سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: گرم جون آکاڻيون

باب:

صفحو :2

مارلن وڻ هيٺان بيهي وڻ جي عجيب ڪيفيت جو جائزو وٺي رهي هئي، ته آهستي آهستي سمورو وڻ ڪوهيڙي جهڙي ڌنڌ ۾ ويڙهجڻ شروع ٿي ويو. ڪوهيڙو واچوڙي وانگر ڦرڻ لڳو. سندس مٿين چوٽي ڄڻ ته آسمان کي ڇهي رهي هئي، ته اوچتو ان ڦرندڙ واچوڙي ۽ ڪوهيڙي جي چوٽيءَ تان هڪ پکي پيدا ٿيو، ۽ فضا ۾ اُڏامي ويو. پکيءَ جي فضا ۾ اُڏامڻ بعد وڻ تان ڪوهيڙي ۽ واچوڙي جو اثر ختم ٿي ويو ۽ مارلن ڏٺو ته وڻ هيٺان ماٺار ٿيڻ بعد زمين ۾ سندس ڀاءُ جا پوريل هڏا ۽ ريشمي رومال ٻئي غائب ٿي چڪا هئا.

ڀاءُ جي هڏن جو اهو ڪرشمو ڏسي، مارلن ڏاڍو اطمينان محسوس ڪيو ۽ پوءِ آرام سان موٽي پنهنجي ڪمري ۾ آئي ۽ سندس من کيس پڪ ڏياري رهيو هو ته تنهنجو ڀاءُ زندهه آهي.

سهڻو پکي، جيڪو وڻ جي ڪوهيڙي ۽ واچوڙي جي چوٽيءَ تان اُڏامي روانو ٿي چڪو هو، اُهو اڏامندو هڪ سوناري جي گهر  جي مٿان ويهي، پنهنجي مٺڙي آواز سان گيت ڳائڻ لڳو.

”منهنجي ماٽيجي ماءُ مون کي ماري وڌو آهي

منهنجي پيءُ کي ان وقت ڏاڍو ڏک ٿيو،

جڏهن آءٌ کائڻ واري ميز تي سانس گڏ نه هيس،

منهنجي ماٽيجي  ماءُ، منهنجي گوشت مان قورمو ٺاهيو،

اهو قورمو پاڻ کاڌائين ۽ منهنجي پيءُ کي به کارايائين،

منهنجي ڀيڻ جيڪا مون سان گهڻو پيار ڪندي هئي،

ان منهنجي گوشت جي چوسل هڏن کي پنهنجي ريشمي رومال ۾ گڏ ڪيو

۽ منهنجا سڀ هڏا ميڙي،

 پنهنجي ريشمي رومال ۾ ٻڌي،

منهنجي گهر جي آڳنڌ واري وڻ جي هيٺان پوري ڇڏيا،

ڏسو! ڏسو! آءٌ ڪيڏو نه خوبصورت آهيان؟

پکيءَ جو اهو سريلو الاپ جڏهن گهر جي اند رڪم ڪندڙ سوناري جي ڪَنَ تي پيو، ته هو بيتاب ٿي تڙ تڪڙ ۾ ان طرف ڊوڙڻ لڳو، جنهن طرف کان پکيءَ جو آواز اچي رهيو هو.

پکيءَ جي آواز سوناري کي ايترو ته مدهوش ڪري وڌو هو، جو کيس اها به سُرت ڪانه رهي، ته هن تڪڙ ۾ هڪ پير ۾ ڇپل ۽ ٻئي ۾ جوراب پاتو آهي.

جڏهن هو پکيءَ کي ويجهو پهتو، ته پکي کيس ڏسي اڏامڻ شروع ڪيو. پکي جيئن اڏامندو رهيو. سونارو ان جي پويان ڊوڙندو رهيو، جيتوڻيڪ ان ڏينهن ڏاڍي گرمي هئي، سونارو پگهر ۾ شل ٿي ويو هو، تڏهن به پکيءَ جو سُريلو گيت ٻڌڻ لاءِ لڳاتار ڊوڙندو رهيو. آخر هن جي ڊوڙڻ سڏن ۽ ڪوڪرن تي پکي بيهي رهيو ۽ کيس  چوڻ لڳو ته ”تون منهنجي ڪڍ ايترو ڇو ڊوڙي رهيو آهين؟“

