بڙ جو غم
]مان
زندگيءَ جو اُهو دؤر قبول نه ڪندس، جيڪو،توکان
جدا ٿي گذاريندس.“[
پڪ سان اوهان کي ٻڌائي نه سگهندس، ته مان ڪيتري دير کان
بڙ جي هن قديم، سڪل ۽ کاڌل وڻ جي ويجهو بيٺو
آهيان. وقت جي گهڙيال جا مون ٻئي ڪانٽا ڀڃي ڇڏيا
آهن، ۽ ڪيلينڊرن جا ورق ورائي ڇڏيا آهن. لمحن،
ساعتن ۽ پهرن کان بيخبر، مان بڙ جي پراڻي، سڪل ۽
کاڌل وڻ جي ويجهو بيٺو آهيان. بڙ جي وڏي ۽ ويڪري
ٿڙ تي نه دل جو نشان اُڪريل آهي، ۽ نه ئي ڪيپوڊ جو
تير دل مان پار ٿيل آهي. ائين به نه آهي، ته خدا
جي ڪنهن نيڪ بندي مون کي بڙ جي ويجهو بيهڻ جي
تلقين ڪئي آهي. مان پنهنجي مرضيءَ سان بڙ جي ويجهو
بيٺو آهيان- مان خوابن جي تعبير جو مالڪ نه آهيان.
فقط پنهنجي مرضيءَ جو مالڪ آهيان. مان پنهنجي
مرضيءَ مطابق بڙ وٽ بيٺو آهيان. هڪ چٻري کي شڪ آهي
ته مان ڪنهن جن يا راڪاس کي پنهنجي قبضي ۾ ڪرڻ
لاءِ چلو ڪاٽي رهيو آهيان. نه، نه. ائين هرگز نه
آهي. ڪجهه ماڻهن ۽ مرؤن جو خيال آهي ته مان پاڻ جن
آهيان، جنهن منهنجي لاءِ چلو ڪاٽيو، تنهن جي قبضي
۾ نه آهيان. جنهن منهنجي لاءِ چلو نه ڪاٽيو تنهن
جي قبضي ۾ آهيان. بهرحال، پراڻي، سڪل ۽ کاڌل بڙ جي
ڀرسان مان پنهنجيءَ مرضيءَ سان بيٺو آهيان. ڪنهن
ڏاڍي جي چوڻ تي نه بيٺو آهيان.
اڄ صبح جو شميم جڏهن آفيس مان ڪوهه مريءَ لاءِ رواني ٿي
رهي هئي. مون کيس چيو هو: ”ڇتر وٽ هڪ قديم ۽ کاڌل
بڙ جو وڻ آهي. اهو وڻ مون کي وڻندو آهي. سمجهان
ٿو، اهو کاڌل ۽ ويران وڻ به مون کي پسند ڪندو آهي.
تنهنجي اُسهڻ کانپوءِ مان ڇتر وٽ بڙ جي کاڌل وڻ
ڀرسان وڃي بيهندس. اڄ شام مريءَ کان موٽيندي تون
جڏهن فرم جي جنرل مئنيجر سان گڏ ڇتر وٽان
لنگهندينءَ، مان توکي کن پل لاءِ ڏسي وٺندس ۽ خوش
ٿيندس، ۽ پوءِ گهر وڃي پنهنجي پوڙهي ماءُ جي هٿ جي
پڪل ماني کائيندس. هميشه ائين ئي ٿيندو رهيو آهي.
توکي ڏسڻ کانپوءِ مان جيڪڏهن خوش ٿيندو آهيان،
تڏهن پنهنجيءَ پوڙهيءَ ماءُ جي هٿ جي پڪل ماني
کائي سگهندو آهيان. مان ماني کائيندي اڪثر سوچيندو
آهيان ته رزق جي داڻي داڻي تي منهنجي نصيب جي مهر
لڳل آهي: هونءَ نه ته، بڙ جي پراڻي، سڪل ۽ کاڌل وڻ
ويجهو بيهي ڪنهن جو انتظار ڪرڻ وارا ماني نه
کائيندا آهن.“
شام ٿيڻ تي آهي. سج لهڻ تي آهي. ڪا ڪونج اڏامڻ تي آهي
جنرل مئنيجر سان گڏ ڪوهه مريءَ ڏانهن رواني ٿيڻ
کان اڳ شميم چيو هو: ”تون ته اجايو ملول پيو ٿئين
ميٽنگن جي سلسلي ۾ جنرل مئنيجر سان گڏ ڪوهه مري،
ايبٽ آباد وغيره وڃڻ منهنجي ذميدارين ۾ شامل آهي.
