سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: گرم جون آکاڻيون

باب:

صفحو :12

مگر ميز خالي ئي رهي، درزي جي پٽ هيڏانهن هوڏانهن نهاريو پر ميز آخر تائين خالي رهي. جنهن تي  مهمان ناراض ٿي بکيئي پيٽ اٿي ويا ۽ درزي جي پٽ ۽ پيءُ جون گلائون ڪندا پنهنجي پنهنجي گهر هليا ويا.

جڏهن ميز تي کاڌو نه لڳو ۽ مهمان ناراض ٿي واپس موٽي ويا، ته درزي پنهنجي پٽ کي چيو جيڪڏهن تو کي ميز ۾ پڪ ڪانه هئي، ته تو اهڙي غلطي ڪري مهمانن کي مانيءَ جو سڏ ڇو ڏنو؟ جنهن تي درزي جي پٽ چيو  بابا سائين مون کي بلڪل  پڪ هئي، مسافريءَ  ۾ مون ڪيئي دفعا کيس آزمايو به  پر مون کي شڪ ٿو پوي ته مون سان شهر کان ٻاهر واري مسافر خاني ۾ ڊوهه ٿيو آهي. جو گذريل رات مون انهيءَ ئي مسافر خاني ۾ گذاري هئي. ائين چئي اها نقلي ميز کڻي تڪڙو مسافر خاني ڏانهن ڊوڙندو ويو.

درزي جو ٻيو پٽ جڏهن پيءُ جي گهران تڙجي نڪتو هو ته اهو به رُلندو پنندو وقت جا ڌڪا ٿاٻا کائيندو ڪنهن ڳوٺ ۾ هڪ جانڊاهي وٽ اچي نوڪر بيٺو، جانڊاهي جيڪو صبح سوير پنهنجو ڏاند يا اٺ جانڊاهه ۾ ٻڌي ساري پسگردائي کي اَنُ پيهي ڏيندو هو، آڳاٽي وقتن ۾ اٽي پيهڻ جون مشينون ڪونه هونديون هيون. ان ڪري جانڊاهه جا مالڪ ئي اهو ڪم ڪندا هئا.

درزي جي پٽ صبح شام محنت ڪري جانڊاهه جي مالڪ جي دل موهي وڌي. ٻه چار مهينا  جڏهن ڪم ڪيو ته ڇوڪر کي پنهنجو گهر، ڀائر ۽ پيءُ ياد پيو، ان ڪري جانڊاهه جي مالڪ کان موڪل وٺي پنهنجي ڳوٺ وڃڻ جون تياريون ڪرڻ لڳو. جڏهن هن تياري مڪمل ڪئي. ته جانڊاهيءَ ان ڇوڪر کي چيو ٻچا تون ڏاڍو حلالي ٻار آهين، تنهنجي  اچڻ سان مون وڏو نفعو ڪمايو آهي. هاڻي جڏهن  تون گهر وڃين ٿو ته پوءِ توکي سٺي خدمت جي بدلي  ۾ هڪ تحفو ڏيان ٿو. ائين چئِ هن هڪ گڏهه جي واڳ سندس هٿ ۾ ڏيندي چيو ته هيءُ گڏهه نه سواريءَ کڻندي نه بار جنهن تي ڇوڪر چيو جيڪڏهن اهي ٻئي ڪم نه ڪندي، ته باقي هن  گڏهه ڪاهي وڃڻ جو مون کي ڪهڙو فائدو ٿيندو؟ ان کان بهتر آهي ته تو وٽ بيٺي رهي. جنهن تي جانڊاهيءَ ڇوڪر کي چيو ڳالهه تون برابر صحيح  ٿو ڪرين، پر هن گڏهه ۾ هڪ اهڙي خوبي آهي، جنهن جي زندهه هجڻ سان تون  ۽ تنهنجا پويان هميشه شاهوڪار رهندا.

” جنهن تي ڇوڪر چيو ڀلا اها ڪهڙي خوبي آهي.؟“

جانڊاهيءَ چيس جنهن وقت به تون چادر وڇائي گڏهه کي ان تي بيهاري کيس چوندين ته وات پٽ، هوءَ جيئن ئي وات پٽيندي ته سندس وات مان سونا سڪا  چادر تي ڪرندا رهندا، پوءِ جڏهن تون چوندين هاڻي وات بند ڪر ته  هوءَ وات بند  ڪندي ۽ سونا سڪا ڪرڻ به بند ٿي ويندا.

