قبول ڪري ڇڏيو آهي، هاڻي ڄاڻ ته سڀني ماڻهن هن جي
پٺڀرائي ڪئي ۽ جيڪي ائين نه ڪندا، تن کي ملڪ ڇڏي
وڃڻ لاءِ مجبور ڪيو ويندو.“
”بابا، اهي نوان ديوتائون ڪهڙا آهن؟“ ڀوري ڇوڪريءَ
پڇيو.
”انهن ۾ هڪ نيڪيءَ جو ديوتا آهي، جنهن کي ”اهر
مزد“ چون ٿا ۽ جيڪو روشنيءَ جي نمائندگي ڪري ٿو ۽
هڪ ٻيو بديءَ جو ديوتا آهي، جنهن کي ”آهرمن“ سڏيو
وڃي ٿو، جيڪو اوندهه جو نمائندو آهي ۽ اهي ٻيئي
دائمي طور هڪ ٻئي سان جنگ و جدل ۾ مصروف رهن ٿا“،
بابا جواب ڏنو.
”نيڪيءَ جي ديوتا جي صورت ڪهڙي آهي؟ ڇا، هو اسان
جي ديوتائن منجهان ڪنهن هڪ جهڙو لڳي ٿو؟“ ڀوري
ڇوڪريءَ پڇيو.
”نه“، بابا جواب ڏنو، ”هو هڪ ڏاڙهيءَ وارو ماڻهو
آهي، جنهن کي پَرَن واري گاڏي ۾ ويهاريو ويو آهي ۽
زردشترا ته چوي ٿو ته اسان جا سڀ ديوتائون راڪشس
آهن ۽ هن جا اهرمزد ۽ اهرمن اسان جي ديوتائن کان
وڌيڪ قديم آهن. البت اسان جي ’هوما‘ ۽ ’اگني‘ کي
بچايو ويو آهي، پر انهن کي وري به انهيءَ اهر مزد
جي زبردستيءَ ۾ رکيو ويو آهي ۽ چيو وڃي ٿو ته جيڪو
به هن کي بديءَ جي ديوتا کي فتح ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو،
سو موت کان پوءِ بهشت ۾ ويندو، ۽ جيڪو ماڻهو اباڻي
زمين کيڙيندو رهندو ۽ گهرن ۾ چلهين جي باهه کي
هميشھ ٻريل حالت ۾ رکندو، مقدس ڍڳي ۽ ڪتي ۽ پاليل
پکيءَ جو احترام ڪندو ۽ رولو زندگي گذارڻ کان نفرت
ڪندو، اهو ئي نيڪ انسان آهي، جنهن سان اهرمزد راضي
رهي ٿو.“
”پر اسين ته اهي سڀ ڪم ڪريون ٿا“، ڀوري ڇوڪريءَ
چيو، ”اسين زمين جا مالڪ ۽ هاري آهيون، اسين گهرن
جي چُلهين ۾ ٽانڊو هميشھ ٻريل حالت ۾ رکون ٿا، ۽
ڳئن ۽ ڪتن جي حفاظت ڪريون ٿا. پوءِ ڀلا، ٻنهي ۾
فرق ڪهڙو؟“
”ڏسين نه ٿي، ڌيءَ ته اسان جي ديوتائن جي ذلت ڪئي
وڃي ٿي“، ”اباڻي زمين، گهر ۽ چُلهه جي باهه کي ڇڏي
وڃڻ جو گناهه فقط ان صورت ۾ معاف ٿي سگهندو، جڏهن
وطن کي ديوتائن جي صدقي ترڪ ڪجي ٿو.“
* * *
ان ڪري انهن ٽپڙ ٻڌا ۽ ٻين تارڪين وطن جي وڏي
انبوهه سان گڏجي، ڍڳي گاڏين ۾ سامان سڙو رکي، هڪ
اهڙي ملڪ ڏانهن سفر اختيار ڪيو، جتان جا ماڻهو
سانوري رنگ جا هئا. هنن اتي پهچي، پنهنجي عظيم
اڳواڻ منوءَ جي قيادت ۾ نئين سرسوتيءَ
جي ڪنارن تي آباد ٿيڻ کان اڳ ۾ اُتان جي هزارين
ماڻهن کي قتل ڪيو.
