پيش لفظ
هيءُ ڪتاب علامه آءِ. آءِ قاضي جي پندرهن مقالن ۽
تقريرن جو مجموعو آهي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته علامه
صاحب اسان جي موجوده دؤر جو عظيم مسلمان مفڪر ۽
عارف هو. انهن تقريرن ۽ مقالن ۾ انساني فڪر جي
تمام گهڻن پهلوئن جو احاطو ڪيو ويو آهي، جن ۾
فلسفو، مذهب، تاريخ، شاعري، آرٽ ۽ ادبي تنقيد شامل
آهي. انهيءَ گلدستي مان خبر پوي ٿي، ته اهو هڪ
تمام وڏي ذهن جو ڪارنامو آهي. انهن تحريرن وسيلي
مصنف جي بلڪل اصلي ۽ نهايت مؤثر طريقئه ڪار سان
آشنائي ٿئي ٿي، جنهنڪري اسان انساني زندگيءَ جي
بنهه بنيادي سوالن کي منهن ڏيئي سگهون ٿا.
مطلب ته هتي اسان کي فلسفي جي دائمي مسئلن بابت
فڪر جا اهي خزانا دفن ٿيل نظر اچن ٿا، جيڪي انسان
جي حيثيت ۾ اسان لاءِ وڏي دلچسپيءَ جو باعث آهن.
هتي اهو ناممڪن ٿو لڳي، ته اسان چند صفحن اندر
مصنف جي ان گهڻ پاسائين ڄاڻ ۽ دانش سان انصاف ڪري
سگهون، جنهن جو مظاهرو انهن عنوانن مان ٿئي ٿو،
جيڪي هن ڪتاب اندر سندس گفتگوءَ جو موضوع آهن.
اسان وڌ ۾ وڌ ايترو ڪري سگهون ٿا ته انهن چند ليڪن
اهم پهلوئن جو ذڪر ڪريون جيڪي اسان جي مصنف جو خاص
نقطئه نظر معلوم ٿين ٿا. اهڙيءَ طرح اسان انهيءَ
وسيع ۽ آزاد منظر جو هڪ خاڪو پيش ڪري سگهون ٿا،
جنهن مطابق هو هن ڪائنات ۾ انسان جي ڪردار کي پاڻ
ڏسي ٿو.
علامه قاضيءَ جي زندگيءَ مان پتو پوي ٿو، ته هن
پنهنجي زندگي مڪمل ۽ سواءِ ڪنهن شرط شروط جي سچ جي
حاصلات لاءِ وقف ڪري ڇڏي هئي. سچ جنهن جون ڪيتريون
ئي صورتون ۽ شڪليون ٿي سگهن پيون. ليڪن هن سلسلي ۾
سڀ کان اهم ڳالهه اها ٿي معلوم ٿئي، ته سندس ڄاڻ
جو اهو سمورو بنياد قرآني تعليمات تي رکيل هو.
اهڙيءَ طرح جيستائين منهنجي ڄاڻ جو تعلق آهي ته
آءٌ نٿو سمجهان، ته اڄ جي اسلامي دنيا ۾، خاص ڪري
قرآن فهميءَ جي سلسلي ۾ ٻيو ڪو شخص ساڻس برميچي
سگهي ٿو، هاڻي جيڪڏهن اهو سچ آهي ته جئن جي.
ڊبليو. اليگزينڊر پڻ ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي
ته، ڪلام اِلـــٰهي
جو مطالعو ۽ ان جي ذريعي رضاءِ رباني جو حصول ئي
اهڙيون ڳالهيون آهن، جن سان وڏا صاحبِ ڪردار شخص
پيدا ٿيا آهن. ان لحاظ کان قاضي صاحب جي زندگي
پنهنجي ليکي هڪ جدا باب آهي. اسان جي مصنف بنيادي
طور تي خدا وارو شخص آهي ۽ سندس زندگيءَ کي املهه
وٿُ بنائڻ لاءِ اها هڪ سَندَ ئي ڪافي آهي؟
جيڪڏهن رڳو هڪڙي لفظ ذريعي علامه صاحب جي شخصيت جو
تعارف ڪرائجي ته اهو ٿيندو ”ڪليت“ يا ”جامعيت“.
