گهريلو صنعت
ٻه ٻار هڪ گهٽيءَ ۾ ويٺل آهن. ننڍي نينگري پٽ تي اوڪڙو ويٺي آهي
۽ ننڍو ڇوڪر پٽ تي پلٿي ماريو ويٺو آهي. گهٽيءَ جو
فرش پڪين سِرن سان ٻڌل آهي ۽ صاف سٿرو آهي. ٻئي
ٻار پنهنجي گهر جي اڳيان رستي تي ويٺل آهن. سامهون
واري اوطاق جي جاءِ جي دِڪيءَ تي هڪ پوڙهو شخص
ويٺو آهي جو سُٽ ڪَتي رهيو آهي.
ٻارن جي سامهون يا اڳيان ڪجهه ڳوهيل چيڪي مٽي جا چاڻا، ڪجهه
تِيلين جا ٽڪر، ڪجهه ڌاڳن ۽ سوتليءَ جا ٽوٽا وغيره
پيل آهن. اهي ٻيئي ٻار ان مٽيءَ مان ڪا شيءِ جوڙڻ
چاهين ٿا، ڪڏهن ڪا شيءِ جوڙين ٿا؛ ڪڏهن ڪجهه جوڙي
وري ڦٽائين ٿا، وري ڪا ٻي شيءِ جوڙڻ جي ڪوشش ڪن
ٿا. ٻار اڻورچ ٿا ڏسجن ۽ ڀڃ ڊاهه، ٺاهه ٺوهه ۾ لڳل
آهن. پوڙهو شخص پنهنجي هٿن سان سُٽ به پيو ڪُتي ته
وري ڪنهن وقت ٻارن ڏانهن به پيو نهاري، جيڪي ڪا
راند ڪرڻ جي شيءِ يا رانديڪو ٺاهڻ چاهين ٿا، پر
جوڙي نٿا سگهن.
ڪيتري وقت کان اهو سلسلو جاري آهي. آخر وڏي عمر وارو شخص پنهنجي
جاءِ تان اُٿي، انهن ٻارن جي ڀرسان اچي ويٺو ۽ کين
سمجهائڻ لڳو ته ان مٽيءَ مان هو ڇا جوڙين. هاڻي
ٻار هڪ شيءِ ٺاهڻ لڳن ٿا. ڪنهن ڪنهن وقت گهٽيءَ
مان ڪو واٽهڙو لنگهي ٿو ۽ ڪجهه وقت اهو اتي بيهي،
هنن جي ڪم ڪرڻ کي غور سان ڏسي ٿو، ٿورو وقت بيهي،
ڏسي وري پنهنجو رستو وٺي هليو وڃي ٿو.
هتي مستقل رهائش اختيار ڪئي ته انهن يوناني تهذيب ۽ ثقافت جا
نشان سنڌ جي ثقافت تي ڇڏيا.
اهڙيءَ طرح جيئن ته سنڌ جو ملڪ سکيو ستابو، سائو، ڍائو هو. هنر،
فن، علم و ادب ۾ اڳرو هو. ان ڪري دنيا جي سڀني
ديسن جا ماڻهو خاص ڪري ڀر وارن ملڪن جا ماڻهو
واپار سانگي، علم ۽ هنر پرائڻ خاطر مڙئي پيا هت
ايندا رهندا هئا. ايراني، افغان، ترڪ، چينائي ۽
عرب سڀ قومون سنڌ ۾ آباد ٿينديون رهيون. سڀني قومن
پنهنجي پنهنجي ثقافت جا نشان ڇڏيا. ايراني، ترڪن
وٽان ڪاشي جو هنر سکيا، ايرانين کان سنڌ وارن اهو
هنر حاصل ڪيو.
حقيقت جي نظر سان ڏسبو ته سنڌ جي قديم سڀيتا ۾ اهي سڀ اهڃاڻ
اسان کي ملندا جي ڌارين قومن وارا وقت به وقت اسان
جي سنڌ ۾ آڻيندا ڇڏيندا ويا آهن. هر اها قوم جيڪا
محنت، مشقت ۽ جانفشاني سان ڪم ڪندي آهي سا دنيا ۾
پنهنجي هنر، ڪاريگري ۽ ثقافت سان اڳتي وڌندي ويندي
آهي. سنڌ ۾ ڪيتريون ئي قومون ۽ ذاتيون آهن جيڪي
آڳاٽي وقت کان آباد آهن. پوءِ انهن ذاتين پنهنجي
جدا حيثيت سان جي هنر ۽ فن ايجاد ڪيا سي انهن جو
ئي ورثو سمجهيو ويو.