”ديوتائن مقدس هَرَ وارن کي انعام سان نوازيو
آهي“. پوڙهي ڀوري ڇوڪريءَ کي چيو، ”هن کي وري هڪ
نئين سرسوتي ملي ويئي آهي، جنهن جي ڪپن تي هو هر
هلائي سونهري رنگ وارو اَنُ پيدا ڪندا، اسان جي
ابن ڏاڏن جا روح، هتي به اسان جي حفاظت ڪن ٿا،
جيئن اُهي ايران ۾ ڪندا هئا.“
ڀوري ڇوڪريءَ هن ڏانهن نهاريو ۽ چيو، ”بابا، اڄ
صبح جو جڏهن آءٌ وهنجڻ ۽ پاڻي ڀري اچڻ لاءِ ويئي
هيس، ۽ جيئن ئي آءُ پاڪ سرسوتيءَ جي پوڄا ڪري ۽
سورج ديوتا کي پاڻيءَ جا ڇنڊا هڻي رهي هيس ته مون
انهن اڻ
–آرين
مان هڪ کي ڏٺو، جيڪو هڪڙي مئل نانگ کي پوڄي رهيو
هو.“
”هُون“، بابا چيو، ”عظيم منونءَ جو قول آهي ته
پنڊت، پوڄاري، جنگباز ۽ واپاري سڀ آريا قوم مان
چونڊڻ گهرجن، اڻ آرين لاءِ فقط نيچ ڪم ڇڏيل آهن ۽
انهن لاءِ آريائن جي ديوتائن جي پوڄا ڪرڻ کان سخت
منع ٿيل آهي. اها ڳالهه اسان کي ذاتين جي مونجهاري
کان محفوظ رکندي.“
انهيءَ وچ ۾ برهمڻن جو هڪ ٽولو اتي اچي نڪتو، ابن
ڏاڏن کي قربانين پيش ڪرڻ جي مهل اچي پهتي هئي.
ڀوري ڇوڪريءَ کي برهمڻن جا پير ڌوئڻا ۽ کين کاڌو
کارائڻو پيو. هن کي ڳئن کي به کارائڻو پيو ۽ ان
کانپوءِ ديوتائن کي جاڳائي انهن کي به کارائڻو
پيو. صبح کان وٺي ويندي شام تائين، هن کي گهر اندر
ڪيئي ساٺ سنوڻ پورا ڪرڻا پوندا هئا، جن کي ذري
جيتري به انحرافي جو مطلب ڪرڻا پوندا هئا، جن کان
ذري جيتري به انحرافي جو مطلب اهو هو ته هوءَ ڪنهن
وڏيءَ مصيبت ۽ لعنت ۾ مبتلا ٿيندي.
”هِتي ته اسان کي ايران کان به وڌيڪ رسمون رواج ۽
ساٺ سؤڻ پورا ڪرڻا پون ٿا“، هن هڪڙي ڏينهن پيءُ
وٽ شڪايت ڪئي.
”هائو، ڌيءَ“، هن جواب ڏنو، ”پر تنهنجي انهيءَ
ڳالهه مون کي ياد ڏياري وڌي ته تون هاڻي پوڙهي
ٿيندي پيئي وڃين ۽ اسان جو مقدس قانون چوي ٿو ته
انهيءَ گهر تي ديوتائن جو غضب پوندو، جنهن ۾ هڪ
ڌيءَ کي شاديءَ ڪرائڻ کانسواءِ، ڇوڪراڻي ڄمار مان
وڌي بالغ عورت جي منزل تائين رکيو وڃي ٿو. توکي
هاڻي پرڻائڻو پوندو ۽ شال تون بيشمار پٽن جي ماءُ
ٿئين! اهو ماڻهو وڏو لعنتي آهي، جيڪو پٽ ڄڻڻ
کانسواءِ مري وڃي ٿو. هو ڪڏهن به سورڳ ۾ نه ويندو،
ڇاڪاڻ ته هن جي روح کي کارائڻ ۽ برهمڻن کي ڀوڄن
ڪرائڻ وارو ڪوئي ڪونه هوندو. ساڳيءَ طرح سنڍ عورت
تي به ديوتائن جو غضب هوندو آهي ۽ هڪ وڌوا (رن
زال) مڙس جي مرڻ کانپوءِ جيئري رهڻ جي مقابلي ۾ ان
وقت وڌيڪ خوش ٿيندي آهي، جڏهن هوءَ پنهنجي مڙس جي
لاش سان گڏ چکيا تي چڙهندي آهي“.
