ڪڏهن وري ٺڪر جي ٿانون کي به رنگ ڏيئي پچايو ويندو آهي. هن وقت
جديد دؤر جي طرز جي عمارتن، بنگلن جي احاطي جي
ڀتين اندر، ٻاهر، سرڪاري ثقافتي طرز تي ٺهيل
عمارتن، پلين، دلي دروازن، شاهراهن تي ۽ سرحدي
گيٽن وغيره تي ڪاشيءَ جون سرون لڳايون وڃن ٿيون.
ان کان علاوه ڪاشي مان انيڪ شيون جوڙيون وڃن ٿيون. پاٽيون، تس،
ڪُنا، ڍڪڻيون، ڍاڪون، مسجد شريف جون نيلون،
ڪونڊيون، گلدان، ٽيبل ٽاپ، ڊنر سيٽ، رڪابيون،
چلمون، سرون، ڪنارن جون ننڍيون سرون، ڪؤنرا، لوٽا،
ٻارن جون منهن رکڻيون، سگريٽ جا ايش ٽري يا رکدان،
فانوس، قبرن جا ڪتبا، مقبرن جا ڪتبا وغيره. اهي سڀ
شيون هالا ۽ نصرپور ۾ ٺهن. سيوهڻ ۽ بختيارپور ۾
وري ڪيترن قسمن جا رانديڪا ٺهن. خاص طرح وڏا
شينهن، ننڍا شينهن، مار ڪندڙ شينهن، گهوڙا، اٺ،
هاٿي، بگلا ٻگهه وغيره ڏاڍا سهڻا ٺهن. شاهه ڪريم
وري مسجد جي نيلن ٺاهڻ کان مشهور آهي.
ڪاٺ جو ڪم:
نه فقط سنڌ ۾ پر پوري پاڪستان ۾ ڪاٺ جو تمام اوچي درجي جو ڪم
ٿئي ٿو. سنڌ ۾ حيدرآباد ۽ خدا آبادي واڍا ڏاڍا
مشهور آهن. ميان غلام شاهه ڪلهوڙو جڏهن خداآباد
ضلعي دادو مان سنڌ جي گادي جو هنڌ ڦيرائي حيدرآباد
ڪيو ته پڪي قلعي ٺهرائڻ کان پوءِ خداآباد مان عوام
کي لڏائي هت وٺي آيو. جيئن ته نئون شهر آباد ڪيو
ويو ان ڪري لشڪر سان گڏ ڪڙمي، هاري، ڪمي، ڪاسبي،
واپاري، ڪامورا ۽ ڪارندا ۽ سڀني طبقن جا ماڻهو وٺي
آيو، انهن ۾ جيڪي به خدا آباد مان لڏي آيا، تن
پوءِ پاڻ کي خدا آبادي سڏائڻ شروع ڪيو. جيئن
جا ڏونڪا، گگهين جا ٻوچ، ٻارن جي راند ڪرڻ ۽ ڦيرائڻ جا لاٽون،
پان وارن جي ڪَٿي چُوني جا ڪاٺيءَ جا چمچا، ڏويون،
ٻارن جا گاڏا ۽ ٻيو ڪيترن قسمن جو سنهو سنهو سامان
ٺاهين ٿا. جنڊي جي ڪم جي سهڻائپ ڪري ان مال جي کپت
ڏيساورن ۾ تمام گهڻي آهي ۽ ان ڏس ۾ سنڌ مان ڪيترو
مال ٻاهر وڃي ٿو.
