سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: تاريخ جو ڪفن

باب: --

صفحو :3

 

اسٽار سرڪس جو جوڪر

        مان ۽ مون جهڙا ڪجهه ٻيا ماڻهو (جيڪي پاڻ بيمار رهندا آهن، جن جا مائٽ بيمار رهندا آهن.) ڳوٺ حاجي ساوڻ ڦلپوٽو مانڌياڻيءَ کان ٻاهر ڀرتو، والي بال ميدان وٽ، خيراتي گشتي دواخاني واري لاريءَ جو انتظار ڪري رهيا هئاسين.

        ڪجهه ماڻهو پاڻ بيمار هئا ۽ پنهنجي لاءِ دوا وٺڻ آيا هئا. ڪجهه ماڻهن جا مائٽ مٽ بيمار هئا ۽ هو پنهنجن مائٽن لاءِ دوا وٺڻ آيا هئا. جيڪي شخص بيمار هئا سي وڻن جي ڇانوَ ۾ گوڏا اُڀا ڪري اوڪڙون ويٺا هئا. ڪجهه شخص ٻئي هٿ مٿي تي رکي ويٺا هئا ۽ جهوٽا کائي رهيا هئا. جيڪي وڌيڪ بيمار هئا، سي واڻ ڇڳل کٽن تي ڪن ڪڍي پيا هئا. ڪجهه مريض، جيڪي مرڻ ڪنڌي تي هئا، تن کي جيئرو رهڻ جي تمنا ٻين کان وڌيڪ هئي، ۽ رکي رکي گشتي دواخاني جي لاريءَ متعق پڇاڳاڇا ڪري بيهوش ٿي پئي ويا.

        خيراتي گشتي دواخاني جي لاري هفتي ۾ هڪ دفعو جمعي ڏينهن، ڪنهن به وقت، اسان جي ڳوٺ حاجي ساوڻ ڦلپوٽو مانڌياڻيءَ ۾ ايندي آهي. اسان اَسـُـر کان وٺي اڌ رات تائين لاريءَ جو انتظار ڪندا آهيون. دير مدار سهي، پر لاري اسان جي ڳوٺ ضرور ايندي آهي ۽ اسان منجهان هر هڪ کي ڪونر دوا جو ڀري ڏيئي ويندي آهي.

        گشتي دوا خاني ۾ ٻه ماڻهو ايندا آهن. هڪ ميرو، گدلو، بڇڙو ۽ ڀوتن جهڙو ڊرائيور، جيڪو بس بيهارڻ کانپوءِ ڪمپائونڊر ٿي پوندو آهي، ۽ ٻيو ڊاڪٽر صاحب هوندو آهي. ڊاڪٽر صاحب سنهڙو، سـُـڪل ۽ هيڊ جهڙو هوندو آهي. هو ڏسڻ ۾ هوبهو چچي، يعني ڪرڙيءَ جهڙو آهي ۽ سڄو ڏينهن پان چٻاڙيندو رهندو آهي. سندس وات  به چچيءَ جهڙو وڏو، ويڪرو ۽ چپن بنا آهي. هو مريضن کي دوا نه ڏيندو آهي، پر شمع ۽ رومان معمه حل ڪندو آهي. اسان کي دوا گشتي دواخاني جو ڊرائيور ڏيندو آهي، جيڪو لاري بيهارڻ کانپوءِ ڪمپائونڊر ٿي پوندو آهي.

        انهن ڏينهن ۾ منهنجي ماءُ کي هڪ عجيب بيماري ٿي پيئي هئي. هوءَ آسمان ڏانهن هٿ کڻي واڪا ڪندي هئي، سڏڙا ڪندي هئي ۽ احتجاج ڪندي هئي. (اها بيماري کيس اڃا به آهي. علاج هلندڙ اٿس.) هوءَ ڪنهن ڪنهن وقت رڙيون ڪري روئيندي به هئي. سندس عجيب بيماريءَ کان وڌيڪ جنهن ڳالهه سڀني کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو هو، سا اها هئي، ته منهنجيءَ ماءُ اخبارون، رسالا ۽ ڪتاب پڙهڻ شروع ڪيا هئا. هوءَ ٺـِـپُ ڄٽي هوندي هئي. الف کي لڪڻ سمجهندي هئي. اهڙيءَ عورت جڏهن ڪتاب ۽ اخبارون پڙهڻ شروع ڪيون، تڏهن سڄي ڳوٺ جا طاق لڳي ويا. جهٽ پٽ فتويٰ ڏني ويئي ته امان منجهه ڪو پڙهيل ڳڙهيل جن، (جيڪو گريجوئيٽ کان گهٽ نه هوندو)، داخل ٿي ويو آهي ۽ ويٺو کيس پڙهائي ۽ پڄرائي.

        امان جو جن ڪڍڻ لاءِ وڏن وڏن جادوگرن، ڀوپن ۽ ٽوڻا ڦيڻا ڪندڙن کي گهرايو ويو. سڀني ساڳي صلاح ڏني، ته جيستائين امان کي ماري اڌ مئو نه ڪبو، تيستائين جن منجهانئس ديرو نه ڪڍندو ۽ هوءَ واڪا ڪري دنيا جو سک آرام ڦٽائيندي رهندي.

        ڀوپن جي چوڻ تي اسان جي مائٽن امان کي ڏنهن رات ڪٽڻ شروع ڪيو. ماري ماري، هڏ گڏ چٿي چور ڪري ڇڏيائونس، پر هن واڪا ڪرڻ ۽ روئڻ پڙهڻ نه ڇڏيو. انهن ئي ڏينهن ۾ مان حيدرآباد مان ڳوٺ حاجي ساوڻ ڦلپوٽو مانڌياڻيءَ موٽيو هوس. جڏهن امان کي دهل وانگر ڪٽجندي ڏٺم، تڏهن ڀوپن کي چيو هوم: ”يار ترسو. منهنجي ماءُ جو خانو خراب نه ڪريو. مان اجهو هينئر شهر مان تلوار هڻي، يعني گراجوئيٽ ٿي موٽيو آهيان. منهنجي ماءُ ۾ جن ٻن ڪونهي. ويهين صديءَ ۾ ويچارا جن هتان ڪوچ ڪري ويا آهن. مان پنهنجي ماءُ جو علاج پاڻ ئي ڪرائيندس.

        ڀوپن مون کي ڪافر سمجهي، منهنجي ماءُ جو علاج (مار ۽ موچڙو) بند ڪري ڇڏيو. تڏهن کان مون امان جو علاج گشتي خيراتي شفاخاني مان ڪرائڻ شروع ڪيو، جيڪو اڃا تائين هلندڙ آهي.

        شروعات ۾ ڊرائيور، جيڪو ڪمپائونڊر ٿي پوندو آهي، تنهن منهنجي ماءُ کي تپاسيو. اڍائي سيڪنڊ کن جاچڻ کانپو”، مون کي چيو هئائين تنهنجي ماءُ کي ڄڀ تي ڪينسر ٿي پيو آهي، تنهن ڪري سندس زبان تارونءَ وٽان ڪپڻي پوندي.

        سندس فيصلو ٻڌي مان ڏڪي ويو هوس. عرض ڪيو هوم: ”ڪمپائونڊر شهنشاهه، خدا جي واسطي ٻيو ڪو علاج ٻڌا”، ٻيلي، منهنجي ماءُ جي زبان نه ڪپ.“

        پوءِ ڪجهه دير تائين ڊرائيور/ڪمپائونڊر جي اسرار ۽ منهنجي عرض جي وچ ۾ ڇڪتاڻ هلندي رهي. چچيءَ جهڙو ڊاڪٽر اسان جو آواز ٻڌي ٻاهر نڪري آيو. مان سندس پيرن تي ڪري پيس، جن مان خوفناڪ ڌپ پئي نڪتي. ڊاڪٽر جا پير چچيءَ جي پيرن وانگر ويڪرا، سنهڙا ۽ هيڊا هئا. هـُـن ويچاري منهنجو عرض اگهايو ۽ ڊرائيور/ڪمپائونڊر کي حڪم جاري ڪيو ته هن مجهول جي ماءُ جو علاج واڱڻائي مڪسچر سان ڪيو وڃي.

        تڏهن کان، هر دفعي، جڏهن به خيراتي گشتي دواخاني جي لاري اسان جي ڳوٺ ايندي آهي، مون کي واڱڻائي مڪسچر جو ڪون ڀري ڏيئي ويندي آهي.

        ان ڏينهن جمعو هو. مان ۽ مون جهڙا ڪجهه ٻيا ڳوٺاڻا (جيڪي) پاڻ بيمار رهندا آهن، جن مائٽ بيمار رهندا آهن.) خيراتي گشتي شفاخاني جو انتظار ڪري رهيا هئاسين.