ڀوري ڇوڪريءَ جڏهن خانداني ديوتا جي شبيهه کي کاڌو
پيش ڪيو، تڏهن ان جي اڳيان سجدو ڪري، هن مڙس ملڻ
لاءِ خصوصي دعا ڪئي.
جلد ئي هن جي پرارٿنا اگهاڻي ۽ هن جي شادي ڪرائي
ويئي، پر ٿوروئي عرصو گذريو هو، جو هن جي مڙس کي
نانگ ڪکي وڌو ۽ هو مرڻ لڳو.
پوڄاريءَ اصرار ڪيو ته هن کي ڌرتيءَ تي ليٽائي،
مٿس پاڻي وڌو وڃي، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن هو بستري تي
مري ويو ته سورڳ جو ڪڏهن منهن نه ڏسندو.
ڀوري ڇوڪري هڪ وڌا جي حشر کان پوريءَ طرح واقف
هئي. ڀڄڻو ته هن کي ضرور پيو، پر هن کي ڪاري
پاڻيءَ واري سمنڊ پار ڪرڻ جي همت ڪانه هئي، ڇو ته
ان طرح هوءَ لعنتي ۽ تڙيل ٿي پوي ها. ان ڪري هوءَ
ملڪ جي اندروني علائقي طرف ڀڳي.
* * *
هڪ ڊگهي ۽ ٿڪائيندڙ ڀاڄ کانپوءِ، هوءَ هڪ گهاٽي
ٻيلي جي وچ ۾ صاف ٿيل جاءِ ۾ اچي پهتي، جنهن جي
چوڌاري تمام اوچا بڙ جا وڻ بيٺل هئا، جيڪي ديول جي
ٿنڀن وانگر معلوم ٿي رهيا هئا. جيئن ته هوءَ ٿڪجي
چور ٿي پيئي هئي، ان ڪري هن پاڻ کي سائي گاهه سان
ڍڪيل زمين تي کڻي اڇلايو ۽ اوڇنگارون ڏيئي روئڻ
لڳي.
هن جي سڏڪن جي آواز کان مٿي وڻن ۾ ويٺل سوين طوطا
۽ مينائون جاڳي پيا، ۽ هڪ پل ۾، خاموش جهنگ پکين
جي لاتين جي آواز سان ڀرجي ويو. انهيءَ صورتحال ۽
اوڀر کان اڀرندڙ سج جي روشن ڪرڻن، جيڪي گهاٽن وڻن
جي ٽارين وچان ليئا پائڻ لڳا هئا. هن جي ڪريل دل ۾
هڪ نئون جذبو جاڳايو ۽ هوءَ همت ڪري اتان ئي اٿي،
پاسي واري ڍنڍ تي هٿ منهن ڌوئڻ لاءِ هلي ويئي.
اڃا هن وهنجي مس بس ڪئي ته هن کي ڪنهن ڏورانهين
هنڌ تي وڄندڙ بانسريءَ جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. هوءَ
ساهه روڪي، غور سان ٻڌڻ لڳي ۽ پوءِ انهيءَ رخ ڏي
وڌندي رهي، جتان هن کي اهو مٺو موسيقيءَ ڀريو آواز
ٻڌڻ ۾ پئي آيو. جيئن جيئن هوءَ ويجهي ايندي رهي،
تيئن تيئن بنسريءَ جو آواز وڌيڪ صاف ۽ مٺو ٿيندو
پئي ويو. هاڻي هن چئني طرفان کان نوجوان ۽ خوبصورت
ڇوڪرين کي هٿن ۾ گلن جا هار کڻي، بنسري وڄائيندڙ
ڏانهن ايندي ڏٺو. اهي سڀ ائين گهمي رهيون هيون، ڄڻ
ته مٿن جادوءَ جو اثر ٿيل هو. ائين پئي لڳو ته ڄڻ
هوا به ساڪت ٿي ويئي هئي، هر هڪ شيءِ بنسريءَ جو
آواز ٻڌڻ لاءِ هڪ هنڌ بيهي رهي هئي.