جانڊاهيءَ جي ڳالهه ٻڌي ڇوڪرو ڏاڍو خوش ٿيو ۽ پنهنجي ٻئي سامان سان گڏ گڏهه کي به ڪاهي پيءُ جي ڳوٺ روانو ٿي ويو. رستي ۾ سير سفر ڪندو جڏهن پيءُ جي ڳوٺ جي ڀرسان پهتو ته هن کي سج لهي ويو ۽ رات پئجي ويئي، ۽ هن سوچيو ته رات جو دير سان گهر پهچڻ تي متان بابو ناراض ٿئي سو، سامهون واري مسافرخاني ۾ آرام ڪري صبح جو تازو توانو ٿي بابا جي گهر ويندس. اها صلاح ڪري جانڊاهي وارو نوڪر انهيءَ ساڳئي مسافرخاني ۾ لڙي آيو، جتي سندس ڀاءُ جي ميز چوري ٿي هئي.

مسافر خاني جي دروازي تي پهچڻ کان مسافر خاني  جي عملي سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ بعد هو هڪ ڪمرو وٺي رهي پيو. گڏهه کي پنهنجي ڪمري جي دروازي وٽ ئي ٻڌي ڇڏيائين. جنهن تي مسافر خاني جي مالڪ چيس ته گڏهه اتي نه بَڌ. اها، اسان جي عملي جي ڪنهن ملازم کي ڏئي ڇڏ، ته ان کي گهوڙن جي ڪڙهه ۾ ٻڌي اچي. موسم سردي جي آهي، سو تنهنجي گڏهه ولهه ۾ بيهي بيمار ٿي پوندي.

جانڊاهي جي نوڪر چيو، آءٌ گڏهه ڪڙهه ۾ ڪونه ٻڌرائيندس. باقي سردي کان بچڻ لاءِ آءٌ پنهنجو ڳورو جبو گڏهه جي مٿان وجهي ڇڏيندس توهان ان بابت ڳڻتي نه ڪريو.

جانڊاهي جي نوڪر ۽ مسافر خاني جي مالڪ جي گفتگو اهو ساڳيو لالچي زميندار سامهون ڪرسي تي ويٺو ٻڌي رهيو هو ۽ گڏهه تي پنهنجو ڳرو جبو وجهڻ واري ڳالهه تي کلندي چيائين ويچارو ڇوڪرو ڪيترو نه مسڪين آهي! جو پنهنجو پائڻ وارو ڪوٽ گڏهه تي پيو وجهي. پر جڏهن جانڊاهيءَ جي نوڪر پنهنجي کيسي مان ٻه چار سونا سڪا

ڪڍي، مسافرخاني جي ملازم کان شهر مان قيمتي شيون گهرائڻ جو حڪم ڏنو ته زميندار  جون واڇون ئي ٽڙي ويون. چئي  هي ته ڪو  وڏو اميرزادو ٿو ڏسجي، ويتر جو جڏهن هن پنهنجي کاڌي جو بل ادا ڪيو ته ملازم ٻه سڪا وڌيڪ کانئس گهريا ته هن پنهنجي کيسن ۾ هيڏي هوڏي هٿ هڻڻ کان پوءِ ملازم کي چيو تون ٿوري گهڙي ترس ته آءٌ توکي سڪا ڏئي ٿو ڇڏيان. ايترو چئي گڏهه کي طبيلي مان ڪاهي ويو ۽ چادر وجهي گڏهه کي چيائين وات کول! گڏهن جيئن وات کوليو ته چادر وارو سڄو حصو سونن سڪن سان ڀرجي ويو. لالچي زميندار اک ٽيٽ ڪري جانڊاهي ڇوڪري جو سمورو لقاءُ ڏسندو رهيو ۽ ڇوڪر جي موٽي اچڻ کان اول ئي زميندار پنهنجي جاءِ تي ويهي رهيو. ڇوڪر بل ادا ڪري پنهنجي ڪمري طرف هليو ويو. لالچي زميندار جي ننڊ حرام ٿي وئي، سو ڇا ڪيائين جڏهن، سڀ ماڻهو گهري ننڊ ۾ سمهي  پيا ته هن اهڙي رنگ روپ جي گڏهه آڻي ان جانڊاهي واري نوڪر جي گڏهه جي جاءِ تي ٻڌي ڇڏي ۽ اها اصلي گڏهه چورائي  رفوچڪر ٿي ويو. صبح سان ڇوڪر ننڊ مان اٿي تڙ ڪري ڪپڙا مٽائي مسافر خاني جو بل ادا ڪري گڏهه جي رسيءَ کي جهلي سڌو  پنهنجي پيءُ جي گهر آيو.

