سيڪشن؛  تصوف

ڪتاب: ڀوري ڇوڪري حق جي ڳولا ۾

 

صفحو :2

 ڀوري ڇوڪري حق جي ڳولا ۾

 ”ڪٿي آهي خدا؟“ ڀوري ڇوڪريءَ ڪاڻي فقيرياڻيءَ کي چيو، جنهن جي هڪ هٿ ۾ ماچيس هو، ته چپن تي ”خدا توکي نيڪي ڏي“ جا لفظ هئا.

بس، ائين ئي ٿيندو هو. جڏهن به ڀوري ڇوڪري پنهنجي ٻن ماڻهن جي ويهڻ واري رولس رايس ڪار مان هيٺ لهندي هئي، تڏهن انهيءَ عورت کي پنهنجي مسواڙي جاءِ جي در وٽ ڏسندي هئي، جنهن سان گڏ هڪ اڌ-بُکي ڇوڪري به بيٺي هوندي هئي.

هُن هميشھ وانگر پنهنجي ٻٽونءَ ۾ هٿ وجهي چانديءَ جو ڪو ننڍو وڏو سڪو ڳوليو ۽ هميشھ وانگر ئي هن کي خردو* موجود نه مليو.

هوءَ پنهنجي گلابي رنگ جي فراڪ ۽ ڀؤنر جهڙن ڪارن وارن جي مٿان بيباڪيءَ سان ٽِنڊ تي رکيل ننڍي ٽوپيءَ سان ڏاڍي سهڻي پئي لڳي. هن جي عاج جهڙي چمڙي لسي ۽ ريشم جهڙي نرم هئي ۽ سندس ڪارين اکين ۾ زندگيءَ جي جوت جهلڪي رهي هئي. هوءَ ڪنهن مشرقي ملڪ جي هڪ انتهائي دولتمند نواب جي اڪيلي ڌيءَ هئي، جنهن جو انهيءَ وقت ٺڪاڻو ”رٽز“ (هوٽل) ۾ هو ۽ جنهن کي فقط اعليٰ نسل جي ڪتن پالڻ ۽ کانئن ٻچن ڪرائڻ جو شوق هو. خود ڇوڪريءَ کي ”مي فيئر“ محلي ۾ هڪ پُرلطف ۽ شاندار قسم جو مسواڙي ڪمرو هو، جنهن ۾ هوءَ پڙهي به پئي سگهي، ڌماچوڪڙي به لڳائيندي هئي ۽ گناهه به ڪري سگهندي هئي. يونيورسٽيءَ ۾، جتي هوءَ تاريخ ۽ معاشيات جي شاگردياڻي، پنهنجن هم ڪلاس نوجوانن ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي خوش مزاج ۽ بي فڪر ٽولي جي وچ ۾ سڀني کان وڌيڪ رلڻي ملڻي ۽ کِلڻي طبعيت جي مالڪ هئي.

اڄ، هن جو مٿو ڦري رهيو هو. گذريل رات واري شراب ڪباب ۽ رقص و سرود جي محفل هن کي بلڪل نستو ڪري ڇڏيو هو، ان جي باوجود هنن کيس مشهورجرمن ناچوءَ ائني فلگ، جي تيز رفتار ناچ مان واندو ٿيندي ئي شئمپين ۾ وهنجاري ڇڏيو هو  (البت، اهو شئمپين خود ڇوڪريءَ جي خرچ تي ورتل هو).