جيئن ئي اهو مٺو ۽ سريلو آواز نڪرڻ بند ٿيو، ته هڪ
رڙ ٻڌڻ ۾ آئي: اهو ”ڌنار ڇوڪرو!“ ۽ اهو آواز ٻڌي
سڀ ڇوڪريون بنسري وڄائيندڙ جي طرف ڏانهن ڀڳيون ۽
ڀوري ڇوڪريءَ به فطري طور ائين ئي ڪيو.
پوءِ هن پاڻ کي جادوءَ جهڙو اثر رکندڙ هڪ سهڻي ۽
سانوري نوجوان جي روبرو بيٺي ڏٺو ۽ جيئن ٻين
ڇوڪرين ڪيو، تيئن هيءَ به گوڏن ڀر جهڪي ۽ پوءِ
سڀني گڏجي انهيءَ سهڻي جوان جي چوڌاري گول دائرو
بڻايو. هن هر هڪ ڇوڪريءَ کي موهيندڙ مرڪ سان
کينڪاريو، پر هن ڀوري ڇوڪريءَ کي وري ٻيهر ڏٺو، ۽
ان طرح پڪ ڪئي ته هو کيس اڄ پهريون ئي دفعو ڏسي
رهيو هو. ڇوڪرين کي سندن پيار ۽ محبت جي صدقي ۾
انعام ڏيڻ خاطر، هن هڪ ڀيرو وري بنسريءَ مان من
موهيندڙ سر آلاپيو.
جيئن ئي هن بنسريءَ تي گيت ڳائي بس ڪيو، تيئن ئي
بنسريءَ کي اڇلائي، انهن سهڻين نينگرين سان گڏجي
ڏاڍي نزاڪت سان هڪ دلپسند ناچ نچڻ شروع ڪيو. ناچ
اڃا مس ختم ٿيو ته هن وڏي آواز ۾ چيو:
”هاڻي، سڀ وڃو، وڃي پنهنجي ڪم کي لڳو، نه ته توهان
جا پيئر مون کي پٽيندا. اسين وري منجهند جو
ملنداسين.“
هنن سندس حڪم هٻڪندي هٻڪندي مڃيو ۽ گهر طرف ويندي
وري وري منهن پٺتي ڦيرائي ڏسنديون رهيون، تان جو
هو انهن جي نظرن کان دور ٿي نيٺ گم ٿي ويو. ڀوري
ڇوڪري، قدرتي طور، اتي ئي ڄمي بيٺي رهي.
”ڪير آهين؟“ نوجوان هن کان پڇيو.
”آءٌ اڄ صبح ئي هت پهتي هيس ۽ تنهنجي بنسريءَ جو
آواز ٻڌي عجيب ڪيف محسوس ڪيم“، ڀوري ڇوڪريءَ جواب
ڏنو. ”هن آزاد جهنگ ۾ ماڻهو پاڻ کي ڪهڙو نه مختلف
محسوس ڪري ٿو، جڏهن هن کي ڪي به رسمون ۽ ريتيون
ادا ڪرڻيون ڪينهن! آءٌ پنهنجين پنبڻين سان جيڪر
هزار ڀيرا تنهنجا پير ڌوئان، پر مون کي خوشي آهي،
جو مون کي ڪنهن برهمڻ جا پير هڪ ڏينهن به ڌوئڻا
ڪينهن. مون برهما جي خوبصورت شبيهه کي، چئن ٻانهن
۽ چئن سِرين سان ڏٺو آهي، مون عظيم ديوتا ”شِو“ به
ڏٺو آهي، ۽ شاندار وشنوءَ جو ديدار به ڪيو اٿم،
انهن سڀني جون خوبصورت ديويون به ڏٺيون اٿم. پر
هاڻي ته منهنجي سامهون هڪ جيئرو ديوتا بيٺو آهي.“
نوجوان هن جا اهي پويان الفاظ ٻڌي ڪجهه ڇرڪيو.