        مان جڏهن به انتظار ڪندو آهيان، تڏهن گانو ڳائيندو آهيان. گشتي دواخاني جي لاريءَ جو انتظار ڪندي ڪندي ماسٽر چندر جو گانو ڳائڻ لڳس. ان وقت والي بال ميدان ۾ کتل ڪاٺيءَ جي پول کي ٽيڪ ڏيئي بيٺو هوس ۽ ڳائي رهيو هوس: ”تنهنجي ملڪ ۾ آيس قسمت سان پر سهڻا ڪين رهايو تو، مون سان ڀورل ڪين رهايو تو.“

        اڃا گانو شروع مس ڪيو هوم، جو حاجي ساوڻ جو پٽ خانڻ، جنهن کي ڪامڻ آهي، منهنجي سامهون اچي بيٺو. ڏانهنس ڌيان نه ڏنم ۽ ڳائيندو رهيس: ”ڀورل ڪين رهايو تو، مون سان دلبر ڪين رهايو.“

        حاجي ساوڻ جو پٽ خانڻ پاڻ کي آڙي ڪاپ سمجهندو آهي. سڄو ڏينهن ڳائيندو رهندو آهي ۽ قطب نما جهڙي چنهبائي مڇ مروڙيندو رهندو آهي.

        هن چيو: ”مجهول، تنهنجي ماءُ سڄي دنيا جو کڻي آرام ڦٽايو آهي.“

گانو اڌ ۾ ڇڏي کانئس پڇيم: ”سڄيءَ دنيا جو؟“

”ها.“

        ”مار! چئبو ته سڄي دنيا جي خبر چار رکندو پيو اچين.“

        ”گهٽ سمجهيو اٿئي ڇا!“

        ”تون جانسن جو ايلچي ته ناهين.“

        خانڻ چيو: ”تون جڏهن کان شهر مان پڙهي آيو آهين، تڏهن کان وڏو سوئر ٿي پيو آهين.“

        ”مهرباني.“

        ”تنهنجي ماءُ جي رڙين سچ پچ بيزار ڪيو آهي.“   

        ”مون کي ان لاءِ افسوس آهي.“

        ”تنهنجي افسوس مان ڪجهه نه ورندو.“

        ”پوءِ جيئن حڪم ڪرين.“

        ”تنهنجي ماءُ جو علاج واڱڻائي مڪسچر سان هرگز ٿي نه سگهندو.“ خانڻ چيو: ”سهڻي صلاح وٺين ته ماءُ جي زبان ڪٽائي ڇڏ.“

        چيومانس: ”مون کي چندر جو گانو ڳائڻ ڏي.“

        حاجي ساوڻ جي پٽ خانڻ کي ڪاوڙ لڳي. چيائين: ”جيڪڏهن پنهنجي ماءُ جي زبان ڪپائڻ نٿو چاهين ته پوءِ توکي ٻيو ڪو علاج ٻڌايون.“

        ”تون به ڀوپو ٿي پيو آهين ڇا؟“

        ”وڏو ڪو بدمعاش آهين.“

        ”مهرباني.“

        ”شودو به آهين.“

        ”مهرباني.“

        خانڻ چيو: ”جيستائين تون راڳ ڳائي نه وٺندين، منهنجي ڳالهه هر گز نه ٻڌندين. اول راڳ ڳائي وٺ.“

        مون ٽن چئن منٽن ۾ چندر جو گانو ڳائي ورتو.

        خانڻ خوش ٿيندي چيو: ”مون تنهنجي ماءُ لاءِ سولو علاج ڳولي ورتو آهي.“

        ”سچ؟“

        ”ها. ان علاج کانپوءِ تنهنجي ماءُ واڪا نه ڪندي. روئيندي به نه. رڙندي به نه.

        ”پوءِ جلدي ٻڌا”، خانڻ.“

        خانڻ اڳتي وڌي آيو. گنڀير ٿي ويو. پوءِ هيڏانهن هوڏانهن ڏٺائين. ڄن ائٽم بم ٺاهڻ جو راز پئي ٻڌايائين. چيائين: ”پنهنجي ماءُ کي اخبارون، رسالا ۽ ڪتاب پڙهڻ نه ڏي. اهو سڄو وڳوڙ تڏهن کان ٿيو آهي، جڏهن کان ماڻهين پڙهڻ شروع ڪيو آهي. علم ماڻهوءَ جا ڌاڻا ڪڍي ڇڏيندو آهي.“

        خانڻ کي جواب ڏنم: ”تون رواڻ جو ڀاءُ ببيڇڻ آهين. هليو وڃ. مان هينئر سي.ايڇ آتما جو هڪ گانو ڳائڻ شروع ٿو ڪريان.

        خانڻ مون کي، منهنجي ماءُ کي ۽ علم کي بدشد ڳالهائيندو هليو ويو ۽ وڃي ٻٻر جي هيٺان بيٺو، جتي ٻه -  چار بيمار سگهڙ هڪٻئي کي ڳجهارتون ڏيئي رهيا هئا.

        مان سي. ايڇ آتما جو هڪ سهگل ڇاپ گانو ڳائي رهيو هوس، ۽ سوچي رهيو هوس، ته علم انسان جو سک چين ڦٽائيندو رهيو آهي - علم انسان جو دشمن آهي، جيڪو کيس ڄاڻ جا ٻاڻ هڻندو رهندو آهي.

        اوچتو ڳوٺاڻا ڳاٽ اوچا ڪري ان گس ڏانهن ڏسڻ لڳا، جتان گشتي شفاخاني جي لاري ايندي هئي (اڃا به ايندي آهي.)

        گس ڏانهن نهاريم.

        پريان دز ۽ مٽيءَ جا ميرانجهڙا ڪڪڙ نظر اچي رهيا هئا. اسان جا ڪن لاريءَ جي آواز تي ٺهيل هئا. آواز لاريءَ جو نه هو. مٽيءَ جا ڪڪر وڌندا آيا. ڌوڪيندا آيا. آواز ويجها پوندا ويا.

        “ پوءِ، ٻه لاريون ظاهر ٿيون. ٻنهي مان هڪ به لاري شفاخاني واري لاري نه هئي.

        ٻنهي لارين تي ستن رنگن جا پٽا ڏنل هئا. طرحين طرحين جون جهنڊيون لارين مان لٽڪي رهيون هيون. قسمين قسمين گلن جون ڪنڍيون لارين جي لامن سان ٻڌل هيون.

        لاريون والي بال ميدان وٽ اچي بيٺيون. اسان سڀئي حيرت ۽ اچرج مان لارين ڏانهن ڏسي رهيا هئاسين. اهڙيون رنگارنگي ۽ سينگاريل لاريون مون فقط خوابن ۾ ڏٺيون هيون.

        لارين مان ڪجهه ماڻهو لهي آيا. انهن کي به رنگارنگي ڪپڙا پاتل هئا. مٿي تي ڦندڻ واريون ڊگهيون، ڪدوءَ جهڙيون ٽوپيون هئن. کين هٿن ۾ ويڙهيل ڇٽيون هيون، جيڪي اُس ۽ مينهن کان بچاءُ ڪنديون آهن.

        منجهائن هڪڙي ڄڻيءَ کي ٽوپيءَ ۾ وڏو ڦندڻ لڳل هو. هو وڌي اچي ڳوٺاڻن جي سامهون بيٺو. هن جي منهن تي اهڙي مرڪ هئي، ڄڻ کـِـلَ ۾ ڦاٽي پوندو. کيس نڪ جي چهنب تي ڳاڙهو رنگ لڳل هو. هن اول سڀني کي کيڪاريو ۽ پوءِ چيو: ”پيارا ڀائرو، اسان اسٽار سرڪس جا مشڪرا آهيون. مان اسٽار سرڪس جو وڏو مشڪرو آهيان.“

        اسان سڀني تاڙيون وڄائي سندس آجيان ڪئي. وڏي مشڪري چيو: ”اڄ اسٽار سرڪس جو عظيم جوڪر حيدرآباد شهر ۾ پهچي رهيو آهي. مان توهان سڀني کر عرض ٿو ڪريان، ته هلي، عظيم جوڪر جو استقبال ڪريو.“

        خانڻ چيو: ”اسان استقبال رڳو وڏن ماڻهن جو ڪندا آهيون. جڏهن به ڪو وڏو ماڻهو شهر ۾ ايندو آهي، اسان کي ٽرڪن ۾ چاڙهي شهر نيو ويندو آهي.“

        وڏي مشڪري وراڻيو: ”عظيم جوڪر دنيا جو سڀ کان وڏو جوڪر آهي. سندس استقبال توهان تي فرض آهي.“

        خانڻ جواب ڏنو: ”اسان خيراتي گشتي دواخاني جو انتظار ڪري رهيا آهيون.“

        ”اڄ شفاخاني جي لاري هيڏانهن نه ايندي.“ وڏي مشڪري وراڻيو.