جڏهن قومن، قبيلن، برادرين ۽ ذاتين پنهنجين ريتن رسمن ۽ ثقافتي
ورثي مطابق پنهنجي انفرادي حيثيت وٺڻ شروع ڪئي، ته
ان مان سنڌي ڀرت، بلوچي ڀرت، بروهي ڀرت وغيره وجود
۾ آيا. ڪي ڀرت ڀرڻ جا طريقا، نمونا ۽ ڊزائين وري
جاگرافيائي زمين جي خطي جي جوڙجڪ، پس منظر، آب و
هوا ۽ ريتن رسمن جي لحاظ سان ڦرندا گهرندا رهيا ۽
ٺهندا جڙندا رهيا. انهن مان لاڙي ڀرت، اترادي ڀرت
۽ ڪوهستاني ڀرت وغيره وجود ۾ آيا.
گهرو هنرن جي ضرورت زندگيءَ جي اهم بنيادي ضرورتن کي پورو ڪرڻ
لاءِ پيش آئي. انسان اوائلي دؤر ۾ اوگهڙ ڍڪڻ،
لڪائڻ ۽ تن ڍڪڻ ۽ گرمي سرديءَ جي موسمن جي تبديلين
کان بچڻ لاءِ ڪپڙي پائڻ جي ضرورت محسوس ڪئي ۽
اهڙيءَ طرح ڪورين جو پيشو وجود ۾ آيو. حياتيءَ جي
ٻين ضرورتن کاڌي رڌڻ، ۽ واهن، دريائن تان پاڻي آڻڻ
لاءِ ٿانون جي ضرورت ڪنڀرن کي جنم ڏنو. کيتي ٻاڙي
ڪرڻ لاءِ جن آوزارن جي کوٽ محسوس ٿي، تن جي ٺاهڻ
لاءِ سماج مان جن اهو پيشو اختيار ڪيو تن کي لوهار
سڏيو ويو.
جهنگلي جانورن کان، موسمن جي ڦرڻ کان، مٿي لڪائڻ ۽ نجي حيثيت
سان حياتي گذارڻ لاءِ گهرن ۽ جاين جي ڪمي محسوس
ڪئي وئي، انهن گهرن، عمارتن ۽ جاين ٺاهڻ واري
ڪاريگر کي اوڏ، رازو ۽ ڪاريگر سڏيو ويو. وقت گذرڻ
سان زندگيءَ جي هر ضرورت لاءِ معاشري ۾ جنهن به
انسان ڪو ڌنڌو اختيار ڪيو. ان کي هنر جي مناسبت
سان نالو ڏنو ويو. اهڙيءَ طرح هاري، ڪڙمي، لوهار،
واڍو، رازو، سونارو، درزي، ٺاٺارو، قلعي گر،
نيروٽي، رنگريز، ڪوري، ڪنڀر، ڪاشيگر، زردوز،
وينجهر، سوچي، موچي، حجام ۽ ٻين پيشن جو بنياد
پيو.
جيڪي پيشا زندگي جي ضرورتن کي حاصل ڪرڻ لاءِ وجود ۾ آيا تن کي
وڌيڪ آسان ۽ سهل، سڦلو ۽ سهڻو ۽ خوبصورت بنائڻ
لاءِ وري ٻين ڪن ڪاريگر طبقن کي جنم ڏنو. ڪنڀر
پهرئين جنهن مشقت ۽ محنت سان جيڪي مٽيءَ جي چاڻي
کي چڪ تي چاڙهي هڪ گگهي ٺاهي رکي؛ تنهن بعد ۾ ان
کي نهائين ۾ پچائي تيار ڪري ٺڪر جي شيءِ بڻائي
رکيو. جڏهن انسان جو سوسائٽي ۾ قدر وڌڻ لڳو، هتي
مستقل رهائش اختيار ڪئي ته انهن يوناني تهذيب ۽
ثقافت جا نشان سنڌ جي ثقافت تي ڇڏيا.