”اڙي، آءٌ ته فقط هڪ ڌنار آهيان“، هن چيو، ”اسين
سڄو ڏينهن فقط پاڻيءَ ۾ ترڻ، ڳائڻ ۽ نچڻ کانسواءِ
ٻيو ڪجهه به نه ڪندا آهيون، مون کي اميد آهي ته
هاڻي، تون به انهيءَ ۾ اسان سان شريڪ ٿيندينءَ.“
پوءِ هن هڪ ڳنڍڙي کولي، جيڪا هن وٽ موجود هئي ۽ ان
مان ماني ۽ مٺائيءَ جو ڪجهه حصو ڪڍي، جيڪا هو
پنهنجي ناشتي لاءِ گهران کڻي آيو هو، هن ڏانهن
وڌايائين.
”هيءُ ته ڪو جادوءَ جو ملڪ آهي، جنهن ۾ آءٌ اچي
نڪتي آهيان“. ڀوري ڇوڪريءَ چيو، ”مون هن کان اڳي
ڪڏهن اهڙو خواب به نه ڏٺو هو.“
وهنجندي رانديون ڪندي، نچندي ۽ ڳائيندي، وقت
گذرندو رهيو ۽ اهو چڪر ڪافي عرصي تائين هلندو
رهيو، ۽ ڀوري ڇوڪري ۽ گوپيون انهيءَ نوجوان سهڻي
ڇوڪري کي ديوتا وانگر پوڄينديون رهيون، تان جو
هڪڙي ڏينهن اوچتو ئي اوچتو هو انهن جي وچ مان گم
ٿي ويو.
ڀوري ڇوڪري، ٻين نوجوان ڇوڪرين سان گڏ هن عدم
موجودگيءَ تي روئنديون ۽ ماتم ڪنديون رهيون. تان
جو هڪڙي ڏينهن ڊگهن اڇن وارن سان هڪ جهنگ- واسي،
اتي اچي نڪتو، ۽ کين ٻڌايو ته سندن ڌنار ڇوڪرو،
اصل ۾ هڪ شهزادو هو، جنهن کي ملڪ ۾ هلندڙ جنگين ۾
پنهنجن ماڻهن جي اڳواڻي ڪرڻي هئي ۽ هن راڪشسن
(وحشي قبائل) کي فتح ڪري، نيست و نابود ڪرڻ
کانپوءِ خوبصورت راڻين سان شاديون ڪيون هيون ۽
انهن مان هن کي سوين پٽ ڄايا هئا، جيڪي سڀ ئي
ديوتائن وانگر نظر اچي رهيا هئا. هن کين اهو به
ٻڌايو ته هن جي اڳيان ته خود برهمڻ به گوڏو جهڪائي
پنهنجو اڳواڻ تسليم ڪندا هئا.
”ڇا، هو وري ڪڏهن به هن طرف ڪونه ايندو؟“ ڀوري
ڇوڪريءَ پڇيو. ”نه ڪڏهن به نه“، تارڪ الدنيا شخص
جواب ڏنو. ”هن جو ٻالڪپڻو هِن هنڌ سان وابسته هو،
۽ هن جي مردانه جواني ٻئي ڪنهن هنڌ سان واسطو رکي
ٿي.“
ڀوري ڇوڪريءَ ائين محسوس ڪيو هو ته ڄڻ سندس
زندگيءَ جو هڪ نئون ورق وري چڪو هو ۽ هن کي انهيءَ
اوچتي ۽ دائمي نقصان جو ايڏو ته غم ٿيو، جو کيس
آٿت ئي نه پئي مليو.
”پر پوءِ“ هن پنهنجو پاڻ کي چيو، ”هو اڃا به مون
وٽ آهي، ڇاڪاڻ ته ڪوئي به مون کي انهن خوبصورت
ڏينهن جي ياد کان محروم نٿو ڪري سگهي، جيڪا منهنجي
دل اندر محفوظ آهي، هن جي صورت به منهنجي دل اندر
محفوظ آهي.