        ”ڇو نه ايندي؟“

        ”ڇو جو اسٽار سرڪس جي جانورن ان لاريءَ تي قبضو ڪري ورتو آهي.“

        وڏي مشڪري جو جواب ٻڌي اسان سڀني کي مايوسي ٿي.

        مون وڏي مشڪري کي چيو: ”اسان هڪ جوڪر جو استقبال ڪرڻ لاءِ شهر جا ڌڪا نه کائينداسين.“

        ”پيارا ڀائرو.“ وڏي مشڪري چيو: ”منهنجو ۽ پنهنجو وقت نه وڃايو. لارين ۾ چڙهو.“

        ”اسان نه هلنداسين.“

        ”توهان کي هلڻو پوندو.“

        ”زور آهي ڇا؟“

        ”ها. توهان کي هلڻو پوندو.“

        ”اسان نه هلنداسين.“ خانڻ چيو: ”اسان ڏسي رهنداسين ته تون ڪيئن ٿو اسان کي وٺي وڃين.“

        ”ڇا ڪندؤ؟ بغاوت!“

        ”ڪجهه به.“ خانڻ چيو: ”اسان قانوني ڪارروائي ڪنداسين.“

        وڏي مشڪري ٽهڪ ڏنو. چيائين: ”تو ڪڏهن نظام سقه جو نالو ٻڌو آهي.“

        ”ڪجهه به.“ خانڻ چيو: ”اسان قانوني ڪارروائي ڪنداسين.“

        وڏي مشڪري ٽهڪ ڏنو. چيائين: ”تو ڪڏهن نظام سقه جو نالو ٻڌو آهي“

        ”نه.“

        ”نظام سقه پخالي هو ۽ هن هڪ دفعي شهنشاهه همايون کي درياه ۾ ٻڏي مرڻ کان بچائي ورتو هو. شهنشاهه همايون خوش ٿي کيس هڪ ڏينهن لاءِ هندستان جي تخت تي ويهاريو هو.“ وڏي مشڪري پنهنجو بيان هن ريت جاري رکيو ته: ”هڪ دفعي شهنشاهه همايون سخت غمگين پئي ڏٺو. رکي رکي ٿڌا ساهه پئي کنيائون. اهڙي المناڪ گهڙيءَ ۾ اسٽار سرڪس جي جوڪر، شهنشاهه همايون کي کلائي وڌو  همايون کلي کلي کيرو ٿي پيو. پوءِ شهنشاهه همايون خوش ٿي اسٽار سرڪس جي عظيم جوڪر کي هڪ ڏينهن لاءِ هندستان جي حڪومت جون واڳون سنڀالڻ جي آڇ ڪئي. پر افسوس، عظيم جوڪر، نظام سقه وانگر تخت تي ويهڻ کان اڳ الوپ ٿي ويو. ان ڳالهه جو همايون کي سخت صدمو رسيو. همايون کي پڪ هئي ته عظيم جوڪر ٻيهر جنم وٺندو. تنهن ڪري هن پروانو صادر ڪري ڇڏيو ته، جنهن به صديءَ ۾ ۽ جنهن به دؤر ۾، اسٽار سرڪس جو عظيم جوڪر ٻيهر جنم وٺي، کيس هڪ ڏينهن لاءِ حڪومت جون واڳون سنڀالڻ لاءِ ڏنيون وڃن. اهو ڏينهن اڄ آيو آهي. ڌرتيءَ جي هن حصي تي، يعني پاڪستان تي، اڄ، هڪ ڏينهن لاءِ اسٽار سرڪس جي عظيم جوڪر جي حڪومت آهي. توهان سڀني کي دنيا جي سڀ کان وڏي جوڪر جو استقبال ڪرڻ لاءِ هلڻو پوندو.“

        ”اسان تڏهن به نه هلنداسين.“ خانڻ چيو: ”اسان هڪ جوڪر جو استقبال نه ڪنداسين.“

        وڏي مشڪري جي منهن تان مرڪ غائب ٿي ويئي. هن منهن ورائي ٻين مشڪرن کي اشارو ڏنو. ڏهه - ٻارهن مشڪرا اڳتي وڌي آيا. وڏي مشڪري پنهنجي ڇٽي اسان ڏانهن سڌي ڪندي، ڇٽيءَ جي هئنڊل کي زور ڏنو. ڇٽيءَ مان اسٽين گن نڪري آئي. ٻين مشڪرن به ائين ڪيو. ڏهه – ٻارهن مشڪرا اسان تي اسٽين گن (خودڪار بندوقون) تاڻي بيهي رهيا.

        وڏي مشڪري کـُـهري آواز ۾ چيو: ”هلو- جلدي ڪريو. لارين ۾ چڙهو.“

        هرڪو ڳوٺاڻو ايلاز ڪرڻ لڳو، ته سائين وڏا مشڪرا، اسان بيمار آهيون. اسان جا ٻار ٻچا بيمار آهن. اسان جا مائٽ مٽ بيمار آهن. اسان تي رحم ڪر.

        وڏي مشڪري وراڻيو، ”توهان جون تڇ زندگيون عظيم جوڪر جي استقبال کان وڌيڪ اهم ناهن. هلو، جلدي ڪريو.“

        ڳوٺاڻن ۾ چرپر ٿي.

        وڏي مشڪري چيو: ”جيڪو سستي ڪندو، ٻين کي ڀڙڪائيندو، تنهن کي گوليءَ سان اڏايو ويندو.“

        اسان ڪنبي وياسين. اسان گوليءَ سان مرڻ لاءِ تيار آهيون، پر گوليءَ سان اڏامڻ لاءِ نه.

        بيمار، ڏٻرا، نٻل ۽ ڪمزور ڳوٺاڻا لارين ۾ چڙهڻ لڳا.

        مون خانڻ کي چيو: ”ڪنهن جوڪر جي آجيان ڪرڻ کان بهتر آهي ته ماڻهو ٻـُـڏي مري.“

        وڏي مشڪري اسٽين گن جي نالي منهنجي سيني تي رکندي پڇيو: ”تون هنن ڳوٺاڻن جو ليڊر آهين؟“

        ”نه.“ وراڻيم: ”مان ليڊر نه آهيان پـَـٽِ فيڊر آهيان، ۽ پـَـٽ فيڊر وانگر بيڪار آهيان.“

        وڏي مشڪري چيو: ”بڪواس نه ڪر. لاريءَ ۾ چڙهه.“

        مان ٽپ ڏيئي لاريءَ ۾ چڙهي ويٺس. مون کان پوءِ خانڻ، لالو ۽ چيهو چڙهي آيا.

        جڏهن سڀئي ڳوٺاڻا لارين ۾ چڙهي ويٺا، تڏهن وڏي مشڪري پنهنجن تابعدار مشڪرن کي ڪجهه چيو. تابعدار مشڪرا اسٽين گن ڇٽين ۾ لڪائي ٻنهي لارين ۾ چڙهي آيا. وڏي مشڪري به پنهنجي اسٽين گن ڇٽيءَ ۾ لڪائي ڇڏي. هو پهرين لاريءَ ۾ ڊرائيور جي ڀرسان وڃي ويٺو. ان وقت سندس منهن تي مرڪ هئي.

        لاريون حيدرآباد شهر ڏانهن ڊوڙڻ لڳيون.

        جيستائين هوش ٺڪاڻي اچي، تيستائين اسان منجهان ڪنهن نه ڳالهايو. هرڪو اُٺ وانگر چپ ٽڪائي ويٺو هو. لاريون ڪچي گس تان ڊوڙينديون رهيون. مٽيءَ جا ميرانجهڙا ڪڪر اُڏامندا رهيا. ڪراڙا ۽ بيمار سرگهڙ هڪ ٻئي کي ڳجهارتون ڏيندا رهيا.

        ڪجهه دير کانپوءِ چيهي چيو، ”يار، منهنجو ننڍڙو تپ ۾ ورتو پيو آهي. الاءِ ڪيئن ٿيندو.“

        کيس دلداري ڏنم: ”وٺ ڪنجڪ ڪريم جي، جڳ جو والي جو.“

        ”تون ته آهين بيپرواهه بادشاهه.“

        ”مان حڪم جو غلام آهيان.“

        ”مون کي پنهنجي پٽ جو فڪر آهي.“

        هڪ مشڪري خوفناڪ رڙ ڪندي پڇيو: ”او! ڪهڙي ڦس ڦس لڳائي اَٿوَ؟“

        کيس ٻڌايم: ”چيهي کي پنهنجي بيمار پٽ جو فڪر کايو ٿو وڃي.“

        مشڪري ڇٽيءَ مان اسٽين گن جي نالي ٻاهر ڪڍندي چيو: ”تنهنجو پٽ عظيم جوڪر کان اهم ڪونهي.“

        ”ٺيڪ ٿو فرمائي تابعدار مشڪرو.“ چيهي کي سمجهائيندي چيم:”تنهنجو پٽ ڪنهن به صورت ۾ عظيم جوڪر کان اهم ڪونهي.“

        چيهي گوڏن ّ۾ منهن وجهي ڇڏيو.