يقين ڪر، توکان سواءِ مون کي ڪنهن سان محبت نه
آهي. تون مون کي ان ڪري به وڻندو آهين جو هميشه
ڪنهن سڪل بڙ جي ويجهو بيهي رهندو آهين، ۽ منهنجو
انتظار ڪندو آهين. اڄ اسين شام ڌاري ڇتر وٽان
لنگهنداسين. موٽر ۾ مان جنرل مئنيجر ڀرسان دريءَ
وٽ ويٺي هونديس. تون مون کي ڏسي وٺجان”، ۽ پوءِ
گهر وڃي پنهنجي پوڙهي ماءُ جي هٿ جو رڌل کاڌو
کائجانءِ ۽ هڪ لولي ٻڌي سمهي پئجان”.“
في الحال مون کي بک نه لڳي آهي. مان بڙ جي پراڻي ۽ سڪل
وڻ وٽ بيٺو آهيان ۽ شميم جو انتظار ڪري رهيو
آهيان. شميم کي جنرل مئنيجر جي پاسي ۾ ويٺل ڏسي
مان سڙي خاڪ نه ٿيندو آهيان. انسان زندگيءَ ۾ هر
دفعي خاڪ نه ٿيندو آهي. انسان پنهنجي زندگيءَ ۾
فقط هڪ دفعو خاڪ ٿيندو آهي، ۽ پوءِ وري سڙي، ٻري
خاڪ ٿي نه سگهندو آهي. شميم کي ڏسڻ جي خواهش دل ۾
کڻي مان پراڻي بڙ وٽ بيٺو آهيان. مان کيس کن پل
لاءِ ڏسندس. خوش ٿيندس، ۽ پوءِ گهر وڃي امان جي هٿ
جي پڪل ماني کائيندس. منهنجي ماءُ ڏاڍي پيار ۽
پاٻوهه مان منهنجي لاءِ ماني پچائيندي آهي. مان
جنهن ڏينهن ماني کائي نه سگهندو آهيان، سو سمورو
ڏينهن امان اُداس اُداس رهندي آهي. مان پنهنجي
ماءُ کي اُداس ڏسي نه سگهندو آهيان. چاهيندو آهيان
ته هوءَ خوش رهي. کلندي رهي. مون کي ماني کائيندي
ڏسي ٽڙندي رهي. مان ماني فقط تڏهن کائي سگهندو
آهيان، جڏهن شميم کي هڪ نظر ڏسي وٺندو آهيان. هڪ
افلاطون جو قول آهي ته شميم منهنجي لاءِ ڦودني جي
ڦڪي آهي، جنهن جو تعلق سڌو سنئون منهنجي هاضمي سان
آهي. پر ائين نه آهي. اِهو منهنجو ۽ منهنجيءَ ماءُ
جو ذاتي مسئلو آهي، جنهن جو تعلق شميم سان آهي.
سج ڪجهه گهڙين جو مهمان آهي - منهن لڪائڻ لاءِ ماندو
آهي چٻري جو پري پري تائين نالو نشان نه آهي ڪيترا
دفعا ائين به ٿيو آهي جو شميم جو انتظار ڪندي سج
وسامي ويندو آهي، ۽ پوءِ هڪ چٻرو ڪٿان اُڏامندو
ايندو آهي ۽ سڪل بڙ جي هڪ ٽاريءَ تي ويهي مون
ڏانهن ڏسڻ لڳندو آهي. تڏهن، اُها موٽر جنهن ۾ شميم
کي جنرل مئنيجر سان واپس ورڻو هوندو آهي، سا موٽر
ڇتر وٽان نه لنگهندي آهي. تڏهن رات جا واسينگ بڙ
جي سڪل ٽارين مان لٽڪڻ لڳندا آهن، ۽ مٿاهين ٽاريءَ
تي ويٺل هڪ چٻرو مون ڏانهن ڏسي مرڪڻ لڳندو آهي.
مان پنهنجي ساءِ آهيان ته وڏو آڙيڪاپ، پر اڄ تائين
اهو سمجهي نه سگهيو آهيان ته اسان کي مجبور ۽ بيوس
ڏسي چٻرا ڇو مرڪندا آهن! ڍڳا ڇو نه مرڪي سگهندا
آهن! سمجهان ٿو، اسان جي ملڪ جا ڍڳا تاريخ ۽
جاگرافيءَ جا ذهين شاگرد آهن. کين اسپين جي ڍڳن جو
حشر ياد آهي، کين خبر آهي ته تيز تلوار فقط ڍڳي جي
سيني ۾ لهي سگهندي آهي، ڪنهن چٻري جي سيني ۾ نه.
تنهن ڪري، اسان کي مجبور ۽ لاچار ڏسي، فقط چٻرا
اسان جي حال تي کلي سگهندا آهن- ڍڳا کلي نه سگهندا
آهن. اسين چٻري جي سيني ۾ تلوار لاهي نه سگهندا
آهيون.
بڙ جو هيءُ وڻ جنهن جي پاسي کان مان بيٺو آهيان، بيحد
پراڻو ۽ قديم بڙ آهي. ان ڳالهه ۾ ڪنهن شڪ جي
گنجائش نه آهي. ان باري ۾ مون کي پڪ آهي. پڪ ان
ڪري آهي، جو بڙ جو وڻ ۽ مان هڪ جيترا آهيون. نه بڙ
عمر ۾ مون کان وڏو آهي ۽ نه مان بڙ کان عمر ۾ وڏو
آهيان. اسين ٻئي هڪ جيترا آهيون ۽ هڪ ٻئي جي
ماضيءَ ۽ حال کان واقف آهيون. بڙ جو ٿڙ ڏسڻ ۾ وڏو
۽ ويڪرو آهي، پر اندران خالي آهي. ڪو غم کيس کائي
ويو آهي. هينئر، منجهس ڪو شهر آباد نه آهي. هينئر،
منجهس هڪ طوطو رهندو آهي. بڙ جي طوطي جي منهنجي
وجود جي طوطي سان ياري ٿي ويئي آهي. اهو ئي سبب
آهي جو بڙ جي طوطي مون کي بڙ جي ٿڙ سان لڳي ان
موٽر جو انتظار ڪرڻ جي اجازت ڏني آهي، جنهن ۾ شميم
فرم جي جنرل مئنيجر جي ڀرسان ويٺي هوندي آهي ۽
مريءَ کان موٽندي ڇتر وٽان لنگهندي آهي. شميم جو
انتظار ڪندي ڪندي، مان ڪنهن وقت پاڻ کي پراڻي ۽
قديم بڙ جو هڪ حصو سمجهڻ لڳندو آهيان. تڏهن مون کي
پنهنجي وجود تي بڙ جو، ۽ بڙ جي وجود تي پنهنجي
وجود جو گمان ٿيڻ لڳندو آهي.
هڪ دفعي مون شميم کان پڇيو هو: ”فرم جو جنرل مئنيجر
آفيس بدران پڪنڪ پوائنٽس تي وڃي ميٽنگ ڇو ڪندو
آهي، ۽ توکي نويڪلي ماحول ۾ ڊڪٽيشن ڇو ڏيندو آهي.