پکيءَ جي سوال ڪرڻ تي سوناري منٿ ڪندي چيس ته ”مان تنهنجي سُريلي آواز ٻڌڻ لاءِ بيتاب آهيان، مهرباني ڪري اهو گيت مون کي ٻيهر ٻڌاءِ، ته آءُ تنهنجو احسانمند رهندس.“

سوناري کي پکيءَ چيو ته ”توکي جيڪڏهن منهنجي گيت ٻڌڻ جو ايترو ئي شوق آهي، ته مون کي اها سوني زنجير ڏئي ڇڏ؟ جيڪا تون گهر ۾ ويهي ٺاهي رهيو هئين.“

سوناري تڙ تڪڙ ۾ سوني زنجيري کيسي مان ڪڍندي چيو ته، ”تون صرف گيت ٻڌاءِ، اهڙيون آءٌ ڪيئي زنجيريون تنهنجي حوالي ڪندس.“

سوناري جي ڳالهه ٻڌي، پکي آرم سان ڀڙڪو کائي پيرن جي چنبي سان سوناري کان زنجير ورتي ۽ سامهون ويهي ساڳيو گيت ڏاڍي ڏک وچان آلاپڻ لڳو. سڄو گيت ٻڌي، سونارو مدهوش ٿي ويو ۽ پکي اُها زنجيري کڻي ڪنهن طرف اڏامي هليو ويو.

سوناري وٽان اڏامندڙ  ”پکيئڙو“ هڪڙي موچيءَ جي گهر مٿان ويهي پنهنجو اهو گيت آلاپڻ لڳو:

”منهنجي ماٽيجي ماءُ مون کي ماري ڇڏيو،

منهنجي پيءُ کي ان وقت ڏاڍو ڏک ٿيو،

جڏهن آءٌ مانيءَ وقت ميز تي ساڻس گڏ ڪونه ويٺو هئس.

منهنجي ماٽيجي  ماءُ، منهنجي گوشت مان قورمو ٺاهيو،

اُهو قورمو پاڻ کاڌاين ۽ منهنجي پيءُ کي کارايائين.

منهنجي ڀيڻ جيڪا مون سان گهڻو پيار ڪندي هئي،

ان ويچاري روئندي روئندي منهنجي جسم جي چوسيل هڏن  کي ريشمي رومال ۾ ميڙي ورتو.

۽ پوءِ اها هڏين واري ڳنڍ ريشمي رومال سميت گهر جي آڳند تي پوکيل وڻ هيٺان پوري ڇڏيو

ڏسو! ڏسو! آءٌ ڪيترو نه خوبصورت آهيان!

ڏسو!ڏسو! آءٌ ڪيڏو نه خوش نصيب آهيان!“

پکيءَ جو سريلو گيت ٻڌي. موچي پنهنجي گهر کان ٻاهر نڪري آيو. ۽ پنهنجي زال ۽ اولاد کي سڏ ڪري چوڻ لڳو ته هن ڏکويل پکيئڙي جو گيت ته ٻڌو، سندس سيني ۾ ڪيڏو نه درد سمايل آهي.

جڏهن پکيءَ اهو پورو گيت ڳائي بس ڪيو، تڏهن موچيءَ چيس ته ”اي ڏکويل پکي! اهو دردناڪ گيت ٻيهر ته ڳاءِ، جنهن تي پکيءَ وراڻيو ته ”اهو ڳاڙهن جوتن جو جوڙو جيڪو تو هن مهل ميز جي خاني ۾ رکيو آهي، منهنجي حوالي ڪندين ته پوءِ آءٌ توکي ٻيهر اهو گيت ٻڌائيندس. ”موچي چيس ته، آءٌ اهو جوتن جو جوڙو توکي ڏئي ٿو  ڇڏيان، تون صرف پنهنجو اهو گيت مون کي ٻيهر ٻڌاءِ، ائين چئي موچيءَ زال کي حڪم ڪيو، ته جلدي ڪري ميز جي خاني مان ڳاڙهو جوتن جو جوڙو کڻي اچ. موچيءَ جي زال جلدي جوتن جو جوڙو کڻي آئي.