اهڙيءَ طرح جيئن ته سنڌ جو ملڪ سکيو ستابو، سائو، ڍائو هو. هنر،
فن، علم و ادب ۾ اڳرو هو. ان ڪري دنيا جي سڀني
ديسن جا ماڻهو خاص ڪري ڀر وارن ملڪن جا ماڻهو
واپار سانگي، علم ۽ هنر پرائڻ خاطر مڙئي پيا هت
ايندا رهندا هئا. ايراني، افغان، ترڪ، چينائي ۽
عرب سڀ قومون سنڌ ۾ آباد ٿينديون رهيون. سڀني قومن
پنهنجي پنهنجي ثقافت جا نشان ڇڏيا. ايراني، ترڪن
وٽان ڪاشي جو هنر سکيا، ايرانين کان سنڌ وارن اهو
هنر حاصل ڪيو.
حقيقت جي نظر سان ڏسبو ته سنڌ جي قديم سڀيتا ۾ اهي سڀ اهڃاڻ
اسان کي ملندا جي ڌارين قومن وارا وقت به وقت اسان
جي سنڌ ۾ آڻيندا ڇڏيندا ويا آهن. هر اها قوم جيڪا
محنت، مشقت ۽ جانفشاني سان ڪم ڪندي آهي سا دنيا ۾
پنهنجي هنر، ڪاريگري ۽ ثقافت سان اڳتي وڌندي ويندي
آهي. سنڌ ۾ ڪيتريون ئي قومون ۽ ذاتيون آهن جيڪي
آڳاٽي وقت کان آباد آهن. پوءِ انهن ذاتين پنهنجي
جدا حيثيت سان جي هنر ۽ فن ايجاد ڪيا سي انهن جو
ئي ورثو سمجهيو ويو.
جڏهن قومن، قبيلن، برادرين ۽ ذاتين پنهنجين ريتن رسمن ۽ ثقافتي
ورثي مطابق پنهنجي انفرادي حيثيت وٺڻ شروع ڪئي، ته
ان مان سنڌي ڀرت، بلوچي ڀرت، بروهي ڀرت وغيره وجود
۾ آيا. ڪي ڀرت ڀرڻ جا طريقا، نمونا ۽ ڊزائين واري
جاگرافيائي زمين جي خطي جي جوڙجڪ، پس منظر، آب و
هوا ۽ ريتن رسمن جي لحاظ سان ڦرندا گهرندا رهيا ۽
ٺهندا جڙندا رهيا. انهن مان لاڙي ڀرت، اترادي ڀرت
۽ ڪوهستاني ڀرت وغيره وجود ۾ آيا.
گهرو هنرن جي ضرورت زندگيءَ جي اهم بنيادي ضرورتن کي پوري ڪرڻ
لاءِ پيش آئي. انسان اوائلي دؤر ۾ اوگهڙ ڍڪڻ،
لڪائڻ ۽ تن ڍڪڻ ۽ گرمي سرديءَ جي موسمن جي تبديلين
کان بچڻ لاءِ ڪپڙي پائڻ جي ضرورت محسوس ڪئي ۽
اهڙيءَ طرح ڪورين جو پيشو وجود ۾ آيو. حياتيءَ جي
ٻين ضرورتن کاڌي رڌڻ، واهن، دريائن تان پاڻي آڻڻ
لاءِ ٿانون جي ضرورت ڪنڀرن کي جنم ڏنو. کيتي ٻاڙي
ڪرڻ لاءِ جن اُوزارن جي کوٽ محسوس ٿي، تن جي ٺاهڻ
لاءِ سماج مان جن اهو پيشو اختيار ڪيو تن کي لوهار
سڏيو ويو.
جهنگلي جانورن کان، موسمن جي ڦرڻ کان، مٿي لڪائڻ ۽ نجي حيثيت
سان حياتي گذارڻ لاءِ گهرن ۽ جاين جي ڪمي محسوس
ڪئي وئي، انهن گهرن، عمارتن ۽ جاين ٺاهڻ واري
ڪاريگر کي اوڏ، رازو ۽ ڪاريگر سڏيو ويو. وقت گذرڻ
سان زندگيءَ جي هر ضرورت لاءِ معاشري ۾ جنهن به
انسان ڪو ڌنڌو اختيار ڪيو. ان کي هنر جي مناسبت
سان نالو ڏنو ويو. اهڙيءَ طرح هاري، ڪڙمي، لوهار،
واڍو، رازو، سونارو، درزي، ٺاٺارو، قلعي گر،
نيروٽي رنگريز، ڪوري، ڪنڀر، ڪاشيگر، زردوز،
وينجهر، سوچي، موچي، حجام ۽ ٻين پيشن جو بنياد
پيو.