ڇا هو آئوٽ ڊور شوٽنگ تي ويندو آهي!“
”ڏاڍو ڪم ڪندو آهي ويچارو! ٿڪجي پوندو آهي هڪ ئي ماحول
۾ ڪم ڪندي ڪندي!“ شميم منهنجي عام معلومات ۾ اضافو
ڪندي چيو هو: ”پڪنڪ وري هنڌ ۽ هوادار ماحول ۾
ميٽنگ ڪرڻ سان وڏن وڏن مسئلن جو حل نڪري ايندو
آهي.“
انهن ئي ڏينهن ۾ مون بڙ جي طوطي کي چيو هو: ”مان هڪ نه
هڪ ڏينهن شميم کي هوادار ماحول ۾ وٺي ويندس ۽ پوءِ
پنهنجي زندگيءَ جي سڀ کان وڏي مسئلي جو حل تلاش
ڪندس.“
بڙ جي طوطي چيو هو: ”تون شميم کي هوادار ماحول ۾ وٺي
وڃي نه سگهندين.“
”ڇو نه وٺي وڃي سگهندس!“ مون تعجب وچان پڇيو هو.
”ان ڪري جو هوءَ تنهنجي اسٽينوگرافر يا پرائيويٽ
سيڪريٽري نه آهي. هوءَ تنهنجي ماتحت نه آهي.“ بڙ
جي طوطي چيو هو: ”“ يار، تو وٽ ٽويوٽا هائي ايس به
ته نه آهي!“
بڙ جي طوطي جي ڳالهه ٻڌي مان خاموش ٿي ويو هوس، مون کي
پنهنجو وجود اندران خالي خالي محسوس ٿيو هو. اهو
احساس جو پهريون زخم هو. هينئر، مون کي خبر آهي ته
منهنجي وجود ۾ ڪو شهر آباد نه آهي. منهنجي وجود ۾
هڪ وسيع ويراني آهي، ۽ ان ۾ هڪ طوطو رهندو آهي.
منهنجي وجود جي طوطي جي بڙ جي طوطي سان دوستي آهي.
هڪڙي ڏينهن بڙ جي طوطي منهنجي وجود جي طوطي کان پڇيو
هو: ”هيءَ شخص جنهن عورت سان محبت ڪندو آهي، ڇا
هوءَ ڏاڍي سهڻي، من موهڻي آهي؟“
”ڌوڙ جي سهڻي آهي!“ منهنجي وجود جي طوطي بڙ جي طوطي کي
ٻڌايو هو: ”ان عورت جون اکيون مئل ٻڪر جي اکين
جهڙيون، پير هوبهو بدڪ جي پيرن جهڙا ۽ هٿ خاڪي رنگ
جي آلي ٽوال جهڙا آهن.“
بڙ جي طوطي حيرت وچان منهنجي وجود جي طوطي کان پڇيو هو:
”ته پوءِ هيءُ شخص بڙ جي ٿڙ کي ٽيڪ ڏيئي اهڙي عورت
جو انتظار ڇو ڪندو آهي؟“
منهنجي وجود جي طوطي کلندي چيو هو:”ڇو جو هن شخص کي ان
موالي عورت سان محبت ٿي ويئي آهي.“
دڙڪو ڏيندي مون پنهنجي وجود جي طوطي کي خاموش رهڻ جي
تلقين ڪئي هئي- نه ڳالهاءِ طوطا- ماٺ ڪر- ڳالهائڻ
وارو طوطو. مون کي نه وڻندو آهي، مان گونگن طوطن
کي پسندو ڪندو آهيان.
لڳيم ٿو ڄڻ صديون گذري ويون آهن. مون کي شميم جو انتظار
ڪندي ڪندي! ڪنهن مورخ تاريخ جو هڪ باب لکي ڇڏيو
آهي، جنهن جا لفظ ۽ جملا ميسارجي ويا آهن ۽ مفهوم
اُڏوهيءَ جو کاڄ ٿي ويو آهي.
مون هڪ دفعي شميم کان پڇيو: ”ڇا اهو ممڪن ناهي جو تون
پڪنڪ وارن هنڌن ۽ هوادار ماحول ۾ وڃي جنرل مئنيجر
کان ڊڪٽيشن وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏين؟“
”نه. اهو ممڪن ته آهي، پر جنرل مئنيجر کي انڪار ڪرڻ
مناسب نه آهي.“ شميم چيو هو: ”نوڪريءَ ۾ منهنجي
ترقيءَ جو دارومدار جنرل مئنيجر جي ساليانين
رپورٽن تي آهي. مان ڪنهن به صورت ۾ کيس خفي ڪرڻ
لاءِ تيار نه آهيان.“
ڪيتري دير تائين منهنجي وجود جو طوطو ويران شهر ۾
اُڏامندو رهيو، ٻوليون ٻوليندو رهيو ۽ زندگيءَ جا
آثار ڳوليندو رهيو، پر ناڪام رهيو. منهنجي وجود جو
طوطو وحشتن جي چمڙن کان ڀڄندو رهيو.