سندس ٽولي ۾ شامل ڇوڪرن جو ڪم، هن جي خوشامد ۽ اڇاتري ۽ تفريحي محبت جي جذبن ۽ خيالن سان پُرڪرڻ، ۽ کانئس پئسا اڌارا وٺڻ ۽ ڪڏهن به واپس نه ڪرڻ هو، ڇوڪرين جو ڌنڌو فقط اهو هو ته جڏهن به انهن تي قيمتي سوکڙين پاکڙين جي برسات ڪئي وڃي، تڏهن ”اڙي، ڪهڙي خوبصورت آهي! مون کي به انهيءَ جي ئي سخت ضرورت هئي!“ جهڙا جملا ادا ڪرڻ نه وسارين، دوست ته هن جا سچ پچ ڪي هيائي ڪين. مس ويسٽ، جنهن کي اُهي سندس سرخ و سفيد رنگ ۽ ڀورن وارن سبب ”گوري ڇوڪري“ ڪري سڏيندا هئا، ڪنهن وقت ۾، جڏهن کيس هن جي مدد ۽ پٺڀرائي جي ضرورت هئي، تڏهن هن جي دوست هئڻ جو ڍونگ ڪيو هو.

ڀوري ڇوڪريءَ هن جي خاصي مدد ڪئي هئي. درحقيقت، مس ويسٽ اقتصاديات ۽ ماليات جي مضمونن ۾ فقط هن جي صدقي ۾ ئي گريجوئيٽ بنجي سگهي هئي، پر هاڻي، جيتوڻيڪ هوءَ ڪڏهن ڪڏهن سندس پارٽين م شريڪ ٿيندي هئي، پر اڄڪلهه هن جا حقيقي دوست ڪاروبار ۽ رانديون هئا.

هڪ ٻي ڇوڪري به هئي، جيڪا آفريقا کان آيل هئي. اها ڪاري ڇوڪري، جيڪا پنهنجي نموني ۾ الاهيات جي علم جي شاگردياڻي هئي ۽ هن جي مخلص دوست هئي. پر هن هڪڙي آئرش نسل جي ماڻهوءَ سان شادي ڪئي هئي ۽ پڙهائي ڇڏي ڏني هئائين ۽ ان کانپوءِ هن سان ملاقات جو رستو ختم ٿي چڪو هو.

ڀوري ڇوڪري ذري گهٽ هر شام جو سندس پئسن تي پلجندڙ ۽ تفريح ڪندڙ انهيءَ گروهه جي خاطر پنهنجي جاءِ تي پارٽي ڏيندي هئي ۽ اهي سڀ هنن ٻن ڳالهين تي پوريءَ طرح متفق هئا: هڪ ته سندن ميزبان ڇوڪري پوري طور پُرڪشش هئي ۽ ٻيو ته ائٽم کانسواءِ ڪو خدا ڪونه هو. هنن کي اهو به يقين هو ته اهي ائٽم به محض هڪ اتفاقي ۽ حادثاتي ڀيڙ ذريعي گڏ اچي ٿيا هئا ۽ انهيءَ ميل ميلاپ لاءِ انهن کي اجتماعيت جي خوبيءَ سان نوازيل به يقيناََ نه ٿو چئي سگهجي. انهن جو هيڏانهن هوڏانهن ڌڪا ڌوما کائڻ، پڻ، ڌونس بازيءَ جي قسم جا هئا، ۽ هنن جو چوڻ هو ته زندگيءَ لاءِ جدوجهد جو آغاز، اِهوئي هو.

انهيءَ صورتحال تي جو هڪ ئي قانون جو ضابطو هو، سو اهو هو ته توهان ڀلي وڃي چوري ڪريو، پر شرط رڳو اهو آهي ته ان کي لِڪائي سگهو. جيستائين توهان جي پاڙيسريءَ کي خبر ڪانه هئي، تيستائين هن ڳالهه جي پرواهه ئي ناهي ته توهان سندس خلاف ڇا پئي ڪيو. ان کان علاوه جيڪڏهن توهان پنهنجو توتاڙو ڪافي زور سان ۽ وڏي ٻوڪي وڄائي سگهو ٿا، ته اهو آواز ٻين ڪيترن ئي سنهن ۽ ڪمزور آوازن تي غالب پئجي ويندو ۽ عوام جي وڏي گڏهه کي ٻوٿ تي رسو وجهي پنهنجي مرضيءَ سان هيڏانهن هوڏانهن گهلڻ لاءِ ٿوري پروپئگنڊا ڪافي آهي.