جيڪي پيشا زندگي جي ضرورتن کي حاصل ڪرڻ لاءِ وجود ۾ آيا تن کي
وڌيڪ آسان ۽ سهل، سڦلو ۽ سهڻو خوبصورت بنائڻ لاءِ
وري ٻين ڪن ڪاريگر طبقن کي جنم ڏنو. ڪنڀر پهرئين
جنهن مشقت ۽ محنت سان چيڪي مٽيءَ جي چاڻي کي چڪ تي
چاڙهي هڪ گگهي ٺاهي رکي؛ تنهن بعد ان کي نهائين ۾
پچائي تيار ڪري ٺڪر جي شيءِ بڻائي رکيو. جڏهن
انسان جو سوسائٽي ۾ قدر وڌڻ لڳو، ٿي جوڙيا ۽ انهن
کي سهڻي ۽ خوبصورت بنائڻ لاءِ مٿن دستڪاري ٿي ڪئي.
ڪوهستان جا ماڻهو گهڻو ڪري مارو ۽ مالوند آهن.
جبلن جي لاهه تي کيتي ٻاڙي، مال لاءِ گاهه پٺو
پوکيندا آهن، پر جيئن ته انهن کي به قدرتي پاڻي
ٻاروهي دستياب نه آهي، تنهنڪري مينهن جي پاڻي تي
ڀروسو رکندا آهن. يعني سال ۾ هڪ دفعو پوک ڪندا
آهن. باقي ٻيو سارو سال پنهنجو مال وٺيو خانه
بدوشن واري زندگي گذاريندا وتندا آهن. کين سندن
مال لاءِ پاڻي ۽ گاهه جي ضرورت رهندي آهي، جنهن
لاءِ ڪوهستان مان لهي سنڌ ۾ ايندا آهن. اهڙي طرح
جاگرافيائي خيال کان سڀڪا ڳالهه ۽ شيءِ پنهنجي
پنهنجي حيثيت وٺندي اڳتي وڌندي رهي.
جيئن جيئن ڌنڌا يا پيشا وڌندا رهيا، تيئن تيئن ڪاريگرن جو تعداد
به وڌندو رهيو. آخر نتيجو اهو نڪتو ته هنرمند طبقو
هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ لڏڻ ۽ آباد ٿيڻ لڳو ۽ ساڳئي
هنر ۽ صنعت جا مرڪز سنڌ جي ڪيترن ئي مختلف شهرن ۾
بڻجڻ لڳا. ايراني جڏهن سنڌ ۾ آيا ته پاڻ سان جيڪي
هنر ۽ فن کڻي آيا، تن مان سنڌ وارن پورو پورو
فائدو ورتو، نتيجو اهو نڪتو ته ڪاشيءِ جو هنر مڪمل
طرح سنڌ جو هنر ٿي ويو. ڏسندؤ ته سنڌ جي قديم
درگاهن، مسجدن، خانقاهن، اميرن ۽ دولتمند ماڻهن جي
جاين جڳهين تي تمام سٺو ڪاشيءِ جو ڪم ٿيل آهي.
وري جڏهن عرب سنڌ ۾ آيا ۽ مستقل طور تي سنڌ ۾ رهڻ لڳا ته انهن
به پنهنجي هنر ۽ فن ۽ ثقافت سان سنڌ کي مالامال
ڪيو. اسلامي دؤر ۾ خاص ڪري عباسي دؤر حڪومت ۾ سنڌ
مان ڪيترائي هنرمند، ڪاريگر بغداد، مصر ۽ شام ۾
نظر ايندا هئا؛ جن پنهنجن هنرن ۽ دستڪاري سان نه
فقط ڪافي ناڻو ڪمايو، پر ملڪ جي ثقافت کان عربن کي
واقف ڪرايو. ان وقت نيروٽي جو نير ٻڏل ڪپڙو سڀني
عرب ملڪن ۾ تمام گهڻي قدر واپرايو ويندو هو.
جيتوڻيڪ اهو هنر سنڌ ۾ عربن کان به آڳاٽو آيل هو.
