شڪارپور
شڪارپور شهر آهه پيارو،
عجيب ماڻهو هتان جا آهن.
انهن جي رخ تي مسڪراهٽ،
سدائين پيئي نچي ڪڏي ٿي،
شڪارپور جو ”اچار“ وه وه،
هتان جي ڪلفي به آهي نرالي،
سڄي جهان ۾ ڪٿي نه هوندي،
هتان جا ڀڳڙا به جڳ سڄي ۾،
رکن ٿا ڪو مثال پنهنجو،
شڪارپور جي مٺائي بيشڪ،
ڪري ڇڏي ٿي بهار دل کي،
شڪارپور شهر آهه پيارو،
ماڻهو عجيب هتان جا آهن.
چڱو ٿا کائين چڱو ٿا پهرن،
وڏا ڪي شوقين ٿا سڏائين ٻڌن ٻڌائن،
کڻي تنبورا ٿا راڳ ڳائن،
ڏسي ڪو تن کي اچي اکين سان،
ڇا ته محفلون رچائي ڄاڻن،
هي شهر جنت آهه نمونو،
شڪارپور شهر آهه پيارو.
*******
” ’گل ڦل‘ مارچ 2005ع“
ڪڪڙون ڪون
ڪڪڙ ڪري ٿو، ڪڪڙون ڪون،
ٻيءَ معنيٰ ۾، ”تون ئي تون“.
ڪڪڙ منهنجو آهه رنگ رنگيلو،
ڪڏهن حليم ته ڪڏهن هٺيلو،
ڪونه ڏٺو ڪو اهڙو مون،
ڪڪڙ ڪري ٿو، ڪڪڙون ڪون.
ڪڪڙ ٿو منهنجو، ميوا کائي،
هيڏي هوڏي ڇو واجھائي،
ڏي ٿو ٻانگن تي ٻانگون،
ڪڪڙ ڪري ٿو، ڪڪڙون ڪون.
ڪڪڙ جو نالو ڪوڏو آهي،
پيار منجھان ٿو پرڙا ساهي،
آءُ ته گڏجي رنگ ڏسون،
ڪڪڙ ڪري ٿو ڪڪڙون ڪون.
ڪڪڙ منهنجو آهه قربن وارو،
وندرائي ٿو دل ويچارو،
وڪڻان ”بزمي“ ڇو ڇاکون،
ڪڪڙ ڪري ٿو، ڪڪڙون ڪون.
***********
مان گهوڙي جو سوار
مان گهوڙي جو سوار ساٿي،
مان گهوڙي جو سوار.
هِڻ هِڻ هڻڪي گهوڙو منهنجو،
نانءُ اٿس دلدار،
مان گهوڙِي جو سوار.
رلي، گام، دوگام جو ماهر، ڀڄڻو واهه ڀلو آ،
منهنجي گهوڙي جو دنيا ۾ آهي ناماچار،
مان گهوڙِي جو سوار.
سرخو سوڀارو آهه منهنجو، سڀڪوئي ٿو ڄاڻي،
سونو سونو هن کي هاڻ پارائيندس هار،
مان گهوڙي جو سوار.
بابا هيءَ سوغات ڏني
آهه هن کي مان ڀائيندس،
سير ڪرائيندو هي مون کي، آهي ڪوهوشيار،
مان گهوڙي جو سوار.
گهوڙو منهنجو ساه سيباڻو، ڏيندس ڇو مان ڪنهن کي،
هن جو مون سان منهنجو هن سان ”بزمي“ آهي پيار،
مان گهوڙي جو سوار.
***
اکين جو تارڙو آهين
وڻين ٿو مون کي ڀورن کان، تون توڙي ڪارڙو آهين،
ڪرين ويساههُ جي ٻالڪ! ته ڏاڍو پيارڙو آهين.
ٻڌي مان ٻولَ تنهنجا ٻاتڙا، خوش ٿو ٿيان ڏاڍو،
وهئي ٿو کيرُ واڇن مان، اڃا تون ٻارڙو آهين.
