سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: ويريون

باب: --

صفحو :3

 

 

 

جهيڻي

 

         سندم راتيون ويڳاڻيون ته نه هونديون آهن. ريحانه جي خشڪ خشڪ اکين ۾ سرن جيڏن پلڪن ۾ جڏهن به جيڪي ڳوليندو آهيان.  الائجي ڇو ملي ويندو آهي. سندس هر رکي جملي جو پنهنجو مٺاڻ،  پنهنجو چشڪو هوندو آهي.  پر اها رات ئي ويڳاڻي رات هئي ۽ مان هر عذاب کان آشنا،  ريحانه  جي ڪنهن به تکي جملي کي برداشٽ نه ڪري موٽر کي ڏاڍي ڏکي نموني  جا زوڪاٽ ڪڍائي مين روڊ تي نڪري آيس.  منهنجي اکين ۾ ڳوڙهن جا ڪي اهڃاڻ هئا ۽ سندم نراڙ تي هزارن  جي تعداد ۾ گهنجن جي عجيب ڪائنات هئي. منهنجي هر خار واري جذبي منهنجي جسم ۾ ڪا نئين لهر ۽ نئين تيزي پيدا ٿي ڪئي. اسپيڊو ميٽر جو ڪانٽو به انهيءَ جنبش، انهي رفتار ۽ انهيءَ ئي تيزي سان وڌندو ٿي رهيو.

         منهنجي پگهريل، سرخ ڪنن واري منهن تي ڪي ٿڌا، ڪي روشني وارا مختلف پاڇا پي پيا، مان ريحانه جي هر انهيءَ جذبي  سان نفرت ڪري رهيو هوس. ريحانه جنهن سان زندگيءَ ۾ شايد مون ئي پيار ڪيو. ريحانه منهنجو پهريون  پيار هئي. مان سندس پهريون پيار هوس. مان، جنهن سندس هر بيرخي  کي ادا سمجهي زندگيءَ  جون ڪيئي بهارون ، ڪيئي گرميون ۽ ڪيئي سرديون لتاڙيندو هليو ويو هوس. اڄ – اڄ – منهنجون اکيون رت ڇڏڻ لڳيون. هوءَ مان ڪجهه سوچي نه ٿي سگهيس. مون سوچڻ چاهيو ۽ سوچ ۾ ريحانه مون کي ڏوهدار لڳي. بدصورت ڀيانڪ لڳي. سندس من موهيندڙ  منهن ڪاراٽجي ويو هو. مونکي سندس هر وڻندڙ چرپر. اڻ سهائيندڙ پئي لڳي. مون آهستگيءَ سان ڪجهه ڏسڻ چاهيو. سامهون ڦهليل ڏامر جو رستو.  ان رستي تي  ڪٿي تارن وانگر ڦهليل چمڪندڙ پٿريون. مون ان آسمان تي ريحانه ڏٺي ۽ موٽر ٻه لوڏا کاڌا، آهستي ٿي، وري وڌي،  رڪجي وري وک کنيائين ۽ پوءِ ائين سرد ٿي وئي  ڄڻ  سندس هن رستي سان ڪا سڃاڻپ نه هئي. مون سيلف هنيو ۽ هڻندي  هڻندي نگاهه بورڊ تي پيئي.  پيٽرول  جي ٽانڪي وارو ڪانٽو ستل هو. کيس ستل ڏسي منهنجي ساهي کنيل ذهن ۾ ڪاوڙ، چڙ.  تيزي الائجي ڇا جا طوفان اٿيا ۽ مون اسٽيرنگ تي مڪ هنئي. آواز ٿيو،  ڌڪ لڳو، مان وڃـي ٻئي من ٿيس ۽ افسوس ۽ پڇتاءَ جي جذبن جو پاسو ورتم.  چپڙي ڪري در کولي لهي بيٺس.  چوڌاري اونداهي جو راڄ هو. مان شهر کان تمام گهڻو پري ڪنهن اهڙي هنڌ هوس، جتي مون اڪيلي کي رات گذارڻي هئي.

        ان مهل مون کي پاڻ تي رحم آيو. مان ويڳاڻن وانگر اوندهه ۾ نظرن جو ڄار اڇلايو، مون پري کان نظر ايندڙ ڳاڙهي بتي کي جهٽي ورتو. اها ڪا معمولي اسٽيشن هئي. مون گاڏي لاڪ ڪيئي ۽ وک وڌايم،  پر اچانڪ منهنجي اکين ۾ روشنيءَ جا ڪرڻا پهتا مون سجاڳيءَ سان ان طرف نهاريو، ٽرڪ کڙ کڙ ڪندي هلي وئي، نه بيٺي ۽ پوءِ ٻه ٽرڪون ٻيون آوازن جا انبار اڇلائينديون مون کي ڪجهه نه سمجهي، وڌي ويون.

         مان ڪا گهڙي موٽر وٽ بيهي، پوءِ اسٽيسن ڏانهن رخ ڪيم، پر منهنجي بوٽن جي آواز سان گڏ  ڪي آواز اچڻ لڳا. ڳالهائڻ جو آواز اوندهه انڌڪار کي چيريندو منهنجي من ۾ روشني ڦهلائيندو ويو. مان هڪ هنڌ ڄمي بيهي رهيس. ڪجهه دير کان پوءِ اوندهه م ڀريل اونداهه جا ٻه مجسما اوري آيا. هڪ سڌو سنواٽو ڀيل مڙه هو ۽ ٻي ننڍي قد جي ڀيلياڻي هئي، جنهن جي هنج تي هڪ ٻار هو. مون هنن ڏانهن نهاريو ۽ هنن مون ڏانهن. ڪا گهڙي هو مونکي ڏسندا رهيا ۽ مان ڪجهه جاچيندو رهيس. پوءِ يڪدم موٽر ڏي وڌيس، هو وڌندا آيا.

        ” سائين موٽر خراب ٿي آهيس“

        ” هون“.

        مون وڌيڪ ڪجهه نه ڳالهائي گاڏي جي ڊڪي کولي پيٽرول جو دٻو ڪڍيو ۽ ڪار جي اندرين روشنيءَ تي پرس مان ڏهين  ڏهين جا نوٽ ڪڍيم. هو  ڏاڍي تيز نظرن سان ٻٽونءَ ۾ پيل نوٽن جي ٿهي کي ڏسي رهيو هو. سندس اکين ۾ هلڪي چمڪ ڏسي منهنجي جسم ۾ ٿڌي لهر گهمي وئي. پر پوءِ پٺيان بيٺل زال ڏي ۽ ٻار ڏي نهاريم. ڪجهه ڏڍ آيم. پاڻ کي اڪيلو نه سمجهڻ لڳس.

        ” توهين ڪير آهيو“

        ” سائين اسين ڀيل آهيون، پورهيو، ڪيون ٿا، دادو کان آياسين ٿي، ٽڪس نه هو، بابوءَ  هن ٽيشن تي لاهي ڇڏيو هاڻي اڳيان ڪنهن وستيءَ وڃون ٿا.“

 

        ” چڱو هاڻ ٻڌ، اندازي تي ڪجهه ميل پري پيٽرول پمپ آهي. تون هتان وڃ جي ڪا ٽرڪ ملي وڃي ته بهتر، نه ته پنڌ سٽ، خرچي گهڻي ملندوءِ پرواهه نه ڪر ۽ ها، مان توهان سڀني کي اڳين وستيءَ تائين پڻ پهچائيندس.“

        مون ڏٺو  ته پهريائين هن کي ڪا ڳالهه چڱي نه لڳي هئي، پر پوئين ڳالهه کيس کڙو ڪري وڌو هو ۽ هو سڌو ٿي بيٺو سندس هڪ هٿ ۾ دٻو ۽ پئسا هئا، هورستي  ڏي وڌيو ۽ موٽي آيو. سندس زال ٻار کي جهليو ڏانهس نهاري رهي هئي، هن آهستگيءَ سان ڪجهه ڀڻڪيو ۽ ٻار کي ٿڦڙي هنئي: مان چيجي وٺي اچان هو- هانه – هانه.“

         هو اڳتي وڄي بيهي رهيو. سامهون هڪ ٽرڪ اچي رهي هئي. ٽرڪ واري سندس هٿ ۾ دٻو ڏسي کيس مستري سمجهيو ۽ ٽرڪ جهلي مون وڌي ٽرڪ واري کي ٻه روپيا  ڏنا ۽ ٽرڪ واري ڏاڍيان چيو: ” پرواهه نه ڪري واجا، اڀي ۾ ٿو واپس ڪرانس.“

