ٽي سوال
ڪو به ڪم ڪهڙي وقت شروع ڪجي؟
ان وقت ڪهڙي ماڻهوءَ سان تعلق رکجي؟
ڪهڙو ڪم گهڻو فائديمند ٿيندو؟
هڪڙو هو راجا. ڪنهن ڏينهن پور پچائيندي خيال ڪرڻ لڳو ته جي مون
کي خبر پوي ته ڪو به ڪم ڪهڙي وقت شروع ڪجي، ڪهڙن
ماڻهن سان ملي ڪم ڪجي، ڪهڙن کان ڪنارو ڪجي ۽ سڀني
ڪمن کان وڌيڪ ڪارائتو ۽ لاڀدائڪ ڪم ڪهڙو ٿيندو ته
پوءِ جيڪر ڪڏهن به گهٽتائي نه ٿئي ۽ هميشہ جيڪر
فائدو ۽ فتح ملي. يڪدم پنهنجي ملڪ ۾ اعلان ڪڍيائين
ته جيڪو انسان مون کي ٻڌائيندو ته ڪنهن به ڪم جي
شروع ڪرڻ جو وقت ڪيئن ڄاڻجي، سڀني کان وڌيڪ ضروري
انسان ڪهڙا سمجهڻ گهرجن ۽ ڪيئن پتو پوي ته فلاڻي
ڪم ڪرڻ سان گهڻي ۾ گهڻو فائدو حاصل ٿيندو ته ان کي
دل وڻيا دان دلو چا ڏيئي راضي ڪندس.
هڪ راجائي اعلان، ٻيو انعام جي آڇ، سو هر ڪنهن جو وات پاڻي پاڻي
ٿيڻ لڳو. چوڌاري مٿاڪٽ شروع ٿي ويئي. هر ڪو جواب
ٺاهي درٻار ۾ پيش ڪرڻ لڳو. هيٺين قسمن جا جدا جدا
جواب بادشاه جي اڳيان اچي موجود ٿيا:
پهرين سوال جا جواب
(1) ڪنهن به ڪم جي پوري وقت ڄاڻڻ لاءِ ضروري آهي ته ساليانو،
ماهيانو ۽ روزانو پروگرام تيار ڪجي ۽ پوءِ ان تي
اکر به اکر عمل ڪجي. ٿڌي سيني ويچاريل وقت تي ڪم
ڪرڻ مان ضرور فيض رسندو.
(2) ڪنهن به ڪم ۾ هٿ ڳنڍڻ لاءِ پوري وقت جو اڳواٽ پتو پوڻ محال
آهي. انسان کي گهرجي ته صرف عيش عشرتن ۽ موجن ۾
پاڻ کي مشغول ڪرڻ جي بدران اکيون کولي چوڌاري
چڪاسيندو رهي ۽ هر هڪ ٿيندڙ واقع نظر مان ڪڍي.
پوءِ جنهن وقت موقع ڏسي ان مهل ڪم کي جنبي وڃي.
(3) راجا ڪيترو به خيال ۽ خوض ڪندو ۽ اکيون کولي هلندو ته به
اڪيلي سر پوري فيصلي تي پهچي ڪونه سگهندو. تنهن
ڪري کيس ڪي سياڻا صلاحڪار نزديڪ رکڻ گهرجن، جي وقت
بوقت کيس صلاح ڏيندا رهن ۽ سندن مصلحت موجب هو ڪم
ڪندو رهي.
(4) ڪنهن به ڪم جي وقت ڄاڻڻ لاءِ صلاحڪار يا وزير ڪنهن به پوري
فيصلي ڪرڻ ۾ مدد ڏيئي نٿا سگهن، ڇاڪاڻ ته ڪيترا
دفعا اهڙا وقت آڏو ٿا اچن، جن تي اوچتو ئي اوچتو
بنا ترسڻ جي ترت فيصلو ڪرڻو پوي ٿو. انهيءَ ڪري
اڳواٽ ڄاڻ جي ضرورت آهي، نه ته مونجهاري جو امڪان
آهي. راجا کي ڪي جوتشي درٻار ۾ هڪيا تڪيا هجن، جي
حساب لڳائي اڳڪٿي ڪن ۽ پوءِ راجا سندن هدايتن تي
عمل ڪري.
مطلب ته جيترا وات اوتريون ڳالهيون. ٻي سوال جا به انيڪ جواب
آيا.
ٻي سوال جا جواب
(1) راجا جي لاءِ بلڪل ضروري ماڻهو سندس صلاح ڪار وزير آهن.
