سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: ٽالسٽاءِ جون اخلاقي آکاڻيون

باب: --

صفحو :3

 

 

ايلياس

عرف

آنند جي ڪنجي

 

]آنند آهي تياڳ (ترڪ) ۾. مايا جي جنجال ۽ موه ۾ اٽڪيل انسان ڪڏهن به آرام نٿو پائي. پيو ٿو ڀٽڪي، جيسين يا پاڻ بهادري ڪري دنيا کي ترڪ نٿو ڪري، يا وري دولت کيس دوکو ڏيئي کوکو نه ٿري ڪري. پوئين حالت ۾ يا ته سڌ ٻڌ وڃائي ديوانن جان در در ٿو ڀٽڪي ۽ سندس چت جي شانتي موڪلايو وڃي يا ته وري مها تياڳ ورتي اختيار ڪري موکش مارگ (نجات جي راهه) ۾ پير ٿو پائي. پهرين حالت جو نتيجو ته آئيني جيان عيان آهي ۽ گدڙ کي شير جو پد بخشي سندس منزل مٿي ٿو ڪري.[

* * *

اوفا جي پرڳڻي ۾ هڪڙو بشڪير ايلياس نالي رهندو هو. پڻس کيس پرڻائڻ کان پوءِ جلدئي هڪڙي سال جي اندر پرلوڪ پڌاريو ۽ هو ويچارو غريب ٿي رهجي ويو. سندس جملي ملڪيت هئي ست گهوڙيون، ٻه گايون ۽ ويهه رڍون؛ پر هاڻي مال جو مالڪ جو بڻيو، سو لڳو پنهنجي پونجي سنوارڻ ۽ پاڻ کي آسودو ڪرڻ. ٻئي زال ۽ مڙس اسر کان سهماڻيءَ تائين پيا پورهيو ڪندا ۽ ڳهندا هوا. پنهنجي پاڙيسرين کان گهڻو اڳي اٿندا هوا ۽ ڳچ وقت پوءِ سمهندا هوا. جفاڪشي ۽ محنت کان ٻه پهر وسان نه گهٽايائون. دولت جي ڪمري جون ٽي ڪنجيون. اورچائي، پورهيو ۽ ڌيرج، سندن هٿ ۾ هيون ۽ انهن جي وسيلي هن پنهنجي موڙي گهڻي قدر وڌائي.  سال بسال ويا مال رزق ۾ وڌندا. پنجٽيهه سال ڪشالي ڪڍڻ کان پوءِ هو تمام آسودا ٿي پيا ۽ مال متاع جي وٽن ڪمي ڪانه رهي.

ايلياس هينئر هڪڙو مشهور ڀاڳيو مالدار ٿي پيو. وٽس سؤ گهوڙا، ڏيڍ سؤ گانيون مينهون ۽ ٻارهن سؤ رڍون هيون. مال جي ٽهل ٽڪور ۽ خذمت لاءِ ڪيترا نوڪر مقرر ٿيل هئس. کير ڏهڻ، مکڻ ڪڍڻ ۽ ڏڌ ولوڙڻ وغيره نازڪ هاجن لاءِ نوڪرياڻيون رکيون هوائين. حقيقتاً وٽس هرڪا چيز اڻ مئي موجود هئي ۽ ٻهراڙيءَ ۾ سندس آسودگي ڏسي هر ڪنهن ائين ٿي چاهيو ته شل پاڻ به اهڙو سکيو ستابو ٿئي. عام لوڪ ائين ئي چوندا هوا ته ايلياس جهڙو خوش نصيب ۽ ڀاڳن ڀريو ٻيو ڪير هوندو؟ کيس ڌڻيءَ ڪنهن شيءِ وست جي گهرج ڪانه ڏني آهي. ايڏي اٿاه پدارٿ هوندي هن کي هيءَ دنيا بهشت سمان آهي ۽ کيس مري بهشت ماڻڻ جي ته گهرج ئي ڪانهي. وڏا وڏا ڀل ڀليرا سندس واقفيت جا خواهان هوندا هوا ۽ جڏهن هڪ دفعو سندس سنگت ۾ ايندا هوا، تڏهن واقفيت وڌائي دوستي ڳنڍڻ جا منتظر ٿيندا هوا. پري پري ڏورانهن ڏيهن کان ماڻهو وٽس ايندا هوا ۽ هن جي مهمان خاني ۾ هر ڪنهن جي خاطر خواه مرحبا ٿيندي هئي. ميزبانيءَ جا حق ادا ڪرڻ ته ڪو ايلياس کان سکي. هر ڪنهن آئي وئي لاءِ دستر خوان ڪشادو کليل هو ۽ ڏڌ ۽ مکڻ هڪيا تڪيا هئا. جهڙا ٻوڙ پلاءَ ۽ مڇي ماني آڪهه ۾ ورتبا هئا، اهڙا ئي پرديسي سڄڻن جي مک ۾ پوندا هئا. مطلب ته مهمان ڀڳوان سمجهيو ويندو هو ۽ سندس چوکو آدرستڪار ڪرڻ هڪ ايشوري فرض ڄاتو ويندو هو.