        ٽرڪ جي کڙ کڙ تي ننڍڙو هيڏانهن هوڏانهن نهارڻ لڳو ۽ روئڻ لڳو ۽ ڏٺم ته سندس ماءُ اتي جو اتي ڇاتي ڪڍي سندس منهن ۾ ڏني. اوندهه جي راڄ ۾ مان ٻه پاڇا پاڻ ۾ گم ڏسي رهيو هوس. پيار، مک، ممتا،  محبت، مون وڌي موٽر جو در کولو ۽ اسٽيرنگ  تي ويهي رهيس. موٽر جي اندرين روشنيءَ ڪجه اوندهه کي چيريو ۽ ڏٺم ته اهو پاڇو پاڻ ۾ پاڻ سمائي رڙهي آيو. جهي روشني تي مون ڏانهنس دريءَ مان ڏٺو. ڪجهه عجيب ڪجهه وڻندڙ ڪجهه نواڻ ڪجهه مٺاڻ، مون ڪنڌ ڌوڻي اسٽيرنگ کي ڦيرايو. اهو ڦري وري هڪ هنڌ بيهي رهيو. مون موٽر جو در کوليو ۽ هوءَ چپ چاپ پٺئين سيٽ تي ويهي رهي. ڪنڌ ورائي نهاريم هن جهڪي روشني ۾ سندس جهڪو رنگ ڪجهه وڻيم. هوءَ ٻار ڏانهن،  ڇاتي ڏانهن ۽ انهي سرور ۾ گم هئي. جنهن سان سندس ابدي ناتو هو. مون جهڪي روشني ۾ سندس چهرو پڙهيو. سندس جهڪي سانوري منهن تي جهڪيون ڏينڀوڙيون چمڪي  رهيون هيون.  مٽيءَ جي انيڪ تهن سندن وارن کي منجهائي ڄار ٺاهي ڇڏيو هو. سندس مرڪندڙ پيشاني، مرڪندڙ اکين، مرڪندڙ چپن ۽ مرڪندڙ جسم ۾ اونها گهاءَ  سمايل هئا. مان ڪا گهڙي برف مثل ڄميو رهيس ۽ پوءَ ڄڀ کي آلو ڪيم. گرم ٻاڦ  وارن اکرن سان چيم: ” تنهنجو نالو ڇا آهي.؟“

        هن مون ڏي نهاريو ۽ مرڪي وراڻيائين: ” جهيڻي“

        ” جهيڻي بس“

        ” ها، جهيڻي بس“

         هوءَ مرڪندي رهي ۽ مان پگهر ۾ ٻڏل ڪجهه سوچيندو رهيس. جهيڻي ڪيڏي نه وڻندڙ آهي. چلڪندڙ مک ۽ جسم واري سانوري جهڪي، سانوري جيهڻي، مون نهاريو ته نگاهه وڌيڪ تيزيءَ سان جهيِڻي ۾ پيهجي ويئي. جهيڻي شرمائي چمڪندڙ ڇاتي لڪائي ۽ ٻار کي ڪڏائڻ لڳي.

        ” هي موٽر ڏس،  سائين جي موٽر، توکي موٽر کپي، سائين کي چئه ته اها موٽر توئي ڏي، تون وڏو سائين ٿيندين. ها ها“

        هوءِ کڙڪندي کلندي رهي. سندس هر مرڪ، هر ادا مون ۾ پيهجي  ويئي،  مون ريحانه جو لباس لاهي ڦٽو ڪيو. ريحانه جنهن ڪنهن ڇوڪري سان پيار  ڪيو هو. هن پيار ڪري پنهنجو خلوص وڃائي ڇڏيو هو.  اسڪول ۾ پڙهندي جي سندس پيار ٿيو هو ته  وڏي هوندي مون سان ڇو پيار  جو ناٽڪ رچايائين.“ ” فريبي، ڍونگي“  مون جهيڻي ڏانهن ڏٺو ۽ مون کي خيال آيو ته مان جهيڻي کي حاصل ڪندس، جهيڻي منهنجي بڻبي،  جيهڻي کي خيال آيو ته مان جهيڻي کي چوندس ته -  ۽ مون جهيڻي جي ٻانهن ۾ هٿ وڌو هوءَ نهاري کلڻ لڳي ۽ مون  سندس هٿ چميو  هن ويجهو اچي پيار مان چيو، ” سائين“

        مان پيار ۾ ڀرجي ويس، ڏانهس نهاريم هن ٻار هنج ۾ ڏنو مٽي ۽ پگهر ۾ چيڙهالو ٻار ڏاڍو وڻيم.  مان ٻارن جو عاشق، مون ٻار کي مٺيون ڏيڻ شروع ڪيون ۽ ريحانه سان نفرت ٿيڻ لڳم،  جيڪا صرف ڪوڙي پيار جو ڄار اڻڻ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه ڪري سگهي هئي.

         مون جهيڻي ڏي ڏٺو،  هوءَ مون ڏي  پيار سان ڏسي رهي هئي. مون کي ڀروسو ٿيڻ لڳو.  اچانڪ جيهڻي چيو. ” سائين، توکي هيءُ وڻي ٿو.“

         ” ها جهيڻي“

        ” ڀلا مان.“

         ” تون به جهيڻي“  هوءَ شرمائجي ويئي ۽ پوءِ ٽپ ڏئي سيٽ تي آڏو اچي ويٺي.  بي اختيار ٻار وٺي هن کي مٺيون ڏيڻ لڳي. سندس جسم  جو هڳاءَ مون کي جهورڻ لڳو.

         ” مٺو، سائين کي تون به وڻين ٿو. مان به وڻان ٿي. هاڻي اسان کي موٽر ۾ وٺي هلندو پري پري.“

        هو ڳنڀير ٿي وئي، هن ٻار کي پٺينءَ  سيٽ تي سمهاري  مون ڏانهن نهاريو. سندس نگاهه ڪجهه عجيب ۽ وڻندڙ هئي. سندس نگاهه ۾ اها هلڪي مرڪ يا اڇاترو پيار نه هو. سندس نظر پيار ۾ ڀريل ۽ سوچ ۾ ٻڏل هئي. مون هٿ وڌائي سندس ڳل تي چمڪندڙ ڏينڀوڙي کي ڇهيو.  هن هٿ وٺي چميو. مون  سرور ۾ ٻڏل آواز ڪڍيو.“ جهيڻي واقعي تون مون سان هلندينءَ! تون منهنجي ٿي ويندينءَ!“

        ” هاسائين، جي تون بڻائيندين.“

        هوءَ منهنجي ڪلهي تي ڪنڌ لاڙي پئجي رهي. سندس اکين کي پيار ڪيم، سندس اکين ۾ جهيڻا ديپ ٻري اٿيا.  ڏينڀوڙين کي ڏنگيم  ته زهر امرت ٿي پيو. سندس هر رخ من موهيندڙ ۽ سندس هرادا، دل کسيندڙ هئي. مون وري ڀڻڪيو. ”جهيڻي! منهنجي جهيڻي!“

         ” مان تنهنجي  ٿي وينديس سائين، مان ماڻڪ کي ڇڏي ڏينديس. تون مون کي کڻي هل سائين.“

        منهنجي دماغ هراسڪيم سوچي ورتي. مون ماڻڪ کان جند ڇڏائڻ جو ترڪيبون  سوچي ورتيون. مون جهيڻي جي وارن جون چيڙهاليون چڳون سنواريندي، سڀ مسئلا سلجهائي ورتا.  مون آهستي آهستي جهيڻي کي سيٽ تي ڇڏيو ۽ پٺتي نهاريو. سامهون افق تي روشني، نئون صبح هو، منهنجو نئون صبح، مون ڀٽڪيل جو پهريون سهارو، پهريون ڪرڻو، صبح ويجهو ايندو ويو ۽ روشني نزديڪ  اچي  وئي ان سان گڏ زندگي سان ڀرپور آواز ۽ زندگي منهنجي ڀر ۾ اچي بيٺي. ماڻڪ پيٽرول وٺي آيو هو ۽ ٽرڪ مان لٿو. ماڻڪ جي وڏي ڪهاڻي کي ڇڏي. مان هرڪا ڪهاڻي جهيڻي ۾ ڳوليندو رهيس. پر جهيڻي اچانڪ ٽپ ڏيئي پنهنجي ٻار کي کنيو. ” مٺو، بابا اچي ويو، مٺو، بابا اچي ويو“ ۽ وڌي ماڻڪ وٽ وڃي بيٺي. مون ڏٺو ته ماڻڪ ڪجهه  بي رخائي ڏيکاري ۽ منهنجي خوشامد ڪرڻ ۾ لڳو رهيو.

        ” بابو صاحب، پيٽرول آڻڻ چرچي جهڙو ڪم نه هو، پٽرول پمپ پنج ميل پري هو. پمپ وارا پيٽرول نه پيا ڏين. پر ماڻڪ، جي آڏو.“

        هوچوندو رهيو مان جهيڻي کي تڪيندو رهيس. جا وري مون وٽ اچي وئي هئي،  هوءَ مرڪي رهي هئي. هوءَ مون سان لڳي بيهي رهي، پرمون محسوس ڪيو ته جهيڻي ڪجهه جهيڻي هئي. سندس هر ڪنهن ڳالهه  ۾ هٽڪ هئي. مون پنهنجي شڪ تي مرڪي ڏنو. هڪ محبوبه ڪيئن پنهجي پريمي سان پنهنجي مڙس جي سامهون ملي سگهي ٿي. اچانڪ منهنجي اکين آڏو ريحانه اچي وئي. پر هوءَ ته شاديءَ  کان اڳ پيار ڪري چڪي هئي. هن جو پيار ابتدائي پيار هو. جنهن هن کي سڀ ڪجهه بخشيو. مون ڪنڌ ڌوڻيو، هڪ غريب ڪوجهي ڪاري، پر معصوم منهنجي ڪري پنهنجو گهر ٻار  ڇڏي رهي آهي. پنهنجي ٺيهل ٺڪيل زندگي کي ڇڏي رهي آهي. هوءَ ڪنهن جي زندگي بگاڙڻ وڃي رهي آهي. هوءَ ته منهنجي زندگي بڻائيندي.  منهنجي گهر جي اڱڻ  جووڻندڙ رخ هوندي. ان رخ جا سوين رخ هوندا. مان موهت ٿيندو ويس ۽ مستيءَ ۾ جڏهن موٽر کي سٺ تي  پهچايم تڏهن ڪنهن جو نازڪ هٿ پنهنجي هٿ تي محسوس ڪيم، ”سائين، آهستي“

         جهيڻي  جو آواز ڪيڏو نه وڻندڙ هو. مان سندس آواز ۾ تڙڳندو ترندو ڪنهن دنيا ۾ پهچڻ لاءِ واجهائيندو رهيس.  اچانڪ ماڻڪ جو سرٻاٽ جهڙو آواز ٻڌم، جو ٻئي پٺيان ويٺل هئا.