”هيءُ اسلام آباد جو شهر آهي. اڌ شهر سفارتي نمائندن
سان ۽ اڌ شهر ڪامورن سان آباد آهي.“ شميم چيو هو:
”تون سنڌ جي نهايت ئي پٺتي پيل ڪنهن شهر مان آيو
آهين، تنهن ڪري نئين شهر جي جديد ماحول کي سمجهي
نه سگهيو آهين. ڪهڙي شهر مان آيو آهين؟“
آهستي وراڻيو هيم: ”ڪراچيءَ مان.“
شميم چيو: ”نوڪري ڪندڙ عورت سان محبت ڪرڻ جا ڪي اصول
هوندا آهن، سمجهيه”!“
هاڪار ۾ ڪنڌ لوڏيندي چيو هوم: ”ڪجهه ڪجهه سمجهي ويو
آهيان.“
”گڊ!“ شميم چيو هو: ”ميٽنگن ۾ ڊڪٽيشن وٺڻ لاءِ مان
پنهنجي باس سان پڪنڪن ۽ هوادار ماحول ۾ ويندي
رهنديس- آفيس جي ساٿين سان ملندي جلندي رهنديس -
کلي کلي هنن سان ڳالهيون ڪندي رهنديس- هنن جي
پارٽين ۾ شامل ٿيندي رهنديس - هنن سان گڏجي
مانيون کائيندي رهنديس - پر، اصل ۾ محبت فقط
توسان ڪندي رهنديس. اهي ڳالهيون توکي سمجهه ۾ اچڻ
گهرجن.“
سمجهان ٿو، اِهي سموريون ڳالهيون هينئر منهنجي سمجهه ۾
اچي ويون آهن. خدا جي فضل سان مان ڏاڍو سمجهو ٿي
پيو آهيان. ڳالهين جي تهه تائين ٺهه ٺهه پهچي
ويندو آهيان. ڦٽل ناسپاتيءَ کي صوف سمجهي اکين تي
رکندو آهيان. بڙ جي ڀرسان بيهي شميم جو انتظار
ڪندي بيزار نه ٿيندو آهيان. اڄ به مان شميم لاءِ
منتظر آهيان. سڪل بڙ جي ڀرسان بيٺو آهيان. آسمان
جو رنگ بدلجي ويو آهي - چاهتن جو رت اُفق جي ٻارن
۾ وهي ويو آهي. سج خاموش مرثين جي رديف سان
ماتمڪدي ڏانهن وڌي رهيو آهي.
بڙ جي طوطي منهنجي وجود جي طوطي کي چيو آهي: ”بڙ جو
هيءُ وڻ ڪڏهن سرسبز ۽ آباد هو. ٽاريون گهاٽن ساون
پنن سان سينگاريل هئس، ان وقت بڙ جي وجود ۾ منهنجي
لاءِ گنجائش نه هئي. تڏهن مان سندس ٽارين تي
ويهندو هوس. پر پو”، هيءُ وڻ ويران ٿي ويو. ڪو غم
کيس کائي ويو. اندران خالي ٿي ويو. تڏهن مان سندس
ٽارين تان اُٿي، سندس وجود ۾ رهڻ لڳس.“
”هيءُ شخص به آباد هو ڪڏهن.“ منهنجي وجود جي طوطي بڙ جي
طوطي کي چيو آهي: ”ڏاڍو کلندو هو، ماڻهن کي
کلائيندو هو. خوشيون ونڊيندو هو، خوشيون ورهائيندو
هو. پر پو”، کيس خاموشيءَ جي خزان ورائي ويئي. ڪو
غم کيس کائڻ لڳو. جڏهن کان هن شخص جي وجود جو شهر
ويران ٿيو آهي، مان هن جي اندر رهڻ لڳو آهيان.“
ان کان اڳ جو مان دڙڪو ڏيئي پنهنجي وجود جي طوطي کي
خاموش ڪري ڇڏيان، ٻئي طوطا هڪدم خاموش ٿي ويا آهن.
بڙ جو طوطو کاڌل ٿڙ جي اوندهه ۾ گم ٿي ويو آهي.
منهنجي وجود جو طوطو چاهتن جي ٽٽل شهتيرن پٺيان
وڃي لڪي پيو آهي.
مون بڙ جي سڪل ٽارين ڏانهن ڏٺو آهي. هڪ ڏنگي، ڦڏي ۽
اُگهاڙي ٽاريءَ تي چٻرو ويٺو آهي، ۽ مون ڏانهن ڏسي
رهيو آهي. سندس منحوس منهن تي مرڪ آهي. هو گهور
وجهي مون ڏانهن ڏسي رهيو آهي. ائين پيو لڳي، ڄڻ
ٽهڪ ڏيئي کلي پوندو. مون کي اُلوءَ کان نفرت آهي.
مان کيس مارڻ جون ترڪيبون سوچڻ لڳو آهيان. وڏو ڪو
بدبخت چٻرو آهي! مون تان کلڻ جو اختيار هڪ چٻري کي
ڪنهن ڏنو آهي! الوءَ جو پٽ! مون نفرت ۽ حقارت وچان
چٻري ڏانهن ڏٺو آهي.
”مون کي خبر آهي، تون مون کي مارڻ جون ترڪيبون سوچي
رهيون آهين.“ چٻڙي مرڪندي چيو: ”پر تون مون کي
ماري نه سگهندين.“
زندگيءَ ۾ پهريون دفعو مون ڪنهن چٻري کي ڳالهائيندي ٻڌو
آهي. تعجب جي ڳالهه آهي. ائين ته ناهي، تاريخ جو
ڪو نئون باب لکجي رهيو آهي! پر، ڳالهائيندڙ چٻري
ڪهڙي آڌار تي دعويٰ ڪئي آهي ته مان کيس ماري نه
سگهندس! مان کيس ضرور ماريندس. هن دفعي نه، ته
اڳئين دفعي کيس ضرور ماريندس. ان ڳالهه جو مون پڪو
پهه ڪري ڇڏيو آهي. وري جڏهن به شميم فرم جي جنرل
مئنيجر سان گڏ ڪنهن هوادار ماحول ڏانهن ويندي ۽
کانئس ڊڪٽيشن وٺندي، تڏهن مان شميم جي واپسيءَ جو
انتظار هٿين خالي نه ڪندس. مان پاڻ سان هڪ بندوق
کڻي ايندس، ۽ هن چٻري کي اُڦٽ ماري وجهندس. مان
کيس کلڻ نه ڏيندس!
