ڇپائيندڙ
پاران
نظم يا شعر ۾ چيل ڳوڙهيون ڳالهيون ٻارن کي وڌيڪ
سمجهه ڀَريو بڻائڻ لاءِ تاريخ جي اهم سبقن وانگر
هونديون آهن. اُهي سبق ٻارن کي جلد ياد ٿي ويندا
آهن، بلڪه کين سڄي حياتي ياد رهندا آهن. ڇاڪاڻ جو
نظم جي لئه، ڪَچڙن ذهنن ۾ ڦِرندڙ موسيقيءَ جي سنگم
سان سندن اندر جي تَختي تي چِٽائيءَ سان اُڪرجي
پوندي آهي. جيئن يونان جي ڏاهي ارسطو چيو آهي ته:
”شاعري- فلسفي کان وڌيڪ ڳوڙهي ۽ تاريخ کان وڌيڪ
سبق ڏيندڙ هوندي آهي.“
سنڌي ادبي بورڊ سنڌ جو قومي ادارو آهي، جنهن سنڌي
ٻاراڻي ادب جي واڌاري لاءِ ڪافي بهتر ڪم ڪيو آهي ۽
سنڌ جي مڃيل ۽ نالي وارن ليکڪن ۽ شاعرن جا ٻاراڻي
ادب تي سَرجيل ڪتاب شايع ڪري مڃتا ماڻي آهي. بورڊ
پاران شروع ڪيل ”ٻاراڻو ادب سيريز“ ۾ ڪيترائي شعري
مجموعا ڇپجي منظرعام تي آيا آهن. جن منجهان هيءُ
ڪتاب
”سُرها
گل“
محترم اظهر گيلانيءَ جي طرفان ٻارن لاءِ ڪيل شاعري
جو مجموعو به هڪ اهم ۽ معلوماتي ڪتاب آهي.
سنڌي ٻاراڻي شاعريءَ جي هِن ڪتاب ”سُرها
گل“
جو
پهريون ڇاپو ڊسمبر 2005ع ۾ اداري طرفان شايع ڪري
منظرعام تي آندو ويو. هاڻي
هِن جو ٻيو ايڊيشن آءٌ
بورڊ جي مانائتي چيئرمين جناب مخدوم سعيد الزمان
’عاطف‘ صاحب جي
ايامڪاريءَ ۾
شايع ڪري
پڙهندڙن جي خدمت ۾ پيش ڪري رهيو آهيان.
اُميد اٿئون ته نظمن کي پڙهڻ سان نه صرف ٻارن جي
ڄاڻ ۽ شعور ۾ واڌارو ايندو، پر کين هيءُ ڪتاب بورڊ
جي ٻين ڪتابن وانگر پسند ايندو.
06- جمادي الاول
1441هه
سيد سڪندر علي شاهه
02- جنوري
2020ع
سيڪريٽري
ڪجهَه پنهنجي باري ۾....
ڪنهن شخصيت جي سوانح حيات عموماً ۽ خود نوشته
حالات زندگي قلمبند ڪرڻ خصوصاً قلمڪار کي امتحان ۾
وجهڻ جي برابر آهي. بهرحال ارشاد تي چند لڪيرون
ڪاغذ تي ڪڍان ٿو، شايد انهن جي ملائڻ سان مطلب
نڪري اچي. راقم الحروف تاريخ 27 جنوري سن 1918ع ۾
هڪ عالم و فاضل سادات ڊاڪٽر سيد اصغر علي شاهه جي
گهر ۾ جنم ورتو، شعر:
ايندي ۽ ويندي روئي ٿو، انسان ٻئي دفعا،
پنهنجي اچڻ تي پاڻ ئي پٽڪو ڪيو اٿم.