ڏکويل پکيئڙو ڀڙڪو کائي هيٺ لٿو ۽ پنهنجي پيرن جي ٻنهي چنبن ۾ ڳاڙهو جوتن جو جوڙو کڻي، وري وڃي موچي جي گهر مٿان  ويٺو ۽ گيت ڳائڻ شروع ڪيو، پکي گيت ڳائيندو رهيو، موچي ۽ سندس گهر ڀاتي ٻڌندا به رهيا ۽ روئندا به رهيا. گيت پورو ڪرڻ کان پوءِ، پکي سوني زنجيري ۽  جوتن جو جوڙو کڻي ڪنهن نامعلوم طرف اڏامي ويو.

اڏامندي اڏامندي، پکي اهڙي هنڌ  اچي پهتو، جتي هڪ وڏو ڪاريگر پنهنجي  ويهارو کن مزدورن کان آهوڙا (پٿر مان گهڙيل جانڊهه جا پُڙَ) گهڙائي رهيو هو.

پکيءَ دستور موجب، هنن جي سامهون واري وڻ تي ويهي پنهنجو ساڳيو ڏکويل گيت آلاپڻ شروع ڪيو. جڏهن پکيءَ جو آواز مزدورن جي ڪنن تي پيو، ته هنن پنهنجا اوزار ڪم ڪرڻ کان روڪي ورتا ۽ خاموش ٿي، پکيءَ جو گيت ٻڌڻ لڳا. جڏهن پکي گيت پورو ڪيو ۽ مالڪ مزدورن کي چيو شاباس ڪم شروع ڪريو. ته مزدورن مالڪ کي جواب ڏيندي چيو ته : ”جيستائين اهو دکي پکي، پنهنجو سريلو گيت ٻيهر نه ٻڌئيندو، تيستائين اسان ڪم ڪونه ڪنداسين.“

مالڪ پکيءَ کي چيو: ”اي پکيئڙا! تون ايترو سريلو ۽ دردناڪ ٿو ڳائين، جو اسان سڀئي بي قرار آهيون، مهرباني ڪري تون اسان کي اهو ساڳيو گيت هڪ دفعو وري ڳائي ٻڌاءِ.

پکيءَ مالڪ کي چيو ته:  ”منهنجي ٻيهر گيت ڳائڻ  جو معاوضو توهان جو اهو پٿر مان ٺاهيل جانڊاهه جو پڙ آهي، جنهن جي وچ ۾ سوراخ آهي.

مالڪ چيو: ”آءٌ اهو جانڊهه جو پڙ توکي ڏئي ٿو ڇڏيان.“ پوءِ اَٺن ڏهن مزدورن گڏجي اهو جانڊهه جو پڙ پکيءَ جي ڳچيءَ ۾ ٻڌو ۽ پکي وڏي درد سان پنهنجو گيت ڳائڻ شروع ڪيو.

گيت پورو ڪري، ڏکويل پکي ڀڙڪو کائي سوني زنجيري، ڳاڙها جوتا ۽ جاندهه ۾ سوراخ ٿيل پڙ کڻي ڪنهن طرف اڏامندو روانو ٿي ويو ۽ مزدور ۽ مالڪ ڏک ۽ حيرت وچان ڏسندا رهجي ويا. پکيئڙو اڏامندو اچي پنهنجي پيءَ جي گهر مٿان ڦيرا پائڻ لڳو.

پکيءَ جي پيءُ صبح جو اُٿڻ وقت چيو ته مان اڄ پنهنجو پاڻ کي ڏاڍو هلڪو ۽ تازو توانو محسوس ڪري رهيو آهيان، مارلن ويچاري صبح جو به روئندي رهي، ماءُ چيو اڄ مون کي الائي ڇا ٿو محسوس ٿئي، ائين ٿي سمجهان ڪو وڏو خطرناڪ طوفان اچڻ وارو اهي!

مڙسهنس چيو، واقعي منهنجي ڪيفيت به ڪجهه عجيب ٿي وئي آهي، آءٌ ائين محسوس ڪري رهيو آهيان جو لڳيم ٿو ڄڻ آءٌ ڪنهن ورهين جو وڇڙيل دوست سان ملندس.