ءِ تون مون کي ماري نه سگهندين.“ چٻري مرڪندي چيو آهي:
”ڇتر وٽ سڪل بڙ جي ڀرسان بيهي ڪنهن جو انتظار ڪرڻ
وارا مون کي ماري نه سگهندا آهن.“
مون تعجب وچان کانئس پڇيو آهي: ”يار، تون ڪهڙي قسم جو
چٻرو آهين، جو منهنجي تحت الشعور جا ارادا پروڙي
وٺين ٿو. ڪٿي تون ڪنسلٽنٽ سائيڪالاجسٽ ته نه
آهين!“
”هر احمق لاءِ زندگيءَ ۾ ڇتر جو مقام هوندو آهي، جتي بڙ
جو هڪ سڪل وڻ ايشيائي عاشق لاءِ علامت جي نشاني
هوندو آهي. ان وڻ جي ڀرسان بيهي هو اهڙي ڪنهن
اسٽينو گرافر جو انتظار ڪندو آهي، جيڪا محبت ته
ساڻس ڪندي آهي، پر ڊڪٽيشن پنهنجي باس کان وٺندي
آهي.“ اُلوءَ کلندي چيو آهي: ”مان تنهنجي کوپريءَ
۾ رهندو آهيان. سوچيندي سوچيندي تون جڏهن مري
ويندو آهين، تڏهن مان تنهنجي کوپريءَ مان نڪري
ڪنهن سڪل اُگهاڙي ٽاريءَ تي وڃي ويهي رهندو آهيان،
۽ توڏانهن ڏسي مرڪڻ لڳندو آهيان.“
منهنجي هٿ ۾ بندوق نه آهي. هڪ چٻرو مون ڏانهن ڏسي رهيو
آهي، ۽ مرڪي رهيو آهي. مان صدين کان سڪل بڙ جي
ڀرسان بيٺو آهيان، ۽ اهڙي عورت جو انتظار ڪري رهيو
آهيان، جيڪا محبت ته مون سان ڪندي آهي، پر ڊڪٽيشن
ٻئي ڪنهن شخص کان وٺندي آهي.
تاريخ جو ڪفن
عيد نماز شروع ٿيڻ کان ڪجهه دير اڳ هڪ ڪارو ڪوجهو
شيدي، جنهن جا وار اڻڀا، اکيون ڏرا ڏنل، ڏيل ڏٻرو
۽ لٽا ليڙون هئا، سو نمازين جي پوئين قطار مان
اُٿي کڙو ٿيو. هو اڌڙ عمر وارو قداور مڙس هو. ڪلها
صليب وانگر سڌا، ۽ سينو ويڪرو هوس. زندگيءَ جو
ٻوجهه کڻندي، سهندي پٺيءَ جو ڪنڊو ڪمان ٿي ويو
هوس. هن وڏو ساهه کڻي، هڪ اڏامندڙ نگاهه عيد گاهه
تي وڌي.
سمورو عيدگاهه ڪراچيءَ جي قسمين قسمين ماڻهن سان سٿيو
پيو هو. قطارون انت کان ٻاهر، نمازي بي انداز! ڪن
جا وڳا نوان، ڪن جا ڌوتل، ڪن جا اُجرا! رنگ ايترا،
ڄڻ آسمان مان رنگن جي انڊلٺ زمين تي لهي آئي هئي.
عيد نماز شروع ٿيڻ ۾ ڪجهه گهڙيون وڃي بچيون هيون.
ملان بيحد عقيدت، ۽ تمام جوش سان اسلامي تاريخ جا
ورق ورائي رهيو هو. هو ڪنهن وقت ٻانهون کولي، ۽
ڪنهن وقت هيٺ ڪري! آواز چاڙهي، ۽ ڪڏهن لاهي، ڪڏهن
سڌو ۽ ڪڏهن سـُـر ۾ ڳالهائي، ماڻهن ۾ ايمان جو ستل
جذبو جاڳائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. ماڻهو ادب سان
ويٺا هئا ۽ وعظ دوران ڪنهن ڪنهن وقت جهوٽا کائي
رهيا هئا. سندن نگاهون مصلحن آڏو رکيل بوٽن تي کتل
هيون. ڪجهه بوٽ نوان، ڪجهه پراڻا، ۽ ڇڳل هئا.
بوٽن، سليپرن، سپاٽن ۽ چمپلن جا ترا، ترن سان مليل
هئا ۽ سجدي واري هنڌ کان انچ کن پري رکيا هئا. جن
نمازين پاڻ سان دُلدُل وانگر سينگاريل ٻار آندا
هئا، تن جي هڪ اک بوٽن ۾، ٻئي ٻارن تي کتل هئي.
صحتمند ملان، صحتمند آواز ۾ وعظ ڪري رهيو هو، ۽
ماڻهن کي الله سائين جي رحم ۽ ڪرم بدران، الله
سائينءَ جي قهر ۽ قبر جي عذاب جون ڳالهيون ٻڌائي،
ڊيڄاري رهيو هو. ائين پئي محسوس ٿيو، ڄڻ جوش ۾
لائوڊ اسپيڪر ڦاڙي وجهندو.
”اڙي ويهي رهه.“ ڪنگال قسم جي هڪ سنهڙي شخص شيديءَ کي
ٻانهن ۾ هٿ وجهندي چيو: ”بيٺو ڇو آهين. ڀولي
ڇڏائجي ويئي اٿئي ڇا!“
شيديءَ کيس جواب نه ڏنو. سـَـٽَ ڏيئي، ٻانهن ڇڏائي، هو
پوئين قطار مان نڪري اڳئين قطار ۾ وڃي بيٺو.
”اڙي پري ڪر پنهنجا دانگيءَ جهڙا پير.“ شيديءَ کي ٺونٺ
هڻندي هڪ جهرڪيءَ جيتري نوجوان چيو: ”ماڻهو آهين
يا ڏامر!“
شيديءَ کيس جواب نه ڏنو، نه ئي ڪنڌ ورائي ڏانهن ڏٺو. هو
ان قطار مان نڪري، اڳئينءَ قطار ۾ وڃي بيٺو.
”اوهو! وڏو ڪو ڀوڪ آهين. اڇن اُجرن ڪپڙن واري هڪ شخص
ڪاوڙ وچان شيديءَ ڏانهن ڏسندي چيو: ”شرم نه آيئه
منهنجي ڪوري پاجامي جي پانئچي تي پير ڏيندي!“
شيديءَ جي اُداس اکين ۾ پراسرار روشني اُڀري آئي هئي.
هن ڪاوڙيل شخص جي جملي کي ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيو. هو
وک وڌائي اڳئين قطار ۾ وڃي بيٺو.