منهنجو نالو انور علي شاهه تجويز ڪيو ويو، ڏاڍي
لاڏ ڪوڏ سان پلجي جوان ٿيس. والد صاحب زميندار ۽
هوشيار، شڪل ۽ شباهت جو ٺاهوڪو، راڳ جو ڄاڻو ۽ راڳ
ٻڌڻ جو ڏاڍو شوقين هوندو هو. سنڌ خواهه هند جا
مشهور ڳائيندڙ الهڏنو خان نوناري، مٺوخان، غلام
علي خان وڏو، غلام علي خان ننڍو اسان جي بنگلي ۾
هفتن جا هفتا رهي فن جو مظاهرو ڪندا رهندا هئا. ان
دور ۾ سائين عبدالخاق صاحب صوفي ”غمدل“ به پنهنجي
فقراء سان گڏ ايندا ۽ عارفاڻا ڪلام ڳائيندا هئا،
سنــڌ ۾ حضرت غمدل ڪافيءَ جو وڏو شاعر آهي. آءُ
انهن جي تتبع تي ڪافيون چوندو هوس، فقير صاحب جي
ڪلام سان گڏ، اهي ڪافيون به ڳايون وينديون هيون.
شعر:
روح جي راحت آهي راڳ،
من جي مسرت آهي راڳ.
منهنجي ابتدائي اعليٰ تعليم ۽ تربيت گهر ۾ ٿي،
ظاهر تعليم لاءِ اسڪول ۽ مدارس موجود هئا، جتان
انگريزي، فارسي ۽ عربيءَ جا نادر نڪات ۽ سودمند
اسباق عطا ٿيا. ”علم جي در“ تان جملي علوم ۽ فنون
عنايت ٿيا، جن جي ابتدا ”من عرف نفسہ فقد عرف ربہ“
منظوم ترجمو ملاحظه فرمايو:
جنهن پاڻ کي سڃاتو، اُن رب کي سڃاتو،
انسان ٿئي ٿو اشرف، ڄاڻپ جي روشنيءَ ۾.
مون چوڏهن ورهين جي ڄمار سن 1932ع طالب علميءَ جي
زماني کان شعر چوڻ شروع ڪيو آهي. ابتدائي ڄاڻ حضرت
غمدل کان ملي، علم عروض هفت زبان شاعر و اديب،
فقير روشن ضمير تارڪ الدنيا علامه تارڪ رح علوي جن
جي مهربانيءَ جو نتيجو آهي. اردوءَ ۾ علامه سيماب
اڪبر آبادي رهنمائي ڪئي، سن 1915ع حضرت حاجي محمود
صاحب خادم، جناب علي محمد صاحب قادري، علامه تارڪ
جي ڪوشش سان ”جمعيت الشعراء“ سنڌ جو پايو پيو،
نالو علامه صاحب جي تخليق آهي، هن علم جي شمع تي
ادب جا پروانا گڏ ٿي ويا، صوبي ۾ علم عروض پکڙجي
ويو، آءٌ سيڪريٽري جنرل جي حيثيت سان شامل ٿيس، هن
وقت صدر جي اعليٰ عهدي تي فائز آهيان، مون جملي
اصناف سخن تي طبع آزمائي ڪئي آهي، ان ۾ اهلبيت سان
اظهار عقيدت ۽ غزليات جو انگ زياده آهي، شعر:
غزل هڪ آن ۾، اظهر ٿو لکجي،
اها طبعِ رسا آ، مان نه آهيان.
