گدڙ ۽ انگور
هڪ هو گدڙ
نانوَ جو ڦندڙ
ڏاڍو هوندو
هو مغرور
وڻندا هئس
مٺا انگور
هڪڙي باغ ۾
ايندو هو هُو
ڀڀ ڀري پوءِ
ويندو هو، هُو
باغ جي مالهيءَ
اٽڪل سوچي
ٻڌي ڇڏيائين
ول به اُوچي
آيو گدڙ
ڪونه پڳو هو
هيڏي هوڏي
خوب ڀڳو هو
ويندي ويندي
هي چيائين-
آئون نه کاوان
يارو مُور
کٽا آهن
هي انگور.
برٿ ڊي Birth
Day
اڄ آ منهنجو برٿ ڊي
مونکي اڄ دعائون ڏي
شال ٿيان مان انسان اعليٰ
پيار جا ڀريان خالي پيالا
عزت، عظمت، دولت گهرجي
دنيا کان بس محبت گهرجي
گڏجي تاڙين منجهه ملائي
منهنجي من جي آس وڌائي
ڪيڪ خوشين جو هي ڪاٽي
پنهنجي دوستن منجهه ورهائي
مون کي ساريون خوشيون ڏي
اڄ آ منهنجو برٿ ڊي.
لاڙڪاڻو
سانوڻ جي گرمي
آ ۽ لاڙڪاڻو
منهنجو پيارو
شهر هي اباڻو
محبت جي تپش
اڃان تيز آهي
ٽانڊن، ڪنڊن ساڻ
لبريز آهي
آ ماڻهو هتان جو
نازڪ نماڻو
جتي به مان هوندس
وري موٽي ايندس
هتي اوور پوريل
مٽيءَ مان آ ڳوهيل
منهنجو شهر سهڻو
سدائين جيئي هي
سنڌ
جون ڀاڄيون
سهڻي سنڌ جون
پنهنجيون ڀاڄيون
بيهه پلي ۽ مَريڙو
ڄانڀو، ڦليون
ڦوٽا، ڦريون
کاڌا نت نيارا آهن
جيڪي ڏاڍا پيارا آهن
لوڙهه، قُم ۽ ٻُوري
ليسوڙا ۽ پيرون
لذت تن جي کائي ماڻ
پنهنجي سنڌ جي آهه سڃاڻ
وقـــــــــت
وقت سجايو
ڪين وڃايو
وقت اهم آ
ضروري ڪم آ
واندو ماڻهو
بنا علم جي
آهي ڪاهل
ڄڻ ڪــــو جاهل
علم پرايو
جوت جلايو
وقت سجايو
ڪين وڃايو
دُعـــــا
ٽانڊاڻن جيان ٽمڪون ويٺا
جوڪر وانگي ٽهڪون ويٺا
پنهنجي ماءُ جي هنج ۾ ويهي
چنڊ ستارا- چمڪون ويٺا
امڙ اسان جي پيار ڪري ٿي
مُرڪي ڳل تي هٿ رکي ٿي
ٻُڪ ۾ پڪڙي، مُنهن چُمي ٿي
۽ پوءِ کوڙ دعائون ڏي ٿي
ڌرتيءَ جي سيني تي آهيون
رنگ برنگي گل اسين ئي
علم وڌائج، مولا منهنجو
مون تي آهي ٿورو تنهنجو
خالق خلقڻهار تون آهين
ساري دنيا کي ٿو هلائين
جيڏي ڌرتي تيڏي سگهه ڏي
اڻ ميو ٻوليءَ کي اگهه ڏي |