”خبردار!“ فرشتن جهڙي هڪ شخص شيديءَ کي ٽنگ ۾ چهنڊڙي
وجهندي چيو: ”لاحول والله! دُبئي جو مصلحو هڻي
ميرو ڪري ڇڏيئه. ماڻهو آهي يا ابن ابليس!“
شيديءَ چهنڊڙيءَ جي پرواهه نه ڪئي، ۽ نه ئي فرشتن جهڙي
شخص جي جملي جي. سندس اداس اکين ۾ پراسرار روشني
وڌندي ويئي. هو وک وڌائي، اڳئينءَ قطار ۾ وڃي
بيٺو.
”اڙي او بن مانس!“ هڪ نوجوان، جنهن وڏي محنت ۽ جفاڪشيءَ
کانپوءِ پنهنجي چلڪندڙ نرڙ تي وار سينگاري ڇڏيا
هئا، تنهن شيديءَ کي حقارت آميز لهجي ۾ چيو:
”باغيچي مان پڃرو ڀڃائي نڪتو آهين ڇا؟“
پاسي ۾ ويٺل ڪجهه ايڪٽر ڇاپ نوجوان ٽهڪ ڏنو. هڪ ٽيڏي
نوجوان اداڪارن جهڙي لهجي ۾ چيو: ”ڀانئجي ٿو،
آفريڪا مان هجرت ڪري آيو آهي.“
ايڪٽر ڇاپ نوجوانن جي ٽولي ٽهڪ ڏنو.
هڪ ڪرڙوڍ، جنهن جهوٽا پئي کاڌا، سو ٽهڪ ٻڌي سجاڳ ٿيو.
مومن مان منهن ڪڍي، نوجوانن ڏانهن ڏسندي چيائين:
”اڙي ٽرڙا نه ٿيو. وعظ ٻڌڻ ڏيو.“
”بس ڪر، ابابيل جا پٽ.“ هڪ نوجوان ٺهه ٺهه کيس وراڻي
ڏني. هو ٻوٿ ڀيلڙو ڪري ويهي رهيو.
ان وچ ۾ شيدي اُها قطار ڇڏي، اڳئين قطار ۾ وڃي بيٺو.
”اڙي اڳتي ڪيڏانهن پيو اچين!“ چئن پنجن ڄڻن کيس بيهاري
ڇڏيو. هنن سندس ڦاٽل پراڻن ڪپڙن ۽ ڏٻري ڏيل ڏانهن
ڏسندي چيو: ”هتي مٺائي پئي ورهائجي ڇا!“
شيديءَ ڪو جواب نه ڏنو. هن جون اکيون اڳئينءَ قطار تي
کتل هيون.
”پوئتي وڃ، دانگي جهڙا.“
”پري ٿيءُ.“
”ٽري وڃ.“
”خبردار جو اڳتي آيو آهين.“
شيديءَ کين جواب نه ڏنو: نه ئي ڪنڌ ورائي هنن
ڏانهن ڏٺو. پراسرار روشني تمام چٽي نموني سندس
اکين ۾ چمڪي رهي هئي. هو اڳتي وڌي ويو. ٻرانگهون
کڻندو، ڇال ماريندو، هو نمازين جون ٻه - چار
قطارون لتاڙي ويو.
ماڻهن ۾ ٽاڪوڙو پئجي ويو. جن جهوٽا پئي کاڌا، سي سجاڳ
ٿي ويٺا. جيڪي سجاڳ هئا، ۽ ڪنن سان وعظ ٻڌي رهيا
هئا، ۽ اکين سان پنهنجي بوٽ ۽ ٻارن جي پرگهور لهي
رهيا هئا، سي شترمرغ وانگر ڪنڌ ڦيرائي شيديءَ
ڏانهن ڏسڻ لڳا. جڏهن گوڙ ٻڌائون، تڏهن هڪدم جهٽ
ڏيئي پنهنجا پنهنجا بوٽ کڻي ورتائون ۽ ٻارن کي ڇڪي
هنج ۾ ويهاري ڇڏيائون
ڪجهه حشمت ڀريل، بهادرن، بيڊپن هيکلي شيديءَ کي قابو
ڪري ورتو.
”پڪڙيوس.“
”نه ڇڏجوس.“
”وٺ ڪجوس.“
گوڙ گهمسان وڌي ويو. ملان وعظ بند ڪري ڇڏيو ۽ ممبر جي
سڀ کان مٿاهين ڏاڪي تي چڙهي تماشو ڏسڻ لڳو. سڄيءَ
خلق جو ڌيان شيديءَ ڏانهن ڇڪجي ويو.
قسمين قسمين ماڻهوءَ طرحين طرحين جا لهجا، ڀانت ڀانت جون
ٻوليون- پر مفهوم سڀني جو ساڳيو-
”چور آهي.“
”چور ناهي. ڳنڍڇوڙ آهي.بشني آهي.“
”برابر.“
”ضرور ڪنهن مومن جو کيسو خالي ڪيو اٿائين.“
”شڪل مان ئي چور، چور جو پٽ ٿو ڏسجي.“
”بوٽن جو چور آهي.“
”قابو ڪجوس.“
”جهلجوس.“
”ڀڄڻ نه ڏجوس.“
”وارو ڪجوس.“
”چور آهي.“
”بشني آهي.“
”بدمعاش آهي.“
”شودو آهي.“
هڪ شخص هجوم مان واٽون ڪندو، ڌوڪيندو، اڳتي هليو آهي.