ڏسان ٿو جان تنهنجيءَ مان، نوان جولان ٿا نڪرن،
تون هاڻي ئي ته جوڌو ۽، ڪوئي جھونجھارڙو آهين.
مان تنهنجي مرڪ تان مٺڙا، وڃان قربان ٿي جيڪر،
نه پاسي ٿيءُ تون مون کان، ڳچيءَ جو هارڙو آهين.
ٻڌين جيڪا نصيحت ٿو، ڪرين ٿو تون عمل اُن تي،
نه وسري ياد ٿي توکان، نه تون ويسارڙو آهين.
الف – بي جو سبق توکي، سمورو ياد بيٺو آ،
سڄي اسڪول جي ٻارن ۾، تون هوشيارڙو آهين.
دعا توکي آهي ”بزميءَ“ جي، وڌائيندو خدا توکي،
وڏي شل عمر ماڻيندين، اکين جو تارڙو آهين.
” ’گل ڦل’ ڊسمبر 1991ع“
ٻارن لاءِ دعا
ننڍڙا ٻالڪ جڳ جڳ جيئين،
ماهيا کير کلي شل پيئين،
مرڪي تو ڏي ماءُ ڏسي ٿي،
سانئڻ تنهنجي لاءِ سِڪي ٿي،
سيني سان مان توکي لايان،
توکي ميوا مان کارايان،
بوڪ ۾ ڪهڙا لفظ لکيا ٿي؟
ڪهڙا ڪهڙا سبق سکيا ٿي؟
پڙهندين ڪڙهندين صاحب ٿيندين،
ريشم ۽ پٽ تون پهريندين،
تنهنجون مرڪون گلڙن جھڙيون،
گلڙن جهڙيون، ڦلڙن جهڙيون،
هوشوءَ جهڙا هول ڪندين شل،
چوڌاري چؤٻول ڪندين شل،
ٻولُ مٺا ڪي ٻول ته پيارا،
ڌرتيءَ جا او روشن تارا،
شال جواني ماڻي مٺڙا،
ڄاڻ سموري ڄاڻين مٺڙا،
”بزميءَ“ جون ٿي ساڻ دعائون،
ڪوسيون لڳندءِ ڪونه هوائون.
****
ٻارڙا
قوم جو سرمايو آهن ٻارڙا
ٻارڙن سان ئي ته ملندي سونهن آ سنسار کي،
ٻارڙن سان ٻهڪندو آهي جهان
ٻارڙا آهن امانت قوم جي
اڄ جو ٻالڪ آ سڀاڻي جو ابو
ٻارڙا جنهن گهر ۾ ناهن
سو ته گهر زندان آ،
ويران آ،
سنسان آ،
ٻارڙن سان ئي ته ملندي سونهن آ سنسار کي،
هي سلن ساون جيان ڪچڙا ۽ نازڪ
ٿا ٿين.
ٻارڙا پنهنجي طبيعت کان نيارا ٿا لڳن،
ٻاتڙيون ٻوليون ڪري ٿا روح ئي ٺاري ڇڏن
ساري دنيا جو مدارآهي انهن ٻچڙن مٿان
پروڏن جو فرض ڇا هي؟
هي به ڪجھ سوچڻ کپي
ٻار مُڇ جو وار آهي ڀائرو!
جاڏي اُن کي لاڙبو ويندو لڙي،
ائين نه ٿئي جو ٻار اوجهڙ راهه تي
انسانيت وڪڻي ڇڏي،
هيسيل چهرو کڻي گهمندو وتي،
رلندو وتي
قوم جو سرمايو آهن ٻارڙا
ٻارڙن سان ئي ته ملندي سونهن آ سنسار کي.
’گل ڦل‘ آگسٽ 1988ع
نظم
هي ٻار ڪنهن جو ٻار آ؟
هٿ ۾ سڪل مانيءَ ڳڀو.