(2) راجا کي صرف جوتشين سان ئي تعلق رکڻ گهرجي.
(3) راجا جو نتيارو حڪيمن مان ٿيندو.
(4) راجا کي گهرجي ته ڪي بانڪا بهادر جنگي جوڌا پنهنجي چوڌاري
موجود رکي ۽ انهن سان واسطو رکڻ ئي کيس فائدو
پهچائيندو.
مطلب ته کوپريءَ کوپري مت نياري هئي. ٽين سوال جا جواب وري
هيٺينءَ ريت آيا:-
ٽين سوال جا جواب
(1) دنيا هلي ٿي سائنس جي آڌار تي، وگيان جي وسيلي کان سواءِ ڪا
به ترقي ٿي نه ٿي سگهي. تنهنڪري راجا کي پنهنجو
سمورو خيال سائنس ڏي رجوع ڪرڻ گهرجي.
(2) اڄ ڪالهه دنيا ۾ جيڪو ڏاڍو سو گابو. ڏاڍي جي لٺ کي آهن ٻه
مٿا، تنهنڪري ڏاڍائيءَ ۽ جنگ کان سواءِ بادشاه جي
بادشاهي نه قائم رهي سگهي ۽ نڪي وري وڌي سگهي.
انهيءَ ڪري راجا کي جنگي فن وڌائڻ ۾ وقت صرف ڪرڻ
گهرجي. انهيءَ جهڙو فائديمند ڪم ٻيو ڪو به ٿي نه
ٿو سگهي.
(3) ڌڻيءَ جي نالو جو جنهن انسان کي ٻل آهي تنهن جي سدائين فتح
آهي. مالڪ جي عبادت ڪلپ برڇ آهي، جو تکيءَ تاوريءَ
۾ ڇانو ڪري ٿو ۽ مهر جو مينگهه آهي، جو رڃ ۾ امرت
ورکا ڪري ٿو. ايشور پرارٿنا مان اوهي فائدا ملن ٿا
جن جو انسان سپني ۾ به اندازو لڳائي نه ٿو سگهي.
تنهن ڪري راجا کي گهرجي، ته لاڳاپا لاهي دنيا جا
فاني ڪم ڪار ترڪ ڪري الاهي محبت کي چهٽي پوي جو
اِهوئي امولڪ رتن آهي.
جواب جدا جدا هوا. راجا جي خيال کي ڪوبه نه وڻيو. ڪنهن کي به
انعام نصيب نه ٿيو. راجا تمام ماندو ۽ مايوس ٿيو.
سندس اندر ۾ آنڌ مانڌ پيدا ٿي، جنهن سندس سمورو سک
ڦٽائي ڇڏيو. نيٺ ڏس مليس ته پري جهنگ ۾ هڪڙو درويش
رهي ٿو جو بلڪل دانشمند ۽ گيانوان آهي. هو ڪنهن ڏي
به اچي وڃي ڪونه ۽ ملاقات جو وجهه به صرف عام غريب
لوڪن کي ڏيندو آهي. شاهوڪار سردار کي وٽس پهچڻ جو
وجهه ملي نٿو سگهي. راجا کي اها ڳالهه ٻڌي دل ۾
اميد پيدا ٿي ۽ مسڪيني پوشاڪ پهري لشڪر وٺي روانو
ٿيو.