پڻس کيس ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ پٽ سان حال احوال ڪرڻ کانپوءِ چيائين ته منهنجا پٽ ڪائي مون لاءِ سوکڙي آندي اٿئي يا نه؟

 ڇوڪر چيس ته بابا ٻيو ته گهڻو ئي ڪجهه آندو اٿم، پر اصل قيمتي شيءِ هيءَ گڏهه آهي، جنهن کي ساهه سان سانڍيندو هتي پهتو آهيان.

درزيءَ چيس ته گڏهه وري ڪهڙو قيمتي سرمايو آهي. هتي ته اهڙيون ڪيئي گڏهيون پيون ڦرنديون وتن. انهن کي ته ڪوئي پڇي به ڪونه ٿو.

پٽ چيس بابا توکي هن گڏهن جي  اهميت جي ڪهڙي خبر؟ هيءَ گڏهه اها مڻيادار گڏهه آهي. جو هن لاءِ هڪ چادر وڇائي گڏهه کي وچ چادر تي بيهاري چئوس ته وات کول!  هيءَ جڏهن وات کوليندي ته  هن جي وات مان ايترا سونا ڪرندا جو  سڄي چادر ڀرجي ويندي.

پٽ جي زباني اهڙي ڳالهه درزي ٻڌي درزي جون اکيون ڦاٽي ويون ۽ پٽ کي چيائين ته اها ڳالهه آهي ته پڪ سان منهنجا پڇاڙي واري عمر ۾ ڀاڳ کلي ويا آهن. سڄي  عمر ڪپڙن کي ٽاڪا هڻندي اکين جو نور هليو ويو آهي. گڏهه کان ٻه چار سونن سڪن جون چادرون ڀرائي ڪوئي سٺو ڪاروبار ڪري عمر  ڀر پيو عيش ڪندس.

جنهن تي پٽ چيس ته بابا نه  صرف توهان عيش ڪندو پر توهان جا مٽ مائٽ به دولت سان مالا مال ڪري ڇڏيندس. ان ڪري انهن سڀني کي به گهرائي وٺ  ته جيئن اهي به سونن سڪن مان حصو کڻي ساري عمر پيا توکي ۽ مون کي دعائون ڪن. پٽ جي زباني اهڙي ڳالهه ٻڌي درزي خوشي ۾ ڀرجي وري به وڃي مٽن مائتن کي ٻڌائي آيو. جڏهن درزي  جا مائٽ سڀ اچي گڏ ٿيا ته هن پنهنجي پٽ کي چيو منهنجا ڀاڳ وارا پٽ هاڻي جلدي ڪر پنهجي گڏهه جو وات پٽاءِ ته منهنجا سڀ مهمان سونا سڪا اکين سان ڏسن. جانڊاهي جي نوڪر هميشه وانگر چادر وڇائي ان جي وچ تي گڏهه کي بيهاري چيو ته هاڻي وارو ڪر وڏو وات پٽ ته جيئن سڪا گهڻا ڪرن. پر جيئن ته گڏهه مٽجي وئي هئي.  سو هوءَ ڪيڏانهن پئي سونا سڪا ڏئي. درزي جي پٽ هيڏانهن هوڏانهن گهڻائي ڦيرا کاڌا پر گڏهه وات  ڪونه پٽيو.

مهمانن جڏهن ڏٺو ته هن گڏهه مان ڪجهه نه ورندو، سي ناراض ٿي ٺٺوليون ۽ گاريون ڏيندا واپس پنهنجي گهرن ڏانهن موٽي ويا. مهمانن جي وڃڻ کان پوءِ درزي پنهنجي  پٽ کي  چيو ته اهڙا ڀاڳ اسان جا ڪٿي آهن جو اسان هڪ ڏينهن ۾ غريب مان امير ٿي وڃون. اسان جو نصيب ته سئي ۽ قينچي ئي آهي. ائين  چئي درزي دڪان ڏانهن هليو ويو.