ايلياس کي ٻه پٽ ۽ هڪ ڌيءَ ڪل ٽي ٻار هوا، جن کي هن چڱي ڌام ڌوم ۽ پاٻوه سان پرڻايو. غريبي ڪال ۾ سندس پٽ پورهئي کي مهڻو نه ڄاڻي، ساڻس گڏ پيا پگهر ڳاريندا هوا، پر پئسي جي ڍو سندن مغز جو چڪر ڦيري ڇڏيو ۽ هو هينئر خوب موجون وٺڻ ۽ دنيا اڏائڻ لڳا. ڀلا نه ڏسي ڏٺو هوائون، سو رات ڏينهن نشن پتن ۾ گذاري اڳيون پويون ڪسرون ڪڍيائون. وڏي ته شراب خاني خراب ۾ پاڻ کي جنسي ٻوڙي ڇڏيو ۽ هميشہ الوٽ پيو هوندو هو. جلدئي ڪنهن جهيڙي ۾ هن هڻي پاڻ ڦٽائي وڌو ۽ پرلوڪ پڌرايو. باقي رهيو ننڍو تنهن کي به ملي پوءِ ڍائي نحس ندوري زال، تنهن ته خانو ئي خراب ڪري ڇڏيس. ’هرڻي اڳيئي ڪڏڻي، ويتر پيس گهنڊڻي،‘ سو ڌرتي جاءِ ئي نه پيئي ڏئيس. ’چنڊو چنڊي کي سؤ ڪوه تي ڳولهي لهي.‘ هي ٻئي به هڪ ٻئي جا جيس هوا. جلد ئي ڇوڪر هٿن کان نڪري ويو ۽ پيءُ کي روڪ ٻڌائڻ لڳو. ايلياس ٻيو حيلو نه ڏسي کيس گهر کان ٻاهر هڪالي ڪڍيو. پر وري به نيٺ آنڊو لخت جگر هوس سو هڪڙي جاءِ رهڻ واسطي ۽ ڪجهه حصو مال جو ڏنائينس، جنهنڪري سندس ملڪيت ۾ ڪجهه ڪتر پيئي.