        لاريون ور وڪڙ کائينديون، ڊوڙينديون، ڪڏهن سڪل ۽ ڪڏهن ساين ٻنين وٽان لنگهنديون، اڳتي ڌوڪينديون ويون.

        حاجي ساوڻ جي پٽ خانڻ، جنهن کي ڪامڻ هو، پڇيو: ”يـَـرَّ مجهول، مان دوا کانسواءِ مري ته نه ويندس!“

        ”مرڻو ته توکي بهرحال آهي ئي. پاڻ نه مريندين ته ماريو ويندين.“ کيس دلداري ڏنم. ”پر گشتي شفاخاني جي دوا کانسواءِ ڪجهه ڏينهن دير سان مرندين.“

        لالوءَ مون کي ۽ خانڻ کي چيو: ”هڪ مشڪرو توهان ٻنهي کي تاڙي رهيو آهي.“

        خانڻ ۽ مان ماٺ ڪري ويهي رهياسين. لاريون هلنديون رهيون. اسان ڏٻرا ۽ بيمار، جوان، ٻڍا ۽ ٻار، لارين ۾ جهوٽا کائيندا، صبر جا ڍڪ ڀريندا، مالڪ جا لک لک شڪرانا بجا آڻي رهيا هئاسين.

        ٻنهي لارين ۾ پٽاپٽي ڪپڙن وارا مشڪرا پنهنجيون پنهنجيون ڇٽيون تاڻي، دوڏا ڦوٽاري، چپن تي مرڪ آڻي ويٺا هئا. سندن عقابي نگاهون اسان تي کتل هيون، جنهن به ڳوٺاڻي چـُـرپر ڪئي ٿي، تنهن کي نظر ۾ پئي رکيائون.

        منهنجي پاسي ۾ هڪ جاٺو مشڪرو بيٺو هو. کيس چيم: ”تون آمريڪي مشڪري جيري لوئس جهڙو آهين.“

        واڇون ٽڙي پيس. پڇيائين: ”ڀلا ٻيو ڪنهن جهڙو آهيان؟“

        ”ڪجهه ڪجهه نارمن وزڊم سان به ملين ٿو. پر تون نارمن کان قدم ۾ ڪجهه سرس آهين.“

        ”ڪنهن پاڪستاني مشڪري جهڙو نه آهيان؟“

        ”ٿورو ٿورو سڌير ۽ درپن سان به ملين ٿو.“ وراڻيم ۽ سندس منهن ۾ نهارڻ لڳس، هو ڏاڍو سرهو پي ڏٺو.

        کانئس پڇيم: ”شهر ۾ اسان کان ڪهڙو ڪم وٺندا.“

        جانٺي مشڪري وراڻيو: ”توهان کي سڙڪن جي پاسن کان بيهاريو ويندو. جڏهن عظيم جوڪر توهان وٽان لنگهندو، تڏهن توهان منجهان ڪجهه ماڻهو جهنڊيون لوڏيندا ۽ ڪجهه تاڙيون وڄائيندا.“

        ”ٺيڪ. بلڪل ٺيڪ آهي.“ کانئس پڇيم: ”اسان وٽ هڪ دمڙي به ڪونهي. موٽنداسين ڪيئن.“

        مشڪري وڏو ٽهڪ ڏنو. چيائين: ”پرواهه نه ڪر. توهان کي اسٽار سرڪس جي پاران ماني کارائي ويندي ۽ موٽ ڀاڙو ڏنو ويندو.“

        اها خوشخبري اک ڇنڀ ۾ سڄي لاريءَ ۾، سڀني ڳوٺاڻن تائين پهچي ويئي.

        اوچتو، اسان جي اڳيان هلندڙ لاريءَ ۾ ڌمچر مچي ويو. اُها لاري بيهي رهي. اسان واري لاري به بيهي رهي. اسان واري لاريءَ جا مشڪرا ڇٽين مان اسٽين گن ڪڍي، ڌمچر واري لاريءَ ۾ چڙهي ويا.

        ڌمچر واريءَ لاريءَ جي مشڪرن ڪندن کي هوا ۾ لٽڪائي ڇڏيو هو. ڪندن هوا ۾ ڇڙيون هڻي رهيو هو ۽ رڙيون ڪري چئي رهيو هو: ”اڙي مون کي ڇڏيو. منهنجي ڌيءَ کي جلندر آهي، دوا کان سواءِ مري ويندي. اڙي مون کي ڇڏيو. مون کي وڃڻ ڏيو.“

        ڪندن رڙيون به ڪري رهيو هو ۽ پاڻ کي لاريءَ مان اڇلائڻ جي ڪوشش به ڪري رهيو هو. وڏي مشڪري جي حڪم تي هڪ تابعدار مشڪري ڪندن کي لوندڙيءَ تي رائيفل جو ڪنداڪ وهائي ڪڍيو. ڪندن جي ڪن ۽ لوندڙيءَ مان رت ٺينڍيون ڪري وهڻ لڳو. سندس رڙيون ۽ ڇڙيون ڍريون ٿي ويون ۽ پوءِ بند ٿي ويون. ڪنڌ ڪلهي تي لڙي آيس ۽ اکيون بند ٿي ويس.

        اسان سڀني کي ماٺ ڳڙڪائي ويئي.

        مون دل جهلي وڏي مشڪري کي چيو: ”سائين وڏا مشڪرا، منهنجي ماءُ بيمار آهي. مون کي موٽڻ ڏي.“

        وڏي مشڪري خار مان مون ڏانهن نهاريو ۽ پوءِ چيو: ”تنهنجي بلڊي ماءُ عظيم جوڪر جي جتيءَ جهڙي به ناهي.“

        مان ڪجهه چوڻ تي هوس جو جانٺي مشڪري (جنهن سان دوستي ڳنڍي هئم)، مون کي ٻانهن ۾ چهنڊڙي وڌي. ڏانهن ڏٺم. هن خاموش رهڻ جو اشارو ڪيو. مان خاموش رهيس.

        وڏو مشڪرو پنهنجي جاءِ تي وڃي ويٺو. هرڪو پنهنجي پنهنجي لاريءَ ۾ چڙهي ويو. لاريون حيدرآباد شهر ڏانهن ڊوڙڻ لڳيون.

        مون کي ماٺ ۾ ڏسي جانٺي مشڪري پڇيو: ”ماءُ جي لاءِ فڪرمند آهين.“

        ”ها.“

        ”فڪر نه ڪر. هڪ ڏينهن ۾ نه مرندي.“

        ”منهنجي ماءُ قيامت تائين زندهه رهندي. ان جي مون کي پڪ آهي.“ وراڻيم: ”پر ڊپ اٿم ته ڪٿي گشتي شفاخاني جو چچيءَ جهڙو ڊاڪٽر سندس زبان نه ڪپي ڇڏي.“

        ”ائين وري ڪيئن ٿيندو؟“ هن حيرت مان پڇيو.

        وراڻيم: ”ائين ٿيو آهي ۽ ٿيندو رهندو.“

        جانٺي مشڪري پڇيو: ”مان جيڪڏهن فلمن ۾ ڪم ڪريان ته ڪيئن لڳندس.“

        ”واهه جو ماڻهن کي رئاريندين.“

        ”رئاريندس!“

        ”ها.“ کيس ٻڌايم: ”پاڪستاني مشڪرن کي ڏسي ماڻهو روئيندا آهن ۽ گول مٽول هيرن کي ڏسي ماڻهو کلي کلي چريا ٿي پوندا آهن.“

        جانٺو مشڪرو ڪاوڙجي ويو. منهن ڦيري ويهي رهيو.

        مون به ساڻس شهر تائين نه ڳالهايو. شهر تائين ڪنهن نه ڳالهايو.

        مشڪرا اسان کي حيدرآباد شهر جي مختلف رستن تان گهمائيندا ڦيرائيندا، ان وڏي رستي تي وٺي آيا، جتان دنيا جي عظيم جوڪر کي لنگهڻو هو. رستو چمڪندڙ ڏامر جو هو، جنهن جي پاسن کان اليڪٽرڪ پول هڪ جيتري وڇوٽي تي بيٺا هئا. فٽ پاٿ سان سنوت ۾ لڳو لڳ لاتعداد بانس جا لڪڙا کتل هئا، جن ۾ رنگا رنگي جهنڊين جون ڪنڍيون ٽنگيل هيون. جهنڊين سان گڏوگڏ هزارين ماڻهو ڳاهٽ ٿيل هئا.