جيتوڻيڪ اهو هنر ساري عرب جي ملڪن ۾ پڻ ٿيندو هو،
پر سنڌ جي ماڻهن ان ۾ ايڏي ته مهارت حاصل ڪئي جو
نيري ڪپڙي جا جهاز ڀرجي ڏيساورن ڏانهن ويندا هئا.
گهريلو صنعت کي حاصل ڪرڻ ۾ انسان جو فالتو وقت ۾ وڏو حصو ادا
ڪيو، هرڪو مرد يا عورت جڏهن پنهنجي روزانه جي ڪم
کان واندو ٿي ويٺو ته سندس اجائي ويهڻ کي استعمال
ڪرڻ لاءِ هن ڪجهه نه ڪجهه ضرور ٿي ڪيو، جيڪو ڪجهه
نه ڪجهه هن جوڙيو ۽ جو ڪجهه موجود هو ۽ ان مان جو
ڪجهه جوڙيو ان کي گهريلو صنعت ڪوٺيو ويو.
تواريخ پڙهڻ مان خبر پوي ٿي ته سنڌ جون قديم هنري شيون دنيا جي
ڪيترن ٻاهرين ملڪن ۾ نهايت سٺي ۽ ڳري اگهه سان
وڪامنديون هيون ۽ انهن جو ڏاڍو قدر ڪيو ويندو هو.
جاوا سوماترا (انڊونيشيا) کان وٺي آفريڪا جي ملڪن
تائين سنڌ جون دستڪاريون ڏاڍي چاهه سان خريد ۽
استعمال ڪيون وينديون هيون. ان مان ثابت ٿئي ٿو ته
سنڌ ملڪ هنر ۽ گهريلو صنعت ۾ آڳاٽو ۽ جهونو آهي.
هن وقت سنڌ ۾ ڪيترائي هنر ۽ دستڪاريون آهن جيڪي
دنيا جي ٻين ملڪن ۾ اڻ لڀ آهن. سنڌ جا مشهور هنر
آهن: ڪاشي، جنڊي، اجرڪ، هٿ جو اُڻيل ڪپڙو (کاڌي)
ڀرت ۽ ٽِڪُن جو ڪم.
ڪوري سُٽ پَٽ جي تاڃي پيٽي، نرو ۽ اوبرو اَڏاڻي تي استعمال ڪري
طرحين طرحين جي گربي (سُوسي) موٺڙو، لونگي، کيس ۽
کاڌي ٺاهين. گربي جنهن کي سوسي به چون تنهن جو بَر
رنڍو روڙي وڌائي گهٽائي سگهن. گربي سوٽي ۽ ريشمي
تند واري به ٺهي. سوسيءَ جي خاص ڳالهه هيءَ
ٺاهي جو انهن ساڳين ٺڪر جي شين کي چٽسالي ڪري وري جو بٺيءَ ۾
پچائي تيار ڪري رکي ٿو ته ڏسڻ وارا دنگ رهجيو وڃن.
ڇا مجال جو هي رنگ هلڪا ۽ جهڪا ٿين. ڪيتريون صديون
ڪيترا سال ته ڇا، پر صدين گذرڻ کان پوءِ به اهي
ڪاشيءَ جون سرون جيڪي مسجدن، مقبرن ۽ درگاهن تي
لڳل آهن، سونهن ۽ خوبصورتي ۾ موسمن جي تبديلي،
مينهن، برسات، اُس، لُڪ، جهڪ، واچوڙو ۽ طوفان جو
مٿن ڪوبه اثر نه ٿيو آهي.
اهڙيءَ طرح لوهار، ٺاٺارو ۽ قلعي گر پنهنجي ڌوڻ ڌوڻي، سنداڻن تي
انبورڻ، روات ۽ مترڪي سان ڪئين سامان گهڙي جو ڪم
ڪري ٿو سو به تعريف جي لائق آهي. ساڳيءَ طرح
نيروٽي، رنگريز به پنهنجي هٿن سان اهڙا ته پڪا ۽
چُهچ رنگ سُٽ ۽ پَٽ کي ڏين ٿا، جي وري ڪپڙي جي
صورت ۾ اهڙا ته جهلڪا ٿا ڏين جو اکيون چڪا چوند
ٿيو وڃن.