چوندا آهن ته ’سج ٻه پاڇا.‘ سڀ ڏينهن هڪ جهڙا نه آهن. زماني جي گردش ۾

ڪڏهن سکڻا ڪنگر ڀرجن، ڪڏهن ڀرپور سکڻا ٿين

سو ايلياس جو آفتاب به اولهه جي افق ڏي موٽڻ لڳو بخت جي بلنديءَ تان ڏاڪو ڏاڪو ٿي ويو لهندو. پهريائين ته سندس مال ۾ مرض اچي منهن ڪڍيو ۽ ڪيترا جانور مري ويس. وري ان سال مينهن جو ڦڙو به ڪونه پيو، جنهن ڪري گاهه ڪونه اُڀريا. مال بک ۾ پاه ٿيڻ لڳو. ڏٻرا ڍور ته ڌڪ جهلي نه سگهيا، پر ڏاڍن کي به سٽ اچي ويئي. ڪم نصيبي ڪڏهن به اڪيلي نه ايندي آهي پر پنهنجي ولر کي ساڻ وٺي ايندي آهي. ايلياس ويچارو اڳيئي اڌ مئو ٿيو پيو هو، وري جو آيا چور، سي ته باقي مال به ٻهاري ويس. ويو غريب پؤڻو پوندو. اڳيون اقبال ته ماضيءَ جي ڳالهه هئي، پر هاڻي ويچاري کي قوت گذران لاءِ به ٽپڙ وڪڻي پورائو ڪرڻو پيو. اهڙيءَ طرح رفته رفته هيٺ لهندي ستر ورهين جي ڄمار ۾ اچي بک تي بيٺو. بدن جي وڳي کان سواءِ وٽس ٻيو ڪي ڪين هو جو ڏيئي پيٽ قوت ڪري. زال به پاڻ جهڙي ئي ٻڍي هئس، پر مڙس سان گڏ مشڪلات کي ڌيرج سان منهن ڏيندي آئي هئي ۽ آئينده پڻ ڏيڻ لاءِ تيار هئي. پٽ به پري ڪنهن ڌارئي ملڪ وڃي نڪتو هوس. ڌيءَ ويچاري پنهنجي دنيوي حياتي بسر ڪري وڃي پرم آتما جي گود ۾ سمائي هئي. مطلب ته ڪو ڪونه بچيو هو، جو کڻي هن بيڪس بيواهي درديل جوڙي جي دستگيري ڪري ۽ کين آخرين اوستا ۾ اجهو ڏئي. سڀ وسيلا ويل ڏسي، ’ديس چوري پرديس بکيا‘ وارو سبق ياد ڪري، هو پنهنجو وطن ڇڏي بيوطنيءَ ۾ بيک مڱڻ لاءِ سنڀريا.

اهڙيءَ گهور اونداهيءَ جي وچ ۾ ڪارن ڪڪرن وچان هڪ سونهري ليڪ نڪري نروار ٿي. ايلياس جي پاڙيسريءَ محمد شاهه کي ڪهل اچي ويئي. هن کي اهي ڏينهن، جڏهن هو وٽس ويهي کائيندو پيئندو هو، ياد اچڻ لڳا ۽ سندس دل ڀڄي پيئي. هو ڪو شاهوڪار ڪونه هو، نڪي وري ڪو غريب هو پر هڪ سادو سودو عزت وارو سکر ماڻهو هو، جنهن جي جسم اندر همدرد دل موجود هئي. هن ٻنهي زال ۽ مڙس کي سڏي چيو:

”اوهان اچي مون وٽ رهو. اونهاري ۾ گدرن جي ولين تي جيڪو ڪم ڏانءِ اچيو سو ڪجو ۽ سياري ۾ ايلياس، تون مال جي سنڀال ڪج ۽ تون مائي، ڏڌ مکڻ جي ڪم ۾ رهج. مان اوهان ٻنهي کي کاڌو ۽ ڪپڙو لٽو ڏيندس، پر جي ڪنهن ٻيءَ شئي جي اوهان کي طلب ٿي، ته به صرف اوهان جي گهرڻ جي دير ٿيندي ۽ مان تت ڪال ان جو پورائو ڪندس.“

ايلياس پنهنجي نيڪ دل پاڙيسريءَ جا شڪرانا بجا آندا ۽ وڃي وٽس رهيو. ڪجهه ڏينهن کين پرائي ڪم کان عار پي ٿيو ۽ دل ۾ پيا شڪبا هوا پر لاچار کي ڪهڙو آچار! نيٺ ته کين حياتي ڪاٽڻي هئي. ٿورن ڏينهن ۾ سندن دل جو خيال لهي ويو ۽ هو پريم سان پورهيو ڪرڻ لڳا. پنهنجي وت آهر سارو ڏينهن وهي اچي رات جو آرامي ٿيندا هوا.