        ” سائين توکي گهڻو ڏنو.؟ “

        ” ڪجهه به نه!“

        ” ائين ڪيئن هوندو، تو سائين کي ناراض ڪيو ڇا“

        سندس آواز ۾ گونج هئي ۽ مون پنهنجي موٽر لڏندي محسوس ڪئي.

        ” تون پرواهه نه ڪر، سائين پنهنجو آهي. سمجهيئه“

         منهنجي دماغ وٽان هڪ لهر نڪتي جا هيٺ پٺيءَ جي ڪنڊي وٽ ٺڪاءَ ڏيئي ڦاٽي پئي ۽  منهنجا پير پيڙا وچان مٿي کڄي ويا ۽ تيز آواز ٿيو. موٽر هڪ هنڌ بيهي ويئي.“

        ” سائين ڇا ٿيو. سائين، او سائين!“

        جهيڻي جوهر اکر مو بڙڇي جو ڦر محسوس ڪيو ۽ جڏهن سندس وڌيل هٿ مون تائين پهتو ته مان اونهي پاتار ۾ پهچي چڪو هوس. مون دانهن ڪري ڪجهه چوڻ چاهيو پر آواز سرٻاٽ جهڙو نڪتو. ” جهيڻي، توهان ٻئي لهي وڃو.  مان چوان ٿو لهي وڃو.“

        مان اسٽيرنگ تي جهڪي پئجي رهيس.

        مون سامهون نهاريو. اونداهه ۾ اهي ٻه پاڇا، اوندهه جو خمير، اونداهه ۾ گم ٿي رهيا هئا.

        مان پاڻ اوندهه جو هڪ حصو بڻجي،  اونداهين جا اڻکٽ فاصلا لتاڙي، اونداهين جي پاتار ۾ پيهجي ويو هوس. سهارو کپي وري هڪ سهارو.

         مون جهيڻي کي ڏٺو، جنهن سان جنهن گهڙي پيار ڪيم ان گهڙي پاڻ ڏنگيم. مون پري کان ريحانه کي ڏٺو. وار ڇڙيل روح رتوڇاڻ. دانهون ڪندي آئي، معصوميت جا آلاپ الزامن جا انبار،  مان بيهي نه سگهيس. مان بنهه بيهي نه سگهيس.  مون پاڻ کي ڏوهاري سمجهيو. مون اها تصوير ڀڃي ڀورا ڪئي، جنهن ۾ ريحانه ۽ سندس ننڍپڻ جو ساٿي انور لهندڙ سج آڏو واريءَ جا گهر ٺاهي رهيا هئا. مون سڄو اوندهه  جو سٽاءُ ڊهندو محسوس ڪيو ۽ ان سان گڏ مون پاڻ کي ڊٺل ڊٺل محسوس ڪيو. احساس کان خالي مان ريحانه جي گود ۾  ڪري پيس. ائين جيئن  هڪ ٻار خطا کان پوءِ روئندو روئندو ماءُ جي گود ۾ هليو ويندو آهي. ريحانه جا هٿ منهنجي اڻڀن اجڙيل وارن کي زندگيءَ جون لوليون ڏيندا رهيا.  ايستائين جيستائين مون وٽ پنهنجا جذبا، پنهنجو روح ڪنبندو موٽي نه آيو.

*

 

ست پٽيتي

 

رب ڏني پهريائن  ته واهولو هيٺ رکيو ان سان گڏ اوزارن جي ٿيلهي کي اڇليائين ۽ کٽ تي پاڻ کڻي ڇڏيائين. هڪ وڏو ٿڌو ساهه ڀري جيئن ئي پاسو ورائڻ جي ڪيائين تيئن هڪ آواز ٿيو. ”زڙاب“  ٻيو جهبڪ وسيو. ” زڙاپ“ هو دانهن ڪري اٿيو تيئن ٽيون وسيو، هن جيئن ئي چهبڪ جي ڏوري کي پڪڙڻ جي ڪئي تيئن هڪ تير وانگر ٺيهل ڪاٺي اچي سندس نرڙ تي ٺڪاءُ ڪيو ۽ همراهه وڃي سنئين چوٽي کوڙي ۽ هن آواز ٻڌو. ” هوئي!“  ٻيو آواز ٿيو.  ” هوئي!“  ائين ٽي، چار آواز ٿيا، ”هوئي“  ۽ هو واهولو کڻي اٿيو ۽ لوڌ ٻارن جي وٺي ٻاهر ڀڳي.  هن ڏٺو ته سندس ٻن ٽن ڇوڪرن کي ڪاريون ڦاٽل اڳڙيون اکين تي نقاب پوشن وانگر ٻڌل هيون. هٿن ۾ جهپڪ هين. ڪن کي مٿي تي ڦاٽل ٽوپلا هيا جن ۾ ڪڪڙن جا کنڀ ٽنبيل هيا، ڳچين ۾ کجيءَ ۽ نم جي ڇليل ٽارين مان ٺهيل ڪمانون ٽنگيل هيون.  هن گهروڙي بجو ڏنن: ” اڙي  پڻهين به ٽارزن هو، ماڻهين به هنٽر والي هئي نه، ٿڪ اٿو ڪميڻا! اڙي جي گسايان نه ها ته اڄ مامهن ٽوپو وانگر ڪاڻو ٿيو گهمان ها.“ هن اونهين سور وچان مٿي تي هٿ هنيون ته ڏٺائين ته هٿ تي چڱو رت جو نشان ٿي ويس. هن کان بي اختيار دانهن نڪري وئي.

         ” اڙي خون، اڙي گلوءَ ماءُ، اڙي الله ڪو سولي ڪرئي، الله توسان ۽ تنهنجي ڇورن سان پڄندو، الله ڪندو ته.“ ۽ ائين جوڻس اندر گهڙي آئي هٿ ۾ ڏوئي هيس ۽ الر ڪري آيس، ” بس بس، وڌيڪ چيئي ته رت سان ڀري ڪڍندي سانءِ. منهنجي اولاد کي تون ڇا، ڪو به ماءُ جو ڄائو ناهي، جو ڪجهه چوي ته سهين. رت نه پي ڇڏيان. هليو آهي اولاد کي پٽڻ، اڙي تنهنجو ڇا ٿئي؟ مان گهران کڻي آئي هين. ائين نه!“

        ” پر به ڀاڳان هيءُ جو ڇورن روز روز پاڙي اوڙي باهه ٻاري ڏني آهي. اڄ ته مان هيون مان، ڪالهه ڇاڱي جي بند دوڪان ۾ ٻريل ڇيڻان اڇلي آيا. ذري گهٽ  بچي ويو جو  ڇيڻن دونهون ڪيو ۽ ڀاڳيو پهچي ويو. تنهن ڏينهن نيڪ محمد جي پٽ کي مٿي ۾ ٻرگهل وجهي ڇڏيائون. ڪنهن ڏينهن ٻڌ ته ڦاڙ وڌا اٿئون، ڪنهن ڏينهن ٻڌ ته ڪنهن شريف ماڻهوءَ جي نه ڇڏي اٿن ڀيڻ نه ماءُ. ڇورن کي اسڪول ۾ ويهاريم ته ماستر کي  ڇتو ڪري ڇڏيائون، هو هٿ ٻڏي جان ڇڏائي ويو.  اڙي! تو به هڪ نه ٻه، سڄيون ساريون پنج آفتون ڄڻي  وڌيون آهن.“

        ” گلڻ جا پيءُ تون پنج ٿو چوين مان پورا ست پٽ ڄڻيندي مانءِ مان اڃا تو وٽ نه آئي هيم جو پڦي زينل، الله جنت بخشيس،  مرڻ گهڙيءَ تائين چوندي هيم ته ڀاڳل ڏس ته قدرت ڇا ٿي ڪري، اصل ست پٽيتي ٿينديءَ، ست پٽيتي. هينئر به آهي ڪا تنهنجي مائيٽياڻي جا هيترا پٽ ڄڻي ڏيکاري!.

رب ڏنو مٿي کي وٺي ويهي رهيو. هڪ مٿي وارو ڌڪ ستن پٽن جي ڌمڪي، اصل همراهه جهڪي پيو.

         ڀلي رب ڏني ڇا به گهريو هجي پر رب پنهنجي ڏني مان کيس ست ئي پٽ ڏنا ۽  ائين پڦي زينل جنهن عمر ساري نماز ته ڇا پر شايد ڪو نيڪ ڪم ڪيو هوندو.  اهڙي پهتل بي بي ٿي گذري، جنهن جي چوڻي رپئي  مان ارڙهن آنا درست نڪتي.