واڍو وري بهڻ، ٻٻر، ٻير، ٽالهي، ديال ۽ پڪي ساڳ مان پنهنجن ديسي
اوزارن، ڪارائي، واهلو، رندو، گونيا، برمو لڪڙ،
ٽڪوري، رنبي سان عمارتي ۽ فرنيچر جو اعليٰ سامان
تيار ڪري ٿو. اهي سڀ هنرمند ۽ ڪاريگر گهريلو صنعت
سان لاڳاپو رکن ٿا. چولن جي ڳچين، داوڻ ۽ ٻانهن تي
ڀرت ڀري ٽڪن هڻڻ جو رواج ساري سنڌ ۾ عام آهي. گج
سنڌ جي خاص ثقافتي گهريلو صنعت آهي. ٿر جون
نياڻيون، پنهنجي ڊزائين ۽ رنگن ۾ الڳ حيثيت رکن
ٿيون، هنن جا رنگ هلڪا ۽ ٽڪون وڏيون ٿين ٿيون.
جيتوڻيڪ قبائلي ۽ ذاتين جي پنهنجي ڀرت ڀرڻ جي جدا حيثيت آهي، پر
مقامي جو به اثر ضرور ٿيندو رهي ٿو. ڪي ڪي اهڙا به
ڀرت ڀريا وڃن ٿا، جن تي عرب قبيلن جو اثر نمايان
طور تي ظاهر ڏسجي ٿو. انهن سڀني ڀرت جي قسمن ۾
ننڍڙين آرسين ۽ ٽِڪن کي جنهن خوبصورتي سان ڪتب
آندو وڃي ٿو. حقيقت ۾ اها ڪاريگري ئي سنڌ جي
ثقافتي دستڪاري کي ٻين قومن ۽ پاڪستان جي ٻين صوبن
جي ڀرت کان مٿانهون ڪري اُڀاري ٿي. اتر سنڌ ۾ جيڪي
رنگ استعمال ڪيا وڃن ٿا سي لاڙ ۾ ڪتب آندل رنگن
کان وڌيڪ شوخ، چهرا ۽ وڻندڙ ٿين ٿا.
سنڌ جي ڪيترن شهرن ۾ هندو اقليتي فرقو رهي ٿو جنهن کي سوچي سڏيو
وڃي ٿو. اهي اصل مارواڙ جي رياستن: جيسلمير،
جوڌپور، جيئپور ۽ بيڪانير جا رهاڪو آهن. سندن وڏا
ڪيتري وقت کان سنڌ ۾ آباد آهن. اٽڪل ڏيڍ سؤ سال اڳ
سندن وڏا سنڌ ۾ اچي آباد ٿيا هئا. جيتوڻيڪ سندن
ڌرم هندو رهڻي ڪهڻي مارواڙي آهي پر هو پنهنجن ٻارن
کي سنڌي پڙهائيندا آهن ۽ پاڻ کي سنڌي سڏائيندا
آهن. هي قوم ڏاڍي محنتي، اڻ ورچ ۽ ڪاروباري لحاظ
کان ايماندار آهي. هي قوم صحيح معنيٰ ۾ گهريلو
صنعت جا مالڪ آهن، ڇاڪاڻ ته هي گهڻو ڪري، جاين ۽
گهرن ۾ ڪونه رهن، هنن جو خيال آهي ته گهر جو ماحول
انسان کي سُست بڻائي ٿو ان ڪري هي پنهنجي پوري
ڪٽنب سان، دڪانن، طنبيلن، بهرن، ڀانڊن ۽ اهڙين
جاين ۾ رهندا آهن جت سارو ڏينهن هو ڪم ڪار به ڪري
سگهن ته واپار به ڪري سگهن. سندن گهر يا ڪٽنب جا
سڀ ننڍا وڏا ڀاتي، عورتون، مرد، نياڻيون، سياڻيون،
وڏڙيون ۽ وڏا سڀ ڪم ڪن. هنن جون عورتون ڀرت جو ڪم
ڪن. ريگزين، فوم ۽ چمڙي تي ڀرت جو تمام اعليٰ قسم
جو ڪم ڪن ٿيون. هنن جو ڀرت ريشمي ڌاڳي سان آر سان
ڀريو ويندو آهي. هي ڪمر پٽا، سليپر، زنانا چمپل،
پرس واسڪيٽ وغيره ڏاڍا سٺا ٺاهين. سندن مرد وري
سنڌي جتيون، ماڪيسن، سنڌي گهيتلا، بوٽ، سليپر،
گهوڙن ڌاڳن سان ڀرت جو ڪم، موتي، ستارا، ڪوڏيون
وغيره ان جي حسن کي وڌائڻ لاءِ لڳايا ويندا آهن.
