ٻول
ٻِت ٻِت تنهنجا ٻول ٻارڙا،
ٻِت ٻِت تنهنجا ٻول.
البيلايون جڏهن ڪرين ٿو،
نيڻن ۾ ڄڻ نور ڀرين ٿو،
رڳ رڳ تنهنجيءَ ۾ ڪي آهن!
راڻا رنگ رتول.
ٻِت ٻِت تنهنجا ٻول.
وڏ ڀرڙو تون ٿيندو ويندين،
کوڙ خوشيون تون ڏيندو ويندين،
او نرمل! او نانڪ نينگر!
عجب جهڙا انمول
ٻِت ٻِت تنهنجا ٻول.
”بزميءَ“ جي اکڙين جا تارا،
راڄ ڪندين شل راڄ دلارا،
کائيندين اوٻاريندين شل،
مٺڙا مٺڙا ٽول
ٻِت ٻِت تنهنجا ٻول.
******
” ’گل ڦل‘ آڪٽوبر 1995ع“
مالڪ
مون ۾ عيب اپار، مالڪ!
پنهنجي مهر ڪندين شل.
در تنهنجي تي سوالي آهيان،
سائل جي لهر سار، مالڪ!
پنهنجي مهر ڪندين شل.
تون ريءَ آهي واهه نه ڪائي،
خالق خلقڻهار مالڪ!
پنهنجي مهر ڪندين شل.
جهڙو تهڙو تنهنجو آهيان،
ڪر نه ڏکيو ڏاتار! مالڪ!
پنهنجي مهر ڪندين شل.
شاعر تنهنجي شوق ۾ ويهي،
ٺاهي ٿو اشعار مالڪ!
پنهنجي مهر ڪندين شل.
”بزميءَ“ جهڙا ڪاڏي ويندا،
پرتا ٿي پينار مالڪ!
پنهنجي مهر ڪندين شل.
*****
”’گل ڦل‘ نومبر 1995ع“
او سنڌڙي
روح کي راحت رسائين ٿي، او منهنجي سنڌڙي،
ڀال پنهنجا تون ڀلائين ٿي، او منهنجي سنڌڙي.
تنهنجي بستان مان طوطن جون تنوارون ٿيون اچن،
پاڻ کي ڪيڏو سجائين ٿي، او منهنجي سنڌڙي.
تون پراون کي به پنهنجو پيار ٿي ويٺي ڏئين،
ونڊ سڀ ڪنهن ۾ ورهائين ٿي، او منهنجي سنڌڙي.
تون نياڻي جا ڄڻين ٿي سا ٿئي ٿي مارئي،
ڄڻ ته سونا تاج پائين ٿي، او منهنجي سنڌڙي.
ڳٽڪرون ڳيرن جون تو ۾، سهرا بلبل ٿي چوي،
رنگ ڪيئي تون رچائين ٿي، او منهنجي سنڌڙي.
ڌَنَ ڀري آ تنهنجي ڌرتي، بک اسان ناهي ڏٺي،
سک تون سانگين کي وٺائين ٿي، او منهنجي سنڌڙي.
ٿورڙيءَ ئي ڳالهه تي جيڪو وڃي تو کان رُسي،
سڏ ڪري اُن کي ورائين ٿي، او منهنجي سنڌڙي.
هارين جون هونگرون ٻڌ ڪيئن ٿا ”وايون“ چون،
پوک جي لوري لڳائين ٿي، او منهنجي سنڌڙي.
مون ڏٺو ڏک ڪونه آهي، وقت ٿو کلندي لنگهي،
مونجھ ”بزميءَ“ جي مٽائين ٿي، او منهنجي سنڌڙي.
*******
” ’گل ڦل‘ فيبروري 1985ع“
او جيءُ سنڌي
مان پاڻ سنڌي
منهنجي ماءُ سنڌي
منهنجو پيءُ سنڌي
مان سنڌ ۾ ڄائو نپنو هان
جا لولي مٺڙيءَ ماءُ ڏني
تنهن جي لوليءَ مون کي لعل ڪيو.
خوشحال ڪيو
ان لوليءَ مون کي سنڌ ڏني
ان لوليءَ مون کي جند ڏني
منهنجو ساهه سنڌي
منهنجو چاهه سنڌي
مان سنڌ جو پاڻي پيئان ٿو
۽
جنت ۾ ڄڻ جيئان ٿو
منهنجو شان سنڌي
منهنجو مان سنڌي
منهنجو ٻول سنڌي
منهنجو ٽول سنڌي
دل هول سنڌي
ٻڌ ڍول سنڌي
منهنجي ٽور سنڌي.
منهنجي اور سنڌي،
منهنجو نانءُ سنڌي،
مان پاڻ سنڌي
منهنجي ماءُ سنڌي
منهنجو پيءُ سنڌي
سڏ ڪر ته چوان
او جيءُ سنڌي
او جيءُ سنڌي.
****
” ’گل ڦل‘ جون 1985ع“
پکيئڙن جي پڪنڪ
سنڌوءَ ڀر تي پڪنڪ پکيئڙن ملهائي،
ڏسڻ ۾ هي محفل مزيدار آئي.