راقم الحروف نظم ۽ نثر ۾ ٻه سئو ڪتب قلمبند ڪيا
آهن، انهن مان هڪ سئو ٻارهن ڪتب صرف نظم جا، باقي
نثر ۾ شمار آهن. (112) ڪتابن مان سنڌي زبان جي
ٻاونجاهه حرفن تي حمد، نعت، منقبت، اخلاف. طنز و
مزاح وغيره تي چوويهه رديف وار ديوان آهن. مشرقي
زبانن ۾ هي پهريون ۽ پويون مثالي ڪم ۽ سنڌي ادب ۾
اضافو آهي. منهنجي اشعار جو انگ هڪ لک کان تجاوز
ڪري ويو آهي. شاگرد ڪافي آهن، چند نالا تحرير ڪجن
ٿا: ڊاڪٽر جناب نواز علي شوق صاحب، ڊاڪٽر علي اڪبر
اسير قريشي، جناب ارشد انڍڙ، جناب حاتم جانوري
روهڙي، ماسٽر چندر گرامون فون سنگر، سليمان شاهه
سالم دبيروي، غلام محمد غازي عبدو شڪارپور، بيخود
بلوچ پنوعاقل، بيوس بلوچ گهوٽڪي، سيد نور گيلاني
گهوٽڪي، سيد واجد گيلاني. مون سن 1946ع ۾ هفت روزه
”عالمگير“ لاڙڪاڻي مان جاري ڪري، صحافت جي ميدان ۾
پهريون قدم رکيو. سن 1951ع سکر مان سچ، افلاطون،
پڙاڏو، جاويد، هفت روزه آفر ۽ سن 1963ع ۾ هفت روزه
ذوالفقار، گهوٽڪيءَ مان جاري ڪئي، ابتدا ۾ هي
علائقو آفريڪا وانگر اونداهو ۽ سردارن جو ڳڙهه
رهيو آهي، مون راشي ڪاموري سيٽيل سردار، ظالم
زميندار، نيم ملا، پيشه ور پير جي خلاف قلم کي
گردش ۾ وڌو، غريب ۽ اٻوجهه عوام جي خدمت ڪرڻ عين
فرض سمجهي، انهن جي حقن لاءِ جدوجهد جاري رکي.
گويا اخبار جو دفتر شڪايت جو مرڪز بڻجي ويو. وڏيرن
آڇون ڪيون، دوستي جو هٿ وڌايو ويو، مگر آءٌ قطب
نما جي سُئيءَ وانگر مرڪز تي مضبوط رهيس. آخرڪار
انهن پوليس کي راضي رکي، ڪوڙا فريادي ۽ مسواڙي
شاهد ڏئي مقدمات جو سلسلو شروع ڪيو، تاحال 62 ڪوڙا
ڪيس داخل ٿيا، مقدمات جي ڀرمار مون کي فائدو ڏنو،
خدا جي فضل سان باعزت بري ٿي ويس. مون سان عوام جو
مڪمل ساٿ ۽ غريبن جون دعائون هيون:
غريبن کي چڱو ’اظهر‘ لڳان ٿو،
غريبن جي دعائن تي تڳان ٿو.
انهيءَ دور ۾ جناب ڀٽي صاحب جي حڪومت آئي، اخبار
کي هيڪاري تقويت حاصل ٿي، وڏيرن جا ارادا خاڪ ۾
ملي ويا. هيءَ اخبار تقريباً چاليهه سال مسلسل آب
و تاب سان نڪرندي رهي، ۽ 10 جنوري 2000ع ۾ بند ٿي.