درويش جي جهوپڙيءَ کان ميل کن پنڌ اوري راجا لشڪر کي ترسايو ۽
گهوڙي تان لهي اڪيلو پيادل سنت ڏانهن هليو. نزديڪ
پهچي هن ڏٺو ته اهو سنياسي هڪڙي ننڍڙي باغيچي ۾
ويٺو کڏون کوٽي. راجا کي ڏسي هن منهن مٿي ڪيو ۽
کينڪار ڪري وري پنهنجي ڪم کي لڳي ويو. مڙس هو ضعيف
سنهڙو، سو کوٽيندي کوٽيندي سهڪيءَ ۾ ڀرجي ٿي ويو،
راجا سندس اوڏو وڃي چيو:
”اي مرد خدا جا، مان تو وٽ سوالي آيو آهيان. ڀلائي ڪري مون کي
منهنجن ٽن سوالن جا جواب ڏي. هڪڙو ته اهو وقت ڪهڙو
آهي، جو دل ۾ ڌارڻ گهرجي ۽ جنهن جي بي خبريءَ ۾
گذاري وڃڻ تي ارمان ۾ هٿ ملڻا نه پون. ٻيو ته ڪهڙا
ماڻهو ضروري آهن جن جو سنگ ڪجي ۽ ڪهڙن سان ٿورو
رلجي ملجي ۽ ڪهڙن سان گهڻو. ٽيون ته تمام ضروري ڪم
ڪهڙا آهن جي جيڪر ٻيا سڀ ڏيئي ٻن، اول کڻجن هٿ ۾.“
درويش راجا جا لفظ سانت ڪري ٻڌا، پر بنا ڪنهن به جواب ڏيڻ جي
هٿن کي ٿڪ مهٽي وري به ڪوڏر کڻي پنهنجي ڪم کي جنبي
ويو. راجا چيو، ”سائين اوهان بلڪل ٿڪل آهيو. مون
کي ڏيو ڪوڏر ته گهڙي کن مان ٿو ڪم ڪريان ۽ اوهان
تيسين ساهي پٽي وٺو.“ درويش سندس شڪر گذاري ڪندي
کيس ڪوڏر هٿ ۾ ڏني ۽ پاڻ ٿورو پرڀرو ڌرتيءَ تي
ويهي وسرام وٺڻ لڳو. راجا به کڏون کوٽي وري ساڳيو
سوال پڇيو پر هن ڪنهن به جواب ڏيڻ کان سواءِ هٿ
ڊگهيري کانئس ڪوڏر گهري ۽ چيو ته هاڻي تون آرام ڪر
ته مان ٿو وارو وٺان. راجا ڪوڏر نه ڏني پر وري به
ڪم کي لڳي ويو. پلڪن مان پهر ٿي ڏينهڙو گذري ويو.
سج، جو ڪم وٺندڙ ڪاريگر آهي، سو ڪچهري برخواست ڪري
ٽوپلو مٿي تي رکي راهي ٿيو ۽ ٻيا ڪمي پڻ سندس وڃڻ
کان پوءِ ٽپڙ سهيڙڻ لڳا. روشنائي غائب ٿي ويئي.
رات پنهنجو ديرو ڄمائڻ شروع ڪيو.پکي پکڻ وڃي آکيرن
۾ آرامي ٿيا. راجا کڏون کوٽي کوٽي بيحال ٿي پيو ۽
سنت جي سامهون اچي عرض ڪيائين: ”هي مهاپرش، مان تو
وٽ ٽي سوال کڻي آيس. عرض ڪيم، ليلايم، پورهيو ڪيم
پر تو ڪو به جواب نه ڏنو. جي انهن سوالن جي جواب
ڏيڻ جي توکي ڪا سامر ٿي نه هجي ته ’سخيءَ کان شوم
ڀلو، جو ترت ڏئي جواب؛‘ وهلي وراڻي ڏيئي روانو
ڪرينم ته چڱو.“
درويش کيس جواب ڏيڻ کان سواءِ چيو: ”هو ته ڏس، ڪير ڀڄندو پيو
وڃي. ڪنهن سوڙهيءَ گهٽيو ٿو ڏسجيس. هل ته هلي کيس
واهر ڪريون ۽ ڏسون ته ڪهڙيءَ ماجرا ورتو اٿس.“
راجا منهن ورائي ڏٺو ته برابر هڪڙو ڏاڙهيءَ سان
مرد ٻيلي وچان ڊوڙندو ٿي ويو. سندس هٿ پيٽ تي هوا
۽ انهن جي هيٺان رت ٿي وهيو. راجا جي نزديڪ پهچي
هو ڌرتيءَ تي ڪري پيو ۽ اکيون ٽمڪائڻ لڳو. سندس
چرپر بند ٿي ويئي ۽ صرف وات مان جهيڻو ڪنجهڻ جو
آواز ٻڌڻ ۾ ٿي آيو. راجا ۽ سنت سندس ڪپڙا لاٿا.
کين هڪ وڏو زخم نظر آيو. راجا پنهنجي ٻڌيءَ آهر
سندس زخم ڌوتو ۽ يڪدم پنهنجو رومال ۽ سنت جو ٽوال
کڻي مٿس ويڙهيو. رت جو ڦوهارو بند نه ٿيو. جلد ئي
ٻئي ڪپڙا ٻڏي ويا ۽ هن اهي لاهي وري نوان ڪپڙا
ٻڌا. اهڙيءَ طرح زخم ڌوئيندي ۽ پٽيون ٻڌندي ۽
لاهيندي نيٺ رت کي جهلو آيو ۽ زخمي ٿيل منش اکيون
کوليون. سامت ۾ اچي هن پاڻي گهريو. راجا ڊوڙندي
تازي پاڻيءَ جو گلاس اچي سندس چپن تي رکيو. گهڙي
کن گذرڻ بعد ٿڌيءَ رات جي شانتيءَ ۾ راجا ۽ درويش
گڏجي ان کي کنيو ۽ اچي جهوپڙيءَ ۾ هنڌ تي
سمهاريو. يڪدم کيس ننڊ کڻي ويئي ۽ کونگهرا هڻڻ
لڳو.