محمد شاهه کي پڻ مزو ٿي پيو. جو ههڙا جهونا تجربه ڪار آدمي کيس ملي ويا، جن پاڻ اختياري هلائي ڏٺي هئي ۽ جن کي خبر هئي ته ڪم چڱيءَ طرح ڪيئن ڪجي. انهيءَ کان سواءِ هو سستي يا ڍلائي ڪڏهن نه ڪندا هوا، پر چت لائي هر ڪنهن ڪار ۾ ويهن ئي ننهن جو زور لڳائيندا هوا. مالڪ جو اندر وارو ڏانهن بلڪل راضي هو پر هن کي اهو ارمان هميشہ رهندو هو، ته ڪهڙا نه دولتمند ماڻهو ڪنگال ٿي پيا آهن ۽ زماني جي دؤر ڪيئن نه اعليٰ کي ادنيٰ بڻائي کٽ تان لاهي پٽ تي اڇليو آهي.

هڪڙي ڏينهن محمد شاهه جا ڪي مائٽ دور ديس کان وٽس مهمان ٿي آيا. ساڻن گڏ هڪ ملان به هو. ايلياس سندن چڱي خذمت ڪئي ۽ جڏهن هو کائي پي غاليچن تي طول وهاڻن کي ٽيڪ ڏيئي رهاڻ ۾ ويٺا هوا، تڏهن محمد شاهه ايلياس ڏانهن اشارو ڪري مهمانن کي چيو، ”هن پرئي مڙس کي اوهان سڃاڻو؟“ هنن وراڻي ڏني ”نه؛ ڇو، هي ڪير آهي؟“  محمد شاهه چيو، ”هن جو نالو ايلياس آهي ۽ ڪنهن وقت هو هن سڄيءَ پسگردائيءَ ۾ شاهوڪارن ۾ شاهوڪار ماڻهو هو. شايد توهان به سندس نالو ضرور ٻڌو هوندو.“

مهمان کان رڙ نڪري ويئي ۽ چيائين، ”ڇا، نالو؟ ايلياس جو نالو ڪنهن نه ٻڌو هوندو؟ ڳلين جا ڪک به سندس نيڪ نالي کان غير واقف ٿي نٿا سگهن. سندس ناموس هنڌين ماڳين پکڙيل هئي.“

محمد شاهه چيو ته ”ادا، اهو نامور ايلياس اهو اٿو. هينئر ويچاري کي پائي پلئه ڪانهي. مون وٽ نوڪريءَ ۾ آهي. سندس زال به ساڻس رهندي ۽ ڪم ڪندي آهي.“

مهمان جا ته طاق ئي مڙي ويا. ڏندين آڱريون ڪري چوڻ لڳو، ”سياڻن سچ چيو آهي ته نصيب هڪ ڦرندڙ چڪر آهي. هڪڙن کي چاڙهي چوٽ وسائي، ته ٻين کي ڪيرائي پٽ اڇلائي. ٻڌاءِ ته ڪڏهن پريو مڙس اڳيان ڏينهن ياد ڪري دانهن به ڪندو آهي؟“

محمد شاهه چيو، ”ڪهڙي خبر؟ هو بلڪل سانت ۾ پيو گذاري ۽ پنهنجو ڪم بلڪل ايمانداريءَ ۽ هوشياريءَ سان پيو ڪري.“

مهمان چيو، ”تڏهن مان جيڪر ساڻس گفتگو نه ڪريان؟ دل پيئي چويم ته کانئس اڳين اوج جا احوال پڇان؟“

محمد شاهه ”ڇو نه“ چئي ايلياس ۽ ٻڍيءَ کي اندر سڏيو. هو آيا، ايلياس باعزت سلام ڪري اچي ادب سان ويٺو ۽ سندس زال پردي اندر وڃي گهر ڌياڻيءَ سان گڏجي ويٺي.