جهڙيءَ طرح سنڌ ثقافتي ورثي مطابق ڪاشي، رلي، اجرڪ، گج،
سوسي ۽ سنڌي ٽوپي ۾ مشهور آهي، تهڙيءَ طرح جنڊي به
سنڌ جو خاص هنر ۽ نهايت خاص گهريلو صنعت آهي. هيءُ
ڪم گهڻو ڪري وگهامل قوم جا ماڻهو ڪندا آهن. وگهامل
قوم سنڌ جي هنري صنعت ۾ وڏي اهميت رکي ٿي. وگهامل
اصل زدوئي پٺاڻ ذات سان واسطو رکن ٿا. سنڌ جي
حاڪمن ميان ڪلهوڙن جا مريد، خليفا ۽ بااعتماد
ماڻهو هئا. چيو وڃي ٿو ته ميان نصير محمد ڪلهوڙي
جي شهيد ٿي وڃڻ تي انهن جو هڪ وڏو ميان جو سر کڻي
آيو ۽ وگهامل جو لقب ڪلهوڙن وٽان ملين. جيئن ته
جنڊيءَ جو ڪم سخت جان، محنت، مشقت ۽ اڻ ورچائي
گهري ٿو، واقعي هي قوم به ان مصداق سان ٺهڪي اچي
ٿي. هنن جا اٽڪل ٽي کن گهر کاڻوٺ شهر (هالن جي
ويجهو) آباد آهن. شهرن ۾ هنن کي جنڊي واڍا سڏيو
وڃي ٿو. بهڻ ۽ ٻين ڪيترن نرم ڪاٺن مان هيءُ پنهنجي
شين جي تخليق ڪن ٿا. سندن اوزار به مختصر ئي هوندا
آهن. ٻن نوڪدار ڪلين جي وچ ۾ جا شيءِ گهڙڻي هوندي
آهي، ان کي ڦاسائي پوءِ رنبي سان گهڙيندا آهن.
گهڙڻ لاءِ جدا جدا رنبيون استعمال ڪيون وينديون
آهن. اڄڪلهه شين کي ڦيرائي گهڙڻ لاءِ ننڍيون بجلي
جون موٽرون استعمال ڪيون وڃن ٿيون. پهريائين شيءِ
کي گهڙي صاف ڪري، انهيءَ کان پوءِ ان تي رنگ
چاڙهين. رنگ به ساڳئي وقت چاڙهندا ويندا آهن.
جنڊيءَ جا رنگ خاص طرح سان تيار ڪيا ويندا آهن ۽
چاڙهڻ کان پوءِ اهڙا ته ڀلا لڳندا آهن جو ڏسڻ وارا
دنگ رهجي ويندا آهن. رنگن جي ورهاست ۽ چمڪ جنڊي جي
هنر ۾ خاص اهميت رکن ٿا. اهي ڪم مختلف مرحلن ۽
مختلف هٿن مان گذري جڙي راس ٿئي ٿو.
ڌاتوءَ جو ٿانو:
ملتان، ڪراچي، حيدرآباد، ڪشمير ۽ پنجاب جي ڪيترن شهرن ۾ ڌاتوءَ
جا بهترين ظروف ٺهن ٿا، جن ۾ مرتبان، اگربتي دان،
گلدان، ڪونڊيون وغيره ٺهن. ان کان علاوه ٻيون به
ڪيتريون شيون ننڍيون توڙي وڏيون دستڪاريون ٺهن،
خاص ڪري وڪٽوريه گهوڙي گاڏي يا بگيءَ جون پاسن
واريون بتيون ڏاڍيون سهڻيون ۽ عمديون ٺهن.
ٻيون به ڪيتريون هٿ جون هنري شيون مثال، ٽوڪريون ٺاهڻ نيٽ مان
ڪيتري قسم جو فرنيچر، جهڙوڪ: ٻارن جا جهولا، ننڍا
پينگها، ٻارن جا ٽيبل ڪرسين جا سيٽ، ٽپايون، لڪڻ،
بالٽيون، ٽوڪريون، بينچ، صوفا سيٽ، تڏا، وغيره
ٺهن. تيلين مان وري تڏا، پکا، ٻهاريون وغيره ٺهن.
بانس مان به قسمين قسمين سامان ۽ فرنيچر ٺهي. ڪڻڪ
جي تيلن مان دٻڪيون، پنڊيون، ڇڄ، ڇٻا، وڃڻا وغيره
ٺهن. بلوچستان جي ”پيش“ گاهه مان ڪافي شيون ٺهن.
ديره اسماعيل خان ۾ کجور جي سنهن ڪکن مان به
گهڻيون ئي شيون ٺهن جنهن ۾ ٽوپيون، نماز جون
ٽوپيون ۽ ٽوپلا، خاص آهن. پيش گاهه مان ڇٻا،
ٻهاريون ۽ سرحد جي ”مزري“ گاهه مان به ڪافي شيون
ٺهن جو وچ ديره اسماعيل خان آهي ۽ ٻيو نمبر تي
پشاور آهي.