هي صبح جو سورج، وڻ ٽڻ، ڍنڍ، هوا ۽ ڪڪر- اهي سڀ
ديوتائون جن جي آءٌ اڳئي پوڄا ڪندي هيس، تن سڀني
لاءِ آءٌ هاڻي به پوڄا ڪريان ٿي، پر ڪهڙي نه فرق
سان، هاڻي، آءٌ انهن کي پيارو گهران ٿي. حالانڪه
هن کان اڳي مان فقط سندن اڳيان گوڏا جهڪائڻ لاءِ
مجبور ڪئي ويندي هيس. انهن سان گڏ، هي پکي پکڻ، گل
ڦل، ناچ ۽ هن جي ديوتائي موسيقي، جيڪا هن کي ايڏي
پياري هئي. انهن سڀني کي آءٌ هن جي وسيلي سان پيار
ڪرڻ سکي آهيان. آءٌ پاڻ کي بدليل محسوس ڪري رهي
آهيان ۽ دنيا کي به مختلف نظرن سان ڏسي رهي آهيان.
هائو، جيسين هن کي وري ڳولي هٿ نه ڪنديس، تيسين
آرام نه ڪنديس. آءُ سندس پٺيان هلندي ئي رهنديس، ۽
تيستائين هلندي رهنديس، جيستائين منهنجين ٽنگن ۾
منهنجو بار برداشت ڪرڻ جي طاقت هوندي. هاڻي مون تي
واضح ٿي رهيو آهي“، هوءَ ان طرح سوچيندي رهي:
”هي آريا ڪهڙا نه احمق هئا، جو پنهنجو اصلوڪو وطن
۽ ”زردشت“ جي ديوتائن، ”خالق“ ۽ ”ناس ڪندڙ“ کي ڇڏي
آيا. ڇاڪاڻ ته هت اچڻ کانپوءِ هنن انهن سڀني
ديوتائن کي ته وري پنهنجو بنايو، اٽلو هڪ ٽيون،
عظيم ”وشنو“ پڻ انهن ۾ ملايو، جيڪو حفاظت ڪندڙ
ديوتا آهي“.
ائين سوچيندي هوءَ پنهنجي ديوتا جي ڳولا ۾ نڪري
پيئي.
* * *
هوءَ جبلن، ٻيلن ۽ ميدانن کي پار ڪندي رهي، تان
جو هڪ عجيب و غريب ۽ اڻسڃاتل هنڌ تي اچي نڪتي، جتي
هن کي ڏاڙهيءَ ۽ عجيب حُليي وارن ٻن ڄڻن پڪڙي
ورتو، جن جي مٿن جا وار چوٽين جي صورت ۾ ڳنڍيل
هئا، هو کيس پنهنجن اٺن تي کڻي آيا ۽ گهڻي وقت
کانپوءِ آخرڪار هن کي فرعون وٽ انهيءَ جي حيثيت ۾
وڃي وڪيو. هوءَ فرعون جي انتهائي مقبول ٻانهي بڻجي
ويئي ۽ هو کيس هميشھ پنهنجي خدمت ۾ حاضر رکڻ
چاهيندو هو، ڇاڪاڻ ته هوءَ سندس ٻولي سمجهي سگهندي
هئي.
انهيءَ شهر جي وچان لنگهندي، جيڪو سڄو مٽيءَ جي
ڪچن گهرن جو ٺهيل هو، هن انهن جاين جي عين وچ ۾
پٿر جي هڪ شاهاڻي عمارت ڏٺي.
”هن ۾ ڪير رهندو آهي؟“ هن هڪ لانگهائوءَ کان پڇيو.
”هن شهر جو محافظ ديوتا“، انهيءَ ماڻهوءَ جواب
ڏنو.
هوءَ مجسم حيرت بڻجي اوڏانهن ڀڳي، پر دروازي وٽ
بيٺل پوڄاريءَ، جنهن کي هٿ ۾ هڪ لٺ هئي، هن کي
اندر داخل ٿيڻ کان روڪيو. انهيءَ ڳالهه هن جي حيرت
۾ آقي باقي اضافو ڪيو ۽ هن جاءِ جي چوڌاري ڦيرو
ڏيئي، ان جي ڀت ۾ هڪ چير ڏسي ورتو، جنهن جي وچان
هوءَ ان جي اندرين اونداهين ڪمري ۾ ليئو پائي ڏسي
پئي سگهي، ۽ هن ڏٺو ته ان ۾ هڪ وڏو واڳون ويٺو هو.
هن کان کل نڪري ويئي.