        هر طرف هل هنگامو هو. ڄڻ عيد جو ميلو هو. چوڏيل چڪر هڻي رهيا هئا. پينگهون لڏي رهيون هيون، جن ۾ رنگا رنگي ڪپڙن وارا مشڪرا ۽ باندر اُبتا لٽڪيل هئا. گول گپن، آلو ڇولن، ڏهي وڙن ۽ قلفي فالودي جا گاڏا گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ گهمي رهيا هئا. پٽاپٽي جهنڊيون ۽ جهنڊا بلڊنگن جي بولڪونين ۽ ڇتين تي لهرائي رهيا هئا. ماڻهن مٿي تي توتڙن جهڙا ٽوپلا پائي ڇڏيا هئا، جن ۾ هڪ هڪ ڳاڙهو ڦندڻ لڳل هو. اسٽار سرڪس جي جانورن جا پڃرا فٽ پاٿن تي رکيل هئا. جانور حيرت مان ماڻهن ڏانهن ڏسي رهيا هئا.

        مشڪرن اسان کي هڪ ننڍڙي رستي جي اڌ ۾ لارين مان لاٿو ۽ ڇتين جي ڇانوَ ۾ سينگاريل سڙڪ تائين وٺي آيا. اسان کي اڳ بيٺل ماڻهن سان ڪلهوڪلهي ۾ ملائي بيهڻ جو حڪم مليو. حڪم جي پيروي ڪئي سين. خانڻ، لالوءِ ۽ چيهي پنهنجي ٽولي نه ٽوڙي. اسان ڪن ڀڳل ڪندن کي به پاڻ سان ملايو ۽ سڙڪ جي پاسي کان بيهي رهياسين.

        مون کي اهو ڏسي حيرت ٿي ته هجوم ۾ به اسان جهڙا، اسان سان هم شڪل، ڏٻرا، نٻل، بيمار ۽ ٿڪل ٽٽل ماڻهو بيٺا هئا.

        اڳ آيل هڪ پاڻ جهڙي کان پڇيم ”تون ڪير آهين؟“

        چيائين ”مان اُٺ جو پٽ آهيان.“

        ”“ مان مجهول آهيان.“ ساڻس پنهنجي سڃاڻپ ڪرايم. هن مون سان هٿ ملايو. کيس ٻڌايم ”مون کي پنجاهه ميلن جي پنڌ تان عظيم جوڪر جو استقبال ڪرڻ لاءِ آندو ويو آهي.“

        اُٺ جي پٽ کي منهنجي ڳالهه ٻڌي ڪابه حيرت نه ٿي. نه ئي هن مون سان همدرديءَ جو اظهار ڪيو. هن چيو: ”مان هڪ سئو ساڍن ستن ميلن جي پنڌ تان ٻڪرين ۽ رڍن وانگر ڍوئجي هت پهتو آهيان.“

        اوچتو اُٺ جي پٽ کي مٿي تي لٺ لڳي. هن ۽ مون منهن ورائي پوئتي نهاريو. هڪ مشڪرو (ان ڏينهن سڄي ملڪ جو انتظام اسٽار سرڪس جي مشڪرن جي هٿ ۾ هو.) اکين ۾ شور وجهي اُٺ جي پٽ ڏانهن نهاري رهيو هو. هن اُٺ جي پٽ کي چيو: ”تنهنجي ميڄالي ۾ ڏيڏر آهي، جيڪو توکي ماٺ ڪري بيهڻ نٿو ڏئي. پنهنجي ٽان ٽان بند ڪر، ورنه اُڦٽ نه ماري وجهان”.“

        اُٺ جو پٽ ڌڪ پچائي رنگارنگي جهنڊين ڏانهن ڏسڻ لڳو. مون مشڪري ڏانهن ڏٺو. هو رنگ جو ڪارو هو ۽ چروٽ ڇڪي رهيو هو. چروٽ جو رنگ به ڪارو هو.

        اُٺ جي پٽ ۽ منهنجي ڀرسان هڪ ڪراڙو شخص بيٺو هو، جنهن جا وار، ڀرون ۽ پنبڻيون کير جهڙيون اڇيون هون. ٽڪڻ وٽان وار کٿل هئس، جتان سندس مٿي جي اڇي ۽ چلڪڻي کل سج جي روشنيءَ ۾ تجلا ڏيئي رهي هئي. هن اول اُٺ جي پٽ سان همدرديءَ جو اظهار ڪيو ۽ پوءِ آهستي چيو: ”سڄي دنيا ۾ ائين ٿيندو رهيو آهي.“

        اُٺ جي پٽ ساڻس نه ڳالهايو.

        مون کانئس پڇيو: ”توکي ڪيئن خبر پيئي ته سڄي دنيا ۾ ائين ٿيندو رهيو آهي.“

        وراڻيائين: ”مان سڄي دنيا جو سير ڪري چڪو آهيان. ابن خلدون ۽ واسڪو ڊي گاما مون سان همسفر رهي چڪا آهن.“

        خانڻ منهنجي ڪن ۾ ڦسڪيو: ”خبردار ٿجاءِ مجهول، ان کـَـکَ جي ڍٻري ڍلي اٿئي.“

        مون خانڻ جي ڳالهه اڻٻڌي ڪندي تاريخي پوڙهي کان پڇيو: ”ڀلا سڄي دنيا ۾ ڪو اسان جهڙو نظر آئيه.“

        ”ها. ڌرتيءَ جو چپو چپو اسان جهڙن انسانن سان ڀريو پيو آهي.“ تاريخي پوڙهي وراڻيو: ”مون صدين کان وٺي انسان کي زندگيءَ جي ڪڃريءَ آڏو ليلائيندي ڏٺو آهي. انسان کي مانيءَ جي گولي ڦيٿي پٺيان ڊوڙندي ڏٺو آهي. جيڪي انسان پيٽ بکيا ۽ انگ اگهاڙا هوندا آهن، انهن کي متارن لاءِ بيلٽ باڪسن ۾ ووٽ وجهي خوش ٿيندي ڏٺو اٿم.“

        ڪاري مشڪري، پنهنجي ڪاري وات مان ڪارو چروٽ ڪڍي، تاريخي پوڙهي جي چلڪڻي ٽڪڻ تي مهٽي، وسائي ڇڏيو.

        تاريخي ڪراڙي جي منهن تي ڪوبه تاثر نه آيو. هن رڙ نه ڪئي. سيسڙاٽ به نه ڀريائين. هن هٿ مٿي ڪري اڇن وارن تان چروٽ جي رک ڇنڊي ڇڏيائين. پوءِ منهن ورائي مشڪري کي چيائين: ”مهرباني.“

        مشڪري کلندي چيولله ”تون صدين کان وٺي ائين ئي چوندو رهيو آهين.“

        ”تون صدين کان وٺي مون سان ائين ئي ڪندو رهيو آهين.“

        ”ان ۾ منهنجو ڏوهه ڪونهي.“ مشڪري وراڻيو: ”مان جتي به ويندو آهيان، تون اُتي موجود هوندو آهين.“

        تاريخي پوڙهي جواب ڏنو: ”پاڻ قيامت تائين ملندا رهنداسين، دوست.“

ڪاري مشڪري وساميل چروٽ ٻيهر دکايو ۽ ڪش هڻي، وڏا وڏا ٽهڪ ڏيڻ لڳو. مان سندس وات ڏانهن نهارڻ لڳس، جنهن مان ڪنهن ڪارخاني جي ڪاري چمنيءَ وانگر چروٽ جو دونهون نڪري رهيو هو.

        تاريخي پوڙهي ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو.

        بيٺي بيٺي پهر گذري ويا. سج لهي ويو. اوندهه آئي. ٽيوب لائيٽون ۽ رنگارنگي پتڪڙا بلب ٻرڻ لڳا. عظيم جوڪر جي سواري نه آئي. اکيون ٿڪجي پيون. پير ساڻا ٿي پيا. بدن نستو ٿي ويو. عظيم جوڪر جي سواري نه آئي. اڃ کان نڙي خشڪ ٿي ويئي. چپ ڦاٽي پيا. پيٽ ۾ بک جا وٽ پوڻ لڳا. عظيم جوڪر جي سواري نه آئي. وقت نه بيٺو. اسان بيٺا رهياسين. عظيم جوڪر جي سواري نه آئي.

        نيٺ عظيم جوڪر جي سواري آئي، ۽ اک ڇنڀ ۾ لنگهي ويئي. تاڙيون وڳيون، وڄي بند ٿي ويون. رنگارنگي جهنڊيون لڏيون، لڏي پٽ تي ڪري پيون.

        تڏهن سڄي هجوم کي پنهنجي پنهنجي گهر واپس ورڻ جي وائي ورائي ويئي.

        گهٽين ۾، رستين تي ۽ سڙڪن تي اسٽار سرڪس جا مشڪرا ۽ لاريون ڳوليون سين، پر ناڪام رهياسين. هرڪو ٽولي ٽولي ٺاهي اسٽار سرڪس جي مشڪرن کي تلاش ڪرڻ لڳو. اسان جي ٽوليءَ ۾ ڪل پنج ڄڻا هئا - مان، لالو، خانڻ، چيهو ۽ ڪندن.