اسان جو هيءُ مصنف دنيا جي ٻين وڏن مفڪرن وانگر
زندگيءَ کي به ڪُل جي حيثيت ۾ ڏسي ٿو. هن پنهنجي
سموري زندگي انهيءَ اڏول ارادي، سچي لڳن ۽
سُچيتائيءَ سان گذاري ته جيئن انسانيت جي اعلى
قدرن ۽ آدرشن کي ماڻي ۽ محسوس ڪري سگهجي.
هن جي هر لفظ ۽ جملي ۾ اها سگهه ۽ قوت ملي ٿي،
جيڪا هو خود زندگيءَ ۾ ڏسڻ چاهي ٿو. هو هڪ اهڙو
عارف آهي، جيڪو عقابي اکين سان هن ڪائنات جي
مجموعي پس منظر ۾ انسان جي مستقبل کي ڏسي ٿو. هن
سلسلي ۾ هو پنهنجي نقطئه نظر جي عمارت جن
مابعد ڪائناتي بنيادن تي استوار ڪري ٿو، اهي کيس
مذهبي نظريي منجهان ئي فراهم ٿين ٿا. ڪائنات جي
باري ۾ سندس احساس جي گهرائي ۽ سندس علمي تبحر جي
آشنائيءَ لاءِ اهو اسلوب شاهد آهي، جيڪو هن جي
لفظن مان جهلڪي ٿو.
هن مجموعي جي هر مقالي ۾ تقرير ۽ سادگي ۽ صفائي جو
اعلى نمونو ملي ٿو. انهن ۾ مسئلي کي سلجهائڻ جو
اهو سنئون سڌو انداز آهي، جيڪو سچ جي ساڃهه ۽ پروڙ
لاءِ نهايت مؤثر آهي. حقيقت به ائين ئي آهي، جيئن
اسانجي مصنف پاڻ بار بار ان ڳالهه جي وضاحت ڪئي
آهي، ته سچ واقعي ايڏو سولو آهي، جيڪر
ٻار به ان کي سمجهي سگهي.
اهوئي سبب آهي جو سندس ڪيل ڳالهيون نه ته
منجهائيندڙ آهن ۽ نه وري اهي بي روح لفظن جو
پيچيدو معاملو آهن، نڪو اهي جڙتو فلسفي جي هٿ ٺوڪي
تشريح؛ ۽ نه وري اهي ان خشڪ منطقي بحث تي مشتمل
آهن، جيڪو اڄڪلهه جي مغربي فيلسوفن جو طريقو آهي.
ان جي برعڪس هن جا خيالات اسان کي ائين محسوس ٿين
ٿا، جيئن تازي گهلندڙ هوا جو جهوٽو، جنهن ۾ اسان
ساهه کڻندا هجون. اهي اهڙا شفاف ۽ جرڪندڙ آهن،
جهڙي سج جي روشني، ۽ بلڪل اهڙي چٽائيءَ سان اهي
شيون اسان کي نظر اچن ٿيون. ان کان پوءِ اسان انهن
شين کي پنهنجي فطري رنگ ۾ ڏسڻ جا اهل ٿيون ٿا. ۽
سندن معروضي وجود جي ڄاڻ حاصل ڪريون ٿا. سچ پچ ته
صرف ان صورت ۾ اسان کي
شين
جي معنى ۽ مطلب جي خبر پوي ٿي.