هن جا چپ سنهڙا، ۽ سڪل، اکيون، چنجهيون، ۽ بيرونق
۽ سندس مٿي جا وار کـُـٿل هئا. هن وڏي واڪ ماڻهن
کي چيو: ”مان هن کي چڱيءَ طرح سڃاڻان. هيءُ نه چور
آهي، نه بشني آهي، ۽ نه ئي شودو آهي. هيءُ فقط
شيدي آهي.“
جنهن نيڪ شخص جو هٿ شيديءَ جي ڪنڌ ۾ هو، تنهن هڪ نگاهه
۾ سندس جائزو وٺڻ کانپو”، چٿر ڪندي کانئس پڇيو: ”“
تون ڪير آهين؟“
هن وراڻيو: ”مان مامون خان موچي آهيان.“
”ڀڄي وڃ موچي: تون وڃي ڇڳل بوٽن جي مرمت ڪر.“ نيڪ صورت
۽ نيڪ سيرت شخص چيو: ”اسين پاڻئي هن جي خبر چار
وٺنداسين.“
مامون خان موچي ڌڪجي، ٿڏجي، منظر مان غائب ٿي ويو.
“ پوءِ ڪيتري دير تائين وڏي واڪ جملا هڪٻئي سان وچڙندا
رهيا-
”ماريوس.“
”ڪٽيوس.“
”اول تلاشي وٺوس.“
”نماز ۾ رُخنو نه وجهو.“
”وڻ سان ٻڌي ڇڏيوس.“
”نماز کانپوءِ سندس منهن ڪارو ڪري، گڏهه تي ويهاري جلوس
ڪڍبو.“
”هيءُ پاڻ دانگيءَ جهڙو ڪارو آهي. هن جو منهن ڪهڙي
ڪارنهن سان ڪارو ڪبو!“
”برابر. اهو تمام وڏو ۽ اهم مسئلو آهي.“
”منهن تي ڪارنهن بدران چوني جي پوچي ڦيرائينداسينس.“
”هرگز نه. چور جو منهن هميشه ڪارو هوندو آهي.“
”ان مسئلي تي ماڻهن کان ووٽ ورتو وڃي.“
”ووٽ وٺڻ جو وقت ڪونهي.“
ماڻهو پاڻ ۾ بحث، مباحثو ڪرڻ لڳا. هو هڪٻئي سان وڙهڻ
مرڻ لاءِ تيار ٿي بيٺا. گوڙ گهمسان وڌي ويو.
شيديءَ جي حشر بابت ماڻهو ڪنهن به هڪ فيصلي تي
پهچي نه سگهيا.
پهرين صف ۾ ملڪ جي نامي گرامي، ۽ ڄاتل سڃاتل شخصيت، هر
دلعزيز، مشهور ۽ معروف جناب محمود صاحب موجود هو.
ماڻهن کي محمود صاحب جي حفاظت جو اونو ورائي ويو.
هو محمود صاحب لاءِ فڪرمند ٿيڻ لڳا. هجوم مان ڪنهن
وڏي واڪ رڙ ڪندي چيو: ”ڪارو شيدي پهرين قطار ڏانهن
وڌي رهيو آهي. هيءُ بدبخت ضرور ڪنهن دشمن ملڪ جو
ايجنٽ آهي. ۽ محمود صاحب کي قتل ڪرڻ لاءِ موڪليو
ويو آهي.“
نئين انڪشاف تي ماڻهو وائڙا ٿي ويا.
اوچتو، شيديءَ ڇال ڏنو. هو چيتي وانگر اڇل کائيندو،
وڏين ٻرانگهن سان ٽپ ڏيندو، ماڻهن، مصلحن، بوٽن ۽
چمپلن جون ڪيتريون قطارون لتاڙي ويو.
پهرين صف ۾ محمود سان گڏ شهر جا قابل ڪامورا، صنعتڪار،
واپاري ۽ بينڪر ڪلهوڪلهي سان ملائي ويٺا هئا. هو
ڪنڌ هيٺ ڪري، پلٿي ماري ويٺا هئا ۽ اخباري فوٽو
گرافرن کان فوٽا ڪڍرائي رهيا هئا. پهرين صف جي عين
پٺيان، ٻئي صف ۾، محمود صاحب جي حفاظت لاءِ سادن
ڪپڙن ۾ حفاظتي عملي جا برجستا ۽ طاقتور ڪارڪن ويٺا
هئا. هو بظاهر نماز پڙهڻ، ۽ الله جي عظمت آڏو سجدو
ڪرڻ آيا هئا، پر اصل ۾ هو محمود صاحب جي حفاظت
لاءِ اُتي موجود هئا، ۽ نئين صورتحال سبب چوڪس ٿي
رهيا هئا. سندس وَرَ ۾ موتمار هٿيار لڪايل هئا.
تنهن ڪري هو ويهڻ ۾ تڪليف محسوس ڪري رهيا هئا.
شيدي جڏهن اُڇل کائيندو ۽ ڇال ماريندو، ٻئي صف ٽپي
پهرين صف ڏانهن وڌڻ لڳو، تڏهن حفاظتي عملي جي
عقابن جهٽ هڻي کيس قابو ڪري ورتو. اک ڇنڀ ۾ هو کيس
لتون، مڪون، ۽ ٺونشا هڻندا عيدگاهه کان ٻاهر ڪڍي
ويا. ڄڻ ڪجهه ٿيو ئي نه هو.
لائوڊ اسپيڪرن مان ملان جو آواز گونجڻ لڳو. هو ٻئي هٿ
عرش ڏانهن کڻي، عاجزيءَ، انڪساريءَ، سريلي نوع ۾
الله سائين کان محمود صاحب لاءِ وڏي ڄمار جي دعا
گهرڻ لڳو.
ماڻهن جو خيال مٽجي ويو. هو شيديءَ کي وساري اول محمود
صاحب لاءِ وڏي ڄمار جون دعائون ۽ پوءِ وعظ ٻڌڻ
لڳا. هنن پنهنجا نوان، پرانا بوٽ ۽ چمپل سجدي واري
هن کان انج کن پري رکي ڇڏيا.
عيدگاهه ٻاهران، هڪ نويڪلي جاءِ ۾ حفاظتي عملي جي هڪ
وڏي آفيسر بيد جي لڪڻ جو وسڪارو ڪندي شيديءَ کان
پڇيو: ”ٻڌا”. جواب ڏي. ڪهڙي نيت سان پهرين صف
ڏانهن وڌي رهيو هئين.“
مڪن، چماٽن ۽ ٺونشن لڳڻ سبب شيديءَ جو سمورو چهرو رتورت
ٿي ويو هو. هن جو وات رت سان ڀريل هو. هو ڪوبه
جواب ڏيئي نه سگهيو.