ڪامورن اشتهارات بند ڪري ڇڏيا هئا، سارو وقت
پنهنجي مدد پاڻ جي اصول تي زنده رهي. مون جدا جدا
اوقات ۾ جن سياسي ۽ غير سياسي ادارن ۾ شرڪت ڪئي
آهي. خاڪسار، ڪانگريس، هاري ڪميٽي، پاڪستان پيپلز
پارٽي، انجمن مديرانِ جرائد سنڌ، مسلم ليگ (ن)،
صدر آل محمد، صدر بزم تارڪ، صدر بزمِ حافظ ملت
پاڪستان، صدر جميعت الشعراء سنڌ. مون مختلف اوقات
۾ هز ماسٽرس وائيس رڪارڊنگ ڪمپني ڪراچي ۽ دهلي،
ڪولمبيا رڪارڊنگ ڪمپني لاهور، ينگ انڊيا رڪارڊنگ
ڪمپني بمبئي جي رڪارڊنگ آفيسر ۽ شاعر جي حيثيت
سان، سنڌ جي مشهور فنڪارن کان پنهنجو ڪلام رڪارڊ
ڪرايو آهي. ماسٽر چندر، خانصاحب مٺو خان، پروفيسر
سونا خان، ميوزڪ ڊائريڪٽر گلشن صوفي، سيد منور علي
شاهه، جيوڻي ٻائي، عصمت بانو، حميده بيگم، سنڌيءَ
جي پهرين فلم ”ايڪتا“ جي هيروئن بيگم آرا ۽ ٻين
راڳين کان رڪارڊ ڪرايو آهي. منهنجي ذاتي ”تارڪ
لائبريري گهوٽڪي“ ۾ نادر ۽ ناياب قلمي ڪتابن کان
علاوه مختلف علم و فنون تي ڏهه هزار ڪمياب ڪتاب،
اهل ذوق کي مطالع جي دعوت ڏيندا رهن ٿا. سن 1948ع
موجوده حاجي ڪئمپ ڪراچي تنبن ۾ ريڊيو اسٽيشن قائم
ڪئي وئي هئي. زيڊ. اي بخاري ڊائريڪٽر جنرل هو، آءٌ
سنڌي سيڪشن جو انچارج هوس. هندو فنڪار انڊيا هليا
ويا هئا، حالتون قابلِ برداشت نه هيون، وقت کي ڌڪي
ڏيڻ لاءِ مون گيتن ڀري ڪهاڻي شروع ڪئي. ان سان گڏ
سنڌي طرحي مشاعرا ٿيڻ لڳا، مٿيون ٻئي رٿون منهنجي
ذهن جي پيداوار آهن، بعد ۾ ٻين انهيءَ انداز جي
پيروي ڪئي، سير و سياحت، شاعري، موسيقي، ڪتب بيني،
ڪتب نويسي محبوب مشغلو رهيا آهن. ها جواني ۾ شڪار
جو شوق به رهيو:
”رهيو شوقِ شڪار ’اظهر‘ جواني ۾
هينئر تيرِ مصائب جو شڪار آهيان.“
}سيد
اظهر گيلاني 15- فيبروري 2005ع
چوڏهن معصومن جي مبارڪ نالي.
اظهر گيلاني
شاعري هڪ لطيف فن آهي، جيڪو انسان جي دل ۽ دماغ تي
هڪ وجداني ڪيفيت طاري ڪندو آهي، شاعري نه صرف
جوانن ۽ معمر ماڻهن، بلڪ ٻارن جي دلين تي به
جادوءَ جو اثر رکي ٿي. نثر جي بار بار پڙهڻ سان
انسان جي دل کٽي ٿي پوندي آهي، ان جي ابتڙ نظم کي
جيترا دفعا پڙهبو، ان مان هر ڀيري نئون حظ ۽ لطف
ملندو آهي. اڪثر ڪري ڏٺو ويو آهي ته نظم ۾ ڪيل
ڳالهيون، وڏن خواهه ننڍن جي دلين تي آسانيءَ سان
نقش ٿي وينديون آهن. اڄ جا ٻار آئيندي جا ابا،
علمي، ادبي ۽ دنيا جا معمار ثابت ٿيندا، انهن جون
پنهنجي وڏن، خواهه ملڪ جي شاعرن ۽ اديبن تي وڏيون
ذميواريون عائد ٿين ٿيون. دنيا جي سڌريل ”ترقي
يافته“ ملڪن ۾ ٻارن جي تعليم ۽ تربيت تي خاص ڌيان
ڏنو ويندو آهي، انهن جي وندر ۽ ورونهن، ذهني اوسر
۽ شوق پيدا ڪرڻ لاءِ مناسب ۽ موزون مواد مهيا ڪيو
ويندو آهي.