”ٻٻيهن“ ٻهاري اڱڻ کي اجاريو،
”پپيهن“ ته هر چيز کي پئي سنواريو،
”ڇتونئڙن“ پئي ”وائي“ ڀٽائيءَ جي ڳائي،
سنڌوءَ ڀر تي پڪنڪ پکيئڙن ملهائي.
اڇا ”ڪانگ“ ۽ ”قاز“ لڏندي پئي آيا،
وطن جا ”وَهين“ ڏاڍا نعرا لڳايا،
وڏي موج ”تترن“ تنواري مچائي،
سنڌوءَ ڀر تي پڪنڪ پکيئڙن ملهائي.
مٺا لولا آيا کڻي ”ڪانگ“ ڪارا،
کڻي آيا انبن انگورن جا کارا،
ملائي پئي ”مرغن“ مزي سان ورهائي،
سنڌوءَ ڀر تي پڪنڪ پکيئڙن ملهائي.
جهمر پاتي ”جھرڪين“ ۽ ”ڳيرن“ پئي ڳايو،
پڪو راڳ ڪو بلبلين پئي ٻڌايو،
ڪراڙي ”ڪبوتر“ پئي ڍولڪ وڄائي،
سنڌوءَ ڀر تي پڪنڪ پکيئڙن ملهائي.
پٽي چهنب ”چيهن“ ته چهڪار ٿي ويا،
”ٻگهن“ ٻول ٻوليا ته ڳٽڪار ٿي ويا،
”ڪٻر“ پاپ ميوزڪ تي ٻولي ٻڌائي،
سنڌوءَ ڀر تي پڪنڪ پکيئڙن ملهائي.
مڙي سڀني ڦوٽو پوءِ ڪڍايو،
نظر ”مور“ سڀني جي وچ ۾ ٿي آيو،
رکيل اُنجي اڳيان هئي هڪ ٽپائي،
سنڌوءَ ڀر تي پڪنڪ پکيئڙن ملهائي.
کلي کائي هرڪو پکي ويو اڏامي،
چئي هو جمالو ڏنائون سلامي،
محبت ۾ ”بزمي“ آ ڪيڏي مٺائي،
سنڌوءَ ڀر تي پڪنڪ پکيئڙن ملهائي.
*****
” ’گل ڦل‘ جولاءِ 1985ع“
وطن جا ڏس
عجب جھڙا مٺا ماڻهو،
نه اهڙا ڪنهن ڏٺا ماڻهو،
ڪڍن ڀاڪر مان جيڪي مس
اهي منهنجي وطن جا ڏَسَ.
ٿڌيون ڇائون نمن جا وڻ،
ڌنارن جا چرن ٿا ڌڻ،
چٽا چارا، گسارا گس،
اهي منهنجي وطن جا ڏَسَ.
جتي هڻ هڻ ۽ هاڄارا،
جتي سورهيه ۽ سوڀارا،
جوانن کي ملن ٿا جس،
اهي منهنجي وطن جا ڏَسَ.
سنهري سنگ جت سٽجن،
بکايل پيٽ جت ڀرجن،
ڪٿي آهي نه ڪا هٿ کس،
اهي منهنجي وطن جا ڏَسَ.
جڏهن پويون اَسُرُ ٿيندو،
ته هَرَ هر ڪوئي جوڙيندو،
ڪڪڙ لائيندا پنهنجا دَسَ،
اهي منهنجي وطن جا ڏَسَ.
ترن مهراڻ ۾ ٻيڙيون،
مڙي ڪن سير ساهيڙيون،
وٺن ڪا چاهه واري چَسَ،
اهي منهنجي وطن جا ڏَسَ.
وٺي سرهاڻ ڪن ساريون،
اُٿي دليون ميون ماريون،
جيئڻ جي لاءِ ڪن پو وَسَ،
اهي منهنجي وطن جا ڏَسَ.
پپيها ويٺا پي پي ڪن،
چتون چيها جتي چهڪن،
ڳچين ۾ پائي ”بزمي“ هَسَ،
اهي منهنجي وطن جا ڏَسَ.
*****
”گل ڦل‘ نومبر 1985ع“
ٻار گلن جا هار
انهن جي ڪهڙيِ ڳالهه ڪجي.
مٺڙي مٺڙي ٻولي ٻولي،
ڇڏن خوشيءَ جا در ٿا کولي،
غم جا تن جي چهرن تي ڪي، ڪونه رهن آثار،
ٻار گلن جا هار.
جڳ جي جوت وڌائن ٿا هي،
گهرکي بهشت بنائن ٿا هي،
تن کي ڇو نه ڏسي ڪو پنهنجا دور ڪريون آزار،
ٻار گلن جا هار.
ننڍڙا آهن وڏڙا ٿيندا،
بابن کي سک ڏاڍو ڏيندا،
کڻندا پنهنجن ڪلهن تي دنيا جا سارا بار.
ٻار گلن جا هار.
من جا سچا صاف سدائين،
ننهن کان ”بزمي“ چوٽيءَ تائين،
ڪهڙي تن کي ڄاڻ ته ٿيندا آهن ڇا تڪرار،
ٻار گلن جا هار.
*****
”’گل ڦل‘ ڊسمبر 1985ع“ |