هنڌن، پلنگن جون چادرون، لباس طور قميصون، ٻارن جا جوڙا، ڪاليجن
جا شاگرد ڪلهن تي ويڙهين، ڪاليج ۽ اسڪول جون
نياڻيون گائون جو ڪم وٺن. اجرڪ نه فقط سنڌ، پر
دنيا جي ڪيترن ملڪن ۾ تمام گهڻي پسند ڪئي وڃي ٿي.
هن وقت اجرڪ سنڌ جي قومي ثقافت جو ورثو سمجهي وڃي
ٿي.
پاڪستان جي گهريلو صنعت نه فقط برصغير ۾ نمايان حيثيت
رکي ٿي، پر دنيا جي ڪيترن ملڪن ۾ پاڪستاني گهريلو
صنعت جي دستڪاري جي شين کي عجيب روايتي هنر سمجهي
استعمال ڪيو وڃي ٿو. سنڌ ۾ گهر گهر اڳٺ اُڻڻ جو
رواج آهي. اڳٺ سُٽ ۽ پَٽَ مان ٺاهيا ويندا آهن.
پهريائين سٽ ۽ پٽ کي اوبري تي چاڙهي، اوبرو ڪڍيو
ويندو آهي يا تاڃي ڪڍي ويندي آهي. تنهن کان پوءِ
ان ۾ جا ڊزائين رکڻي هوندي آهي، ان جي حساب سان
رنگن جا ڌاڳا ملائي، پيٽو ڪڍي، ڪارچوپ تي چاڙهيو
ويندو آهي. پوءِ ان ۾ ڪيترن ئي قسمن جي ڊزائين رکي
ويندي آهي. اڳٺ به ڪيترن ئي رنگن ۽ ڊزائينن جا
ٺاهيا ويندا آهن. هنن جي ڊزائين مختلف قسمن جي
ڄاري ٿيندي آهي.
جيتوڻيڪ اڳٺ هڪ ننڍڙي مڙهياريءَ جي شيءِ آهي، پر اسان جي لباس
جو هڪ اهم ۽ ضروري حصو آهي. ڪپڙا ڪهڙا به قيمتي
هجن، سلائي جي لحاظ کان يا ڪپڙي جي قيمت جي لحاظ
کان يا ان تي ڀرت وغيره جي اعليٰ ڪم جي خال سان،
پر جي وقت سر اڳٺ موجود نه هجي يا هڪ سادي قسم جو
هجي ته ساري لباس جي خوبصورتي ختم ٿيو وڃي. بيشڪ
اڳٺ لڪل ضرور رهي ٿو، پر ان جا مُڇا ۽ ڦُندڻ وري
زري، بادلي ۽ پَٽ سان مڙهي خوبصورت بنايا ويندا
آهن، جي لڙڪندا رهندا آهن ۽ ڏاڍا ڀلا لڳندا آهن.
اڳٺ ٺاهڻ ۾ خاص مشينريءَ جي ضرورت نه آهي. ڇڙو
ڪارچوپ ۽ تيلين جي مدد سان هي ٺهي راس ٿيندا آهن.
اڳٺن ۾ هر ڪنهن ڊزائين جو نالو رکيل هوندو آهي.
ڇُر جو ڪم:
ڇُر جو ڪم به سنڌ ۽ پاڪستان جي ڪيترن حصن ۾ ٿئي ٿو. ڪاٺ جا پور
جيڪي مختلف ڊزائينن جا ٺهيل هوندا آهن، تن جي مدد
سان ڪيتريون سهڻيون شيون ٺاهيون وينديون آهن.
پاڪستان ۾ ڇيپا قوم ان ڪم جي ماهر ڪاريگر آهي.
انهن جون عورتون ۽ ٻار به مردن سان گڏ هن ڪم ۾ مدد
ڪن. بافتي ڪوري کي ڪلف ڏيئي ان مٿان مختلف رنگن
مان پور ٻوڙيندا ڇريندا ويندا آهن. گهڻو ڪري اڇي
يا سفيد تَر تي رنگين ڇپائي ڪئي ويندي آهي يا وري
رنگين تر تي خاص ڪري تر جي اڇي رنگ جي ڇپائي ڪئي
ويندي آهي. سنڌ ۾ اهو هنر ڪافي آڳاٽو آهي ۽ کٽي
قوم جا ماڻهو ڪندا آهن. هن ڪم جي اعليٰ قسم جي
ڇپائي ۽ خاص ڪري ٽنڊو محمد خان جون چادرون مشهور
آهن. هنن جا رنگ ۽ ڊزائينون ملڪ ۾ ٻين ٺهندڙ سامان
کان جدا حيثيت رکن ٿا. هن وقت مٽياري وارن پنهنجي
نون ڊزائينن ۽ مال سان سٺو نالو پيدا ڪيو آهي.