پر ان سڄي ڳالهه جو مانُ ۽ مرتبو ان پارکو شخص جي
لاءِ آهي، جيڪو اسان کي ان جو اهل بنائي ٿو، ۽ پاڻ
انهن کي ائين پرکڻ، جي ڪوشش ڪري ٿو، جيئن اهي اصل
۾ آهن. انهيءَ ڪري رسڪن چيو هو ته: ”اعلى ذهن شين
کي اعلى نموني ۾ پرکڻ جو نالو آهي.“ البت آءٌ ان ۾
ٿورو هيءُ اضافو ڪريان ٿو ته: ”شين کي ائين پرکڻ،
جئن اهي آهن.“ قاضي صاحب جي اها ئي دلپسند دعا
هوندي هئي: ”اي خدا! منهنجي واهر ڪر ته آءٌ شين کي
ائين ڏسي ۽ پرکي سگهان جئن اهي اصل ۾ آهن.“
علامه صاحب جي شخصيت سان جنهن به ماڻهوءَ جو واسطو
پيو هوندو، ان اهو ضرور محسوس ڪيو هوندو ته سندس
ذات ۾ سچ جي ساڃهه لاءِ ڪيڏي نه غير معمولي قوت
موجود هئي. اهو سندس شخصيت جو مقناطيسي اثر هو، جو
سندن موجودگيءَ ۾ هر ڳالهه چٽي ۽ واضح محسوس ٿيندي
هئي، ڪوبه مسئلو، مسئلو نه رهندو هو. اتي ماڻهوءَ
کي عجب جهڙو ويساهه ٿيندو هو، ته هو پاڻ به انهن
گنڀير سوالن جا جواب ڄاڻي ٿو، جيڪي هن پراسرار
زندگيءَ اسان لاءِ اٿاريا آهن. منهنجي خيال ۾ هڪ
استاد ان کان وڌيڪ پنهنجي شاگردن لاءِ ڪري به ڇا
ٿو سگهي؟! اهو سندس شخصيت جو سحر انگيز ۽ مسيحائي
اثر چئجي يا سندس سهڻو سليقو سڏجي، جيڪو هر انسان
کي پنهنجو پاڻ سچ جي ساڃهه حاصل ڪرڻ لاءِ آماده
ڪري ڇڏيندو هو. بلڪ ان آشنائي کان پوءِ ماڻهوءَ ۾
ان لاءِ پيار ۽ پرستش جو جذبو جاڳي پوندو هو، ۽ ان
سچ کي ماڻڻ لاءِ اهو ماڻهو هر قسم جي قرباني ڏيڻ
لاءِ تيار نظر ايندو هو.
خود هن ناچيز بندي سان ائين ٿيو ته مون پنهنجي
زندگيءَ ۾ علامه صاحب جهڙي ٻي ڪا اثر انگيز شخصيت
نه ڏٺي،
جنهن جي روشنيءَ جي ڪرڻن مون تي ايڏو اثر ڪيو هجي.
گذريل ٽيهن سالن جي عرصي ۾ مون پاڻ کي انهن ڪرڻن
جي گرمائش جي اثر هيٺ محسوس ڪيو آهي؛ بلڪ مون کي
انهن ۾ هميشھ هڪ قسم جي پدرانه شفقت ۽ اڻ-تڻ جو
احساس ٿيو آهي. اهڙيءَ طرح مون محسوس ڪيو آهي ته
شروع ڏينهن کان وٺي، جڏهن پهريون دفعو مون کي ساڻس
ملاقات جو شرف حاصل ٿيو، انهيءَ عزت ۽ مڃتا ۾ روز
بروز اضافو ٿيو آهي، جيڪا منهنجي روح جي گهرائين ۾
گهر ڪري وئي آهي. تنهن ڪري مون لاءِ هڪ لحاظ کان
اهو ناممڪن آهي ته آءٌ لفظن ۾ انهيءَ گهري عقيدت ۽
سٻنڌ جي اپٽار ڪري سگهان، جيڪا انهيءَ گذريل عرصي
۾ ان عظيم الشان هستيءَ جي روح لاءِ مون ۾ موجود
رهي آهي.