         ڀاڳل ست پٽ ڄڻي ائين ٿي سمجهيو ته سندس جهڙو ڀاڳوند ۽ ڀليرو ڌرتي تي ڪونهي. سندس گهر ٻه ڏيرياڻيون هيس. هڪ کي ته قدرت اولاد ڪو نه ڏنو ۽ ٻيءَ  کي نياڻي هئي. ڀاڳل لاءِ ته ست پٽ ڀلان ڀلي جو ڇيهه ٿي ويو هو. سندس پير پٽ تي ڪو نه هو. جيتوڻيڪ ڇورن اوڙي پاڙي توڙي گهر ۾ رڻ ٻاري ڏنو هو. ڪو گهر جو ڀاتي نه هو جنهن کي نرڙ يا بت تي ڪو نشانه ڇڏيو هئائون! رب ڏني کي ايتري همٿ نه هئي جو ڇورن کي چئي سگهي. جي چيائين ته جوڻس اصل  رڻ ٿي ٻار ڏنس. رب ڏنو ايڏو ته بيزار هو جو ڪڏهن ڪڏهن رات جو دير سان گهر ايندو هو ۽ صبح جو سوير نڪري ويندو هو. پر جي ڇورن جي ويل کان بچي ويندو هو ته ڇورن جا ستايل، ڪم تي يا شام جو علو مواليءَ  جي اوتاري تي اچي نڪرندا هيس. هيءُ يا ته اکيون ڳاڙهيون ڪري تڪيندو هون يا سلفي جا ٻه، ٽي وزم زور سان هڻي چوندو هون ”لڳي دم مٽي غم“.

         نيٺ اوڙي پاڙي وارن ٻڌي ڪري سڄي ٽولي کي هڪ هڪ ڪري ڏاڍي مار ڪڍي، ڀاڳل جي لاءِ ته ويل هو اصل رجهي پئي. هن به رڻ ٻاري ڏنو، نه ڇڏيائين ڪو گهر جنهن ۾ وڃي گارين جا دس  نه چاڙهي آئي هجي. ڳالهه نه بيٺي ڇورن ٻيڻو ويل ٻاري ڏنو. نيٺ ڳالهه پوليس تائين وئي ۽ پوليس هڙني ڇورن کي ٻڌي ويئي، الله ڀلو ڪري رب ڏني جو ڀاءُ سليمان جو، جيڪو اڳي ته رب ڏني سان گڏ ڪمائيندو هو پر ڪنهن جج صاحب جي مهربانيءَ سان هاڻ بيلف وڃي ٿيو هو. تنهن وڃي هڻي هنڌ ڪيو ۽ ڇورن کي ڇڏائي آيو. تيستائين ته ڀاڳل ڇڙيل ڇتن سان ڇتي ٿيو پئي آڳر ۾ گهمي  ۽ اوڙي پاڙي کي گارين جو ڌوڙيو لايو  ويٺي هئي. سليمان  جيئن ستن جي ولر سان اندر گهڙيو تيئن هوءَ هڪ هڪ کي چنبڙي وئي مٺين جو وسڪارو لائي ڏنائين.  پر ڀلا ڇورا شيطان جا چيلا سو اهڙي پيار مان  ڇا ڄاڻن. وڃي پنهنجي بدمعاشي ۽ حرڪت بازي جي ڪرت کي لڳا. سليمان ٿڪل ٿڪل رنڌڻي ۾ منجي ريڙهي وڃي زال جي ڀر ۾ ويٺو کائنس ننڍڙي عائشه کي وٺي مٺيون ڏيڻ لڳو. کيس انهيءَ مهل نياڻي تي ڏاڍو پيار آيو. هونئن به کيس ۽ جوڻس کي يقين هو ته عائشه سندن لاءِ ڀاڳوان ثابت ٿي آهي. ڇو جو جيئن ئي عائشه ڄائي کيس بيلفي ملي هئي جنهن ۾ هو باقي ٻن ڀائرن کان وڌيڪ ڪمائيندو هيو. سليمان ننڍڙي عائشه سان  ڳالهيون ڪندي بي اختيار چئي ويٺو. الله ڪنهن کي اهڙو نالائق نامراد اولاد نه ڏئي.“

         ڀاڳل اصل ڪا رڌڻي جي ٻاهران هئي. ابا بس پوءِ وٺ ڪارا ڪٻري کي.

        ”ها، ها اصل نامراد آهي ائين نه! ڇڏائي آيو آهين تنهن ڪري ٿو پٽين يا پٽيلو اولاد ڪونهي، تنهن ڪري ٿو سڙين. مان به چوندس ته:”الله به ڪنهن کي پٽيلي اولاد کان محروم نه ڪري. اونهن، جوڻهين ڄڻي به نياڻي ڏني اٿئي نه ٻيو ڇا.“

        سليمان هونئن به وڏي ڀاڄائي کي ڏاڍي عزت ڏيندو هو. ڇپ ڇاپ عائشه کي مٺي ڏئي تکو ٻاهر نڪري ويو. در وٽ ئي ڀلو ڪاسائي مليس ڏاڍو گهٻرايل هو.

        ” سليمان ڀاڻين رب ڏني جي حالت ڏاڍي خراب ٿي ويئي اٿئي. سڀ موالي ڀڄي ويا  آهن.  مان به ويو هوس پنهنجي ڇوري کي ڳولڻ، هنئر ئي موالڪي ڌنڌي تي هريو آهي، سو ڏٺم ته هو گش لڳو پيو هو. ڀانيان ٿو..........“

         سليمان وڌيڪ نه ٻڌو وٺي  ڀڳو. پر ڀلو ڪاسائي جيڪي ڀانيو سو سچ نڪتو ۽ رب ڏنو وڃي پنهنجي رب کي پرٿو هو. ڀاڳل تي ڄڻ جيل ڪري پيو. روئندي روئندي جڏهن بي حال ٿيندي هئي ته ڪو چوندو هيس. ” اڙي امان رب جي شئي هئي وڃي رب کي پرتي هاڻي تون پنهنجي ٻچن جو خيال ڪر. الله بخشي بچائي ڏئي، ست پٽيتي آهين.“

         سندس روئڻ  بند ٿي ويندو هو. ائين ڪو ٻيو چوندو هيس، ” امان! رڳو پنهنجي روزگار سان لڳن ته تنهنجا سڀ ڏک دور  ٿي ويندا شال ڌڻي سڀ کي پٽيتو ڪري ستن پٽن هوندي به تون ٿي غمگين ٿين؟“  پاڻ سندس ڪر مٿي ٿي ويندو هو. بي اختيار سندس نگاهه ميرن گدلن پٽن ڏي کڄي ويندي هئي، جيڪي اڱڻ ۾ پيا ليٿڙيون پائيندا هئا پر کيس ڌوتل پوتل فرشتن مثل نظر ايندا هئا. پر چوندا آهن ته شيطان فرشتو هو پر پوءِ جڏهن شيطان ٿيو ته سڀني کائنس ئي پناهه گهري سو هنن شيطانن کان سڀ پناهه گهرندا هئا. جيتوڻيڪ سليمان ڀاءُ جي مرڻ کان پوءِ سڀ ڪجهه ڏيندو ڪندو هئن پر ڇورا هئا کريل تن نه رڳو پيءُ پڻايو پر ماءُ لاءِ به هڪ وڏو عذاب هيا. جيئن جيئن وڏا ٿيندا  ويا تيئن تيئن جوا، دادگيري ۽ ڳنڍ ڪپڻ سندن معمول ٿيندا ويا. سليمان کي خبر هئي پر هو اصل هنن سان مٿو ماري نه ڪندو هيو. پري پري هجڻ ڪري ڇورا هن کان ڪن به هڻندا هيا ۽ سندس ويجهو نه ويندا هئا. ٻه ٽي ڄڻا ماءُ کي ڪڏهن  بدمعاش گيري جو پيسو ڏيندا هئا ته  ٻه ڄڻا ماءُ کان اهو ته ٺيهو پر ٻيو به ڦريو ويندا هئا پر  سندن ماءُ وڏا ڏيل ڏسيو، ڇنڊيل ڦوڪيل شڪلين کي ڏسيو پئي ٺرندي هئي. وڏي ڇوري علوءَ کي تڪي چوندي هئي: ”ملوڪ آهي ملوڪ مان جهڙي تهڙي ته نه کنئي نه!“

        سندس اشارو گهڻو ڪري عائشه ڏي هوندو هيو. عائشه شڪل جي ايڏي سهڻي ته نه هئي پر هڪڙي ڪشش سندس ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۽ اٿي ويٺي ۾ اهڙي هئي جو جيڪو ساڻس ڳالهائنيدو هو ته دل هرکندي هئي ته اڃا جيڪر ساڻس ڳالهائي. ڪڻڪ رنگو گول ڀريل منهن،  سنهڙا چپڙا، چمڪندڙ جڙيل ڏند، مرڪندي ته ڄڻ سمجهبو ته سپ جو منهن کليو آهي.

         وڏي ڳالهه ته عائشا هٿن جي به سڄي هئي. سڄي گهر جو ڪم ڪار ڪرڻ، ماني پچائڻ گهڻو تڻو عائشه ڪندي هئي. ان سان گڏ ڀرت ٽوپي ۾ به  ڀڙ هئي. پر اهي سڀ ڳالهيون ڀاڳل لاءِ ڪا به حيثيت نه رکنديون هيون. هوءَ پنهنجي پٽن جي عشق ۾ غلطان هئي ۽ ستن پٽن ڄڻڻ تي ايترو ته نازان هئي جو ڪڏهن ڪا گهرجائو مائي يا فقيرياڻي در تي اچيو سين هڻندي هئي: ” او ست پٽيتي الله ڀلو ڪندءِ. الله انهن ۾ به گنج وجهندءِ“ ته هوءَ ٽانءِ ۾ ڀرجي ويندي هئي. ڏاڍي لوڏ سان اٿي کين خيرات ڏيندي هئي. سندس هلڻ ۾ اهو فخر هوندو هو جو گهر جو هر فرد محسوس ڪندو هيو پر چپ رهندو هو.