سنڌ کان سواءِ ملتان، جهنگ ۽ پنجاب جي ڪيترن ئي شهرن ۾ پڻ اهو
ڪم ٿئي ٿو. حيدرآباد شهر ۾ ڪيترن گهرن ۾ اهو ڪم
ٿئي ٿو. ڇپائي ۽ ڇُر جو ڪم ايترو ته مشهور آهي جو
ٻاهرين ملڪن جا ماهر هن ڪم جي مشاهدي ۽ ڄاڻ لاءِ
پيپر ۽ ٿيسيس لکي يونيورسٽي جا وڏا امتحان پاس ڪن
ٿا. ڇپائي ۽ ڇر جي ڪم ۾ ڪيتريون ئي ننڍيون وڏيون
شيون ٺهن ٿيون. هنڌن، پلنگن ۽ کٽن جون چادرون، ميز
جون شيون ٺاهيون وڃن ٿيون. اهو ڪم ملڪ جي گهڻو ڪري
سڀني وڏن شهرن ۾ ٿئي ٿو. ڪوئن ڦاسائڻ جا پڃرا،
پکين جا پڃرا، بجليءَ جي بلب جي بچائڻ جا پڃرا،
ڇِڪا، ٻارن جي دماغي ۽ ذهني ورزش جون تارن مان
ٺهيل رانديڪا، اسپرنگ ۽ ٻيو به ڪيترو سامان ٺهي.
انهن سڀني شين کي ٺاهڻ لاءِ ڪابه وڏي يا ننڍي
مشينري ڪتب ڪانه آندي وڃي. هٿ جي ڪاريگري سان
انبوري پڪڙ يا پلاس جي مدد سان اهي شيون ٺاهيون
وڃن ٿيون.
پلاسٽڪ جو سامان:
پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان پوءِ ملڪ ۾ جت وڏين صنعتن جو بنياد
پيو آهي، اتي ننڍين گهريلو صنعتن به ڏاڍي گهڻي
ترقي ڪئي. پلاسٽڪ ٻن قسمن جو ٿئي ٿو. هڪ نهرو يا
سخت پلاسٽڪ ٻيو رٻڙ پلاسٽڪ. نهري توڙي نرم رٻڙ
پلاسٽڪ مان هزارين شيون ۽ سامان ٺاهيا وڃن ٿا.
وڏين صنعتن ۾ وڏيون شيون مثال بالٽيون، ٽب، ڪؤنرا،
گنڊيون، پليٽون، ڪوپ ساسر، گلاس، رڪيبيون،
ٿالهيون، ٿالهه، پيالا، ٽوڪريون، پاڻي ٿڌي ڪرڻ جا
ڪولر، ٿرماس فلاسڪ، پي . وي . سي پائيپ، عينڪ جا
فريم ۽ ٻيو به ڪيتري قسم جو بجلي جو سامان، پاڻيءَ
جا نڙا وغيره ٺهن ٿا جيڪي وڏي پيماني تي قارين ۽
مشنري جي ذريعي ٺهن ٿا. انهن صنعتن ۾ ٻنهي قسمن جي
پلاسٽڪ مان شيون جوڙيون وڃن ٿيون.
گهريلو صنعت ۾ وري هڪ يا ٻن پريسر مشين جي ذريعي انيڪ شيون ٺهن
ٿيون. پلاسٽڪ هڪ ڪيميائي ڪيميڪل پائوڊرن جو مرڪب
آهي جنهن کي پچائي پٽڙو ڪري، اڳ ٺهيل قارين يا
قالبن ۾ وجهي جوڙيو ويندو آهي. هڪ ئي قارب مان
هزارن جي تعداد ۾ شيون ٺاهيون وينديون آهن.