گهر جي آڳنڌ تي هنن جي ڳالهائڻ مهل پکي به اچي سندن مٿان لامارا ڏيڻ لڳو. لامرا ڏئي پکي گهر جي ڇت تي ويٺو. پکيءَ جي ڇت تي ويهڻ شرط زال، مڙس کي خبردار ڪيو ته سندس سڄو جسم ٽٽي پيو ۽ کيس ائين ٿو ڀانئجي ڄڻ ته رڳون ۽ اکيون ڦاٽي پونديون.

پکي ڏٺو ته مارلن اڃا سوڌو پئي روئي ۽ سندس هٿن ۾ جهليل ٿالهي به لڙڪن سان ڀرجي وئي آهي. هاڻي پکيءَ کان به سٺو نه ٿيو، سو ڀڙڪو کائي وڃي گهر واري وڻ تي ويٺو ۽ وڏي ڏک سان پنهنجو دردناڪ داستان ڳوڙها ڳاڙيندي ڳائڻ شروع ڪيو.

مائيءَ جوپکيءَ جي واتان اهو آواز ٻڌو، ته منهنجي ماٽيجي ماءُ مون کي قتل ڪري ڇڏيو آهي ۽ منهنجي جسم جي گوشت جو قورمو ٺاهي، ٻنهين زال مڙس کاڌو آهي. پکيءَ جي واتان اهي لفط ٻڌي ماٽيجي ماءُ پنهنجون اکيون ۽ ڪن کڻي بند ڪيا، مگر پکيءَ جو سوز سان ڀريل آواز سندس ڪنن ۾ کنوڻ جيان ڪڙڪاٽ ڪري رهيو هو.

پکي چوڻ لڳو: ”منهنجي غيرحاضريءَ ۾ منهنجو پيءُ ڏاڍو رنو، منهنجي ڀيڻ اڃا تائين روئندي رهي ٿي.

پکيءَ جي دردناڪ آواز کي ٻڌن لاءِ پيءُ ٻاهر نڪري آيو، جيئن ئي پيءُ ٻاهر نڪري اچي بيٺو ۽ پکيءَ پنهنجي چنبي مان زنجير کي ڍرو ڪري ڇڏي ڏنو. جيئن ئي سوني زنجير پڻس جي ڳلي ۾ پئي، ته اها ڄڻ هن کي پوري اچي وئي. مارلن جيڪا پيءُ جي پٺيان روئي رهي هئي، پکيءَ پنهنجن چنبن مان ڳاڙهن جوتن جو جوڙو کڻي مارلن ڏانهن اڇلايو.

مارلن خوشيءَ وچان روئڻ بند ڪري، ڪمري ۾ وڃي جوتو پائي ڏٺو ته کيس ائين لڳو، ڄڻ ٺهيل ئي مارلن لاءِ هو، مارلن ڏاڍي خوش ٿي ۽ ڊوڙي ماءُ کي ٻڌايائين، ته پکي ڏس ڪيڏو نه درديلو راڳ ٿو ڳائي، هن بابا کي سوني زنجير ڳلي ۾ پارائي آهي ۽ مون کي ڏس ڪيترو نه خوبصورت ڳاڙهو جوتو ڏنو اٿس. ڌيءَ جي واتان اها ڳالهه ٻڌي ماءُ جيئن ئي ٻاهر نڪتي، ته ڏکويل پکيئڙي ڳائڻ بند ڪري، آهوڙن وٽان کنيل جانڊهه جي چڪي ٺڪاءُ ڪري مٿان ڪڍرايس، جنهن جي ڌڪ لڳڻ سان ماءُ جو مٿو ڦاٽي پيو ۽هڏ گڏ ڀڄي پيس ۽ ان جي هنڌ زبردست باهه ۽ دونهي جو ڀڀڙ ڀڙڪي پيو. مارلن ۽ سندس پيءُ ڊڄي ويا ته پٿر جو جنڊ ته مٿان پکي کڻي ڪيرايو پر باهه ڪٿان آئي، جيڪا هن عورت کي وڪوڙي  وئي آهي.آخر گهڻي دير تائين انتطار ڪندي، جڏهن باهه ۽ دونهون ختم ٿيو، ته انهيءَ وچ  ۾ هڪ خوبصورت ننڍرو نينگر ٻانهو پکيڙي ڀيڻ کي چئي رهيو هو ”هلي آءُ ڀيڻ: مون سان پيار ڪر، بدنيت عورت کي قدرت وٽان سزا ملي وئي آهي. آءٌ تنهنجو ڀاءُ زندهه آهيان، ”ائين ڪندي مارلن ڊوڙي اچي ڀاءُ کي ڳلي لڳي ۽ پيءُ به پٽ کي اچي ڀاڪر ۾ ڀريو، پٽ پيءُ کي سڄي ڳالهه پيرائتي ڪري ٻڌائي ته ڪيئن سندس ماٽيجي ماءُ هن جو ڪنڌ ڀڃي سندس ڀيڻ کي هيسائي چپ ڪرائي ڇڏيو  هو، پوءِ ٽئي ڄڻا خوشيءِ مان کلندي وڻ طرف وڌيا. جتي ان ڇوڪر جي ماءُ پوريل هئي. هنن کي ايندو ڏسي سندن ماءُ جي پوکيل وڻ جهڪي سندن آڌرڀاءُ ڪيو. ان کانپوءِ هي ٽئي ڄڻا هميشه خوش گذارڻ لڳا.