 درزيءَ جو ٽيون ۽ آخري پٽ جڏهن پيءُ جا پادر کائي گهران نڪتو هو ته اهو به ڏک ڏولاوا ڏسندو ڪنهن وڏي شهر جي نالي واري وڪيل وٽ وڃي  نوڪر بيٺو. ڇوڪرو عمر ۾ ننڍو هو، ان ڪري وڪيل جون عادتون تمام آساني سان سکي ويو. اهرين سٺين عادتن  ۽ ايمانداري جي ڪري وڪيل به سندس سار سنڀال پنهنجي اولاد جهڙي ڪرڻ لڳو.

وڪيل وٽ قسمين قسمين ماڻهو پنهنجا معاملا کڻي ايندا هئا ۽ اچي ان کان صلاحون وٺندا هئا. انهن ماڻهن جي زباني هن ڇوڪر کي معلوم ٿيو ته وڏي مسافرخاني جي مالڪ سان هڪ زميندار به ڀائيوار آهي. جيڪو ايندي ويندي مسافرن کي ٺڳي روانو ڪري ٿو، جنهن ۾ درزري جي پٽن سان ٺڳي ڪرڻ جو اطلاع به هن کي ملي چڪو هو.

جيئن ته هيءُ ڇوڪرو وڪيل جو نوڪر هو، ان ڪري عقل ۽ دانائي به وٽس وڪيل جيتري ئي هئي ۽ هيءُ سمجهي ويو ته اها جادوئي ميز ۽ سونن سڪنن واري گڏهه پڪ سان منهنجي ڀائرن جون  هيون، جن کان هن مسافر خاني ۾ رهڻ واري رات ٺڳي ڪري ايتري دولت جو مالڪ بڻيو آهي.

پنهنجي  ڀائرن جو پلاند ڪرڻ لاءِ هن وڪيل کي چيو ته مون توهان وٽ پنهنجي مقرره مدت کان به وڌيڪ ڪمايو آهي. مون کي پنهنجي پيءُ ۽ ڀائرن جي ڏاڍي سڪ لڳي آهي. تنهن ڪري، خوشيءَ سان موڪل ڏيو ته آءٌ انهن کي ڏسي وائسي جلد موٽي اچان. وڪيل کيس کل خوشي سان موڪل سان گڏ سوکڙيون پاکڙيون ڏئي وڃڻ جي اجازت ڏني. وڃڻ مهل هڪ ڳوٿري به ڏنائينس ۽ وري ان ڳوٿريءَ ۾ هڪ ڪاٺ جي سوٽي به وجهي ڇڏيائين. ڇوڪر پنهنجي مالڪ کي چيو ته هي ڳوري ڳوٿري منهنجي ڪهڙي ڪم جي آهي. جو هيڏو وزن پٺن تي کڻي هلندو وتان. وڪيل ٻڌايس ته هي ڳوٿري تنهنجي وڏي ڪم جي آهي. ڇو ته ان ۾ سوٽي پيل آهي ۽ جيڪڏهن پوري سفر دوران ڪير به تنهنجي سامان ڏانهن بري نگاهه وجهي ته پوءِ صرف ايترو چئجانءِ ته ”آءٌ مائي سوٽي ڏيکار پنهنجا ڪرتب“ بس ايترو چنجاءِ، پوءِ ويهي ڏسجانءِ سوٽيءِ جا ڪرتب. ته اها ڪهڙا ڪهڙا ڪارناما ٿي توکي ڏيکاري. وڪيل جو نوڪر پنهنجو سامان ۽ سوٽيءَ واري ڳوٿري کڻي پنهنجي منزل طرف روانو ٿي ويو. هلندي هلندي منزلون طئي ڪندي، آخر اچي مسافر خاني وٽ پهتو. جتي سندس ٻه ڀائر ٺڳجي ويا هئا.

مسافرخاني ۾ سامان رکڻ بعد ڳوٿري سيراندي هيٺان ڪري ٿورو آرام ڪرڻ لڳو ته مسافر خاني جي نوڪر اچي چيس ته آرام ڪرڻ ۽ سراندي ڏيڻ لاءِ ڪيترائي وهاڻا  تنهنجي بستري تي پيا آهن.