تنهن تي مکين جا ميڙاڪا،
ليڙون لٽا
ميرا مٽي
ڪارو ڪلوٽو ڪوجھڙو
ٽنڊو منڊو لاچار آ،
هي ٻار ڪنهن جو ٻار آ؟
خارش زده هي ٻارڙو
سينو سڪل
سايون اکيون
ڪامڻ وتيون
اڻڀو بدن
ڪنگيءَ وتل
بيمار آ
هي ٻار ڪنهن جو ٻار آ؟
ورندي ڏيو ڪا ڇو نٿا -؟
هي ٻار ڪنهن جو ٻار آ؟
*****
”وڄن جا وراڪا“
ڌرتي
جنهن ڌرتيءَ مون کي پاليو آ،
جنهن ڌرتيءَ مون کي جاليو آ،
جنهن منهنجو ساهه سنڀاليو آ،
تنهن ڌرتيءَ کي مان ڪيئن ڇڏيان؟
هن کان ته ٻڏي مان ڇو نه مران.
هيءَ ڌرتي ناهي جنت آ،
هي ڌرتي رب جي رحمت آ،
هيءَ ڌرتي منهنجي سنڌڙي آ،
هيءَ سنڌڙي منهنجي جندڙي آ،
هيءَ ڌرتي سهڻي سائي آ،
هيءَ جھونجھار جاڳائي آ،
هيءَ ڌرتي منهنجي مادر آ،
هي ڌرتي منهنجي چادر آ،
هن ڌرتيءَ کي مان ڪيئن ڇڏيان؟
هن کان ته ٻڏي مان ڇو نه مران.
هيءَ ڌرتي آهه ڀٽائيءَ جي،
هيءَ ڌرتي ساجن سوائيءَ جي،
هيءَ ڌرتي درازن واري جي،
هي ڌرتي مست قلندر جي.
هن ڌرتيءَ تي ٿا رنگ رچن،
هن ڌرتيءَ تي ٿا ميڙ مچن،
هن ڌرتيءَ تي ٿا انب پچن،
هن ڌرتيءَ تي ٿا مور نچن،
هن ڌرتيءَ کي مان ڪيئن ڇڏيان؟
هن کان ته ٻڏي مان ڇو نه مران.
هن ڌرتيءَ تي ٿا ڪانگ لون،
هن ڌرتيءَ تي ٿا نيڻ ٺرن،
هن ڌرتيءَ تي ٿا ڄام ڄمن،
هيءَ ڌرتي ساري سوني آ،
شربت کان مٺو هت پاڻي آ،
هت سڀ سان مولا ساڻي آ،
هيءَ ڌرتي آهي دودن جي،
هيءَ ڌرتي آهي جوڌن جي،
هيءَ ڌرتي آ مرد مٿيرن جي،
هيءَ ڌرتي آ شهزورن جي،
هن ڌرتيءَ کي مان ڪيئن ڇڏيان؟
هن کان ته ٻڏي مان ڇو نه مران.
****
ماهوار ’ڪوٽو موٽو‘
شهدادڪوٽ مارچ 2000ع
ٻارن لاءِ
ٻارڙا ڌرتي جا تارا ٿا لڳن،
اکين کي ڏاڍا پيارا ٿا لڳن،
ٻارڙا معصومڙا البيلڙا،
نور جا نرمل نظارا ٿا لڳن،
ٻارڙا آهن گلن جا هارڙا،
موج من کي ڏيڻ وارا ٿا لڳن،
ٻارڙا مائُن جا آهن آسرا،
ننڍپڻ ۾ ئي سهارا ٿا لڳن،
هونئن ته آهن ظاهري هي پتڪڙا،
سورهين وانگر سگهارا ٿا لڳن،
جوڙا جوڙا ٿي پڙهڻ لئه ٿا وڃن،
ڄڻ ته سنڌوءَ جا ڪنارا ٿا لڳن،
غم جي ويجهو ڪونه ٿا ”بزمي“ وڃن،
خوشين ۾ هي کلڻ هارا ٿا لڳن.
شل ٿين دودا ۽ دولهه ديسن جا،
هاڻي ئي اهڙا اشارا ٿا لڳن.
****
”سلسلي وار علم پبليڪيشن مرزاپور مئي جون 2003ع“
چوڙيون
آءُ سهيلي! چوڙيون پايون،
چوڙين وارو هوڪا ٿو ڏي،
آءُ سهيلي! چوڙيون پايون.