 

وفادار جان

آڳاٽي زماني جي ڳالهه آهي. ته هڪڙو هو بادشاهه، جيڪو پنهنجي رعيت کي اولاد وانگر ڀائيندو هو. رعيت به ساڻس تمام گهڻي محبت ڪندي هئي. جنهنڪري هن ڳچ عرصي تائين سڪون سان بادشاهي پئي هلائي. آخر جڏهن ڪراڙو ٿيو ته کيس هڪ بيماري ٿي پئي، جنهن سان هو سمجهي ويو، ته آخرت جا تڏا ڪنهن نه ويڙهيا آهن. هر جاندار کي موت جو ذائقو چکڻو آهي. ان ڪري بيماريءَ جي حالت ۾ هُن پنهنجي ساري عمر وفاداريءَ ۾ گذاريندڙ نوڪر ”جان“ کي پاڻ وٽ گهرائي ورتو.

وفادار جان، بادشاهه جو حڪم ٻڌي سندس سيرانديءَ کان اچي بيٺو.

بادشاهه، جان کي مخاطب ٿيندي فرمايو: ”اي منهنجا وفادار نوڪر! مون اڄ توکي ان لاءِ گهرايو آهي ته آءٌ سمهان ٿو، ته هن جهان ۾ جيئڻ لاءِ مون وٽ باقي ڪي پل وڃي بچيا آهن. توکي خبر آهي ته مون کي صرف هڪ پٽڙو آهي. جيڪو اڃا ننڍڙو آهي ۽ عقل وارو نه ٿيو آهي. هن سڄي سنسار ۾ مون کي توتي ئي اعمتاد آهي، ته تون ڪڏهن به منهنجي حڪم جي انحرافي نه ڪندين. تون منهنجي ٻچڙي سان پاڇي وانگر گڏ گڏ پيورهجانءِ. جيڪو علم ۽ هنر تون وٽ آهي، اهو هن کي سيکارجانءِ.“ هڪ ڳالهه منهنجي ياد ڪري ڇڏجانءِ ته سڄي محل جا خزانا ۽ تهه خانا جيڪي هيرن ۽ جواهرن جا انبار آهن، ڀل کيس ڏيکارجانءِ، پر ياد رک هن کي سون واري ڪمري ۾ ڪڏهن به وٺي نه وڃجانءِ، ڇو ته، ان ڪمري جي سوني ڀت تي ڪنهن ڏورانهين ڏيهه جي هڪ حسين ترين شهزاديءَ جي تصوير ٽنگيل آهي. اها تصوير ايتري ته خوبصورت آهي، جو منهنجو پٽ ان کي ڏسڻ شرط مٿس عاشق ٿي پوندو ۽ پوءِ هن کي شهزاديءَ تائين پهچڻ لاءِ وڏن عذابن جا بيابان جهاڳڻو پوندو. جيڪي تڪليفون هن جي برداشت کان ٻاهر آهن ۽ هي معصوم خواهه مخواهه سورن ۾ اچي ويندو. وفادار جان بادشاهه جي کٽ تي هٿ رکندي قسم کنيو ته جيستائين هن جي سسيءَ ۾ ساهه آهي، تيستائين بادشاهه سلامت جي هر نصيحت تي دل و جان سان عمل ڪندي ۽ هينئين سان هنڍائي رکندس. توهان ان بابت ڪو به فڪر نه ڪريو. بادشاهه وفادار جان جا لفظ ٻڌي دلجاءِ سان اکيون ٻوٽيون ۽ هميشه لاءِ  ٻئي