سڀ کي ٿڪايو،
”اظهر“
گهيرٽ ننڊ جو آيو.
(امام بارگاهه، جروار. 9- جنوري
1980ع)
]رات[
ڏينهن ويو ۽ رات جو مَڪو مَتو،
پئي نٿو کڏ کوهه جو ”اظهر“ پتو.
رات سان ٿي ڏينهن جي زينت وڌي،
رات سان ٿي ڏينهن جي عزت وڌي.
رات جو رولو اگر نڪري وڃي،
پوءِ انسان روشنيءَ کي ڇو پڇي؟
رات تي چُپ چاپ جو پهرو لڳو،
هرڪو پنهنجي آستاني ڏي ڀڳو.
پهتا آکيرن ۾ طائر خوشنوا،
ڏينهن جا باغي اُٿيا چمڙا انڌا.
ماٺ جي لولي وڻن کي وئي ملي،
ڪَک ۽ پن جو شور و غل ويو بند ٿي.
گهر ۾ ”ڏيئي“ جي ٿي ڏسجي روشني،
درحقيقت روشني آ زندگي.
رات ۾ تارن جو چمڪو آ عيان،
ڄڻ چُنيءَ تي چِٽ هڻايا آسمان.
راهرو کي واٽ وٺرائي ڇڏن،
دل گُهري منزل تي پهچائي ڇڏن.
هر مسافر پنهنجي منزل تي رسي،
ٿو ڪري تعريف پنهنجي رَبَ جي.
هاري ۽ مزدور موٽي ٿا اچن،
خوش ڏسي ٻچڙن کي دل ۾ خوش ٿين.
رات جو انسان ٿا آرام ڪن،
ڏينهن ساري جا نهوڙيل ٿَڪ ڀڃن.
ٿا پرائو، پنهنجو غم ڀلجي وڃن.
راحت و آرام سان کٽ تي سمهن.
اهڙو آ آرام شاهن کي ڪٿي؟
جهڙو گهر ٿو ۾ غريبن کي ملي!
(گيمڙو، 11- جنوري 1980ع) |