سنڌ جي وچولي ڀاڱي ۾ ڊزائين ۽ رنگ جو گهڻو خيال
ڪيو ويندو آهي. هن حصي ۾ تَر اڇو يا سفيد ته لاڙ
واري پاسي وري تَر ڪارو رکيو ويندو آهي. لاڙ جي
پاسي هڪ ٻئي قسم جي رلي، جنهن کي (ڪڪري) چوندا
آهن، سا ڏاڍي مشهور آهي. اها رنگين ڪپڙي جي ٽڪرين
بدران رنگين ڌاڳن جي ڊزائين ۽ ٽوپن ٽانڪن سان ٺاهي
ويندي آهي. رنگين ڪپڙن کي مختلف ڊزائينن ۾ ڪتري
انهن کي رلين جا پُڙ ٺاهي انهن تي هڻندا، ٽاڪيندا
آهن. ان کي وري ”ٽُڪ جو ڪم“ سڏيو ويندو آهي. اهي
به ڏاڍيون سهڻيون ٿينديون آهن.
رلي سنڌ جو خاص ثقافتي ورثو سمجهيو وڃي ٿو. ڪي ڪي رليون ته
اهڙيون ٺاهوڪيون ٺهيل هونديون آهن، جو هڪ رليءَ جي
قيمت هڪ ڀلن ڏاندن جي جوڙي يا هڪ ڀلوڙ مينهن برابر
هوندي آهي. رليون هنڌن، کٽولن، پلنگن تي وڇائڻ،
سمهڻ مهل اوڇڻ ڪري مٿان وجهڻ، پردو ڪري ٽنگڻ کان
سواءِ ٻين به ڪيترن ڪمن ۾ اينديون آهن.
ڌارين ملڪن جا سياح جڏهن پاڪستان ۾ ايندا آهن ته سنڌي رليون
ڏاڍيون پسند ڪندا آهن ۽ چاهه سان خريد ڪندا آهن،
نه فقط وڏا ماڻهو، وزير، سفير، صنعتڪار، واپاري ۽
ٻيا ماڻهو اهي پنهنجن گهرن جي سونهن لاءِ خريد
ڪندا آهن، پر هپي ٽائيپ جا نوجوان مرد توڙي عورتون
وري خالي پُڙ خريد ڪري، انهن جو لباس ٺهرائي پائي
گهمندا وتندا آهن ۽ ڏاڍو فخر محسوس ڪندا آهن. اسان
وٽ اهڙي قسم جو لباس فقير، منگتا ۽ قلندر جا ملنگ
پائيندا آهن. سنڌ ۾ پينو، گداگر ۽ فقير طبقو وري
ان قسم يعني رنگين چؤنڪڙين جون ٽوپيون ٺاهي پاڻ به
پائيندا آهن ته ٺاهي وڪڻندا به آهن، جيڪي ٻيا عام
ماڻهو کانئن خريد ڪري پائيندا آهن. اهي ٽوپيون
واقعي ڏاڍيون سهڻيون لڳنديون آهن. اهو هنر اهي
فقير پنهنجي پنڻ واري ٽائيم کان علاوه فالتو وقت ۾
ڪندا آهن ۽ هٿ جو پورهيو ڪري ٻه پئسا ان مان به
ڪمائي وٺندا آهن.
رليءَ تي سنڌي زبان ۾ ڪيترائي سهرا، ڳيچ، بيت، چوڻيون ۽ ٽوٽڪا
وغيره ٺهيل ۽ ڇپيل آهن. سنڌ جي ثقافت ۾ رلي اسان
جي سڃاڻپ آهي. هر ڪنهن سنڌي گهر ۾ پراڻي سراڻي رلي
ضرور لڀندي. رلي ٺاهڻ ۾ ڪي قومون خاص مهارت رکن
ٿيون. هن وقت جديد دؤر جي تقاضا موجب رلي سنڌ جي
مانائتين شين مان هڪ ڪري ليکي وڃي ٿي. رلي وري به
رلي، ڪهڙي به هجي، تڏهن به مٿان وجهڻ سان لڳي ڀلي،
نه فقط لڳندي آهي ڀلي، پر قيمت به اٿس ڀلي، ان کان
سواءِ کٽ لڳي ٺلهي.
