سيڪشن: ٻاراڻو ادب

ڪتاب: پنهنجي ٻولي- پياري ٻولي

باب:

صفحو:4 

ڀؤنئرو

 

 

 

هڪڙو هو ڪو ڀؤنئرو

ڀون ڀون، جنهن آ لائي

 

باغ ۾ ڦرندو آيو

اچي گل تي ويٺو

 

گل جو رنگ گلابي

ڀؤنئري جو هو ڪارو

 

رنگ تي موهت ٿي پيو

خوشبو منجهه ٻڏي ويو

 

۽ پوءِ ويو اُڏامي

هڪڙو هو ڪو ڀؤنئرو

۽ ٻيو گل گلابي.

 

چنڊ ماما

 

 

 

چنڊ ماما اوري آءُ

توسان دل جي ڳالهه ڪيان

رات سڄي تون ٺارين ٿو

ٿڌڙي روشني ٻارين ٿو

سهڻو پاڻ ڏيکارين ٿو

جڳ سڄو اُجارين ٿو

 

ٻئي پاسي هي سج جو آهي

جنهن کان هرڪو پاڻ لڪائي

جيڪو باهه جو گولو ٻاري

گرميءَ ۾ ٿو ماڻهو ماري

ماما سج کي تون سمجهاءِ

ايڏي تيز نه باهه لڳاءِ

ماما سج جي ڊيوٽي ڪر تون

ان کي وٺي موڪل ڏي تون

ماما منهنجو هيءَ انگل آ

ڳالهه مڃيندي، ٿورا ٿيندا!

 

 

هفتي جا ڏينهن

 

سومر تي اسڪول وڃون

اڱارو هوم ورڪ ڪريون

اربع تي ٿا سبق پڙهون

خميس تي ٿا بحث ڪريون

جمعو اڌ- ڏينهن موڪل آهي

ڇنڇر پوري ڀير ڏيون

آچر موڪل، موج ڪريون

 

ڪوبه ڏينهن نه آ بيڪار

ساري هفتي جو وهنوار

خوش ٿي پنهنجو وقت گذار.

 

ڀريل پاڪيٽ

 

 

ڀريل پنهنجو آ پاڪيٽ

هٿن ۾ ڄڻ آ راڪيٽ

 

جيڪو چاهيان آءٌ وٺان ٿو

جتي چاهيان اُت گهمان ٿو

 

پائڻ، کائڻ ناهي پرواهه

وڃي کيڏان ٿو مان هرجا

 

سڀئي منهنجي راهه تڪن ٿا

ايندي ڏسندي خوش ٿين ٿا

 

ڀريل پنهنجو آ پاڪيٽ

هرڪو کليل آ پوءِ گيٽ

 

پرديسي پکيئڙا

 

 

پرديسي پکيئڙا

آڙيون- نيرڳا

سردين جي موسم ۾

ساري پنهنجي سٿ سان

مهمان ٿي هي اچن ٿا

سيءَ کان پوءِ بچن ٿا

ليڪن پنهنجا ديسي

ماري سي وڪڻن ٿا

پڪڙي، کاڄ ٿين ٿا

باقي بچل ساسي

روئندا پوءِ وڃن ٿا

مهمانن سان هاڃا

اهڙا هت ٿين ٿا

شايد هاڻ نه ٿيندو

ماڻهو سڌري ويندا

سوچي هو موٽن ٿا

ٻيهر کاڄ ٿين ٿا

ماڻهن ڪين مٽائي

ساڳي چال اڃان ئي.

 

امان هلڻ سيکاريو

 

 

پڪڙي منهنجو هٿ

امان هلڻ سيکاريو

ڪرندي، ٿڙندي مون

پنڌ ڪري ڏيکاريو

اڄ ڌرتيءَ تي مان

ڊوڙي به ته سگهان ٿو

دکَ دريائن منجهه

ٻوڙي به ته سگهان ٿو

علم جو جهنڊو مان

کوڙي به ته سگهان ٿو

اُوچي ڪنهن جبل کي

ٽوڙي به ته سگهان ٿو

ٽٽل دلين کي مان

جوڙي به ته سگهان ٿو

سڀ ڪجهه وسري ويو

مطلب نڪري ويو

پر مان پنهنجي ڪاڻ

جيئڻ سکيو آ هاڻ.

 

پنهنجي مٽي پياري مٽي

 

 

مٽيءَ جا رانديڪا آهن

مٽيءَ جا ماڻهو به آهن

هڪڙي مٽي

پنهنجي ڳوهيل

ڦيري، موڙي

ٽوڙي سگهبي

ٻئي مٽي آ

ٻاڙي مٽي

جيڪا اڳ جي ڳوهيل آهي

ان کي ٺاهڻ

ڊاهڻ اوکو

ساري جڳ ۾

ان سان دوکو

پنهنجي مٽي

پياري مٽي

پنهنجي مٽي سرهي مٽي

اهڙي مٽي زندهه آباد

منهنجي ڌرتي زندهه آباد.