جهان ڏانهن راهي ٿي ويو. جڏهن ماڻهو بادشاهه کي کڻي قبر ۾ پورڻ هليا ته ”وفادار جان“ نئين بادشاهه سندس پُٽ کي پيرائتي ڳالهه ڪري، سڀ ڪجهه ٻڌائي ڇڏيو، جيڪو ڪجهه بادشاهه ”وفادار جان“ سان پنهنجي جيئري ڳالهايو هو ۽ نئين بادشاهه کي يقين ڏياريندي چيائين ته ”جيستائين آءٌ زندهه آهيان، تيستائين توکي ۽ تنهنجي بادشاهيءَ کي ڪنهن به قسم جو خطرو نه آهي. تون دلجاءِ سان بادشاهي هلاءِ.“ وفادار جان جي واتان ايتري همدرديءَ جا لفظ ٻڌي، ننڍڙي بادشاهه کي خوشيءَ وچان روئڻ به اچي ويو ۽ پوءِ اطمينان سان وفادار جان جي رهبريءَ هيٺ حڪومت جي ڪمن ڪارين ۾ لڳي ويو. وڏي بادشاهه جي چاليهي کان پوءِ جڏهن ملڪ مان بادشاهه جي جدائي وارو روڄ راڙو ختم ٿيو، ته هڪ ڏينهن وفادار جان نئين بادشاهه کي چيو، ”ننڍا سائين! هاڻي وقت اچي ويو آهي، ته آءٌ توکي پنهنجي پيءُ جي ملڪيت واري ذري پرزي کان واقف ڪريان.“ ائين چئي کيس محل جا سڀ خزانا ۽ ملڪيتون تفصيل سان ڏيکاريائين. جڏهن حرم سراءِ جي گهمڻ جو وقت  آيو، ته پوءِ به وفادار جان وڏي احتياط سان هر هڪ ڪمري، تهه خاني ۽ توشا خاني جو سير ڪرايو. پر اهو ڪمرو جنهن ۾ ڪنهن ڏوارنهين ڏيهه جي شهزاديءَ جي تصوير رکيل هئي، جنهن لاءِ بادشاهه سلامت ”وفادار جان“ کان اقرار ورتو هو، ته مون کان پوءِ اهو ڪمرو شهزادي کي هرگز نه ڏيکاريندين. وفادار جان انهيءَ ڪمري مان اٽڪل سٽڪل ڪري گذريو. جو  تصوير ان ڪمري جي بلڪل دروازي جي سامهون ۽ ويجهو رکيل هئي. ويتر جو مصور ان ۾ اهڙو ته رنگ ڀريو هو، جو ڏسڻ وارو هڪدم حيران ٿي ويندو هو، ڄڻ ته شهزآدي هاڻي تازو ساهه کڻي رهي آهي. وفادار جان جي ان ڪمري مان گذرڻ واري انداز کي نئون بادشاهه به پرکي ويو، ته آخر  اتي اهڙي ڪهڙي ڳالهه آهي، جو وفادار جان هزارين حيلن جي باوجود به دروازو کولڻ کان انڪار ڪري رهيو آهي. هڪ ڏينهن نئين بادشاهه پنهنجي وفادار ملازم جان کي چئي ڏنو، ته تون جڏهن منهنجي ۽ منهنجي پيءُ جي وفاداريءَ جو دم به هڻين ٿو، پوءِ ڇا جي لاءِ ان ڪمري ۾ گهڙڻ کان لنوائين ٿو.