پاڪستان جي پلاسٽڪ جي گهريلو صنعت تمام گهڻي ترقي
ڪئي آهي.
هن وقت هزارن ۾ گهرو استعمال ۽ ٻارن جي راند ڪرڻ جون شيون ۽
رانديڪا ٺهن ٿا. ڪاريگري جي نفاست ۽ اعليٰ
ڪارڪردگي جو بي انتها مثال آهي ته وڏن جي استعمال
جي جيڪا به شيءِ موجود آهي اهڙي ساڳي ٻارن جي
رانديڪن ۾ پڻ ٺاهي وڃي ٿي. خاص طرح رانديڪن ٺاهڻ ۾
پاڪستان دنيا جي ڪيترن وڏن ملڪن ۽ صنعتي ملڪن سان
مقابلو ڪري پرڏيهي مارڪيٽ ۾ نه فقط مانُ قائم ڪيو
آهي، پر مال به الاهي کپت ٿئي ٿو؛ خاص طرح مشرق
وسطيٰ ۽ عرب ملڪن ۾ پاڪستان جي پلاسٽڪ جو سامان ۽
رانديڪا ڀارت جي مقابلي ۾ مڙيئي چڱي قدر جي نگاهه
سان ڏٺا وڃن ٿا.
پلاسٽڪ مان ايتري قسم جا رانديڪا ٺهن ٿا، جو انهن جو جيڪر تفصيل
سان هت ذڪر ڪجي ته هوند پورت نه پوي، پر تنهن
هوندي به عام رانديڪن جو ڪجهه تبصرو ڪجي ٿو. ٻارن
جي وندر جي سامان ۾ گهڻو ڪري هر ڪا شيءِ ٺاهي وڃي
ٿي. سلائي جي مشين، رڌ پچاءَ جي ٿانون جا سيٽ،
جنهن ۾ چُلهه، گاسليٽ جا چلها. گئس جا چلها، چڪرو
ويلڻ، تئو، ٿالهي، ديڳڙا، ديڳڙيون، گلاس، جگ گلاسن
جا سيٽ، چانهه سيٽ، ڊنر سيٽ، هنڊيون، چمچا، ڪوپ
ساسرن جا سيٽ، ڪٻٽ، سينگار دان، ڪوچن جا سيٽ،
ڪرسين ٽيبلن جا سيٽ، ننڍڙا گهر، بنگلا، جهوپڙيون،
پلنگ، کٽون، پکين سوڌا پڃرا، گڏيون، گڏا، ڀوريون،
ڀورا، پينگها، وڃڻا، ڪيترن قسمن جون موٽرون، جيپ،
بس، لاري، ٻگهي، بدڪون، جهرڪيون، مور، هرڻيون،
ڪبوتر، ڏاڪڻون، لاٽون، چوڏيل، گهرن جاين جا سيٽ،
تعليمي رانديون، برنيون، تس، وٽا، وٽيون، پيالا،
پيالون، وڻ، ڪيترن قسمن
انهن جي ٺاهڻ جو مرڪز آهي. سنڌ جي ٻين به ڪيترن شهرن جهڙوڪ
ميرپورخاص، لاڙڪاڻو، سکر، نوابشاهه وغيره ۾ به
ٺهن. پاڪستان جي ٻين شهرن جتي ميوو ۽ بيضن جي
مارڪيٽ آهي پشاور، ڪوئيٽا، چمن وغيره به ان ڪم جا
خاص مرڪز آهن.
چينيءَ جا ٿانو:
چينيءَ جا ٿانو پاڪستان ۾ هن وقت گهڻي تعداد ۾ ٺهن ٿا ۽ سٺا ٺهن
ٿا. سنڌ ۾ دادا سيريمڪ ورڪس لميٽيڊ لانڍي ۾ چيني
جي ٿانون ٺاهڻ جو تمام وڏو ڪارخانو آهي، جتي سڀ ڪم
مشينري سان ٿئي ٿو. ان کان سواءِ پاڪستان جي ٻين
صوبن ۽ شهرن ۾ به ڪيترائي وڏا ڪارخانا آهن. پر ملڪ
جي وڏي کپت لاءِ وري به گهريلو صنعت منهن ڏيندي
رهي ٿي. گهريلو صنعت ۾ ملتان، فيصل آباد، جهنگ کان
علاوه پنجاب جي ڪيترن ننڍن وڏن شهرن ۾ پڻ اهو ڪم
ٿيندو رهي ٿو. خاص طرح ضلعي گجرات ۾ ته اهو ڪم گهر
گهر ٿيندو آهي. ميانوالي جي سفيد مٽيءَ مان اهي
ٿانو ٺاهيا وڃن ٿا. طريقو اهو ساڳيو ڪنڀر ۽ ڪاشيگر
وارو هوندو آهي، باقي فرق رڳو مٽيءَ جو هوندو آهي
۽ ٻيو گهڻو ڪري ٿانو ڪاربن جي ذريعي ٺاهيا ويندا
آهن.