هن پٿرن ڀريل ڳوٿري کي سيراندي ڪري رکڻ مان توکي ڪهڙو آرام ايندو؟ جنهن تي وڪيل جي نوڪر چيس ته، توکي ڪهڙي خبر؟ منهنجي هن ڳوٿريءَ ۾ ستن بادشاهن جا هيرا جواهر پيل آهن. جيڪڏهن آءٌ ڳوٿريءَ کي پنهنجي ليکي ڇڏي ڏيان ۽ ڪوئي اها ڳوٿري چوارئي وڃي ته پوءِ آءٌ معصوم ٻار ان کي ڇا ڪري سگهندس؟ وڪيل جي نوڪر جي اها ڳالهه ٻڌي مسافرخاني ۾ ويٺل لالچي زميندار غور سان ٻڌي رهيو هو. دل ۾ چوڻ لڳو ته ڇوڪرا تون ٿورو سمهي  ڏيکار ته پوءِ آءٌ توکي سمجهائيندس ته ستن بادشاهن جا هيرا ڪيئن چورائبا آهن. آخر رات به آئي وڪيل جي نوڪر ڳوٿري سيراندي ڪري سمهي  پيو. رات گهڻي گذري وئي ته اهو لالچي زميندار ان وڪيل جي نوڪر مٿان اچي بيٺو ۽ ڏٺائين ته نينگر الوٽ ننڊ ۾ پيل آهي. سو ڳوٿري چورائڻ لاءِ آهستي آهستي سندس مٿي هيٺان ڳوٿري سرڪائڻ لڳو. وڪيل جو نوڪر به ان مهل سجاڳ ٿيو. تنهن چيو: ”مائي سوٽي ڏيکار ڪو ڪرتب“ سوٽي  ڳوٿري مان نڪري زور زور سان ان لالچي زميندار جي ٽڪڻ ۽ پٺن  تي وسڻ شروع ڪيو. سوٽي ايستائين وسندي رهي، جيستائين لالچي زميندار کان پنهنجن ڀئارن جون چوريون نه باسرايائين. لالچي زميندار جڏهن سڀ ڪجهه واپس ڏيڻ جو واعدو ڪيو، تڏهن نينگر سوٽي  کي چپ ٿيڻ جو حڪم ڪيو ۽ سوٽي ڳوٿري ۾ هلي وئي.

جنهن کان پوءِ ڇوڪرو زميندار کان پنهنجي ڀائرن جي چورايل ميز ۽ اصلي گڏهه واپس وٺي، اچي پنهنجي پيءُ جي گهر پهتو. ڇوڪري جي پيءُ جڏهن پنهنجي ننڍي پٽ کي ڏٺو ته  هن جي خوشيءَ جي ڪا حد نه رهي. وڏي پاٻوهه سان ساڻس پيار ڪندي چيائين منهنجا پيارا پٽ تون ايترا ڏينهن ڪٿي ۽ ڪيئن گذاريا. مون کي افسوس آهي جو مون ڪوڙي ٻڪريءَ جي چوڻ تي توهان کي بي عزتو ڪري گهر مان ڪڍي ڇڏيو هو. هاڻي مون کي معاف ڪريو. جنهن تي پٽهنس پنهنجي سفر جو سمورو احوال پيءُ کي ٻڌايو ۽ اها به خوشخبري ٻڌائي ته جيڪا ميز ۽ گڏهه لالچي زميندار چورائي هئي، آءٌ اها به ان ظالم کان واپس موٽائي وٺي آيو آهيان. هاڻي تون جلدي ڪر منهنجي ٻنهي ڀائرن ۽ پنهنجن مٽن مائٽن دوستن يارن کي وٺي اچ ته کين ميز جو تيار ٿيل کاڌو به کارايون ۽ کين گڏهه کان سونا سڪا به اوڳرائي ڏيون. درزي وڃي سڀن کي ٻڌائي آيو.

درزي جي ننڍي پٽ سڀ کان اڳ وڏي ڀاءُ کي سڏ ڪري چيو ادا سائين هاڻي تون پنهنجي ميز کي چئه ته اسان کي دعوت لاءِ سٺو طعام کارائي.