”جواب ڏي.“ وري لتون، مڪون، منهن ۾ ٺونشا، ۽ پنين تي
لانگ بوٽن جون ٺوڪرون لڳس، ”جواب ڏي. ڪنهن جو
ڇاڙتو آهين؟ ڪهڙي نيت سان اڳتي وڌي رهيو هئين؟“
شيديءَ جي نڪ مان رت ٺنڊيون ڪري وهڻ لڳو. پيٽ ۽ ڪکين ۾
لتون لڳڻ سبب سـَـنڌ سـَـنڌ ساڻو ٿي پيو. اکين آڏو
اوندهه اچي ويس.
”پهرين قطار ڏانهن ڇو، ۽ ڪهڙي نيت سان وڌي رهيو هئين؟“
عملدار کيس پيٽ ۾ لت، ۽ ڪنڌ تي مڪ هڻندي پڇيو:
”جواب ڏي. ڪهڙي ارادي سان پهرين صف ڏانهن وڌي رهيو
هئين؟“
شيديءَ رت جي گرڙي ڪري، وات ڦاٽل قميص جي ٻانهن سان
اُگهي ڇڏيو. سندس چيريل چچريل چپ ڪنبڻ لڳا. هن
جهيڻي آواز ۾ چيو: ”مان پهرين قطار ۾ بيهي نماز
پڙهندس.“
حفاظتي عملي جا برجستا جوان شيديءَ جو جواب ٻڌي ڪجهه
ڪجهه وائڙا ٿي ويا. پو”، هو سندس هيڻا حال، ۽
ڪوجها ڪال ڏسي ٽهه ٽهه ڪري کلڻ لڳا. ڪنهن چيو:
”اڙي! تون پهرين قطار ۾ بيهي نماز پڙهندين!“
منجهانئن هڪ ڄڻي زوڪاٽ ڪري شيديءَ جي نرڙ ۽ نڪ وٽ ٺونشو
وهائي ڪڍيو، ۽ چيو: ”تون ڪوڙ ٿو ڳالهائين.“
سمورو ماحول شيديءَ جي نگاهن ۾ ڀنواٽيون کائڻ لڳو. سيني
۾ دل ڌڙڪڻ بدران ڦٿڪڻ لڳس. ساهه منجهڻ لڳس. نڪ،
وات ۽ ڪنن مان رت وهندو رهيس. هن ڀڳل ٽٽل لهجي ۾
چيو: ”مان پهرين قطار ۾ بيهي نماز پڙهندس.“
حفاظتي عملي جي هڪ جانٺي عمدار شيديءَ کي ڀرپور قوت سان
سيني تي مڪ وهائي ڪڍي. ۽ پوءِ کيس گار ڏيندي
چيائين: ”ڊرامو ٿو ڪرين، سوئر جا پٽ. اسين توکي
سڃاڻي ويا آهيون. تون غير ملڪي ايجنٽ آهين.“
”مان ايجنٽ نه آهيان.“ شيدي اُجهامڻ لڳو. ڀڄندي ڀرندي
چيائين: ”مان پهرين صف ۾ نماز پڙهندس.“
”اڙي ڀولا!“ هڪڙي جانٺي کيس چماٽ وهائيندي چيو: ”عمر ۾
ڪڏهن آئينو ڏٺو اٿئي! پٽ هليو آهي پهرين قطار ۾
بيهي نماز پڙهڻ!“
شيديءَ جي ساهه جو سلسلو سندس نڪ مان وهندڙ رت سان وچڙڻ لڳو.
چيائين: ”مان پهرين قطار ۾ بيهي نماز پڙهندس.“
”اڙي اُٺ جا پٽ.“ جانٺيءَ عملدار چيو: ”شهر جا معزز
ماڻهو محمود صاحب سان گڏ نماز پڙهڻ لاءِ پهرين صف
۾ موجود آهن. تون وري پهرين صف ۾ نماز ڪيئن
پڙهندين“
شيديءَ جهيڻي آواز ۾ چيو: ”مان به پهرين صف ۾ محمود
صاحب سان گڏ بيهي نماز پڙهندس.“
حفاظتي عملي جي پگهاردارن خوب ٽهڪ ڏنا. هڪڙي ڄڻي چيو:
”مغز جائيتو ڪونهيس.“
”ٻهروپيو آهي.“ وڏي عملدار پنهنجي عملي کي حڪم ڏيندي
چيو: ”پڇوس ته ڪير آهي، ۽ محمود صاحب سان گڏ بيهي
نماز پڙهڻ جو ڍونگ ڇو ڪري رهيو آهي.“
پو”، جيڪا جٺ سندن ڄاڻ ۾ هئي، سا جٺ شيديءَ سان ڪيائون.
لتون، مڪون ۽ ٺونشا هڻي کيس اڌ مئو ڪري ڇڏيائون.
شيدي وڃي پٽ تي پيو. کيس وري کنڀي کڻي ورتائون.
کيس منهن ۾ پاڻيءَ جا ڇنڊا هڻي هوش ۾ آندائون.
شيديءَ رت هاڻيون اکيون کولي حفاظتي عملي ڏانهن
ڏٺو.
برجرستي عملدار سندس وارن ۾ مٺ وجهندي پڇيو: ”ٻڌاءِ.
تون ڪير آهين. محمود صاحب سان گڏ بيهي نماز پڙهڻ
ڇو ٿو چاهين؟“
شيدي اُجهامڻ لڳو. هڪ لمحي لاءِ پراسرار روشني سندس
اُداس اکين ۾ موٽي آئي. هن ڀڳل ٽٽل لهجي ۾ چيو:
”مان اياز آهيان. مان هڪ ئي صف ۾ بيهي محمود سان
گڏ نماز پڙهندس.“
|