چينيءَ جا سستا ٿانو گهڻو ڪري وڪامندا آهن، جو اها شيءِ
ڀڄندڙ-ٽٽجندڙ آهي. مگا، ڪوپ ساسرون، پيالا،
پياليون، پليٽون، رڪابيون، برنيون وغيره خاص ۽
گهڻي تعداد ۾ ٺهن. پنجاب جا ماڻهو ۽ وڏا واپاري
ريل گاڏيءَ جا گاڏن جا گاڏا ڀري واپار سانگي وڏن
شهرن ۾ آڻي گودامن ۾ ڀري ڇڏين. ٻڌي اگهه سان
دوڪاندارن کي ڏين، جن وٽان وري ريزڪي وڪڻڻ وارا
گاڏن ۽ ٺيلن تي گهٽيءَ ڳليءَ وڪڻندا وتن.
ڪاغذ ۽ ڪپڙي جا گل:
ڪاغذ ۽ ڪپڙي مان نهايت سهڻا ۽ نفيس گل ٺاهيا وڃن ٿا. جيڪي گهرن
۾ ڊرائنگ روم جي زينت وڌائڻ لاءِ گلدستن، گلدانن،
ڀتين وغيره ۾ سجائي رکيا وڃن ٿا. اهي گل ماهر
ڪاريگر به ٺاهين ته اسڪولن، ڪاليجن ۽ ووڪيشنل
انسٽيٽيوٽس ۾ نياڻين کي به ٺاهڻ سيکارين. اهي گل
اهڙا ته سهڻا ٺاهيا وڃن ٿا جو انهن تي سچي پچي هجڻ
جو شڪ ٿيندو آهي. ڪاغذ جا گل ته عام جام وڪامندا
آهن، باقي ڪپڙي مان ٺهيل گل نمائشن، مينابازارن
وغيره ۾ وڪامندا آهن. اهو هنر ڪڏهن ڪڏهن ولايتي
ملڪن جون ماهر عورتون جيڪي ثقافتي انجمنن سان
لاڳاپو رکنديون آهن، سي به ليڊيز ڪلبن، سفارتي
سينٽرن وغيره ۾ مقامي عورتن ۽ دلچسپي رکندڙ نياڻين
کي سيکارڻ جو انتظام ڪنديون آهن.
هينڊيڪرافٽ سينٽر ۽ ادارا:
هي ادارا وڏن شهرن ۾ پنهنجا وڪري جا دوڪان کولي انهن ۾ وڏي سيڙپ
ڪري پاڪستان جي هر صوبي جي دستڪاري جو سامان وڪري
لاءِ مهيا ڪري رکندا آهن. هنن دوڪانن تي ملڪي توڙي
غير ملڪي خريدار پنهنجي ضرورت ۽ پسند جون شيون
خريد ڪندا آهن. انهن دوڪانن جو گهڻو مال؛ اهو
دستور هوندو آهي ته جدا جدا شيون خريد ڪندا آهن،
اهي ٿوري قيمت سان خريد ڪري، ڳري قيمت تي وڪڻندا
آهن. ڪجهه مال گراهڪن جي آرڊر ۽ فرمائش تي به
ٺهرائي ڏيندا آهن. هر ڪنهن دوڪاندار جو پنهنجو
يونٽ ۽ صنعتي گهرن سان رابطو هوندو آهي، جيڪي سندن
سپلائيزر آهن.