        سندس فخر ته انهي ڏينهن ئي ٽٽي پيو هو جنهن ڏينهن سندس ٻئي نمبر نينگر کيس پيسن تان اچي ڪٽيو هو. گار گند ته عادت هين پر انهي ڏينهن اهو حجاب ٽٽي پين، ڇوري اصل هڻي مائي ڀاڳي جا هڏ گڏ ڀڃي رکيا. سڄي رات ڪنجهندي رهي. عائشا لپري ٺاهي ٽڪور ڪيس تڏهن وڃي آرام آيس. صبح جو وي ساڳيا لاٽون ساڳيا چگهه، اها ئي گهور پئي وڃين.  پر هيڏانهن به بند ڀڳو هو سو ٻئي ٽئي ڏينهن ڀاڳل پئي ڪٽبي هئي. ڪڏهن پنڙن ڦرڻ تان، ڪڏهن چوڙين ڦرڻ تان، ڪڏهن ڏوڪڙن تان، بس ٻئي ٽئي ڏينهن ڦهڪو پيو پوندو هيو. پرڪڏهن سندس هٿ اولاد تي نه وريو ۽ ائين ڪٽبي هئي ۽ عائشه جنهن ڏينهن رات سندس خدمت پئي ڪئي مورڳون ڪنهن ڇوري پڇيس به نه. ڀاڳل ڪنجهندي ڪڏهن ڪڏهن ايترو پڇندي هئي، ” امان ڇورا آيا؟“ ”ها چاچي ٽي ته آيا آهن.“

        يا پڇنديس ” امان ماني ڳٿئون“

        ” ها چاچي ڏني اٿمان!“

        بيماري کيس اصل پهچائي ڇڏيو هيو پر انهيءَ حالت ۾ به هوءَ ڪي ڪلاڪ سوچيندي رهند هئي. ڇٿ جي پٽين ڏي نهاري ٿڌا ساهه ڀريندي هئي يا عائشا ڏي نهاري سندس مٿي تي پاٻوهه ڀريو هٿڙو گهمائيندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن اکين ۾ پاڻي ڀرجي ايندو هيس. زبان  سان ڪڏهن ڪو نه چيائين پر عائشا سندس اکين ۾ ڏک جو اهو انبوهه ۽ ميڙاڪو متل ڏسندي هئي جو انهي کي اڱريون وجهي سيرون ڪڍندي هئي. عائشا سندس ڏک ڄاتوٿي. عائشا جو پيءُ ماءٌ ڀاڳل کي پڇڻ ايندا هيا ته هوءَ منهن کڻي لڪائيندي هئي. اوڙو پاڙو پڇڻ ايندو هيو ته سندس نظرون تڪڙو تڪڙو ڪجهه ڳولينديون هيون. عائشا ڄاتو ٿي ته هوءَ فرشتن کي ڳولي ٿي، پنهجن ٻچن لاءِ اوجهائي ٿي، ڀر واري ڪمري ۾ گوڙ ڪندا هيا ته سندس ڪن کڙا ٿي ويندا هيا، پر هو ڪڏهن لڙي ڏانهس سندس ڪممري ۾ نه آيا. وٽس هاڻي رهيو به ڇا هو ڪڏهن ڀاڳل سوچيندي هئي. ” اهي ٽريا ڀلا آهن!“ پر ماءُ جي دل! سندس دل اهو ضرور گهرندي هئي ته مرڻ کان اڳ کين ڏسان ضرور ۽ ڪا مٺي ڏيان. وري سندس دل چوندي هئي ته اهڙن نالائقن کان بس ڀلي.

        اها رات به عجيب هئي جڏهن عائشا کيس کير پياري زور به ڏنا ۽ گهڏندي سندس پاسي کان آهلي پئي. هوءَ سندس مٿي تي پيار سان هٿ گهمائي رهي هئي. ائين چرڙاٽ سان آهستي در کليو،  هن  جو هٿ بيهي ويو. هن سڃاتو ته سندس وڏو پٽ علو هو. سندس دل ٺڪاءُ ڇڏڻ لڳي. کيس محسوس ٿيڻ لڳو ته پاڻ ڀليل هئي. نيٺ ته وڏو پٽ آهي، کيس ڏسڻ آيو آهي. شايد بخشرائڻ آيو آهي. ائين علو اچي سندس پاسي ۾ بيٺو منجهائنس شراب جي سخت ڌپ اچي رهي هئي. چپ ڪيو پئي هئي.  ڪا گهڙي خاموشي رهي ۽ جيئن ئي هن جي هٿ کي ڇڪ آئي هن اکيون کڻي کوليون. هن لالٽين جي جهڻي روشني تي ڏٺو ته سندس علو جا هٿ عائشا کي تڪي توري رهيا هيا ۽ ائين عائشا جاڳي ڪنڌ مٿي کنيو، هو دانهن ڪرڻ واري هئي يڪدم علوءَ سندس وات تي هٿ رکي کيس سٽ ڏني ۽ ٻيءَ گهڙيءَ عائشا سندس ڪنڌ تي هئي. ” گهڻا ڏانهن مون کان ٿي ڀڳين  ۽ اڇيو هتي لڪين پر نيٺ اڄ هٿ ڪيو اٿمانءِ هاڻ نه ڇڏيندوسانءِ. وڏي هلي آهي پاڪباز!“

         هو جيئن ئي اڳتي هليو ته سندس قدم ٿڙيا پر هو ڪمري جي چائنٺ ٽپي نه سگهيو. ڀاڳل جي هٿن ۾ ڏاڍي طاقت هئي، هوءَ ٽانڊن کڻڻ واري چمٽي سان سندس مٿي کي ائين ڪٽي رهي هئي ڄڻ ڪپڙا ٿي وڍيائين. سندس تڪڙن ڌڪن ڪري علو ڪنڌ ورائي نه سگهيو ۽ عائشا کي ڦٽو ڪري. جيئن ئي ڪنڌ ورايائين تيئن منهن وارا ٻيا ڌڪ وهائي ڪڍيائينس. رت هو جو ٺينڍيون ڪيو پي وهيو ۽ علو اتي ئي جهڪي ويهي رهيو. ڀاڳل ايستائين بس نه ڪئي، جيستائين عائشا ٽپ ڏئي اچي کيس نه جهليو. عائشا کيس گهلي اچي ليٽايو، هوءَ عائشا جي ڀاڪر   ۾ روئي رهي هئي. ” اڙي رب ڪندو ته ڇورا.....“

         عائشا سندس وات تي هٿ ڏيئي کيس جهلڻ واري هئي ته اولاد کي نه پٽي پر سندس هٿ اتي بيهي ويو. ڀاڳل جو وات اتي ئي بند ٿي ويو هو. هميشه لاءِ. عائشه هنج ۾ منهن وجهي روئڻ لڳي.

 

 

*

 

جنت

 

        جنت کي مون جڏهن پهريون دفعو ڏٺو، تڏهن آءُ ڪافي ننڍو هوس. ٻاراڻي وهي، پڇا جي عادت گهڻي، سهڻي سيبتي گڏيءَ جهڙي مومل جا گهر ۾ ڏٺم ته امڙ کان پڇيم، ” امان هيءَ ڪير آهي؟“

        ” تون ڪونه ٿو سڃاڻينس! ادي دين محمد جي نياڻي آهي، هاڻي اچي اسان جي پاڙي ۾ ويٺا آهن. اديءَ سان مل نه !“

        مان هن جي منهن ڏانهن ڏٺو. ٻه وڏيون تکيون اکيون چمڪيون پئي. سندس ڳاڙهن چپن تي مرڪ هئي. مرڪندي سندس ڳلن وٽ هلڪا کٻ پي پيا. مان آهستي سان وڌي وڃي ڀرسان بيٺس. هن مون کي پاڻ ڏانهن ڇڪي ڀاڪر پاتو ۽ مون محسوس ڪيو ته سندس هٿن ۾ هڪ عجيب ڇهاءُ  هو. نرمائي ۽ شفقت وانگر، پر عجيب سندس ڪپڙا هئا جيڪي خوشبوءَ ۾ ٻڏل هئا. مون سندس مرڪندڙ چهري ڏانهن نهاريندي آهستگي سان چيو. ” ادي، هيءُ توهان کي ڇا ٿيو آهي.“

        مون  ائين چوندي سندس ڳلن ۾ پيل کٻن کي هٿ لاٿو. پشم جهڙن ڳلن کي هٿ لائيندي مون کي ته ڪجهه ڪو نه ٿيو پر هوءَ ڳاڙهي ٿي وئي ۽  کلي ويٺي. کلندي سند ڳل  وڌيڪ کٻن وارا ٿي ويا. هن کلندي امان کي چيو: ” امان، توهان جو نينگر ته ڏاڍو ڏنگو آهي.“