وڏي ڀاءُ ميز کي ماني کارائڻ لاءِ چيو ته يڪدم طعام لڳي ويا. درزي جا مهمان هڪڙو ڊش خالي پيا ڪن ته ٻيو ڀريل ٿانو رکجي پيو وڃي. سڀن کائي پيٽ ڀريو ۽ پوءِ خود بخود ميز جي صفائي ٿي وئي ۽ سڀ ڏاڍا خوش ٿيا. کاڌو کائڻ کان پوءِ وڪيل جي نوڪر پنهنجي ٻئي نمبر ڀاءُ کي سڏ ڪري چيو ادا هاڻي پنهنجي گڏهه کان وات پٽراءِ، ته هوءَ سونا سڪا اوڳاڇي ته، اسان جا مهمان کڻي خوش ٿين. جنهن بعد نينگر اڳتي وڌيو ۽ پنهنجي چادر وڇائي گڏهه کي چيو: ”وات پٽ“ ۽ ائين چوڻ سان گڏهه وات پٽيو ته سونن  سڪن جا چوڌاري چادر تي ڍير ٿي ويا. جڏهن سڀني مهمانن سڪن سان پنهنجا کيسا ڀريا، ته وري ڇوڪر گڏهه کي وات بند ڪرڻ لاءِ چيو ۽ سونا سڪا ڪرڻ بند ٿي ويا. درزي جا مٽ مائٽ ۽ يار دوست سندس پٽن جون نيڪيون ڪندا پنهنجن پنهنجن گهرن ڏانهن هليا ويا.

 مهمانن جي وڃڻ کانپوءِ درزي به سئي سڳو ۽ قينچي ڦٽي ڪري خوبصورت محلات ٺهرائي، پٽن جون شاديون ڪرائي خوش رهڻ لڳو.

هاڻي اچون ٿا، ان ڪوڙي ٻڪري تي جنهن درزي جي پٽن تي ڪوڙ هڻي کين گهر مان ڪڍرايو هو.

ٿيو هيئن جو آخري ڀيرو جڏهن ٻڪريءَ خود درزيءَ تي ڪوڙو الزام هنيو هو ته ان ڪاوڙ ۾ کيس سزا ڏيڻ خاطر پاڪي کڻي ان جي سموري جسم جي کل جا وار ڪوڙي گنجو ڪري، گهر مان ڪڍي ڇڏيو هو ته ٻڪري شرم وچان ڪنهن کي منهن ڏيکارڻ جي بجاءِ وٺي جهنگ طرف منهن ڪيو. ڊوڙندي ڊوڙندي ڏٺائين ته لومڙيءَ جي ڏر خالي پئي آهي، سو سڌي ان جي ڏر ۾ هلي وئي.

شام جو لومڙي به ٿڪجي ماندي ٿي آرام ڪرڻ لاءِ جيئن ئي  پنهنجي ڏر جي منهن تي پهتي ته ڏسي ته ڪائي اروڙ بلا منهنجي ڏر ۾  ويٺي آهي. جنهن جون اکيون ٽانڊن جيان پيون ٻرن. لومڙي ڀو کان وٺي پويان پير ڪيا. اڃا لومڙي ڊپ کان ڊوڙي رهي هئي ته رستي  ۾ هڪڙو رڇ مليس. جنهن لومڙي کان ڀڄڻ جو سبب پڇيو. لومڙي چيس ادا ڪهڙي ٿو ڳالهه پڇين. منهنجي ڏر ۾ هڪ ازدها بلا اچي ويهي رهي  آهي. جنهن  جون اکيون ٽانڊن جيان ٻرن ٿيون، تڏهن ڀڳي ٿي وڃان. رڇ لومڙي کي وٺي ڏر خالي ڪرائڻ لاءِ آيو. جڏهن ڏٺائين ته ڏر ۾ ويٺل بلا جون اکيون بجلي وانگر ٻرن پيون ته وٺي ڀڳو ۽ پويان پير ڪيائين.

هنن ٻنهي کي ڀڄندي ڏسي وڻن مٿان ويٺل ککر جي ڳاڙهي ڏينڀو پڇيو ته جهنگ ۾ اهڙو ڪهڙو خطرناڪ انقلا ب آيو آهي. جو توهان ٻئي ڊوڙي ڊوڙي نستا ٿي پيا آهيو؟ رڇ چيس ته هن ويچاري لومڙي جي ڏر تي ڪنهن خطرناڪ بلا اچي قبضو ڪيو آهي. جنهن کي ڏسڻ سان ڊپ ٿو ٿئي. سو هاڻي هن جي مدد ڪيئن ڪجي.