سونهن وڌائن ٿيون هي چوڙيون،
رنگ رچائن ٿيون هي چوڙيون،
چوڙيون پائي سونهن وڌايون،
آءُ سهيلي! چوڙيون پايون.
ڳاڙهيون، نيليون، پيليون چوڙيون،
آهن رنگ رنگيليون چوڙيون،
مون کي وڻنديون آهن سايون،
آءُ سهيلي! چوڙيون پايون.
خانل پاتيون، جانل پاتيون،
ڪرمان پاتيون جادل پاتيون،
ٻيون به اچن ٿيون ڀڄنديون مايون،
آءُ سهيلي! چوڙيون پايون.
ٻانهن لڏڻ سان ڇم ڇم ڇمڪن،
ٽانڊاڻيون ٿي رات جو چمڪن،
ڇا لئه پنهنجو ساهه، سڪايون،
آءُ سهيلي! چوڙيون پايون.
***
’گل ڦل‘ مارچ 2003ع
جواني شال ماڻين
گلن جو ٽوڪرو آهين،
تون ننڍڙو ڇوڪرو آهين.
ابي جي آس تون آهين،
امڙ جي باس تون آهين.
ٿي جرڪئي جيءَ ۾ جوتي،
لڳين ٿو ڄڻ ته ڪو موتي.
نه تنهنجو وار ونگو ٿيندو،
خدا توکي پناهه ڏيندو.
وڏو ٿي پهلوان ٿيندين،
تون سنڌ جو پاسبان ٿيندين.
ڪندين نيڪيءَ سان نانءُ پيدا،
ڪندين ٿڌڙو ڪو ٿانءُ پيدا.
وطن جو واهرو ٿيندين،
جواني شال ماڻيندين.
پڙهڻ اسڪول ڏي ويندين،
پڙهي افسر تون ٿي ويندين.
دعا ”بزميءَ“ جي توکي آ،
نه لڳندءِ واءُ ڪوسي ڪا.
” ’گل ڦل‘ اپريل مئي 1998ع“
ڇيلي
ڇيلي منهنجي نچڻي ڪڏڻي،
سندر سندر سهڻي سهڻي.
لاڏ ڪوڏ مان ٺينگ ڏئي ٿي،
سرهائيءَ جو سبق ٿئي ٿي.
ڇيلي منهنجي برڙي آهي،
هرهڪ ٻار ٿو هن کي چاهي.
ٻي، ٻي آهي ٻولي هن جي،
ٻولي آهي لولي هن جي.
ساهه ۾ آهي سمائڻ جهڙي،
سيني سان آ لائڻ جهڙي.
سون ۾ تورڻ جهڙي ڇيلي،
اهڙي مون نه ڏٺي البيلي.
هن جو نالو آهي مومل،
کير پياري وير ڪندي شل.
نيٺ ته اڳتي ٻڪري ٿيندي،
رنگ برنگي ڦرڙا ڏيندي،
ڇيلي منهنجي راڻي آهي،
منهنجي ڄڻ ته ڪهاڻي آهي.
بابا مون لئه آندي آهي،
لک به ملن ته به ڏيڻي ناهي.
”’گل ڦل‘ سيپٽمبر / آڪٽوبر 1997ع“
سونا هار
هيڏي اچ اي ننڍڙا ٻار،
توکي پايان سونا هار.
آس ابي جي تو ۾ آهي،
توکان وڌ ٻيو هن کي ڇاهي،
امڙ جي اکڙين جا ٺارَ.
ٻاجھارا تون ٻول ٿو ٻولين،
خوشين جا تون در ٿو کولين،
وڃ اسڪول ڪري سينگار.
هونءَ ته آهين ابهم ٻالڪ،
ٻهڳڻ ٿيندين ڪهڙو آ شڪ،
پڌرا آهن اهڙا پار.
قسمت تنهنجي چمڪي پوندي،
نچندي ڪڏندي توڏي ورندي،
تنهنجي لهندي سڪ سان سار.
” ’گل ڦل‘ جون/ جولاءِ 1994ع“ |