        اسان پنجن ئي وسان ڪين گهٽايو. اسٽار سرڪس جا مشڪرا لارين سميت جنن وانگر نظرن کان غائب رهيا. ڄڻ سندن وجود ئي نه هو. خيالي جسم هئا. هوا ۾ تحليل ٿي ويا.

        ڪلاڪن تائين جڏهن اسٽار سرڪس جي مشڪرن کي ڳولي ڳولي ٿڪجي پياسين، تڏهن هڪ فٽ پاٿ تي اچي ويٺاسين. اتي حاجي سانوڻ جي پٽ خانڻ چيو: ”مجهول، کيسي ۾ گهڻا پيسا پيا اٿئي.“

        ”منهنجي قميص کي کيسو آهي ئي ڪونه.“

        چيهي چيو: ”مون وٽ پنج پيسا آهن.“

        ”يار اهي پنج پيسا ڏي ته برف جو پاڻي پي پيٽ ٺاريون.“ خانڻ هڪدم چيو.

        چيهي پنج پيسا ڪڍي خانڻ کي ڏنا ۽ خانڻ هڪ ٻاڪڙي ۾ گهڙي ويو. ٿوري دير کانپوءِ جست جو هڪ چٻو ٽنڊو جڳ ۽ هڪ مروڙيل جستي گلاس کڻي آيو. اسان پنجن ئي ڍَوَ تي ٿڌو پاڻي پي، اکين تي ٿڌي پاڻيءَ جا ڇنڊا هنيا. ڪجهه هوش آيو. هوش آيو، ته بک ڀڙڪي اُٿي. بک لڳي، ته بيمار مائٽن جو خيال لهي ويو. اسان منجهان ڪنهن وٽ به هڪ دمڙي نه هئي.

        ان وقت رات جا اٺ - نـَـوَ ٿي رهيا هئا. هٿ پير هڻي ۽ محنت مزدوري ڪري ڪجهه ڪمائڻ جو سوال ئي نٿي پيدا ٿيو.

        لالوءَ چيو: ”بک کان منهنجو هانءُ ٿو ڍرڪندو وڃي.“

        ڪندن چيو: ”منهنجو مٿو ٿو ڦري.“

        پوءِ خانڻ هڪدم ٽپ ڏيئي اٿيو. چيائين: ”مون کي هڪ اٽڪل مٿي ۾ آئي آهي.“

        ”ڇا جي.“

        ”ڪجهه ڏوڪڙ ڪمائي پيٽ پالڻ ۽ ڀاڙو ڪري ڳوٺ ورڻ جي اٽڪل.“

        ”سچ.“ اسان سڀئي ڳاهٽ ٿياسين.

        ”ها.“

        ”ٻڌا”.“

        هن اسان سڀني جي منهن ۾ نهاريو. پوءِ ڪجهه دير تائين نهاريندو رهيو.

        ”ٻڌاءِ ڀلا.“ چيهي چيس.

        ”ٻڌو.“ خانڻ وراڻيو: ”اچو ته پنڻ شروع ڪيون.“

        ”پنڻ! يعني فقير ٿيون!“

        ”ها.“

        ”نه يار. ڪهڙي چرين جهڙين صلاح ٿو ڏئين.“

        ڪجهه دير سڀني ڏاڍي غور سان اهو مسئلو حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هر ڪو ناڪام رهيو. آخر ۾ سڀني کي يڪراءِ ٿي خانڻ جي صلاح مڃڻي پيئي.

        خانڻ چيو: ”اسان پننداسين، خيرات مان اول ماني کائينداسين، ۽ پوءِ ڳوٺ هلنداسين.“

        خانڻ کي چيم: ”يـَـرَ اڄ مڃڻوئي پيو ته تون آڙيڪاپ آهين.“

        خانڻ چيو: ”دير نه ڪريو. هڪ ٻئي جي ڪلهي تي هٿ رکي نڪري پئو.“

        اسان سڙڪن، رستن ۽ گهٽين ۾ نڪري آياسين. پنندا رهياسين ۽ سين هڻنداسين رهياسين.

        ”نيڪ مائي، نيڪ بابا.

        ڏي خدا جي راهه ۾.“

        خانڻ چيو: ”اکيون بند ڪري انڌا ٿي هلو. شهري ماڻهو سڄن کي خيرات نه ڏيندا آهن.“

        اکيون بند ڪري جڏهن سينَ هئين سين، تڏهن ٻه- چار سخي، حاتم کي لت هڻي، خانڻ جي جهوليءَ ۾ ڪجهه پيسا وجهي رمندا رهيا.

        خانڻ، جنهن کي ڪامڻ هو، تنهن کان پنهنجي تڪليف وسري ويئي هئي ۽ هو زور شور سان آلاپ جي اڳواڻيءَ ڪرڻ لڳو: ”نيڪ مائي، نيڪ بابا، ڏي خدا جي راهه ۾.“

        اسان چارئي، مان، ڪندن، لالو ۽ چيهو کيس سـُـر وٺائيندا رهياسين. اسان ۾ ڪندن سڀني کان وڌيڪ سريلو هو. جيتوڻيڪ سندسن لوندڙي ۽ ڪن مان آهستي آهستي رت ٽمي رهيو هو، تڏهن هو ڏاڍي سوز مان، وڏي آواز ۾ خانڻ کي سر وٺائي رهيو هو: ”نيڪ مائي، نيڪ بابا، ڏي خدا جي راهه ۾.“

        شهري ماڻهو، جن کي شايد اسان کان وڌيڪ فڪر ورائي ويا هئا، اسان جي آوازن ۽ صدائن تي ڪن لاٽار ڪندا اڳتي وڌندا پئي ويا. جرڪندڙ هوٽلن ۽ دڪانن مان ڪنهن به منهن ڪڍي اسان ڏانهن نه نهاريو. رستن تي ڊوڙندڙ موٽرون، بسون، ٽيڪسيون، سائيڪلون ۽ ڦٽڦٽيون ماحول ۾ گهمسان پيدا ڪنديون رهيون. ۽ اسين شهر جي روشنين ۽ تاريڪين ۾ خيرات لاءِ سين هڻندا رهياسين: ”نيڪ مائي، نيڪ بابا، ڏي خدا جي راهه ۾.“

        هڪ هنڌ فٽ پاٿ تي هجوم ماڻهن جو بيٺو هو. هجوم وٽان لنگهندي خانڻ چيو: ”خبردار جو ڪنهن اک کولي آهي.“

        هجوم جي جڏهن ڀرسان پهتاسين، مون اک ٽيٽ ڪري کـُـڙيون کڻي هجوم جي وچ ۾ نهاريو. ڪجهه اسان جهڙا ۽ اسان منجهان ڳوٺاڻا مداريءَ وارا ڪرتب ڏيکاري رهيا هئا.

        مون خانڻ کي چيو: ”جاڙو ۽ ڦتو ابتا بيٺا آهن. ٻنهي کي پيرن تي پڳ رکي آهي ۽ اکيون ٽانڊا ٿي ويون اٿن.“

        خانڻ کي خار لڳا. وراڻيائين: ”جاڙو ۽ ڦتو وڃي کڏ پـَـوَنِ. تون منڍ کان ئي اکيون ڦاڙيو پيو هلين. خيرات ڌوڙ ملندي.“

        مون هڪدم اکيون بند ڪري ڇڏيون، پر اهڙي نموني جو اکيون چنجهيون ٿي ويون ۽ هر ڪاشيءِ چٽي نظر اچي رهي هئي.

        ڪلاڪ ڏيڍ يخي هڻڻ کانپوءِ خانڻ جي جهوليءَ ۾ ڪجهه پئسا گڏ ٿيا. هڪ سئنيما وٽ ترسي (جتي ڪا نئين فلم لڳي هئي، تنهن ڪري بلن ۾ چمڪي رهي هئي.) خانڻ پاڻ اکيون کوليون ۽ اسان کي اکيون کولڻ لاءِ چيائين. مهنجيون اکيون اڳ ئي کليل هيون، رڳو چنجهيون هيون. پيسا ڳڻياسين. هڪ رپيو ويهه پيسا گڏ ٿيا هئا. خانڻ انهن پئسن مان ڊبل روٽيون ۽ پڪوڙا وٺي آيو. ان وقت سئنيما ۾ انٽرويل ٿيو هو ۽ هرڪو ٻاهر نڪري آيو هو ۽ ڪو پڪوڙا، ڪو ڇولا ۽ ڪو گول گپا کائي، اوڳرايون ڏيئي رهيو هو.

        ڊبل روٽي ۽ پڪوڙا کائي، سئنيما جي ڪئنٽين مان پاڻي پي ٻاهر نڪتاسين. در وٽ هڪ مڪرانيءَ چيو: ”اڙي ام سمجها سالا لوگ ڇي آنا والا هي. اڙي نڪلو ّمڦت خور!“

        اسان ڊوڙ پائي سئنيما مان نڪري آياسين.