جنهن تي ککر جي ڏينڀو هن کي چيو جسماني طرح ته آءٌ ڏاڍو ننڍڙو ساهوارو آهيان. پر هن مظلوم لومڙي تي مون کي رحم ٿو اچي. توهان هلي مون کي اها ڏر ڏيکاريو ته آءٌ ٿو ان بلا سان منهن ڏيان. جنهن تي رڇ چيو ته بابا اسان واٽ ويندن جو ڪهڙو ڪم جو جان جوکم ۾ وجهيون تون ڄاڻين يا لومڙي مان وڃان ٿو. لومڙي مايوس ٿي ڏينڀو کي چيو ڀاءٌ الله تنهنجو ڀلو ڪندو تون مون سان گڏ هل ته آءٌ توکي هلي بلا ڏيکاريان.

ککر جو ڏينڀو ۽ لومڙي گڏجي ان ڏر تي آيا، جتي ٻڪري اکيون ڦوٽاريو ويٺي هئي. ڏينڀو سڌو ڏر ۾ هليو ويو ۽ وڃي ٻڪريءَ جي اکين مٿان ويهي زهريلا ڏنگ هڻڻ لڳو ٻڪري کي جو ڏينڀوءَ جي ڏنگن تپايو سا وٺي بر منهن ڪري ڀڳي ۽ چوندي وئي ڪوڙ جي منهن ۾ ڌوڙ آهي. ڪوڙ ڪڏهن به نه ڳالهائجي. پر بيابان ۾ بگهڙ رهندا هئا. جن ٻڪري کي پنهنجي جوءِ ۾ ڏسي وٺي خوشيون ڪيون ڪيئي بگهڙ اچي مڙيا ۽ ٻڪري کي چيري ڦاڙي ٻوٽيون ٻوٽيون ڪري کائي ويا.

 

سوني جبل وارو بادشاهه

هڪڙي شهر ۾ سمنڊ جي ڪناري تي هڪڙو وڏو واپاري رهندو هو. جنهن کي  ڏور ڏيسارو سان واپار ڪرڻ لاءِ ٻه وڏا ٻيڙا هئا. جن تي هو واپار جو مال کڻائي پري وارن ملڪن مان جهجهو ناڻو ڪمائي ايندو هو. جنهنڪري هن جي دولت ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿيندو رهندو هو ۽ دولت جي ڪري واپاري به خوش گذاريندو هو. ايتري دولت هوندي به کيس هڪ ارمان اهو هو ته هن هيڏي ڀريئي تريئي سنسار ۾ هڪڙو پٽ هوندو هو سو به ايترو نِستوَ، ڪمزور ۽ سدائين بيمار رهندو هو جنهن مان کيس هر وقت اهو خطرو محسوس ٿيندو هو ته اڄ مري يا سڀاڻي. ايڏي ارمان هوندي به جيئڻ لاءِ پيو جتن ڪندو هو.

هڪڙي ڏهاڙي ڪن خابرن خبر آڻي ڏنس ته تنهنجا ٻيڙا جيڪي تو سامان سان ڀري واپار لاءِ موڪليا هئا. اهي وچ سمنڊ ۾ طوفان لڳڻ سبب ڪنهن وڏي جبل سان ٽڪرجي ذرا ذرا ٿي ويا آهن. اها خبر ٻڌي واپاري کي ڏاڍو ڏک ٿيو. پر چوندا آهن ته خدا جي ڪئي تي  صبر ڪرڻ کانسواءِ ٻيو چارو به ڪهڙو آهي، سو سمنڊ جي ڪناري پريشان حال سوچيندو هو ته هاڻي ڇا ٿيندو؟

هڪڙي ڏينهن  سمنڊ جي ڪناري پٿر تي  ويٺو ويچارن ۾ غرق پاڻ سان ڳالهائي رهيو هو ته هڪ ڪارو ڄامڙو اچي سندس سامهون بيٺو ۽ واپاريءَ کي چوڻ لڳو اي دوست ايڏي ته ڳڻتي ۾ غرق ٿي ويو آهين، جو ڪنهن جي اچڻ وڃڻ جي خبر به ڪونه ٿو لهين. واپاري چيس ته اي ڄامڙا  توکي ڪهڙي خبر ته مون تي ڇا گذري آهي ۽ هاڻي آءٌ ڇا ٿو سوچيان! ته ساري زندگي جو ڪمال الهه تلهه سمنڊ حوالي ٿي ويو آهي. هنيئر ته اهو ڪجهه  به نه بچيو آهي. جو هڪ رات لاءِ چلهو گرم ڪري ٽڪر پچائي کاوان.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com