اها افسوسناڪ حقيقت آهي ته سنڌ صوبي ۾ ورهاڱي کان
پوءِ ٻارن جي لاءِ ڪتاب گهٽ ڇپيا آهن، خاص طرح
نظمن جا مجموعا ته نه هجڻ جي برابر آهن. تقسيم کان
اول انهيءَ ڏس ۾ نظم جا هيٺيان ڪتاب ڇپيا هئا:
(1)
”بهارستان“ از: ڪشنچند بيوس 1929ع، (2) ”سامونڊي
سپون“ از: ڪشنچند بيوس 1929ع، (3) ”احسن الاخلاق“
از: حافظ محمد احسن 1935ع، (4) ”گل نو بهار“ از:
جمع خان 1935، (5) ”شعر بيوس“ از: ڪشنچند بيوس،
(6) ”تصوير احساس“ از: پرسرام ضيا 1943ع (7) ”نو
بهار“ از: ڀيرو مل غريب 1945ع، (8) ”پيغام عزيز“
از: ليکراج ڪشنچند عزيز 1946ع، (9) ”جهونگار“ از:
هوندراج دکايل 1946ع، (10) ”سوڪس ناگرڪ و گيان“
از: آغا تاج محمد 1946ع، (11) ”شاعراڻي شمع“ از:
ليکراج ڪشنچند عزيز، (12) ”زندگي“ از: نرمل
جيوتاڻي 1947ع وغيره. ٻارن جي ترجماني ۽ طرفداريءَ
لاءِ سنڌي ادبي بورڊ جو رسالو ”گل ڦل“ ڏاڍو پاڻ
پتوڙي رهيو آهي، ليڪن ايڏي وڏي خال کي ڀرڻ لاءِ هڪ
رسالو ناڪافي آهي، دراصل ٻارن جي دلچسپيءَ ۽ معيار
بلند ڪرڻ لاءِ نظم ۽ نثر جي ڪتابن جي ڏاڍي ضرورت
آهي.
مون اها ڪمي محسوس ڪندي، ٻارن جي وندر ۽ ذهني اوسر
کي ذهن ۾ رکي هيءَ ڪتاب ”سرها گل“ لکيو آهي،
پنهنجي خوشي سان سنڌي ادبي بورڊ جي حوالي ڪري رهيو
آهيان. هن مجموعي ۾ اخلاقي، ادبي نظم به شامل آهن.
ڪتاب جي مڙنئي مضمونن ۾ عمدا ۽ اعليٰ، سليس ۽
بامحاورا ٻولي ڪم آندي وئي آهي، اخلاق جي بلنديءَ
جي تعريف ۽ تلقين اهڙي وڻندڙ ۽ انوکي انداز ۾ ڪئي
وئي آهي، جيئن پڙهڻ وارن کي اهو احساس ٿئي ته
نصيحت جي ڪڙي دوا کي ”هوميوپيٿي“ جي مٺاڻ سان گڏ
کارائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.
هن ڪتاب ۾ 55 نظم ۽ جملي 745 اشعار موجود آهن،
اُميد واثق آهي ته اسان جون ذهين ڇوڪريون ۽ هوشيار
ڇوڪرا هن شاعراڻي تحفي کي بيحد پسند ڪندا. اسان جو
صلو ۽ انعام، معاوضو ۽ اُجورو، صرف انهن جي خوشي ۽
خوشنودي آهي.
17 ربيع الثاني 1400هه
سيد اظهر گيلاني
5 مارچ سن
1980ع
اسلام آباد
`
ڌڻيءَ جي تعريف
زمين، آسمان، چنڊ، سج ۽ ستارا،
سڀئي تنهنجي قدرت جا آهن نظارا.
ڪڏهن آهِه سردي، ڪڏهن آهِه گرمي،
ڪڏهن آهه سختي، ڪڏهن آهه نرمي.