ڇا، سڀ سائنسدان هن ڳالهه تي متفق ناهن ته زمين گول آهي؟ ان ڪري اها هنداڻو هوندي ۽ ان لاءِ ضرورت فقط هن ڳالهه جي آهي ته ماڻهوءَ جا اڳيان ۽ پاسن وارا ڏند ڪافي تيز هجن ۽ خاص طرح ڏاٺون سٺيون ۽ مضبوط هجن، ۽ پوءِ فقط هڪ ئي لياقت، جنهن جي ضرورت، سا چڱيءَ طرح چڪ هڻڻ جي ڏانءَ جي ڄاڻ آهي.

صحيح يا غلط، حق يا ناحق جو ڪو سوال ئي نه ٿو اٿي.

ڀوري ڇوڪريءَ کي انهيءَ دستور جي پوئواري ڪرڻي پوندي هئي، ڇاڪاڻ ته زماني جي دستور يا رسم و رواج کان پوئتي رهجي وڃڻ، وڏي ۾ وڏو گناهه هو.

هن کي ڪنهن  به انهيءَ کانسواءِ ٻيو ڪو طريقو سيکاريو ئي ڪونه هو. هن پنهنجي ماءُ کي ڪو مشڪل ئي ڏٺو هو. هن جي داين هن کي الله، رحيم جون ڳالهيون ٻڌايون هيون، پر جڏهن کان هوءَ يورپ آئي هئي، تڏهن کان هن جي دل ۾ وري ڪڏهن الله جو خيال ئي نه آيو هو. ڪڏهن ڪڏهن محض اتفاق سان، جڏهن هوءَ رات جو اوچتو جاڳي پوندي هئي ته هن کي هر شيءِ کان، خود پنهنجي وجود کان ڊپ محسوس ٿيندو هو ۽ هوءَ دل جي گهراين ۾ هڪ تنهائي ۽ ڪنهن شيءِ جي، جنهن کي هوءَ سمجهي به نه سگهندي هئي، هڪ طرح جي بک محسوس ڪندي هئي.

هوءَ ماچيس وڪڻڻ واري پينو عورت کان معافي وٺندي، پنهنجي ڪمري ۾ داخل ٿي. سندس ٻيئي نوڪرياڻيون هن جي آجيان لاءِ ڊوڙنديون وٽس اچي پهتيون.

”مون کي ڇهين بجي تائين ڪوبه نه اٿاري.“

ائين چئي، هن پنهنجي ڪمري جو دروازو بند ڪيو، ۽ پنهنجي صندل جي ريشمي وهاڻن ۽ گاديلن ۾ دٻجي ويهي رهي ۽ اکيون ٻوٽي، ننڍاکڙي حالت ۾ ڀڻ ڀڻ ڪرڻ لڳي، ”خدا ڪٿي آهي؟“

”آءٌ ٿو توکي ڏيکاريان،“ هن جي پاسي کان هڪ آواز آيو. هن ڦيرو کائي ڏٺو ته سندس سامهون هڪ ڊگهو ماڻهو بيٺو هو، جنهن جو چهرو ڏاڍو سخت هو ۽ مٿو، اڇو هوس. هنکي هڪ عجيب و غريب نموني جو ڊگهو چوغو پيل هو، جنهن تي جانورن ، وڻن، جبلن ۽ سمنڊن جون تصويرون ڇاپيل ۽ ڀرت وانگر ڀريل هيون، انهن ۾ مردن ۽ عورتن جا انبوه هئا، جن مان ڪي جنگ ۾ مصروف هئا، ڪي امن جي حالت ۾ ته ڪي عشق و محبت جي ڪيفيت ۾ نظر پئي آيا، ڪٿي وري عجيب و غريب صورتن جا مندر ۽ پوڄارين جا هجوم هئا، ته ڪي بادشاهن ۽ راڻين جا پُرشڪوه جلوس هئا.

”ڪير آهين؟“ ڀوري ڇوڪريءَ اهو شڪ ڪندي هن کان پڇيو ته شايد هو مئي خوارن جي آخري گاڏيءَ مان ٻاهر نڪري آيو.