هن کي اهڙي (ديوتا) کي رازداريءَ ۾ رکڻ جو ڪو مقصد
نظر ڪونه آيو، جڏهن ته ان جا سوين ڀائر نيل درياهه
جي ڪنارن تي پيا هئا، جتي انهن کي هر ايندڙ ويندڙ،
جنهن کي انهن کي ڏسڻ جي خواهش هئي آسانيءَ سان ڏسي
پئي سگهيو. اوچتو هوءَ ڪنهن خيال ۾ ٻڏي ويئي ۽ هن
جي تصور ۾ سرسوتي نديءَ جي ڪپن وارو منظر تري آيو،
جتي هن هڪ اڻ
–آريي
کي مثل نانگ جي پوڄا ڪندي ڏٺو هو. پر اتي ته ڪنهن
به ماڻهوءَ هڪ جانور کي مندر ۾ ڪونه رکيو هو؟
هوءَ اڳتي وڌندي رهي ۽ ڪجهه وقت کان پوءِ هڪ اهڙي
هنڌ تي اچي نڪتي، جيڪو هڪ وڏي ٽڪر وانگر پئي لڳو ۽
جنهن ۾ هڪ مئل ماڻهوءَ کي دفن پئي ڪيو ويو. جنهن
ڳالهه هن کي ڇرڪايو، سا اها هئي ته مئل ماڻهوءَ
سان گڏ، نه فقط سندس گهريلو سازو سامان ۽ فرنيچر
وغيره، پر جيئرن جاڳندڙن جانورن ۽ عورتن کي پڻ
هڪليندا دفن ڪرڻ لاءِ وٺي پئي آيا.
اها رات ياد ڪندي، جڏهن هوءَ چکيا تي جيئري جلڻ جي
خطري ۾ هئي، کيس اهڙي ته وحشت اچي ورايو، جو هوءَ
يڪ ساهيءَ محل ڏانهن واپس ڊوڙي ويئي. اتي پهچڻ
سان، هن پاڻ کي پنهنجي آقا جي قدمن ۾ کڻي اڇلايو ۽
هن کان انهيءَ ڳالهه جو مطلب دريافت ڪيو.
”ته پوءِ اهو ڪم توکي ناجائز پيو لڳي. مون کي به
اهو ٻاراڻي ڄمار کان وٺي ناجائز لڳندو آيو آهي“،
هن جي آقا چيو ۽ مرڪيو. اسين ساڳين خيالن جا معلوم
ٿيون ٿا. هن وقت تائين ته پوڄاري ۽ پنڊت انهيءَ
ظالمانه رسم جي اصلاح ڪرڻ کان منهنجو رستو روڪيندا
آيا آهن، پر هاڻي آءُ هنن جي مخالفت کي هرگز
برداشت نه ڪندس. آءٌ هڪ سچي خدا جي عبادت قائم
ڪندس.“
”اي معزز آقا“، ڀوري ڇوڪريءَ چيو، ”آءٌ پاڻ سچي
خدا جي ڳولا ۾ آهيان“.
”اچ ته آءٌ ٿو توکي ڏيکاريان“، فرعون چيو، ۽ پوءِ
هن کي هڪ کليل ٿلهي تي وٺي آيو ، جتي هن وجد ۾ اچي
سج ڏانهن اشارو ڪندي چيو، ”ڇا، انسان پاگل ناهن؟
ڇا، اها حقيقت واضح ناهي ته اهو ئي هن ڌرتيءَ ۽ ان
تي موجود سڄي زندگيءَ ۽ خود اسان جو به پيدا ڪندڙ
آهي؟ شاندار آ تون!
ڇا،
ڪوئي هن جي موجودگيءَ ۾ ڪنهن ٻئي ديوتا جي پوڄا به
ڪري سگهي ٿو؟“
هن جي بيخوديءَ واري انهيءَ حالت ۽ سندس دلپسند
چال، ڀوري ڇوڪريءَ کي بنسريءَ واري شهزادي جي ياد
تازي ڪرائي، جيڪو پڻ بادشاهه بڻيو هو، ۽ ڪيترن ئي
شهرن ۽ ڳوٺن تي حڪمراني ڪري رهيو هو ۽ جنهن آڏو
|