ڪٿي باغ آهي، ڪٿي آهه صحرا؟
ڪٿي آ جبل، ۽ ڪٿي آهه دريا؟
تون ڌرتي جي سيني مان اَنَ ٿو اُپائين،
اهو آدمي جي غذا ٿو بنائين!
تون ننڍي، وڏي جو نگهبان آهين،
تون کوٽي کري جو نگهبان آهين!
غريبن جو وارث، اميرن جو مالڪ،
تون
شاهن جو والي، فقيرن جو مالڪ!
تون رزاق، سڀ کي ٿو روزي رسائين،
ڏمرجين به ڏين، وقت تي ٿو سدائين!
تون خالق، تون مالڪ، تون داتا، تون باري،
هي مخلوق ساري، تڳي تنهنجي تاري!
جي ناراض ٿين، شهر ويران جهٽ ۾،
ڪرين مهر، محلات اڏجن ٿا پٽ ۾!
تون جنهن کي ٿو
چاهين، ته عزت نصيب آ،
تون جنهن کان ٿو منهن موڙين، ذلت نصيب آ!
تون دائم ڀي، قائم ڀي، توکي بقا آ،
سوا تنهنجي دنيا جي هر شيءِ فنا آ!
اي ٻارو، خدا پاڪ جا گيت ڳايو،
فقط ان جي اڳ تان ئي سر کي جهڪايو.
(مدرسه قاسم العلوم، گهوٽڪي،
7- فيبروري 1980ع)
مقدس وطن
شاد ۽ آباد رهه منهنجا وطن، تنهنجي عزت جي مٿان
قربان ڌَنَ،
تنهنجي نالي تان نڇاور جان و تن، اي وطن منهنجا
وطن پيارا وطن!
اسم تنهنجو، جسم تنهنجو پاڪ آ، تنهنجي الفت جو
دلين ۾ ٿاڪ آ،
غيرت افلاڪ تنهنجي خاڪ آ، جت ملائڪ ڀي اچي سجدا ٿا
ڪن.
اي وطن، پيارا وطن!
تنهنجو ذره ذره آهي آفتاب، تنهنجو قطره قطره گوهر
بي حساب،
تنهنجو هر هڪ خار آ، مثلِ گلاب، تنهنجو رڻ پٽ ٿو
لڳي رشڪ چمن.
اي وطن، پيارا وطن!
پنج دريا، تنهنجي سيني مان وهن، بياس ڇا چناب، ۽
راوي چون؟
سنڌو ۽ ستلج رهن ٿا موجزن، سرزمينِ پاڪ کي سيراب
ڪن،
اي وطن، پيارا وطن!
غيرت فردوس، تنهنجون سرحدون، ڪوثر و تسنيم نالا ۽
نديون،
گوهر و الماس، پربت ۽ ڀٽون، تنهنجو هر ذره ٿيو
رشڪِ چمن،
اي وطن، پيارا وطن!
اي وطن تنهنجي محبت فرض آ، اهل دل ۾ تنهنجي عزت
فرض آ،
شاعرن تي تنهنجي مِدحت فرض آ، فرض ۾ هشيار ڪن ويڇو
وجهن؟
اي وطن، پيارا وطن!
شاهه ڀٽ تي شاعر جادو بيان ۽ درازن ۾ سچل آهي
عيان،
لعلورانڪ ۾ آ تارڪ نڪته دان، روهڙي ۾ بيڪس و بيدل
رهن،
اي وطن، پيارا وطن!
تنهنجو ناصر، ۽ محافظ آ خدا، مصطفائيءَ لاءِ آهي
مصطفيٰ،
قلِ مشڪل واسطي مشڪل ڪُشا، تنهنجا ”اظهر“ حامي آهن
پنجتن،
اي وطن، پيارا وطن!
(قصرالادب، گهوٽڪي. 19- ڊسمبر 1978ع) |