”آءٌ تاريخ آهيان.“ هن پنهنجي چهري ۾ ٿوري نرمي آڻيندي جواب ڏنو ۽ وڌيڪ چيو، ”منهنجا ڪيئي جعلي ۽ مصنوعي روپ هن ڌرتيءَ تي لڪندا ڇپندا رهن ٿا. احمق منجهن اعتقاد رکن ٿا پر بدمعاشن ۽ عيارن جو ته انهن سان عشق آهي.“

”انهيءَ ڳالهه جو خدا سان ڪهڙو واسطو؟“ ڀوري ڇوڪريءَ پڇيو.

”هر طرح سان آهي“، انهيءَ ماڻهوءَ جواب ڏنو. ”ڇا، توکي اهو نه ٻڌايو ويو هوته آءٌ خدا جي نشاني آهيان؟ جيڪڏهن رستو وڃائي وسيٺي آهين، ته منهنجي ڪڍ هلندي اچ.“

ڀوري ڇوڪري ٽپ ڏيئي اٿي کڙي ٿي. هن هاڻي پنهنجيون اکيون کُلنديون محسوس ڪيون. هڪ گهڙيءَ لاءِ هوءَ هٻڪي بيٺي، اوندهه انڌوڪار ٿي رهيو هو. هن سامهون رَفَ تي رکيل هيرن جواهرن سان جڙيل خنجر کي ڏٺو. پوءِ هوءَ کِلي ويٺي ۽ ڪنڌ ڌوڻيائين. ”اسين گهڻو پري هلنداسين.“ انهيءَ ماڻهوءَ چيو، ”تون ٿڪجي پوندينءَ.“

جلد ئي هو ڦلهجندو ويو ۽ وڌندو، ۽ اڃا وڌندو رهيو. تانجو هوءَ سندس مٿو يا عضوا ڏسي نه پئي سگهي. هن جو چوغو ٽڪرين ۽ جبلن جي مٿان ڇانئجي ويو ۽ نيٺ اها گهڙي آئي، جو هو سندس نظرن کان بلڪل غائب ٿي ويو ۽ هن پاڻ کي هڪ وسيع ميدان ۾، هڪ وڻ جي هيٺان ويٺل ۽ پنهنجي اگهاڙي جسم کي ڪنهن رنگ دار مٽيءَ جو تهه چاڙهڻ ۾ مصروف ڏٺو.

اوچتو هن جي مٿان گجگوڙ جو زبردست آواز آيو، جنهن هن کي ڊيڄاري وڌو ۽ هوءَ ڏاڍي خوف وچان گجگوڙ جي ديوتا جي آڏو هڪدم زمين تي سجدو ڪري اونڌي ٿي ڪري پيئي، ۽ ڏاڍي عذاب ۾ رڙيون ڪري رهي هئي، ٻيءَ گهڙيءَ ۾ هن پاڻ کي هڪ اهڙي ننگي مرد هٿان مٿي کڄندو محسوس ڪيو، جنهن جي هٿ ۾ نانگن جو هڪ منُچو پڪڙيل هو.

”هنن مان اسان کي ڏاڍو مزيدار طعام ملندو.“ هن رڙ ڪري چيو، پر هن کي انهيءَ مرد جي آواز جو سُر پسند نه آيو ۽ هن ڦٿڪي سٿڪي، جيئن تيئن ڪري پاڻ کي آزاد ڪرايو ۽ اُتان وٺي جو ڀڳي ته وري پٺتي نه ڏٺائين.

*           *           *

هن کي ڪو احساس ڪونه هو ته هوءَ ڪيترو وقت ڊوڙندي رهي هئي، جڏهن اوچتو ئي اوچتو هن پاڻ کي پنهنجي پيءَ جهڙي مڙس جي ڀاڪر ۾ ڏٺو، جنهن جي چوطرف ويهه ٻيون عورتون بيٺيون هيون، جن کي ڪانن ۽ کنڀن جا ٺهيل گوڏن تائين هيٺ پڙا پاتل هئا.