        سئنيما کان پررو ٿي، جڏهن اونداهه ۾ پهتاسين، تڏهن خانڻ چيو: ”پاڻ کي ڳوٺ پهچڻ لاءِ ساڍا ست رپيا گهرجن. جلدي پنڻ شروع ڪريو.“

        هڪدم آلاپ هنيوسين: ”نيڪ مائي، نيڪ بابا، ڏي خدا جي راهه ۾.“

        خانڻ چيو: ”آواز ۾ درد پيدا ڪريو.“

        آواز ۾ درد پيدا ڪيوسين.

        ڪندن چيو: ”منهنجي ڪن ۾ سور آهي. مان ڳائي نٿو سگهان.“

        چيهي کيس صلاح ڏني: ”تون رڳا چپ چور.“

        ڪندن چپ چورڻ لڳو. پوءِ چيائين: ”منهنجي ڌيءَ الاءِ بچي يا مري ويئي هوندي.“

        خانڻ چيو: ”ڏسو، مون کي ڪامڻ آهي، مان تڏهن به ڳايان ٿو. پنو ته ڳوٺ پهچي سگهئون.“

        پيٽ ڀرجڻ کانپوءِ آلاپ ڍرو ٿي ويو هو. مون کي رکي رکي امان جو خيال پي آيو. لالوءِ کي پنهنجي بيمار پٽ جو فڪر ورائي ويو هو. رڳو خانڻ ويچارو پنهنجو ڪامڻ وساري اسان کي پنڻ جي تاڪيد ڪري رهيو هو.

        جيئن جيئن وقت پي گذرندو، تيئن سڙڪن، رستن، گهٽين ۽ فٽ پاٿن تان ماڻهو ويا پي گهٽ ٿيندا. ڊوڙندڙ موٽر گاڏين جو تعداد به گهٽ ٿي ويو هو.

        اسان خانڻ جي سمجهائڻ ڪرڻ تي پنندا رهياسين: ”نيڪ مائي، نيڪ بابا، ڏي خدا جي راهه ۾.“

        هڪ فٽ پاٿ تان سامهون هڪ ٿلهو ماڻهو اچي رهيو هو، جنهنجو پيٽ بيحد وڏو ۽ منهن ننڍو هو. هن چيو: ”توهان مڪريل انڌا آهيو.“

        ”سچ ٿو چوين، ادا.“ چيهي هڪدم اکيون کولي ڇڏيون.

        ٿلهي مون کي چيو: ”تون پنهنجين چنجهين اکين مان ڇا پيو ڏسين! اکيون کول.“

        مون به اکيون کولي ڇڏيون. پوءِ لالوءَ، خانڻ ۽ ڪندن به اکيون کولي ڇڏيون.

        ٿلهي چيو: ”اڙي شرم نٿو اچيوَ! پنو ٿا.“

        خانڻ وراڻيو: ”شرم ته سچ پچ ڏاڍو ٿو اچي. پر ڇا ڪريون، مجبور آهيون.“

        ”هون!“ ٿلهي چيو: ”مسلمانن لاءِ پنڻ گناهه آهي.“

”ڌاڙا هڻون؟“

        ”لاحول ولله. نوڪري ڪريو.“

        ”نوڪري ڏيار ڀلا.“

        ”مار!“ ٿلهي ڀڻ ڀڻ ڪئي: ”هڪ ته نصيحت ڪريان ۽ وري نوڪري به وٺي ڏيان!“ ۽ هو چپن ۾ ڪجهه چوندو هليو ويو.

        اڳتي هلي اسان هڪ محلي ۾ پهتاسين جتي ٻنهي طرف وڏيون وڏيون عمارتون هيون. عمارتن جون بتيون ٻريل هيون ۽ روشني ڪاوَن مان ٻاهر نڪري رهي هئي. ان گهٽيءَ ۾ ماڻهو گهٽ ۽ هٿ گاڏا وڌيڪ هئا.

        مون خانڻ کي چيو: ”هاڻي ڪجهه به ٿي پوي، مان انڌو نه ٿيندس.“

        ”“ اسان به انڌا نه ٿينداسين.“ لالوءَ، ڪندن ۽ چيهي هڪدم چيو.

        ”چڱو ڇائي پايو.“ خانڻ چيو: ”هي شهري سڄن کي رڳو موچڙا هڻندا آهن.“

        ”ڇا ڪندين؟“

        ”اسان هڻ کڻ پير جا مريد ٿي شهرين کان خيرات وٺنداسين.“

        اڃا منهنجي صلاح تي ڪنهن به پڪو فيصلو نه ڏنو هو، جو هڪ بندرو، سنهڙو ماڻهو، اسان وٽ اچي بيٺو. هن جون اکيون اندر پوريل هيون ۽ ڳلن جا هڏا اُڀريل هئس. سندس نڪ سنهڙو، چنهنبائي ۽ ڪنڍيءَ وانگر وري هو. سندس کاڏي ننڍڙي ۽ هيٺين چپ سان مليل هئي. کيس خاڪي پتلون ۽ اڇي بشرٽ پاتل هئي. اڇي بشرت جي اڌ ٻانهن مان هن جون هڏائيون ٺوٺيون ڪنهن کٿل ڪانوَ جي کنڀن وانگر لڳي رهيون هيون.

        هن اسان کان پڇيو: ”مزور آهيو نه؟“

        ”مزور!“

        ”ها، مزور.“

        خانڻ حيرت مان ڪجهه چوڻ تي هو، جو مون هڪدم کيس روڪيو ۽ جواب ڏنم: ”ها، اسان مزور آهيون.“

        ”اڄ شايد روزگار نه مليو اٿوَ؟.

        ”نه.“

        ”ڏاڍو چڱو.“ هن جي سنهڙن چپن تي مرڪ ڦهلجي ويئي. چيائين: ”اچو، اوهان کي روزريءَ سان لڳايان.“

        چيهي لالوءَ کي چيو: ”مون اجهو هينئر قلندر کان دعا پني هئي. اگهامي ويئي.“

        ڪندن چيو: ”مزوري وٺي اڄ رات ئي ڳوٺ ورنداسين. منهنجي ڌيءَ شل جيئري هجي. آهه. منهنجي ڪن ۾ سور آهي.“

        ”ها ضرور موٽنداسين.“ لالوءَ چيو: ”منهنجي پٽ جو الاءِ ڪهڙو حال ٿيو هوندو.“

        کيس دلداري ڏنم: ”وٺ ڪنجڪ ڪريم جي، جڳ جو والي جو.“

        سنهڙو اجنبي اسان کي هڪ بلڊنگ جي سوڙهي در مان وڏي گدام ۾ وٺي ويو. گدام بيحد وڏو. ويڪرو ۽ ڊگهو هو. ڇت به تمام مٿي هئس. گدام جي هڪ ڪنڊ ۾ کوکا پيا هئا.

        سنهڙي اجنبيءَ چيو: ”هي کوکا هن پوئين در مان ڪڍي، بيٺل ٽرڪن ۾ چاڙهيو.“

        سنهڙي اجنبيءَ گدام جي اونداهيءَ ڪنڊ ۾ هڪ در ڏانهن اشارو ڪيو. در کليل هو. کليل در مان ٽرڪون نظر اچي رهيون هيون.

        اسان پنجن ئي ڄڻن هڪ هڪ کوکو مٿي تي کنيو ۽ اونداهي در مان نڪري، ٽرڪن تائين پهتاسين.

        اتي ڪندن چيو: ”منهنجي لوندڙيءَ ۾ سور آهي، مان کوکو نٿو کڻي سگهان.“

        ان وقت چيهي چيو: ”مان گڙنگ چرسي آهيان. هنن کوکن ۾ چرس آهي.“

        اسان حيرت مان ڏانهن ڏٺو.

        ”قسم آ موليٰ عليءَ جو، هنن کوکن ۾ چرس نه هجي، ته قلندر جو مريد سڏائڻ ڇڏي ڏيان.“ چيهي چيو.

        خانڻ چيو: ”چرس جي نيڪالي ته نه ٿي رهي آهي!“

        ”ير ڪنهن ڏچي ۾ نه پئجي وڃون.“ لالوءَ چيو.

        مون کيس صلاح ڏني:”چڱائي ان ۾ اٿوَ جو ڀڄي جان بچايون. پوليس ڇاپو هنيو ته سيٺ سان گڏ اسان جو به لاهه نڪري ويندو.“

        سڀني ان ڳالهه تي عمل ڪيو. اتان جو ڊوڙ پاتيسين ته ٻه - چار گهٽيون، هڪ پارڪ، ٻه سڙڪون ۽ هڪ ٽيڪسي اسٽينڊ ٽپي، ساهه پٽيوسين. سڀ سهڪي رهيا هئاسين.