راجا ايترو ته هڄي پيو هو جو چانئٺ تي ويٺي ويٺي گهري ننڊ کڻي
ويس. سڄي رات بيجان لاش جيان پاسو به نه چوريائين.
سندس هڏ هڏ چور ٿيا پيا هوا ۽ سمهڻ کان پوءِ جو
عضوو جتي سو تتي سڪ ٿي ويو هو. صبوح جو جڏهن اک
کليس تڏهن پتو ئي نٿي پيس ته ڪٿي اچي پهتو آهيان ۽
هو سامهون کٽولي تي سمهيل منش، جو چمڪندڙ اکيون
کڻي نهاري رهيو آهي، سو ڪير آهي.
زخمي مرد جڏهن ڏٺو ته راجا جاڳي پيو تڏهن ضعيف آواز ۾
چيائين،”معاف ڪر“راجا چيو، ”مان ته توکي بنہ ڪونه
سڃاڻان، تو منهنجو ڪهڙو قصور ڪيو آهي جو مان توکي
معاف ڪريان.“
زخميل منش چيو، ”هي راجن، تون مون کي ڪونه ٿو سڃاڻين پر مان
توکي سڃاڻان ٿو. مان تنهنجو اهو دشمن آهيان جنهن
جي تو ملڪيت کسي آهي ۽ جنهن جي ڀآءٌ کي تو قتل ڪيو
آهي. مان توکان بدلي وٺڻ جو قسم کنيو هو. جڏهن مون
کي خبر پيئي ته تون درويش ڏانهن اڪيلو آيو آهين،
تڏهن مان سهي سنڀري نڪتس ۽ اچي رستو جهلي ٻوڙن ۾
لڪي ويٺس ته جيئن تون موٽين تيئن توکي راه عدم
رسايان. سارو ڏينهن لنگهي ويو پر تنهنجو پتو ڪونه
پيو. تنهن ڪري ٻاهر نڪري نهارڻ لڳس. ٽڪر پنڌ مس
ڪيم ته تنهنجا جسم –رکيڪ سوار گڏيا، جن مون کي
سڃاتو ۽ مون تي وار ڪيو. مان وٺي ڀڳس ۽ رت
وهائيندو اچي هتي پهتس، جتي جيڪڏهن تون تڪليف وٺي
منهنجا زخم ڌوئي آرامي نه ڪرين ها ته جيڪر هن کان
اڳي پورو ٿيو پيو هجان ها. مان توکي ڪهڻ ٿي چاهيو
پر تو منهنجي جان بچائي آهي. هينئر مان زنده آهيان
۽ جي تون موڪل ڏيندين ته باقي عمر جا ڏينهن تنهنجي
خذمت ۾ بسر ڪري پنهنجن ٻچن ۽ اولاد لاءِ پڻ وصيعت
ڪري ويندس ته پيڙهيءَ به پيڙهيءَ تنهنجي چاڪري
ڪندا رهن. ’اي مهربان سائين، مون کي معاف ڪر.“
بادشاه وائڙو ٿي ويو. سندس اندر ۾ اجهل آنند جي اٿل اڇلون ڏيڻ
لڳي. ٿوريئي ۾ ڇٽي ويو. سندس رواجي خذمت سندس جگري
دشمن کي دوست يا اڃا به چئجي ته خادم بڻائي ڇڏيو.