هن جو سڀ کان پهريون ڪم، جهوپڙيءَ جي اندر ڊوڙڻ ۽ هڪ اهڙي شيءِ جي آڏو سجدي ۾ ڪري پوڻ هو، جيڪا هڪ سائي گاهه جي ٻوٽي وانگر ٿي لڳي ۽ چيڪيءَ مٽيءَ جي پنوڙي جي وچ ۾  اٽڪيل هئي.

”اي برتر ۽ بالا روح!“ هن چيو، ”تون جو اسان کي اسان جي ڌڻن جي سرسبز گاهه سان ڍڪيل چراگاهه ڏين ٿو، تون جيڪو اسان کي ڇانوَ ۽ گهڻا ٻار ٻچا ڏين ٿو، تو مون کي نانگ- کائيندڙ حيوان کان بچايو آهي.“

”ٺيڪ انهيءَ مهل هن پنهنجيءَ ٻانهن کي ڪنهن جي ٿڌين آڱرين سان پڪڙيل محسوس ڪيو ۽ منهن ڦيرائي جو ڏٺائين ته کيس اهو نوجوان نظر آيو، جيڪو سندن ڌڻ چاري رهيو هو. هو مٿي کان وٺي پيرن تائين ٿڙڪي رهيو هو.

”اڙي اڙي، تون مڪروه چيز کي ڇهي رهيو آهين، اهي توکي وڻ سان ٺوڪي ڇڏيندا!“ ڀوري ڇوڪريءَ رڙ ڪندي چيو، جنهن تي هو ڦهڪو ڪري اچي زمين تي پيو ۽ ڇوڪريءَ جون ٽنگون پڪڙي ورتائين.

”آءٌ توکي هرگز وڃڻ جي اجازت نٿو ڏيئي سگهان.“ هن چيو .

”تو هڪ مڪروه ڪيل شيءِ کي هٿ لائي قانون ٽوڙيو آهي.“ سندن پٺيان هڪ وحشت ۾ ٻڏل آواز آيو. هڪ پيرسن شخص، ڳنڀير چهرو بڻائي هنن کي ڏسي ۽ بددعائون ڏيئي رهيو هو: ”بزدل! ايتري به همت ڪانه اٿئي جو پنهنجي لاءِ ٻاهران ڪا پڪڙي وٺي اچين. انهيءَ ڪري منهنجين زالن مان هڪ کي پڪڙين ٿو.“

اتي وڏو گوڙ ٻڌڻ ۾ آيو ۽ ماڻهو انهيءَ نوجوان کي پڪڙي وڻ-ديوتا آڏو کيس قربان ڪرڻ لاءِ گهليندا ٻاهر کڻي ويا ته جيئن هن جي نحوست ٽري وڃي.

ڀوري ڇوڪريءَ کي اهو نوجوان وڻي ويو هو ۽ هن دل ئي دل ۾ وڻ ديوتا کي التجا ڪئي ته هو کيس بچائي.

پر هوءَ اڃا زمين تي ئي پيئي هئي، ته ٻاهران ايندڙ آواز کيس خبر ڏيئي ڇڏي ته هنن سندس نوجوان کي اڳيئي روانو ڪري ڇڏيو هو. ڏک ۽ ڪاوڙ وچان، هن سندس آڏو رکيل بت کي هڪ زوردار لت هڻي ڪڍي ۽ پنهنجي انهيءَ حرڪت جي نتيجي کان آگاهه هئڻ ڪري، هوءَ پنهنجي جان بچائڻ خاطر، اتان اٿي وٺي ڀڳي.

جيئن ئي هوءَ درياهه جي ڪناري جي ويجهو، پهچڻ لڳي ته هن هڪ گهاٽي ٻُوڙي مان هڪ خطرناڪ چيتو نڪرندي ڏٺو، جيڪو ڏانهنس وڌندو اچي رهيو هو. هن مدد لاءِ رڙ ڪئي ۽ جلد ئي ٻن ماڻهن کي ايندو ڏسي سندس دل کي تسلي ملي، جن چيتي کي رستي ۾ روڪي انهيءَ دردنده کي پنهنجن ڀالن سان ماري ڇڏيو.