سڀ انسان پنهنجي زندگيءَ جي شروعاتي سالن ۾ ڪنهن
نه ڪنهن شخصيت کان فيصله ڪن طور تي متاثر ٿين ٿا،
پوءِ اها شخصيت سندن والدين جي هجي يا استاد وغيره
جي. منهنجي پنهنجي زندگيءَ ۾ اهو معجزو تڏهن رونما
ٿيو، جڏهن منهنجي ملاقات علامه صاحب سان ٿي. اها
شام جڏهن ٽيهه سال اڳ مون کين پهريون دفعو ڏٺو هو،
اڄ به اهڙي تازي آهي، جهڙي ڪالهه جي ڳالهه. ان
زماني ۾ جڏهن آءٌُ ڪراچيءَ جي هڪ ڪاليج ۾ پڙهندو
هوس، ته مون پنهنجي ڪاليج جي ليڪچر هال جون بتيون
ٻريل ڏٺيون، جيئن ته گهڻي ويل ٿي چڪي هئي، تنهن
ڪري مون سوچيو ته شايد ڪو ڪاليج فنڪشن هلي رهيو
آهي، ان ڪري محض تپرس وچان آءٌُ ان طرف ويس ته
جيئن معلوم ڪري سگهان ته ڇا ٿي رهيو آهي.
جيئن آءٌ اندر داخل ٿيس ته مون ڏٺو ته هڪ نوراني
شخصيت اسٽيج تان سامعين سان مخاطب آهي، سندس
گفتگوءَ جو موضوع جيئن مون کي پوءِ معلوم ٿيو، اهو
هو ته :”ڇا اسان لاءِ مذهب ضروري آهي؟“ مون کي لڳو
ته اهو مقرر هن دنيا جو نه پر ڪنهن ٻيءَ دنيا جو
رهواسي آهي. هن جي گفتگوءَ مان محسوس ٿي رهيو هو،
ته هو تمام مٿڀريون ڳالهيون ڪري رهيو آهي، ۽ جيڪي
شاگرد اتي اچي گڏ ٿيا هئا، اهي سندس عالي ظرف
ڳالهين ۾ ڄڻ ٻڏي ويا هئا. هو وڏو مقرر ٿي لڳو،
جنهن کي پنهنجي سامعين تي پورو ضابطو هو.
هن کي ڳالهائيندو ڏسي، مون کي آئڙيو ته منهنجي هن
سان پوري زندگيءَ جي آشنائي آهي، بلڪ هن کي ڏسڻ
سان مون محسوس ڪيو ته منهنجو آدرش منهنجي آڏو
مثالي صورت ۾ نمودار ٿيو آهي.
منهنجو احساس چوڻ لڳو ته اها ئي شخصيت آهي جنهن
جهڙو آءٌ پاڻ ٿيڻ چاهيان ٿو. ان ڏينهن کان وٺي خدا
جي فضل سان منهنجو ساڻس اهڙو روحاني سٻنڌ ٿي ويو
آهي، جو وقت گذرڻ سان گڏ ان ۾ وڌيڪ معنويت ۽
گهرائي پيدا ٿي آهي.
درحقيقت ان کان وڌيڪ فائديمند ۽ اڻ گهريو موقعو
منهنجي زندگيءَ ۾ ٻيو نه آيو، جنهن مون کي ايڏو
متاثر ڪيو هجي. شايد ڌڻي تعالى پنهنجي احسان ۽ ڪرم
جا دروازا پنهنجي ناقص بندن لاءِ ائين کولي!