         امان کلي کڻي ماٺ ڪئي. مان هٽي ٿورو پرڀرو ٿي وڃي بيٺس. سندس وڏي چوٽيءَ لهرو کاڌو هوءَ اٿي بيٺي. هوءَ قد جي ڊگهي،  بت جي سنهي ۽ شڪل جي سهڻي هئي. مان ان وقت ايڏي عمر جو نه هوندي به سندس وڻندڙ قد بت ۽ سونهن جو مڃيندڙ هوس. وڏي ٿيڻ تائين مان چوندو رهندو هوس: ” جنت جهڙو  سهڻو ته ڪير ٿئي!“ سندس سونهن پنهنجي وڏي ٿيڻ تائين لازوال ڀانيم.  مڇن  جي ساول سان مون مئٽرڪ ڏني. انهيءَ وچ ۾ مون جنت جون ايتريون ڳالهيون ٻڌيون جو ڀانيم ته واقعي هوءَ جنت آهي جنهن جي لاءِ سوين طالبو آهن. دين محمد ڪو اسان جي مٽي مائٽي ۾ ڪو نه هو. پر ابي سان ڀائپي جهڙو رستو هيس. پاڙي ۾ ويٺو ته ويتر ويجهو ٿي ويو. ابي ۽ دين محمد جا خيال هڪجهڙا هئا ” مٽي مائٽي ڪجي ته پنهنجن ۾ ڪجي، ڌاريا مٽ مئي جا نه ٿيا، پوءِ پنهنجن ۾ کڻي ڪو لچ لوفر، چور ڌاڙيل،لولو لنگڙو يا پيرسن اپاهچ ڇو نه هجي  پنهنجو وري به پنهنجو آهي. ” ابو به ساڻس شامل راءِ هو. اوطاق تي هجن يا گهر، ڪو به ماڻهو سندن عقيدي کي لوڏي نه سگهيو. جنت جي عمر وڏي ٿيندي وئي، پر دين محمد کي لهر نه ڪو لوڏو. دين محمد اک تڏهن پٽي جڏهن ٻه چار طوفان لنگهي ويا ۽ سندس جاءِ جو بنياد لڏڻ لڳو.

        مون جڏهن پهريون طوفان ايندي ٻڌو تڏهن ان تي يقين نه ڪيم. پر هڪ ڏينهن ٽاڪ منجهند هئي جڏهن مان اسڪول مان موٽيس پي ته شمي کٽيءَ کي گنجيءَ سان پنهنجي گهر جي در وٽ ٻاهر جهاتي پائيندي ڏٺم. هن هيڏانهن هوڏانهن نهاري پڪ ڪئي  پوءِ هٽي ويو. شايد مون تي نظر نه پيس. هونئن به مان گهٽيءَ جي ڇيڙي تي هيس. ائين انهيءَ گهڙي هڪ مائي ڪاري برقعي سان ورکائي نڪتي.سندس وڏي چوٽيءَ لهرو کاڌو مون سڃاڻڻ جي ڪئي. جڏهن ڀرسان اچي لنگهي ته سندس سڃاتل خوشبوءَ تي مون کان بي اختيار نڪتو، ” ادي جنت!“

        جنت ڪنڌ ورائي مون کي ڏٺو. ڪا گهڙي هٻڪي، پر پوءِ انهي طوفان سان گڏ هوا ٿي وئي جو سندس آندل هو. مون اکين سان ڏسڻ کانپوءِ به يقين ڪرڻ ڇڏي ڏنو. ڇاڪاڻ ته جنت، جنت هئي سندس وجود سان اسان جو سڄو پاڙو هڳايل هو. جنت جو هر هڪ عقيدمند هو. هوءَ جتان لنگهندي هئي. اتان ڪا گهڙي واءُ به  لنگهڻ بند ڪري ڇڏيندو هو. سندس ڊگهو، ور کاڌک بت ۽ جسم مان نڪرندڙ  عجيب خوشبوءُ پوڙهن کي به بيهاري ڇڏيندي هئي. هوءَ سانتيڪي ماحول مان گذري ويندي هئي ۽ انهي سانت کانپوءِ هڪ طوفان هوندو هو. چوٻول هوندا هئا ۽ هر وات نئين ڳالهه هوندي هئي.

        شمي کٽيءَ کان ڦري ڳالهه اچي مامي گلو تي پئي. جو جڳ جو مامو پر دين محمد وارن جو پري جو مائٽ هو. گهر ۾ ايندي ويندي جهٽ پي هنيائين ۽ جنت جهٽجي وئي. جنت الاهي راضپو آهي. جڏهن مولا طرفان حڪم ٿيو ته مامون گلو واجهجي ويو ۽ هڪ ڪاليجي نينگر تي پکو پيو. جو جنت کان ننڍو هو پر جنت جو سچو عاشق هو. نظير ۽ جنت جي گهر جي ڀت هڪ هئي. نظير ڪاليج ۾ بي اي جي آخري سال ۾ پڙهندو هو. جنت کان ننڍو پر جنت کيس گهائي وڌو. هن جنت جا سڀ عيب اکين تي رکيا. سندس مستانو ۽ متوالو ٿيو گهمندو هو. جنت سان لڪ چوري ملي. کيس ڪجهه عشق جا جملا ٻڌائي، روانوٿي ويندو هو ۽ جنت انهيءَ آڳ ۾ جلندي هئي جا کيس جنم کان ملي هئي. نظير جو عشق مشڪ هو  ۽ چاچو دين محمد سجاڳ ٿي ويو.

        چاچو دين محمد جهل ئي نه ڏئي. اچي ڏنائين  جنت کي مار. نظير  پنهنجي ماءُ پيءُ کي سڱ لاءِ موڪيلو. انهن کي به بيعزتو ڪري ڪڍيائين. چي  ” اسين خانداني ماڻهو. ڇوڪري اسان جي پنهنجي خاندان ۾ ويندي.“ ائين وقت گذرندو رهيو. ڪيترائي سڱ آيا پر خاندان خاندان رهيو. جنت بندش ۾ جڪڙجي جلندي پڄرندي رهي. سندس وجود پگهرندو رهيو. هڪ ڏينهن خبر پئي ته جنت کي جن آيو آهي. امان جن کيس ڏسڻ ويون. موٽڻ تي مون انتظار مان پڇيو. ” امڙ، جنت ڪيئن آهي“

        امان ته چپ هئي پر منهنجي ننڍي ڀيڻ پنهنجو وڏو چولو سنڀاليندي چيو، ” ادا جنت مئي پئي آهي. ڪنهن ڪنهن مهل جوش چڙهيس ٿو ته وڏا آواز ٿي ڪڍي. چون ٿا ته جن اٿس. ملو بشن اڄ به سندس جن ڪڍڻ آيو هو.“

        ملو بشن روز جنت جي گهر وڃڻ لڳو. هڪ ڏينهن خبر پئي ته جنت چاڪ آهي ۽ ملو بشن روز کيس قرآن  پڙهائڻ ۽ ديني تعليم ڏيڻ ويندو آهي. پوءِ ته جنت، ملي بشن جي گهر به وڃڻ لڳي. اچانڪ ملي بشن جو وڃڻ به بند ٿي ويو. چون ٿا ته ملي جي زال جا پيڪين وئي هئي، تنهن موٽي اچي مانڌاڻ وڌو هو.

        مون انٽر جو امتحان ڏئي بس ڪيو هو ته ٻڌم جنت تي جن وري آيو آهي. هاڻ جن ڪنهن ڪنهن مهل اچيس ٿو. ۽ باقي وقت ۾ هوءَ تعويذ لکڻ لڳي آهي. آهستي آهستي مشهور ٿيڻ لڳو ۽ جنت، بي بي جنت ٿي وئي. سڄو ڏينهن مائين جو ميڙو متل هوندو هو  ۽ جنت انهن مائين لاءِ تعويذ لکندي هئي. ڪنهن ڪنهن مهل جن اچڻ تي حالون بي حال ٿي انهن کي جواب به ڏيندي هئي. منهنجي روزلٽ اڃا ڪانه نڪتي هئي ۽ مان اوچتو بيمار ٿي پيس. دوائن جو اثر نه ٿيو پر ڳري ڪنڊا ٿي ويس. هڪ ڏينهن امان مون کي چيو. ” هل ته توکي بي بي جنت وٽ وٺي هلان ۽ ڪو نظر جو تعويذ وٺي ڌيانءِ. الله توي هٺسڄو ڏئي، اسان کي ته ڳڻتين ۾ وجهي ڇڏيو اٿئي.“

        مان جڏهن جنت جي گهر پهتس ته مون اها جنت نه ڏٺي جا جنت هميشه منهنجي تصور ۾ رهي هئي. خوشبوءَ  ۽ هٻڪاءُ جي ديوي، سونهن ۽ سوڀيا جو مجسمو. هوءَ هڪ هڏائون پڃرو هئي. سندس لازوال سونهن ڌوپجي چڪي هئي. هوءِ هڪ ڌوتل پوتل اڇو مجسمو هئي. سدنس چهري تي ڪا به اها سهڻي مرڪ نه هئي. جيڪا سندس ڳلن ۾ کٻ وجهندي هئي.  نه اهي چنبيلين جا چوٽا هئا جيڪي ور کائي ورندا هيا. سدنس اڇن اجرن ڪپڙن مان ڪا به خوشبوءَ نه ٿي آئي. سندس اکيون ويران هيون.