”تون ڪيڏانهن وڃي رهي آهين؟ هو پُوڙا سڄا شينهن ۽ چيتن سان ڀريا پيا آهن، جيڪي رات جو اسان جي ڳوٺن تي حملو ڪندا آهن“، انهن ماڻهن ڀوري ڇوڪريءَ کي چيو، ”تنهنجو ڳوٺ درياهه جي ڪپ تي ڪٿي هجي ته پوءِ اسان سان گڏجي هلي سگهين ٿي“.

”منهنجو ڪو ڳوٺ ڪونهي ۽ نه وري منهنجا ڪي ماڻهو آهن“ ڀوري ڇوڪريءَ جواب ڏنو.

انهيءَ وچ ۾ ٻه عورتون، جيڪي بظاهر ڪنوارون پئي لڳيون ۽ جيڪي ٻه ننڍڙا بت کڻي پئي هليون، ساڻن اچي گڏيون ۽ پوءِ اهي سڀ گڏجي،د رياهه جو ڪپ ڏيئي اڳتي وڌيا.

ڀوري ڇوڪريءَ انهن عورتن سان ڳالهايو پر انهن پنهنجون آڱريون کڻي پنهنجن چپن تي رکيون ۽ ڪو جواب نه ڏنائون. جيئن ئي هڪ هنڌ ڪجهه ڍرا ٿيا ۽ مرد ٿورو پرڀرو هليا ويا،  ته اتي انهن عورتن چيو:

”ماڻهوءَ کي سندس مڙس جي موجودگيءَ ۾ ڳالهائڻ گهرجي.“ ڀوري ڇوڪريءَ پنهنجيون اکيون، انهن جي هٿن ۾ پڪڙيل ننڍن بتن ۾ کڻي کپايون هيون.

”ڇا، اهي توهان جا ديوتائون آهن؟“ هن پڇيو.

”هائو“، انهن جواب ڏنو، ”اسان جا خانداني ديوتائون آهن، اسين انهن کي پنهنجن نون گهرن ڏانهن کڻي پيون وڃون، جيڏانهن پاڻ وڃي رهيون آهيون.“

انهن مان هڪ بت، چيڪي مٽيءَ مان ٺهيل گول ٿالهڙي هئي، جنهن ۾ ٻه ننڍيون ڪاٺيون ٽنبيل هيون.

”هيءُ ديوتا، وڻ ديوتا سان ته بلڪل نٿو ملي“، ڀوري ڇوڪريءَ چيو. ”هي چنڊ ديوتا آهي“، هڪ عورت جواب ڏنو، ”انهيءَ کان سواءِ اسين جيئرا ئي نٿا رهي سگهون، اهو ئي اسان کي جهنگلي جانورن ۽ نانگن کان بچائيندو آهي، ۽ اسان جي فصلن جي نگهباني ڪندو آهي ۽ اسان کي بارش ڏيندو آهي.“

اِتي ڳوٺ جي وچ مان ماڻهن جو هڪ وڏو ميڙ انهن جي آجيان لاءِ اچي پهتو ۽ ان جي اڳواڻي هڪ پوڙهو پوڄاري ڪري رهيو هو. اهي ماڻهو ڪنوارين سان ملڻ، ۽ کين سندن گهرن ڏانهن وٺي وڃڻ لاءِ آيا هئا. پوڄاريءَ ڀوري ڇوڪريءَ ڏانهن ڏٺو:

”تون ڪير آهين؟“ هن پڇيو، ”ڇا، تنهنجا ماڻهو زمين کيڙيندا آهن؟“

”نه، اهي ڌڻ چاريندا هئا“، ڀوري ڇوڪريءَ جواب ڏنو.