هيءُ رڳو ٺلها لفظ ناهن جيڪي ڪي ماڻهو محض لکڻ
خاطر لکي ڇڏيندا آهن؛ بلڪ آءٌ اهي لفظ وڏي عقيدت
وچان ۽ انهيءَ اميد سان ٿو چوان، ته جيئن هي انهن
ماڻهن تائين پهچي سگهن، جيڪي اسان کان وڌيڪ اهل
هجڻ جي باوجود ايترا خوش نصيب نه هئا جو علامه
صاحب کي ڏسي نه سگهيا. مقصد صرف اهو آهي ته انهن
تائين هن عظيم استاد جو اهو پيغام پهچائي سگهجي
جيڪو هنن مقالن ۽ تقريرن ۾ سمايل آهي ته جيئن هو
به ان مان ڪو اتساهه پرائي سگهن؛ اهو عظيم استاد
جيڪو هڪ مستند فيلسوف ۽ اعتماد قابل رهنما هو، خاص
ڪري اهڙن ماڻهن لاءِ، جيڪي سندس ڳالهيون پنهنجي
هينئن سان هنڊائڻ گهرن ٿا ۽ همه تن گوش ٿي کيس ٻڌڻ
گهرن ٿا.
هيءُ ڪتاب ڪنهن به ادبي معيار جي لحاظ سان معمولي
ڪتاب نه آهي، بلڪ مون کي ان ۾ شڪ نظر نٿو اچي ته
پاڪستان جو عوام جن کي خدا جي رسول ۽ پيغمبر اسلام
جي عظيم مقصد کي سرانجام ڏيڻو آهي، انهن جي روحاني
زندگيءَ تي هن ڪتاب جو فيصله ڪن اثر ٿيندو، پر ان
لاءِ شرط اهو آهي ته هن ڪتاب کي سمجهڻ لاءِ ”سچي
نهٺائي“ وارو جذبو گهرجي. ان کان سواءِ ذهن کي
پنهنجي سموري سادگيءَ سان کليو رکجي، ڇو ته هونئن
ڪوبه عظيم آدرش يا نظريو ڪڏهن به اثر پذير ٿي نه
سگهيو آهي. ٻوٽا نه ٽڙندا آهن. اهڙيءَ طرح خدا جي
رحمت به سندس چونڊيل ٻانهن جي واتان انسانذات جي
فائدي خاطر لفظن جو روپ وٺي ٻاهر نڪرندي آهي. انهن
جون دليون اهڙا مخصوص گذر گاهه هوندا آهن، جتان
خدائي رحمت ٻاهر نڪري، مئل دلين کي جيئاريندي آهي
۽ بني نوع انسان ۾ زندگيءَ جي نئين لهر اُڀاريندي
آهي. سمورو عظيم ادب هڪ قسم جي لافاني تقرير آهي،
پر ان جو اثر تڏهن ٿيندو، جڏهن ڪا دل ان ڏانهن ٻڌڻ
لاءِ راغب ٿيندي يا ان کان متاثر ٿيڻ لاءِ تيار
ٿيندي ۽ پنهنجو پاڻ کي بدلائڻ لاءِ ٻڌل رکندي. ادب
کي ڪن ماڻهن اعلى عادتن پيدا ڪرڻ جو ذميوار چيو
آهي، ليڪن اهو ڪيڏو به وڏو ادب ڇو نه هجي، پر اهو
دلين تي تڏهن اثر ڪندو، جڏهن ان جي لاءِ ڪجهه نه
ڪجهه اندر به صفا ۽ آماده هجي. انهيءَ ڪري هن ڪتاب
جي پڙهندڙن کي منهنجي التماس آهي ته هو به ڪجهه
اڳڀرا ٿين؛ بلڪ روحاني دنيا جي معاملن جو اهو
قاعدو آهي ته ابتدا هميشھ انهن ماڻهن کان ٿيڻ
گهرجي، جيڪي رهنمائي جا طالب آهن.
رحمت جي موجودگيءَ ۾ ڪنهن به قسم جي زبردستيءَ کي
دخل ڪونهي، بلڪ حد ته اها آهي جو جيڪڏهن اڳلو فيض
حاصل ڪرڻ وارو ڪنهن به ريت تيار ناهي، ته پوءِ ان
مالڪ جي ”ڏيڻ واري مرضي“ به ڪافي ناهي.
اي.ڪي.بروهي
12 جولاءِ 1967ع
76- مسلم آباد
ڪراچي، پاڪستان |