        خانڻ جو ساهه جڏهن جائيتو ٿيو، تڏهن هن مون کي گاريون ڏنيون. پوءِ چيائين: ”تو اسان کي ذري گهٽ مصيبت ۾ ڦاسايو هو.“

        مون کانئن معافي گهري. خانڻ جي حڪم تي ٻيهر سينَ هڻي پنڻ شروع ڪيون: ”نيڪ مائي، نيڪ بابا، ڏي خدا جي راهه ۾.“

        ڪندن پنهنجي ڌيءَ کي ياد ڪري روئڻ لڳو.

        خانڻ چيس: ”ڪندن روئڻ ڇڏ. پنڻ تي زور رک.“

        ”مولا سڻائي ڪندو.“ چيهي ڳالهايو.

        هڪ اونداهي گهٽيءَ ۾ هڪ قداور ۽ مضبوط شخص ڏنڊو کڻي اسان جي سامهون اچي بيٺو. اسان جو آلاپ بند ٿي ويو!

        هن پڇيو: ”اڙي ڪهڙي ٽوليءَ مان آهيو؟“

        ”ٽولي!“ ۽ خانڻ پڇيو: ”ڇاجي ٽولي؟“

        ”پڻهين جي ٽولي.“ هن ڏنڊو اولاريندي چيو: ”هيءَ بابهين جي حد آهي، جو ٽپي آيا آهيو.“

        ”ڇا جي حد ادا.“ خانڻ پڇيو.

        ”اڙي لک لعنت اٿئي.“ هن خانڻ کي گهرڙي منهن ۾ ڀونڊو ڏنو: ”وڏا ٺڳ فقير آهيو، پڇو ٿا ڇاجي حد.“

        ڏڪندي ڏڪندي چيم: ”سائين، اسان کي ڪابه خبر ڪونهي.“

        ”ڇا؟“ هو ڏمريو: ”اها خبر به ڪونهيوَ ته هيءَ فقير بخشڻ ۽ سندس ساٿين جي حد آهي؟ هتي ڪنهن به ڌارئي فقير کي اچڻ جي اجازت ڪونهي.“

        چيم: ”رحم. اسان کي ڪا خبر ڪونهي سائين.“

        ”“ اها خبر به ڪونهيوَ، ته هن علائقي ۾ فقط سـُـرَ ۾ پنڻ جي اجازت آهي.“ هن چيو: ”هن علائقي ۾ وڏا وڏا حاتم رهندا آهن.“

        عرض ڪيم: ”اسان به سـُـرَ ۾ پننداسين، سائين.“

        ”وڏا ڪي گڏهه آهيو.“ مضبوط مڙس چيو: ”هيءَ حد فقير بخشڻ جي آهي. هي سڄو شهر فقيرن جي مختلف ٽولين ۾ ورهايل آهي.“

        مون کيس ڳالهه سمجهائي ته اسان ڪير هئاسين ۽ ڪيئن اسٽار سرڪس جي عظيم جوڪر جو استقبال ڪرڻ لاءِ شهر آندا ويا هئاسين. هن اسان جو احوال ٻڌي اسان سان همدرديءَ جو اظهار ڪيو ۽ پوءِ چيو: ”توهان سچ پچ همدريءَ جي لائق آهيو.“

        کانئس پڇيم:”تون ڪير آهين سائين.“

        هن وراڻيو: ”مان سائين بابا ٺيڪيدار آهيان. فقيرن کان اوڳڙ ڪري، مٿي تائين پهچائيندو آهيان.“

        کانئسن پڇيوسين: ”ڀلا اسان وڃون. سائين بابا.“

        ”اول کيسا خالي ڪريو ۽ پوءِ وڃو.“

        خانڻ جهوليءَ مان پيسا ڪڍي سائين بابا ٺيڪيدار کي ڏنا.

        ”بس!“ هن رڙ ڪئي.

        ”سائين اسان نوان فقير آهيون. پنجن ڇهن ڪلاڪن ۾ بس ايترو ئي ڪمائي سگهيا آهيون.“

        ”ڪوڙا آهيو. مان توهان جي تلاشي وٺندس.“

        سائين بابا ٺيڪيدار اسان جي تلاشي ورتي. جڏهن ڪجهه نه مليس تڏهن چيائين: ”ٻئي ڪنهن هنڌ پيسا ته نه لڪايا اٿوَ.“

        ”نه سائين. اسان خانداني فقير ناهيون.“

        ”خانداني هجو، يا نه هجو، مون کي پيسا مٿي پڄائڻا آهن.“

        ”سائين اسان وٽ دمڙي به ڪونهي.“

        ”اڄ سڄو شهر توهان بيوقوف ڳوٺاڻن سان ڀرجي ويو آهي. خيرات جو سرشتو هيٺ مٿي ڪري ڇڏيو اٿوَ.“ ٺيڪيدار چيو: ”لاهيو ڪپڙا.“

        ”ڇا!“

        ”ڇا جا پٽ، لاهيو ڪپڙا ۽ بوٽ به.“

        اسان هٻڪياسين ته هن چيو: ”لاهيو لاهيو. دير نه ڪريو. پادر نه کائو.“

قميصون لاهي ٺيڪيدار کي ڏنيون سين.

        چيائين: ”سٿڻون به لاهيو. ۽ تون، اي.“ هن چيهي ڏانهن اشارو ڪندي چيو: ”تون گوڏ لاهه.“

        گوڏ ۽ سٿڻون وٺندي چيائين: ”بوٽ به لاهيو.“

        ”هي بوٽ ناهن سائين.“ عرض ڪيم: ”هي گهيتلا آهن، سي به ڇڳل آهن.“

        ”بڪ نه ڪر.“ هن ڏنڊو اولاريندي چيو: ”لاهيو، پير اگهاڙا ڪريو.“

        گهٽيءَ ۾ اوندهه هئي، تنهن ڪري هڪ ٻئي جي ڦڪائي ڏسي نه سگهياسين. ٺيڪيدار اسان جا ڪپڙا ۽ گهيتلا کڻي روانو ٿي ويو.

        شرم ۾ ٻڏل هئاسين. ڪنهن کي به چـُـرڻ پـُـرڻ جي همت نه هئي. آواز نڙيءَ ۾ اٽڪي پيا هئا.

        چيهي چيو: ”ير حيف آهي اسان تي. هڪڙو ڄڻو اسان کي اگهاڙو ڪري هليو ويو.“

        ان وقت ٻه ٻار پنهنجي گهر جي دريءَ مان گند اڇلائڻ آيا. اوچتو هنن جي نگاهه اسان تي پئجي ويئي. هو دريءَ وٽ بيهي رهيا. اوندهه ۾ اسان ڏانهن چتائي ڏسڻ لڳا. پوءِ هنن وٺي رڙيون شروع ڪيون: ”چريا ڙي چريا، چريا ڙي چريا.“

        گهرن جون بتيون ٻرڻ لڳيون. در دريون کلي پيا. بالڪونين مان ماڻهو ڳاٽ ڪڍي نهارڻ لڳا ۽ پوءِ ڏسنديئي ڏسندي، ٻارن پٿرن، ٺڪرن، خالي دٻن ۽ پراڻن بوٽن جو وسڪارو شروع ڪري ڏنو. ڪجهه وڏڙن به سندن ساٿ ڏنو ۽ سندن همٿ وڌائي.

        اسان هڪ ٻئي جي اوٽ ۾ ڌڪن کان بچڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئاسين. هڪ ٺڪري چيهي کي نڪ تي لڳي ۽ چيهي جي نڪ مان رت وهڻ لڳو. آنا ۽ ٽماٽا لڳا. مون کي نراڙ ۾ پٿر لڳو. رت نه وهيو. ڊول ٿي پيو ڪندن کي پيٽ ۾ باٺو لڳو هو ۽ هو ٻٽو ٿي ڌرتيءَ تي ڪري پيو هو.

        ان وقت پٽاپٽي لاريون آيون، اسان جي ويجهو اچي بيٺيون، پٿرن، ٺڪرن، لٺين ۽ باٺن جو وسڪارو بند ٿيو. لاريءَ مان وڏو مشڪرو ۽ سندس تابعدار مشڪرا لهي آيا. مشڪرن اسان کي ڪنڌ کان وٺي لاريءَ ۾ چاڙهي ڇڏيو ۽ پاڻ به چڙهي ويٺا.

        وڏي مشڪري پاڙي وارن کي مخاطب ٿيندي چيو: ”اڄ سڄو شهر چرين سان ڀرجي ويو آهي. ڄڻ چرين جو مينهن وسيو آهي. پر توهان هينئر آرام ڪريو. اسان شهر جي هڪ هڪ چرئي کي گدو بندر موڪلينداسين.

        ”پوءِ لاري چرين جي اسپتال ڏانهن رواني ٿي ويئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com