”اوه، ته پوءِ چئبو ته تون خانه بدوش آهين،“ پوڄاريءَ چيو، ”اسين توکي تيسين پنهنجي ڳوٺ ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ڏيئي نه سگهنداسين، جيسين تون باهه جي وچان نه لنگهندينءَ.“

جيسين هو نين آيل ڪنوارن کي باهه جي مچ جي چوڌاري ڦيرا ڏياريندا رهيا، جو اهو سندن شاديءَ جو هڪ سُنوڻ هو، ته انهيءَ وچ ۾ ڀوري ڇوڪري خوف وچان، اتان ترڪي نڪري ويئي ۽ ڳوٺ جي مندر ۾ وڃي لڪي پيئي. اتي، هن ديوتائن جون قطارون ڏٺيون ۽ انهن مان هڪ ديوتا باقي ٻين کان ٿورو مٿڀرو رکيل هو.

”او ديوتائو! مون کي باهه کان بچايو،“ هن سهڪندي سهڪندي التجا ڪئي، پر جيئن ته هن کي ڪو جواب ڪونه مليو، ان ڪري هن رڙ ڪري چيو، ”توهان وٽ هڪ مصيبت زده ڪنواري ڇوڪريءَ کي اطمينان ڏيڻ لاءِ ڪو جواب ڪونهي! توهان کي ته، گهٽ ۾ گهٽ جيسين منهنجو تعلق آهي، زبان ئي ڪانهي، پر توڻي کڻي توهان کي زبانون هجن به ها، تڏهن به اهي باهه جي ڄڀيءَ آڏو ڪهڙو بچاءُ ڪري سگهن ها!“ ائين چئي، هوءَ مندر کان ٻاهر ڊوڙندي نڪري ويئي.

هڪ عورت، جنهن کي ٻار ساڻ هو، تنهن هن کي جو اهڙي غير معمولي وقت تي ڀڙڪو کائي ٻاهر نڪرندي ڏٺو ته هوءَ ڊڄي ويئي ۽ واڪو ڪري چيائين، ”ڀوت“ ۽ ائين چئي پاڻ ڀرپاسي ۾ بيٺل هڪ ڳئونءَ وٽ وڃي پهتي، ان جو پڇ پڪڙي چميائين ۽ پڇ جي هيٺان وارن جو مچو پنهنجي ٻار جي مٿي تي ڦيرايائين ۽ رڙ ڪري چيائين، ”شل ڳئون ماتا انهيءَ بد روح جي پاڇي کان توکي پناهه ۾ رکي!“

*           *           *

ڀوري ڇوڪري ڳوٺ کي گهڻو پٺتي ڇڏي آئي هئي. هوءَ اَن سان پوکيل ٻنين ۽ جهنگن جهرن مان رلندي، اڳتي وڌندي رهي، تان جو هن پاڻ کي هڪ وڏيءَ بستيءَ ۾ ڍڳين ۽ ڪتن جي وچ ۾ ڏٺو.

”ڌيءَ، تون ڪيڏيءَ دير کان وٺي ٻاهر رهي آهين، ٻنين ۾ ايڏو پري رلڻ، خطري کان خالي ناهي“، هڪ اڌيڙ عمر واري ماڻهوءَ هن کي نرميءَ سان چيو. ”هن زماني ۾ ته ديوتائون به غليظ حملن کان آجا ڪينهن.“ هن ڪجهه ساهي کڻي وري چيو، ”ٻڌو اٿم ته بادشاهه زردشت جي نون ديوتائن کي اڳيئي

 


*  خردو لفظ خورد معنيٰ ننڍو جي بگڙيل صورت آهي ۽ پاڪستان کان اڳ اپر سنڌ ۾ عام خاص ماڻهو ننڍن سڪن لاءِ استعمال ڪندا هئا. هن وقت ان جي بدران ريزگاري يا انهيءَ جي بگڙيل صورت ”ريجو“ استعمال ڪيو وڃي ٿو. (مترجم)

(وڌيڪ پڙهو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com