        اسان جي اندر داخل ٿيڻ تي سندس اکيون گول گول گهمڻ لڳيون. ڪا گهڙي هن مون کي تڪيو ۽ پوءِ زمين تي ليٽڻ لڳي. سندس ڀريل ور وراڪا ڏيندڙ بت، اڄ هڪ ڪاٺي مثل، ڌرتي تي اٿلڻ پٿلڻ لڳو. هن ڦٿڪندي عجيب آواز ڪڍيا، ويٺل مائيون وڌيڪ ويجهيون ٿي ويس ۽ کائنس ڪجهه پڇڻ لڳيون. هن چچريل. ڳري آواز ۾ کين نڪري وڃڻ لاءِ چيو. جڏهن سڀ مايون نڪري چڪيون ۽ مان ۽ امان نڪرڻ لڳاسين ته هن سٽ ڏئي منهجي ٻانهن جهلي ورتي. سندس ٻانهن ۾ ڪافي زور هو. مان ڊڄي ويو هوس. منهنجي اکين ۾ هراس هو. هن جي ڇڪ تي مان هيٺ ويهي رهيس. هن آهستگي سان اٿي منهنجي مٿي تي هٿ ڦيريو ۽ سندس اکين مان پاڻي وهڻ لڳو. هوءَ سڏڪن ۾ آواز بنا خاموش ڳوڙها ڳاڙيندي رهي. هن اشاري سان امان کي پاڻي آڻڻ لاءِ چيو،جيڪا پڻ هراسيل بيٺي هئي. جنت کي ڪجهه حال ۾ ڏسي، مطمئن ٿي پاڻي کڻڻ ويئي، جنت چڱي طرح سنيئن سڌي  ٿي ويٺي.  پوءِ سٽ ڏئي مون کي پنهنجي  ويجهو ڪيائين ۽ مٿي جا کنڊريل وار سنواريندي چيائين: ” مٺو، ايترا ڏينهن ڪٿي هئين؟ مون وٽ لڙئين به ڪونه“

        مان خاموش رهيس، شايد هراس اڃان به هيم. هن آهستگيءَ سان منهنجو هٿ وٺي پنهنجي ڳل کي لاتو ۽ چوڻ لڳي” مٺو، ڏس ته سهين مون کي هت ڇا ٿيو آهي؟“

         مون اتي ڏٺو اهي پشم جهڙا ڀريل ڳل نه هيا، اتي اهي کٻ نه هئا جن کي مون ڏسي کانئس سوال ڪيو هو” ادي،  هي توهان کي ڇا ٿيو آهي؟“

         اڄ اتي اڀريل هڏا هيا، سڪل ڪاراٽيل چپ هيا،  ويران اکيون هيون. ” مٺو ڏس ته سهين مون کي ڇا ٿيو آهي؟“

        منهنجو هٿ ٿڙڪڻ لڳو. انهيءَ گهڙي سڙڻ لڳو. اتي ته باهه جا اوڙاهه هئا، شعلا هئا، ان جون ڄڀيون هيون، مون هٿ هٽائڻ چاهيو. هن زور سان هٿ پڪڙي چيو” نه مٺو ڏس اتي ڪجهه آهي، ها چئه ته اتي ڪجهه آهي“

        مون آهستگي سان چيو ” ها جنت اتي باهه آهي، ساڙيندڙ باهه!“

         مون زور سان هٿ ڇڏايو، منهنجو هٿ سڙي چڪوهو. مون کي ائين محسوس ٿيو ته اها باهه وڌندي پئي وڃي. اها نه رڳو جنت کي ساڙي رهي آهي پر سڄي خاندان ۽ خانداني گهر کي سڙي رهي آهي. مان باهه باهه ڪندو اتان ڀڳيس. منهنجو رخ گهر ڏانهن هيو، جتي منهنجي ڀيڻ رهندي هئي.

         مون زور سان در کوليو ۽ ڊڪندو اچي پنهنجي ڀيڻ کي ٻانهن کان ورتم. ”ادي، هت ته باهه نه پهتي آهي. تون ته باهه کان بچيل آهين. هت ته باهه ڪانهي پهتي!“

        هوءَوائڙن وانگر مون کي تڪڻ لڳي.

        مون جنت جي گهر ڏانهن ڏٺو جتي مون کي باهه ٿي ڏسڻ ۾ آئي. سمجهيم ٿي ته اها باهه اسان جي گهر کان پري ناهي ۽ اها باهه هرجنت، هر نينگر کي ساڙي ڇڏيندي جنهن جي گهر خاندانيت، وڏائي ۽ اوچائي جوعلم بلند هوندو.

 

*

احساس جي منزل

        وقت جي بي آواز گهڙين کان پري، من جي مونجهه مٽائڻ خاطر مون آواز ڏنو آهي، ڪنهن  کي........ پريان ئي پريان، سڏيو اٿم ، ڪنهن کي ............  پڪاريو اٿم ڪنهنکي؟ ڪيئن چوان ته اهو منهنجي ڏکن جي دنيا کي سهسين سک پهچائي مون لاءِ جنت جوڙيندو. مون جنت به ته ڪانه گهري هئي. مون ته دوزخ جو به تصور نه ڪيو هو.......... مون ته ڪجهه به نه سو چيو هو. ڪجهه به ته نه.

        مان ڪيئن چوان ته اها ڳالهه منهنجي آهي، منهنجي ذات جي آهي. منهنجي ذهن جي آهي، منهنجي روح جي آهي.......... ڪئين چوان ته اهو منهنجو پنهنجو جسم آهي، جنهن مون کي ڦٽو ڪيو آهي، انهن تنهائين ۽ ويرانين ۾ جنهن ۾ پهڇڻ شرط مونکي رڃ جو احساس  ٿو ٿئي. رڄ به اها جنهن ۾ رڃ سان گڏ ڪي به ته ڪينهي.......... نه عذاب، نه احساس،  ڪجهه به ڪينهي.

         اڄ جڏهن مونجهه حد کان وڌي وئي آهي. تڏهن ائين ٿو چوان ته آڪاش جا تارا يا ڌرتيءَ جا گل منهنجي نصيب کان ائين رٺل آهن. جيئن انسان کان سڪون، جيئن جسم کان ضمير، يا ذهن کان حس، مان به بي حس، بي سڪون ۽ بي ضمير ٿي چوان ٿو ته مون ڏوهه ڪيو آهي، ڪنهن سان پيار ڪيو اٿم.

        ائين لڳيم  ٿو ته آءُ ڪنهن جبل تي بيٺو آهيان. سامهون هڪ ڪائنات آهي، جا ڦلهيل آهي، انهن احساسن کان محروم ستارن  وانگي جيڪي کڙيا هجن، ڪنهن ڪاري چادر مٿان، ڪنهن لفظن جي مالها بڻجڻ لاءِ، ڪنهن شاعر جي شعر جي لڙين لاءِ،  ڪنهن  ڏکويل جي ٿڌي ساهه ڀري مٿي نهارڻ تي تسڪين ڏيڻ لاءِ........... ۽ مان وڃائجي ويو آهيان انهي ڪائنات ۾... منهنجي ڀر ۾ ڪير اچي بيٺو آهي، مان سڃاڻان ٿو ته هو ڪير آهي. هوءَ روشن آهي. اها روشن جنهن سان مون ان وقت پيار ڪيو جڏهن هوءَ شادي ڪري پنهنجو گهر وسائي چڪي هئي. ائين به ناهي ته ڪو مان ساڻس اڳ ڪو نه مليو هوس. ڪيئي دفعا مليو هو مانس، ساڻس  ڪلاڪن جا ڪلاڪ گهاريا هيم. مان جڏهن به هن سان ملندو هئس ته ائين محسوس ڪندو هئس ته هوءَ روشن آهي، وڏي ماڻهوءَ جي ڌيءَ آهي، هڪ بنگلي ۾ رهندي آهي. سندس بنگلو منهنجي ننڍري بنگلي جي ڀرسان آهي ۽ ڏاڍي تيز ڇوڪري آهي بس. ايتروئي ته کيس ڏٺو هئم ۽ پڙهيو هئم.

        کيس مون ڪڏهن به سنجيدو نه ڏٺو هو. هوءَ  هميشه ٽڙندي کڙڪندي رهندي هئي. مون ساڻس ڪيئي دفعا ڳالهايو هو، هوءَ ڪيترا دفعا پنهنجي ڀاءُ ، پيءُ يا ڀاڄائي سان گڏ منهنجي گهر آئي هئي. يا مان کين گهمائڻ وٺي ويو هئس، ته به مونکي هوءَ روشن ئي نظر ائي هئي، جيڪا هميشه کلندي ۽ کڙڪندي رهندي هئي.

        اها شام به ياد اٿم جڏهن  هوءَ مون کي پنهنجي شادي جو ڪارڊ ڏيڻ آئي هئي. بي شرم به ايتري جو ڪارڊ ڏيندي چيائين:

” منهنجو گهوٽ ڏٺو اٿئي.؟

        ”نه“

        ” چڱو اچجانءِ ته مان ملائيندي مانءِ. ڏاڍو وڻندڙ ماڻهوآ.“

        ” توکي وڻندو آهي؟“

        ” وڻندو نه هجي ها ته شادي ڪيئن ڪيانس ها. چڱو ڇڏ انهيءَڳالهه کي تون ايندين نه؟“

        ” ضرور.“

        ” ته پوءِ تون مونکي لائون ضرور ڏجانءِ“

        ” ڇو“

        ” بس ائين ئي. سوچيان ٿي ته ٻه مٿا ٽڪربا ته ڪهڙو نه مزو ٿيندو.“

        مون کلي ڏنو.