 

 

منهنجا پٽڙا

 

هجين شال آباد منهنجا تون پٽڙا

لڳي ڪين ڪوسو ڪوئي واءُ توکي

کڻي ڪيڏو به جُهور ڪمزور آهيان

کڻي ڪين ڪو بار ڪوئي سگهان ٿو

مگر جهول پنهنجو مان تولئه کڻان ٿو

۽ تولاءِ پل پل دعائون گهران ٿو

ڦٽائي پنهنجو چين توکي ڏنم سُک

جڏهن تو طلب يا ڪا فرمائش ڪئي

هيو ڪجهه نه هڙ ۾، مگر تولئه آندم

تنهنجي ماءُ جا ڳهه گروي رکي سڀ

پنهنجو مال متاع وڪڻي ڪري به

وڏي توکي ڪاليج ۾ داخل ڪرايم

مون پل پل دعائون گهريون تنهنجي خاطر

اکين جو سڄو نُور ۽ جُهور چهرو

لنگهڻ تي ڪي ويلا به ٽاري ڇڏيا ها

مگر پنهنجو هرڪو گرهه توکي آڇي

پراڻا سراڻا چتين وارا ڪپڙا

مان پائي به خوش آهيان ۽ غم نه آهي

هي سوچئي! ته بابل تي گذريو ڇا آهي؟

جڏهن تون پڙهي پاس ٿي آيو آهين

چئين ٿو اُبو هي صفا ڄٽ آهي

امان جهل انهيءَ کي اچي هي نه آفيس

جو سنگتين ۾ منهنجي گهٽتائي ٿئي ٿي

 

هي پيري به ڏاڍي عجيب چيز آهي

مگر وقت آهي هي ڦرڻو ۽ گهرڻو

سڀاڻي جي تنهنجو جي  ڪو پٽ ٿيندو

خبر ناهي ان جو ساڳيو حال هوندو

علم ۽ عقل ۾ فرق پوءِ نه رهندو

تنهنجو پيءُ پر پيءُ تنهنجوئي هوندو.

 

ڪُڪڙ ڳائي، ڪُڪڙو ڪُون

 

 

ڪُڙ ڪُڙ ڪُڙ ڪُڙ، ڪُڪڙ جهومي

ڪُڪڙ ڳائي، ڪُڪڙو ڪُون

چُون چُون چُون چُون چوزا ٻولن

ڪُڪڙِ پنهنجا پر ڦهلائي

ڇاتيءَ هيٺان سڀ لڪائي

۽ پوءِ اَنَ جا داڻا ڳولهي

سارا ٻچڙا ويجهو ميڙي

چهنب سان سارا داڻا ڇيڙي

تن جي واتن منجهه ڀري ٿي

جيسين پيٽ نه ڀرجي تن جو

تيسين بک ۾ پاڻ مري ٿي

سِرڻ جي ڪا لامارا ڏي ٿي

کنڀڙن هيٺان سڀ ڍڪي ٿي

جيڪو ويجهو تن جي آيو

تن کي ٺونگو، چهنب هڻي ٿي

مون کي ان لاءِ خوب وڻي ٿي

ڏاڍي پياري پوءِ لڳي ٿي

 

ننڊ ڪيان ٿو، خوب سمهان ٿو

 

 

ننڊ ڪيان ٿو، خوب سمهان ٿو

سهڻا سهڻا خواب لهان ٿو

پنهنجي هٿن ۾ گل گلابي

۽ ماکيءَ جو مانارو آ

 

ماکيءَ جو ميٺاڄ چکان ٿو

 

پنهنجي هٿن ۾ ميوو آهي

ڏاڙهون، آڙو ۽ انگورَ

کائي مان سواد وٺان ٿو

 

پنهنجي هٿن ۾ هي ڪتاب

جن ۾ سهڻا آهن باب

ڄاڻ ملي ٿي، علم پڙهان ٿو.

 

 

رانديڪا

 

ام، ڪا- مم، ڪا

آڻي ڏي رانديڪا

ويٺي ويٺي تن سان

کلي آئون کيڏان

اوري آءُ جيڏا.

 

اڻ، ڪا- مڻ، ڪا

گيس ڀريل ڦوڪڻا

ڇڳي ڏور هٿ مان

هوا ۾ اُڏاڻا

جيءَ منهنجا راڻا

 

اچ، ڪا- مچ، ڪا

خرچي مون کي ڏي ڪا

ڳاڙهيون، نيرون، پيليون

ٽافيون کائيندس مان

گيت ڳائيندس مان

اُڀ ۾ تارو

منهنجو ديس پيارو.

 

ٽارين ۾ گلڙا

 

 

مٽيءَ ۾ ٿڙ آ

ٿڙن ۾ ٽاريون

ڏس ڪيڏيون پياريون

 

ٽارين ۾ پنڙا

ڄڻ ڪنهن جا ڪنڙا

 

ٽارين ۾ گلڙا

لڳن ٿا سهڻا

گلڙن ۾ گونئچ

گونئچن ۾ ٻج

جيڪو آهي نج

 

اهو جو پوکي ٿو

وڌي وڻ ٿئي ٿو

 

پيار مان پوکي

جنهن به ڪڻي آ

ذري مان ڪيڏي

ڳالهه بڻي آ.

 

 

ڊم ڊم ڊينبو

ڊم ڊم ڊينبو

کائي ڪچا ٻير

ڪوئي جهڙو مُنهن

هاٿيءَ جهڙا پير

اڇا ڏند ان جا

ڀڳڙا کائڻ هير

سائيڪل تي چڙهي

ڪري ويٺو سير

دعا جي گهري ٿو

وسي ڳڙو ڍير

سدائين کل تون

مرڪي مل تون

ڊم ڊم ڊينبو

کائي کٽا ٻير

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4  
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org