ايلياس کي کيرڻيءَ جو پيالو آڇيائون، جو هن ”بسم الله“ چئي ٻنهي هٿن ۾ ورتو ۽ ويٺلن کي تندرستيءَ جي دعا ڪري، نمي، چڪي چاڙهي، پيالو کڻي رکيو. مهمان پڇيو، ”پريا مڙس، ٻڌاءِ ته سهين ته اسان کي ڏسي توکي ستل سور وري اڀرن ٿا يا نه؟ اڳيان اڊمبر ياد ڪري هاڻوڪيءَ حالت تي دک ٿئيئي ٿو يا نه؟“

ايلياس مشڪي وراڻي ڏني، ”جي مان ويهي دک يا سک جي ڳالهه ڪندس، ته شايد اوهان نه وسهو. چڱو ائين ٿيندو ته منهنجي زال کان احوال پڇو. هن جي دل خواهه زبان زناني آهي ۽ هوءَ سمورو سچ سليندي آهي.“

مهمان ٻڍيءَ کي سڏي چيو ڪراڙي! ڪر خبر. اڳين سک ۽ هاڻوڪي دک  بابت توکي ڪهڙو خيال آهي؟“

ٻڍيءَ وراڻي ڏني، ”اجهو، منهنجو خيال هي آهي. مان پنهنجي مڙس سان اڌ صدي گذاري، جنهن ۾ مون آنند جي تلاش ڪئي، پر فتحياب نه ٿيس. هينئر جيتوڻيڪ صرف نوڪر آهيون ۽ بي ثمر بڻئي فقط ٻه سال ٿيا اٿئون، ته به اسان سچي خوشي حاصل ڪئي آهي ۽ وڌيڪ ڪابه خواهش ڪانه اٿئون.“

مهمان خواه ميزبان حيرت ۾ پئجي ويا. محمد شاهه ته ٽپ ڏيئي اٿيو ۽ پردو پاسي ڪري ٻڍيءَ ڏانهن ٽڪ ٽڪي لڳائي نهارڻ لڳو. هوءَ هٿ ٻڌيو بيٺي هئي. سندس منهن تي مشڪ آئي، جيئن هن پنهنجي مڙس ڏانهن نهاريو. ايلياس پڻ مشڪ ورائي. ٻڍيءَ وري چپ چوريا ۽ چيو، ”مان اوهان کي خاص سچ پيئي چوان. متان اوهان منهنجن لفظن کي چرچو يا ڍونگ سمجهو. جيسين اسين شاهوڪار هواسون، تيسين پنجاهه سالن جي ڳولا به اسان کي سچيءَ خوشيءَ جو نشان نه ڏٺو. پر هينئر جڏهن اسان وٽ ڪين جو ڪنو چڙهيو پيو آهي ۽ اسان اوچا آسٿان ڇڏي آهي مسڪينن سان محبت ونڊي آهي، تڏهن اسان اوها راحت حاصل ڪئي آهي جنهن کان وڌيڪ ٻيو ڪجهه ٿي نٿو سگهي.“