عمر جو اونو لهي پيس. يڪدم زخميل منش جي ويجهو وڃي
کيس مٺيءَ مرڪ سان معافي ڏنائين ۽ چيائينس،
”دلجاءِ ڪر. مان نه فقط توڏانهن پنهنجو شاهي حڪيم
علاج لاءِ ۽ نوڪر توکي شهر ۾ پهچائڻ لاءِ
موڪليندس، پر تنهنجي اچڻ تي تنهنجي سموري کسيل
ملڪيت تنهنجي حوالي ڪئي ويندي.“
ائين چئي کائنس رخصت وٺي ٻاهر ميدان ۾ آيو، جتي درويش کي کڏن ۾
رڙهندو ۽ ڀاڄين جو ٻج پوکيندو ڏٺائين. اڳتي وڌي
بلڪل نيزاريءَ ۽ نماڻائيءَ سان چيائين، ”اي مولائي
مرد، مان هي آخرين دفعو هٿ ادب جا ٻڌي سوالن جا
جواب ٿو پنان.“ درويش ڏانهنس نهاري وراڻيو: ”توکي
جواب ته اڳيئي ملي چڪا آهن. اڃا باقي ڇا گهرجيئي.“
راجا- جواب ڪيئن مليا؟ مون کي ته سمجهه ۾ ڪجهه نٿو اچي.
درويش- ڇو، سڄي ڳالهه صاف پڌري پيئي آهي. جيڪڏهن ڪالهه تون
منهنجي ضعيفائيءَ تي رحم ڪونه کائين ها ۽ سارو
ڏينهن کڏن کوٽڻ جي بدران جواب وٺي پنهنجو مطلب
پورو ڪري پوئتي موٽين ها ته هو تنهنجو جاني دشمن
توکي ماري ختم ڪري ڇڏي ها ۽ پڇاڙيءَ جي پساهن ۾
تون هٿ مليندو رهجي وڃين ها ته ڇو نه ويهي کڏون
کوٽيم ۽ ڪنهنجو ڀلو ڪيم. تنهنڪري
(1) پورو وقت اهو هو جنهن وقت تو کڏون کوٽڻ شروع ڪيون.
(2) مان ئي تنهنجي لاءِ تمام ضروري ماڻهو هوس جنهن کي مدد ڪرڻ
توتي لازمي هئي.
(3) سٺي ۾ سٺو ڪم تنهنجي لاءِ هو مون کي مدد ڪرڻ.
وري جڏهن هو زخميل منش تو وٽ ڊوڙندو آيو تڏهن
پورو وقت اهو هو جڏهن تو هن جي خذمت ۾ هٿ ڳنڍيو. ڇاڪاڻ ته جي هو
بنا ڇٽڻ ۽ بنا توسان ڳالهائڻ جي مري وڃي ها ته
تنهنجي لاءِ وير سندس اندر ۾ ئي رهجي وڃي ها ۽
تنهنجي دل پيئي ساري عمر کاڄي ها.
مٿين سبب جي ڪري ان وقت ضروري ماڻهو وري اهو زخميل منش هو جنهن
کي تو مدد ڪئي.
ان وقت تمام ضروري ڳالهه تنهنجي لاءِ هئي کيس مدد ڪرڻ ۽ سندس
خذمت ڪرڻ.
مٿيون ڳالهيون خيال ۾ رکي ياد رک ته
(1) تمام ضروري وقت صرف هڪڙوئي آهي يعني ’حال‘ (هاڻي)‘، جيڪي
ڪرڻو هجي سو هاڻي ڪر. گذريل يا ايندڙ وقت جو ويچار
نه ڪر، دنيا ۾ ڪنين ماضي من ۾ ڪنين مستقبال پر حيف
تنين جي حال جن وساريو حال کي.
هاڻوڪي وقت کي غنيمت سمجهه، ڇو ته گذريل وقت وڃڻ کي ويو؛ ان کي
تون موٽائي نٿو سگهين. ڏڌو ٿڻين ڪونه پوندو. جيڪو
وقت اچڻو آهي ان تي تنهنجو باور ڪونهي. نڪي پنهنجي
دم تي ڀروسو رکي ٿو سگهين. تنهنجو قبضو صرف چالو
وقت تي آهي ۽ ان ۾ ئي ڪجهه ڪرڻ جو تون مختيار
آهين.
(2) ضروري ماڻهو جنهن سان تعلق رکجي ۽ جنهن کي ويچار ۾ آڻجي سو
اهو آهي جيڪو انهيءَ هلندڙ منٽ ۾ اکين سامهون
موجود آهي ۽
(3) تمام ضروري ۽ فائديمند ڪم آهي ان منٽ ۾ ان شخص سان چڱائي
ڪرڻ.
مٿيون سونهري سبق پرائي، راجا پنهنجي راڄڌانيءَ ڏانهن موٽيو ۽
پنهنجي باقي حياتي خلق جي خذمت ۾ گذاريائين. جيڪو
جنهن وقت منهن چڙهندو هوس، ان جي ان وقت شڪتيءَ
آهر خذمت ڪندو هو. |