غاليچا:
غاليچا واقعي گهرو صنعت جو وڏو حصو والارين ٿا. هندستان ۾ سڀ
کان پهريائين شهنشاهه اڪبر ايراني ڪاريگرن جي مدد
سان لاهور ۾ غاليچن ٺاهڻ جي ڪارخاني جو بنياد وڌو.
اوني ڌاڳي يا اُن مان ٺاهيل غاليچي جو اصل نالو
”گلم“ يا ”گلمي“ آهي ۽ اهو ئي سبب آهي ته غاليچي ۽
گلم ڊزائين، ڪچي مال ۽ اڄت ڪري الڳ حيثيت رکي ٿو.
غاليچو ننڍو، خوبصورت ۽ ڊزائين جي لحاظ کان افضل ٿئي ٿو. ان جو
ڪچو مال به قيمتي ٿيندو آهي. غاليچي ٺاهڻ ۾ هڪ
ماهر ڪاريگر جي نگراني ۾ ڪيترائي ننڍا ڪاريگر
لڳاتار ڪيترن ڏينهن يا مهينن کان پوءِ وڃي هڪ
غاليچو تيار ڪندا آهن. ان جي ابتڙ گلم ٺاهڻ لاءِ
جوڙو ڪاريگرن جو ڪافي هوندو آهي، ان جو ڪچو مال به
گهٽ قيمت جو ٿيندو آهي، ان کان سواءِ ان جي ٺاهڻ ۾
پڻ گهٽ وقت لڳندو آهي.
به پيدا ٿيندي آهي. ڳاري جي پٿر کي ڪاشيگر ڳاري چون باقي اصل ۾
ان کي چقمق پٿر به چيو ويندو آهي، جو انهن ٻن پٿرن
کي پاڻ ۾ گسائڻ سان چڻنگون نڪرن ٿيون. اڳئين زماني
۾ جڏهن اڃا گندرف دريافت نه ٿيو هو ته ان پٿر جي
چڻنگ سان باهه ٻاري ويندي هئي. اها پٿر جي زماني
کان وٺي وڏي اهميت رکندڙ شيءِ آهي. اهو پٿر ٺٽي
ضلعي ۽ سونڊا جي ڀر وارين پهاڙين مان ڏاڍي
جانفشاني ۽ تڪليف سان کوٽي ڪڍيو ويندو آهي. ان پٿر
کي وڏن لوه جي همام دستن ۾ ڪٽي، ڇاڻي، ان جي ڳاري
ٺاهي ويندي آهي. ان کي پسائي رکيو ويندو آهي. ان
پاڻي کي رکڻ سان اهو سفيد رنگ پڪڙيندو آهي ۽ ان
مان سڀڪنهن شيءِ کي استر ڏنو ويندو آهي. اهو رنگ
پچائڻ کان پوءِ اهڙو ته پڪو بيهندو آهي جو صدين جي
موسمن جي تبديلين جو ان مٿان ڪوبه اثر نه پوندو
آهي. ان بعد ان کي ڊزائين ڇاپي ويندي آهي. ڊزائين
کان پوءِ ان سر يا شيءِ کي رنگ ڏنا ويندا آهن ۽
سڪايو ويندو آهي. سڪڻ کان پوءِ اها شيءِ پچائڻ
لاءِ تيار سمجهي ويندي آهي.
ڪاشيگر جي ساري ڪاريگري جو دارومدار بٺيءَ تي هوندو آهي، ٿانو ۽
سرون وغيره رنگي پوءِ انهن کي بٺي ۾ پچايو ويندو
آهي. هڪ ڏينهن اندازي سان باهه ڏني ويندي آهي، ٻه
ڏينهن بٺيءَ کي ٺرڻ لاءِ ڇڏيو ويندو آهي، تنهن کان
پوءِ مال ٻاهر ڪڍيو ويندو آهي. ڪنهن مهل اندازي
پوري نه هئڻ ڪري يا ته ساري بٺي جو مال سڙي ويندو
آهي، يا ججهي باهه سبب چٻو ڦڏو ٿي ور وڪڙ کائي
ويندو آهي يا وري اڻ پڪل صورت ۾ ڪچو رهجي ويندو
آهي. |