        ” چري آهين ڇا، روشن؟“

        ” چرين کي سڱ ٿيندا آهن ڇا؟“

        ” مان ڀانياٿي ......... چڱو مان وڃان ٿي“

        هوءَ ائين مستي ڪندي هلي وئي ۽ پوءِ هن جي شادي ٿي ويئي. مان هنجي گهر ڪڏهن ڪڏهن ويندو هئس.  پر سگهو ئي مون کي ٻاهر وڃڻو پيو. ورهيه لنگهي ويا. موٽيس ته روشن بنهه ياد ڪانه هئم.

        اچانڪ هڪ دعوت ۾ ڀريل جسم سان وڻندڙ مهانڊو ڏٺم، سڃاڻڻ ۾ گهڻي دير ڪا نه ٿيم،  ڀرسان وڃي آهستي چيم:

        ”چري ڇوڪري........“

        ” اڙي، گل صاحب! ڏيو خبر، ڪيئن آهيو؟“

        سندس لهجو جيتوڻيڪ تڪلف وارو هو. هوءَ مون ڏانهن عجيب نظرن  سان گهوري رهي هئي. هوءَ جلد ئي مون سان بي تڪلف ٿي وئي. سندس گهور ۾ عجيب ڇڪ هئي. مون محسوس ڪيو ته مون ڏانهن ڇڪجي رهي آهي۽ ڇڪ ۾ هڪ عجيب ڪيفيت ۽ سرور آهي.

        جيتوڻيڪ هينئر هوءَ البيلي روشن ڪا نه هئي. هوءَ ٻن ٻارن جي ماءُ گهر هلائڻ واري سيبتي زال هئي. پر تنهن  هوندي به هن ۾ ايتري ڪشش ۽ جاذبيت هئي جو هوءَ بنهه مونتي ڇانئجي وئي.

         هن پنهنجي مڙس رفيق سان ملاقات ڪرائي جو پراڻي وقت کي ياد ڪندي خوش پئي ٿيو.

        پوءِ ته مون روشن سان ملڻ کان ڪين گهٽايو. کيس گهر يا ٻاهر جتي به ملندو هوسانس ته هوءَ يڪدم مون  ڏانهن  پورو ڌيان ڏيندي هئي ۽ مون مان ته اک ئي ڪا نه ڪڍندي هئي. مون کي ائين لڳندو هو ته سندس اکين جو خمار ۽ چهري تي  ڳاڙهاڻ کيس بنهه ٻي روشن بنائي ٿا ڇڏين.

          پوءِ هوءَ تڪڙو تڪڙو منهجي ويجهو ايندي ويئي. مان کيس گهمائڻ وٺي ويندو هيس. سندس اکيون خماريل هونديون  هيون ۽ سندس چپڙا ڪنهن مهل ڦرڪڻ لڳندا هئا ته مان آهستگي سان چوندو هو مانس : ” روشن!“

        ” جي؟“

”  ڇا پئي سوچين؟“

        ” ڪجهه به ته نه“

        ” ڪجهه به نه؟“

        ”نه، ڪجهه به نه“

        هوءَ وڌيڪ ڳنڀير ٿي ويندي هئي. ائين پيو محسوس ٿيندو هو ته هوءَ سوچي پئي. سوچ سندس پيڇو پئي ڪري.

        نيٺ اها شام به اچي وئي جڏهن مان هن ڪائنات جي آئيني آڏو بيٺو هئس ۽ سج جي ٻڌتر، منهنجي خيالن جي ٻڌتر هئي. روشن منهنجي  ويجهو ايندي وئي ۽ مونسان لڳي بيٺي.

        مون کيس پڪاريو،

        ” روشن!“

        ” جي“

        ” ڇا پئي سوچين؟“

        هن ڪو به جواب  ڪونه ڏنو.

        ” ڇا پئي سوچين؟“

        هن دفعي به ڪو جواب نه ٻڌم، ايترو محسوس ڪيم ته هنجو منهن منهنجي ڪلهن تي آهي  ۽ هن جوساهه........ ۽ مون منهن ورائي  سندس لال رتي مک کي چميو، هوءَ وڌيڪ ويجهو اچي ويئي، ۽ مون پنهنجي زندگي جي باب جو نئون ورق اٿلايو.

        عجيب سوچون، عجيب ويچار، من ئي من ۾ ٽڙندڙ آتشبازي ۽ جذبات جي راند ۽ کليل وارن جي کيڏ. ڪنهن ڪنهن مهل، گلن جي مک چمڻ وقت ذهن ۾ ڪنڊن جو چڀڻ، من  جو من کي پيڙڻ، مسلسل عذاب هڪ عجيبب ڪيفيت، عجيب سرور ۽ عجيب زندگي ائين پي لڳم تي وقعي مان انسان آهيان. مان جڏهن کيس چوندو هئس:

        ” روشن تون منهنجي آهين.“

        هوءَ جواب نه ڏيندي هئي.

        ” تون منهنجي آهين، روشن.“

         ” تون منهنجي آهين، روشن.“

        ” ها. گل! مان تنهنجي صرف تنهنجي آهيان.“

        اهو ملڪيت جو احساس مونکي پري کڻي ويندو هو اسين ٻئي هن ڪائنات جا ٻه ساهوارا هئاسين. جيڪي هڪ ٻئي جي ساهه کي محسوس ڪندي جي رهيا  هئاسين.

         ائين به ته نه هو ته ڪو کيس رفيق کان ڪا شڪايت هئي. نه، هو ڏاڍو سٺو خاوند هو. هو ڪوشش ڪندو هو ته روشن خوش رهي، پر روشن ڪڏهن سندس سامهون نه کلي مرڪندي هئي نه کلي ڳالهائيندي هئي. ائين محسوس ٿيندو هو ته هوءَ دٻيل. ڪجهه گهٽيل ۽ ڪجهه اڃايل آهي.

        مان ڪڏهن ڪڏهن کيس چوندو هئس:

        ” روشن، جي رفيق کي اسان جي هن پيار جي خبر پئجي وڃي ته.........“

         هنجي منهن جو پنو لهي ويندو هو. هوءَ سوچ ۾ گم ٿي ٻي روشن بنجي ويندي هئي ۽ پوءِ اتان ئي  بيهي مونکي چوندي هئي: ” اسين گناه ته نه ٿا ڪريون گل؟“

        مان چوندو هو مانس: ” روشن اسين ته پيار ٿا ڪريون.“

         ۽ پوءِ آهستي چوندي هئي: ” گل، مونکي پيار ڪر.........“

        جڏهن مان کيس پيار ڪندو هئس ته وري هوءَ روشني هوندي هئي. منهنجي روشن.

        اها به ته اهڙي ئي هڪ شام هئي.

        ٽڪريءَ تي هڪ ڳاڙهي شام رنگن سان ٿي راند ڪئي. ڪڏهن ٿي رنگ هاريائين. ڪڏهن ته ڪنهنجي من کي ڪٺائين........ هوءَ اچي ڀر ۾ بيٺم.

        ” روشن؟“

        ” جي“

        ” ڇا پئي سوچين؟“

        هن دفعي هن يڪدم جواب ڏنو:

        ” گناهه جو احساس“

        ” ها گناهه جو احساس. هن ڪڪوريل شام کي ئي ڏس. گهر وڃ ۽ انهي تي سوچ، توکي محسوس ٿيندو ته اسان گناهه ڪيو آهي.......  تو ڪڏهن محسوس ڪيو آهي ته مان انهي شام مثل آهيان.

        ” نه روشن، مون تو کي اڳ به سمجهايو آهي ته اسان پيار ٿا  ڪريون!”

        ” اسين پيار ڪرڻ ڄاڻيندا ئي نه آهيون، گل سڀ گناهه کي جنم ڏيندڙ آهيون ۽ گناهه اسان کي جنم ڏيندو آهي.... اسان گناهه ڪيو آهي...... توکي مڃڻو پوندو ته اسان گناه  ٿا ڪريون. تون اهو سوچ ته مان ٻارن جي ماءُ آهيان، جيڪي انهي پيار کي سمجهي نه ٿا سگهن ته انهن لاءِ هر نه سمجهه ۾ ايندڙ ناتو هزارين سوال کڻي اچي ٿو. اسين جيڪي کين سيکاريون ٿا تنهن ۾ گناهه جو فسلفو نه سمجهه ۾ ايندڙ فلسفو آهي. گل! نه سمجهه ۾ ايندڙ ڳالهيون گناهه ئي ته هونديون آهن.“

         هن جي چهري تي عجيب سوچ ۽ ڳنڀيرتا جون ليڪون هيون. مون کيس گهرو پڙهڻ چاهيو. گهروڏسڻ ۽ کيس ٻڌائڻ چاهيو ته اسان پيار ڪيو آهي، اسان جي پيار ڪيو آهي........... پر هوءَ هلي وئي اڳتي پري. ........ مان اهوئي خالي، اهوئي ويرانن جو مالڪ.......... ويران! هن تي خيالن جا پٿر وڇائيدڙ هڪ مزور جنهن لاءِ گناهه ۽ ثواب جو فلسفو نه  سمجهه ۾ ايندڙ فلسفو آهي.

        مان اڄ جهريل جسم، جهريل ذهن سان هلان پيو، سواءِ ڪنهن خيال جي، سواءِ ڪنهن احساس جي، شايد، احساس جي منزل اها ئي آهي.

 

 

*

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com