مهمان پڇيو، ”اوهان جي خوشي تڏهن ڪهڙيءَ ڳالهه ۾ آهي؟“

ٻڍيءَ وراڻيو، ”ٻڌ ته ٻڌايانءِ. جيسين اسان مايادار هواسون، تيسين مون کي خواه منهنجي مڙس کي پآءٌ پلڪ جي فرصت ڪانه هئي، جنهن ۾ ويهي ڪي ڳالهيون ٻولهيون ڪريون، يا روحاني انتيءَ (روحاني سڌاري) جو ويچار ڪريون، يا ڪا ڌڻي سڳوري جي بندگي ڪريون. اسان دنيوي غلطانين ۾ چوکنڀا ڦاٿل هواسون ۽ وارجي واندڪائي به ڪانه هئي. جيڪڏهن مهمان ايندا هوا، ته اسان کي اها انتظاري اچي وٺندي هئي ته کين ڪهڙيءَ ريت کارايون پياريون، جو اسان جي گلا نه ٿئي، پر سڀ اسان جي واه واه ڪن. سندن نوڪرن جو پڻ خاص خيال رکڻو پوندو هو ته جيئن اسان جي مانيءَ خواه مهمانيءَ جي ٻين سان ڀيٽ نه ڪن ۽ جي ڪن به، ته اسان کي گهٽ نه سمجهن. پر ائين ڪندي اِهو خيال پڻ هوندو هو ته گهڻو کائي کاڌو نه کپائي ڇڏين، جا ڳالهه گناهه جهڙي هئي. انهيءَ کان سواءِ هر ڪنهن رات اِها چنتا هوندي هئي ته متان گهيٽن ۾ اچي ڪو بگهڙ پوي، يا ڪوٺيءَ کي ڪو چور کاٽ هڻي، يا ڪي مال جا چور اچي گهوڙيون نه ڪڍي وڃن. هنڌ تي وڃي سمهندا هواسون ته ننڊئي نه ايندي هئي. خوف ٿيندو هو ته متان ويايل رڍون ٻچڙن کي پاسو ڏيئي نه چيڀاٽين. اڌ رات انهن ڳڻتين ۾ گذرندي هئي، ته پوئين رات جو وري ٻي ڏينهن جي ڳڻ تور شروع ٿيندي هئي. اهڙيءَ ريت ’راتيان ننڊ حرام، ڏينهان پڻ انتظاري‘ هئي. وري انهيءَ ڪشمڪش ۾ اسان جي پاڻ ۾ اڻبڻت پيدا ٿيندي هئي. منهنجو مڙس چوي ته هيءُ ڪم هينءَ ٿئي ۽ مان چوان ته هوئن. اچي تڪرار تائين منزل رسندي هئي، جو وري ٻيو عظيم گناهه هو. اهڙي قسم جي حياتيءَ ۾ جهوريءَ پٺيان جهوري ۽ گناهه پٺيان گناهه سو هلندو ٿي آيو، باقي خوشيءَ جو ته پاڇو به ڪونه هو.“

مهمان پڇيو، ”هاڻي ڪيئن ٿا گذاريو؟“

ڪراڙيءَ چيو، ”هاڻي جڏهن مان ۽ منهنجو مڙس مٺيءَ ننڊ بعد صبوح جو اٿندا آهيون، تڏهن هڪ ٻي کي پيار ۽ حب سان کينڪاريندا آهيون. اسان ڪنهن به ڳالهه تي تڪرار ڪونه ڪريون، نڪا ڪنهن ڳالهه جي پريشاني اٿئون. اسان کي صرف اهوئي خيال هوندو آهي ته ڪيئن پنهنجي مالڪ جي خاصي خذمت ڪريون. اسان پنهنجي طاقت آهر نيڪ ارادي سان پيا ڪم ڪريون ۽ هميشہ اِها مراد هوندي اٿئون ته اسان جي خاوند کي ڪو هرج نه پهچي، پر اٽلندو دن بدن وڌندو آسودو ٿيندو رهي. ائين ڪم ڪندي جڏهن اچي گهر پيهندا آهيون، تڏهن ماني ۽ مکڻ جام تيار ملندو اٿئون. ٿڌ جي پهر ۾ سڪا ڇيڻا باهه ٻارڻ لاءِ ۽ رڍن جي کل جو ڪوٽ پهرڻ لاءِ ملندو اٿئون، جنهنڪري تڪليف ٿئيئون ئي ڪانه. انهيءَ کان سواءِ اسان کي پاڻ ۾ رهاڻ ڪرڻ جي فرصت گهڻي ملندي آهي. روحاني ترقيءَ جي ويچار ڪرڻ جو وقت اٿئون ۽ ڌڻيءَ جي عبادت لاءِ واندڪائيءَ جي کوٽ ڪانهي. پنجاهه ورهيه اسان سک جي ڳولا ڪئي پر فقط هينئر لهي سگهيا آهيون.“