سڀ دوڪان پنهنجي پنهنجي انفرادي حيثيت رکندڙ هوندا آهن. ڪن
دوڪانن جي ڪا شيءِ خاص هوندي آهي ته ڪن جي ڪا. هنن
جي وچ ۾ مقابلو گهٽ هوندو آهي جو سندن شيون
نراليون ۽ مختلف هونديون آهن. اهي دوڪاندار ڪچو
مال گهرن تي ڏيئي پنهنجي مرضيءَ مطابق مال تيار
ڪرائيندا آهن. جدا جدا گهرن ۾ جدا جدا ڪم مان پورو
پورو فائدو وٺندا آهن. ڪٿي سلائي جو، ڪٿي ڀرت جو
ڪٿي سلمه ستاري جو وغيره. انهن کان مال تيار ڪرائي
پوءِ پنهنجي مرضيءَ جا اگهه رکي وڪڻندا آهن.
هن وقت گهڻو ڪري دستڪاري جي مختلف شين جو نيڪال گهڻو ڪري انهن
دڪانن ذريعي ٿيندو رهندو آهي. سنڌ سمال انڊسٽريز
ڊيولپمينٽ ڪارپوريشن طرفان حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾
وڪري جا سينٽر قائم ڪيل آهن جتي مناسب ڪميشن حاصل
ڪرڻ بعد انهن صنعتي گهرن جون شيون وڪري لاءِ رکيون
وينديون آهن. جتان خاص ڪري غير ملڪي سياح، سرڪاري
ڪامورا، وڏا آفيسر، وڏا ماڻهو وغيره خريد ڪندا
آهن. جيڪي هنرمند پاڻ وڪڻڻ چاهيندا آهن سي وري هتي
پنهنجو مال کپائڻ لاءِ رکندا آهن. ننڍن گهرو صنعتي
مرڪزن يا يونٽن جو جيئن ته خاطرخواه مارڪيٽنگ
(وڪري) جو بندوبست نه هوندو آهي. ان ڪري لاچار ۽
مجبور ٿي اهي انهن دڪانن وٽ پنهنجو مال وڪري لاءِ
کڻي ويندا آهن. سرڪاري مرڪزن تي هنرمندن کي سندن
پورو معاوضو ملي ويندو آهي. پر اتي وري هڪ شرط
هوندو آهي ته مال وڪامڻ کان پوءِ کين رقم ملندي
آهي. هاڻي هڪ غريب ماڻهو پنهنجي محدود آمدني مان
ڪجهه مال ٺاهي جي هتي رکي ٿو ته ان کي کپائڻ جي
لاءِ هن کي ٽن کان ڇهن مهينن جو انتظار ڪرڻو ٿو
پوي، ان جي برعڪس هينڊيڪرافٽ دڪانن وارا هنن کي
روڪ رقم ڏين ٿا. ان ڪري لاچار ۽ مجبور ٿي انهن
دڪانن تي پنهنجو مال وڪري ڪرڻ لاءِ کڻي ويندا آهن،
جيڪي وري سندن مجبوريءَ جو پورو پورو فائدو وٺي
گهٽ اگهه تي سندن مال خريد ڪندا آهن ۽ پاڻ پنهنجي
سيڙپ جو پورو فائدو وٺي ڳري اگهه تي وڪڻندا آهن.
جي کانئن اهو پڇبو آهي ته هنرمندن کي سندن پورو
معاوضو نٿا ڏيو ۽ توهين پورهيي جو وڏو اگهه ٿا
کائو ته جواب ۾ چون: اهو ته واپار آهي. اسان سيڙپ
ڪريون ٿا، دڪانن جون ڳريون مسواڙون ڀريون ٿا،
نوڪرن جا پگهار، لائيٽ وغيره جا خرچ سڀ اسان جي
ذمي آهن. ان کان سواءِ اسان به ته ڪجهه لهڻو.
هاڻي سوال ٿو اٿي ته جنهن ڪا شيءِ تخليق ڪئي ان کي ته اهي ڳڻپ
جا اوترائي ٽڪا مليا ۽ جنهن سيڙپ ڪئي تنهن ساروئي
منافعو پنهنجي پيٽ ۾ هڙپ ڪيو. اهو انصاف نه آهي.
اهو استحصال آهي ۽ ان استحصال جي ڪري اڄ به نه فقط
سنڌ پر سڄي ملڪ جا هنرمند ويچارا ليڙون لٽڪائيندا
وتن! |