نئين بادشاهه  جي اها ڳالهه ٻڌي ويچارو جان پريشان ٿي ويو، نيٺ دل جهلي، بادشاهه کي چيائين: ”منهنجي وفاداريءَ ۾ شڪ ڪرڻ تان توهان لاءِ نقصانڪار آهي، پر ان ڪمري جي کلڻ سان تنهنجو آرام هميشه لاءِ ختم ٿي ويندو.“

بادشاهه چيس ”منهنجو آرام ته ان ڏينهن ئي ختم ٿي ويو هو، جنهن ڏينهن تو سڀ ڪمرا ڏيکاريا هئا، پر هڪڙو هيءُ ڪمرو نه کوليو هو، سو اڄ اهو ڪمرو ڏسڻ کان سواءِ آرام نه ڪندس.“ بادشاهه جي ضد ڪرڻ تي جان دروازو کولي هڪدم پاڻ اندر تصوير اڳيان اهڙي انداز  سان ٿي بيٺو، جو هن جي بيهڻ سان تصوير ڍڪجي پئي وئي، پر بادشاهه به پٻن ڀر بيهي ان لڪل شيءِ کي ڏسي ورتو ۽ جيئن ئي هن جي نظر تصوير تي پئي، ته شهزاديءَ جي سونهن ۽ صورت ڏسي، سندس هوش حواس گم ٿي ويا ۽ پاڻ سنڀالي ڪين سگهيو ۽ بيهوش ٿي ويو. بادشاهه کي فرش تي ڪرندو ڏسي، جان کي ڊپ ورائي ويو. آخر بيهوش بادشاهه کي ڪلهو  ڏئي کڻي آڻي پنهنجي ڪمري ۾ سمهاريائين. جلدي شاهي طبيب اچي ويو. جنهن گهڻي ڪوشش سان، پر ڏاڍي دير کان پوءِ بادشاهه سلامت کي هوش ۾ آندو.

هوش ۾ اچڻ سان بادشاهه، جان کان پهريون سوال اهو ڪيو ته اها ڪٿان جي شهزادي آهي، جنهن جي تصوير سهڻي آهي؟ جان، بادشاهه کي چيو اها شهزادي سوني ڇِتِ واري ملڪ جي بادشاهه جي نياڻي آهي. جنهن وٽ دولت ۽ دنيا جي ڪا ڪمي ڪانهي.

بادشاهه سلامت پنهنجي وفادار جان اڳيان ضد ڪري بيهي رهيو ته ڪو حيلو وسيلو ڪڍي، مون کي شهزاديءَ تائين پهچاءِ.

گهڻي سوچ ويچار کان پوءِ جان، بادشاهه کي ٻڌايو ته هڪڙو ئي وسيلو نظر اچي ٿو، اهو هيءُ آهي ته شهزادي سون جي ڏاڍي شوقين آهي. سندس گهر ۾ هر شيءِ سون جي ٺهيل اهي. سون جي تو وٽ به گهٽتائي ڪانهي. سو جيڪڏهن تون هن لاءِ سون پاڻي وانگر وهائيندين، ته ٿي سگهي ٿو ان کي حاصل ڪري سگهين.

بادشاهه حڪم ڪيو ته سمورا سونارا پنهنجا ڪم ڇڏي خدمت ۾ حاضر ٿيا. بادشاهه سڀني ڪاريگرن کي مختلف نموني جون سڀ مختلف جنسون ٺاهڻ جو حڪم ڏنو. هفتي کن اندر بادشاهه  ۽ جان جي پسند جا سڀ سونا شاهڪار تيار ٿي ويا. پوءِ وفادار جان ڏاڍي خوبصورتيءَ سان تيار ٿيل سامان کي هڪ ٻيڙي ۾ رکرائي پاڻ ۽ بادشاهه سوداگرن وارو لباس پهري، ٻيڙو هاڪاري ان طرف روانا ٿي ويا، جتي سوني ڇت واري بادشاهه جو تختگاهه هو. ٿورن ئي ڏينهن ۾ سندن ٻيڙو  بادشاهي شهر ۾ لنگرانداز ٿيو. لنگر تي ٻين به ڪيترن  ئي واپارين جا ٻيڙا مختلف سامانن سان ڀريا بيٺا هئا. هنن به هڪ ڪنڊ سان ٻيڙو لنگر انداز ڪيو. وفادار جان شهر  ۾ نڪري اچي محل اڳيان سونن ٿانون، پکين ۽ جانورن جي نمائش جو پڙهو ڏنو. جنهن تي شهزاديءَ جي نوڪرياڻي جيڪا پنهنجي هٿن ۾ بالٽي جو رسو جهليو کوهه مان پاڻي ڀري رهي هئي، تنهن جو ڌيان آواز طرف ٿيو، پاڻ کي پردي ۾ ڪري هنن کان تعارف پڇيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com