شام شماگيءَ (ڪراڙي) جا اهي لفظ ٻڌي سڀ مهمان اچي کل ۾ ڇٽڪيا پر ايلياس رڙ ڪري چيو، ”منهنجا سائين، کلو نه. هي چرچو نه آهي، پر انساني زندگي، ڪنهن وقت مان ۽ منهنجي زال دل جا اپوتر هئاسون ۽ ملڪيت جي ناس ٿيڻ تي جنسي روئندا هواسون، پر هاڻي ڌڻيءَ اسان کي حقيقي راز بتايو آهي، جو اسان وري اوهان کي ٿا سليون، نه پنهنجي وندر لاءِ، پر اوهان جي چڱائيءَ جي خاطر. دنيا ۾ ملڪيت ئي آهي جا سارو مونجهارو ٿي پيدا ڪري. ان جي ڪري پيدا ٿيل موهه انساني ميڄالي کي ڦيراٽيون ٿو ڏياري ۽ رات ڏينهن بي آرام ڪري کيس دين مان ته دربدر ڪيو ڇڏي پر دنيا، جنهن جي ڪڍ ماڻهو سڀ ڪجهه قربان ٿو ڪري، تنهن مان پڻ فائدو وٺڻ نٿو ڇڏي. انهيءَ ملڪيت جو ڪٺو ٿيڻ به ڏک ٿو ڏئي، سانڍڻ به ننڊ ٿو ڦٽائي ته وري هليو وڃڻ به حوصلا خطا ٿو ڪري. انهيءَ ڪري درويشن ان کي ٽنهي ڪالن- ماضي، حال ۽ مستقبل ۾ دکدائڪ ڪري ليکيو آهي. انهيءَ ڳالهه تي اعتقاد رکي جيڪو مڙسي ڪري ان کي ڇڏي ڦٽو ٿو ڪري سو گدا مان شاهه ۽ نوڪر مان مالڪ بڻجي ٿو پوي، هن جي غلاميءَ جا تنگ ڪپجي ٿا وڃن ۽ هو آزاد ٿي دل جي جميعت ۽ ڌڻيءَ جو راضپو حاصل ٿو ڪري. پر جيڪو ڪنهن تڪليف ۽ آپدا هيٺ اچي انهيءَ ڏندڙيءَ ڏائڻ کان آجو ٿو ٿئي ته پوءِ، جي ڳڻتي ڪيائين ته چچريو ٿي مرندو پر جي غوطو پي ويو ۽ ڌيرج ڪري ڌڻي جي ڀاڻي ۾ ڀنو رهيو ته به ڇن پٽ کان ڇٽي نيٺ وڃي سک ماڻيندو. دنيا جي بي بقائي اٽلندو کيس ڌڻيءَ ڏي رجوع ڪندي.

اتي ملان پڻ چپ کوليا ۽ وڌيڪ چيو، ”اهي بيشڪ دانشمنديءَ جا قول آهن. ايلياس سورهن آنا سچ چيو آهي، جو سچ پاڪ قرآن شريف ۾ پڻ درج ٿيل آهي.“

مهمانن جي کل بهجي ويئي ۽ هو ويچار ۾ پئجي ويا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com