سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: ويريون

باب: --

صفحو :2

 

”مونکي مون پرين ٻڌي وڌو ٻار ۾...........“

(ڇپيل، اڻ ڇپيل رايا)

 

حميد جي ڪهاڻين جي لهجي ۽ شخصيت  ۾ ايتري ته هڪ جهڙائي ۽ هم آهنگي آهي جوانهن کي مروج ڍنگ ۾ ڌارڪري بيهارڻ  يا وچ مان ليڪ ڪڍڻ تمام ڏکيوآهي.

        سندس شخصيت ۽ فن ٻئي وضاحتي قسم جا آهن. سندس لکڻ جو انداز وضاحتي آهي، تيئن سندس  شخصيت جي جسماني جوڙ جڪ توڙي ذهني ۽ عملي لاڙن جو نڪته نگاهه کان بلڪل چٽائي  پيش ڪندڙ آهي. جيئن سندس لکڻيءَ ۾  ابهام  ۽ مونجهارو نه آهي، ائين شخصيت به اٿس. هر ڳالهه چٽي ۽ هر ڳالهه ۾ ور  وڪڙ بجاءِ سڌي ليڪ، پر سڀ ڪجهه آهستي آهستي،  ڏاڪي به ڏاڪي. لکڻ وقت به آهستي آهستي اڳتي وڌندو ۽ پکڙبو ويندو آهي. اکر ڏاڍا خراب اٿس پر پڙهڻ ۾ تمام سولا:  نه ته لاشعوري طرح تي ٻٽي  شخصيت يا ٻن حصن ۾ ورهايل شخصيت اٿس نه وري شعوري طور تي ٻٽو هلڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. پنهنجين ڪهاڻين ۾ به ڪو وڏو موڙ ڪونه کاڌو اٿس. موڙ کائڻ جي بدران آهستي آهستي اڳتي وڌندو وڃي. اڄڪلهه علامتي ڪهاڻيون لکي پيو پر اهي به ايتريون ته چٽيون آهن جو عام پڙهندڙ وڏي سولائي سان سندس فن کي ڇهي سگهي ٿو.

        شخصيت وانگر ٻولي به مٺي ڪم آڻيندو آهي. مخالف نڪته نگاهه تي حملي ڪرڻ وقت به ڳجهي يا پرتو ٽوڪ هڻي سامهين ڳالهه کي ڊاهڻ جي بدران پنهنجي اظهار جي ڦهلاءِ کان ڪم وٺندو آهي. ان خيال کان کيس ادبي نيڪ نيتيءَ وارا لاڙا  رکندڙ ڪهاڻيڪار چئي سگهجي ٿو.

         

--- عبدالقادر جوڻيجو

 

        حميد سنڌي جا افسانا ڪڏهن ڪڏهن ته دل تي اهڙو اثر ٿا وجهن جو ڪافي وقت تائين قائم رهي ٿو.  سندس ذهن ۽ قلم ٻئي پختا آهن. ڪيترو نه بهتر ٿئي جو هو صاحب اسان جي عام زندگي جي حقيقي پهلوئن کي حقيقي تصورات تي ترجيح ڏئي. انساني فطرت هميشه کان خود پسند رهي آهي. هن دور ۾ جڏهن انسان تڪليف ۾ آهي ته ڇو نه کيس فطرتي تسڪين مهيا ڪجي.

--- هادي بخش ميمڻ

(روح رهاڻ، مارچ ١٩٦٥ع)

...........................................

        حميد سنڌي جي افساني جي  خصوصيت هن جو انداز آهي، جيڪو مجبور ڪندو آهي ته افسانو پڙهي ختم ڪجي. ” روشن اوندهه“   هن معاشري جي جيئري جاڳندي ڪهاڻي آهي. جنهن جا ڪردار بالڪل اسان وانگر زندهه ۽ زندگي جي پيچيدگين ۾ الجهيل آهن. منهنجي نظر ۾ ته هي ڪهاڻي هڪ علامتي ڪهاڻي پئي لڳي، جنهن ۾ ڪن چند ڪردارن جي صورت ۾ سڄي ماحول  جي عڪاسي ڪئي وئي آهي.”روشن اوندهه “ اسان جي وڏيرا شاهي جي چٽي تصوير آهي، جنهن ۾ حميد سنڌي پنهنجي تخليقي قوتن سان رنگ ڀريو آهي. اهائي ادب جي تقاضا آهي.

----- قاضي خادم

(روح رهاڻ، جون ١٩٦٥ع)

 

        حميد سنڌي جي افسانن جي مقبوليت  ۽ پسند پوڻ جو سبب اهوئي آهي، جو پڙهندڙ خود انهيءَ جاءِ تي پاڻ کي محسوس ڪري ٿو ۽ سندس افساني ”روشن اوندهه“ جو موضوع پراڻو آهي، پر جنهن نموني پيش ڪيو ويو آهي، تنهن کي ساراهه ڪرڻ کانسواءِ رهي نه ٿو سگهجي.

-----ممتازميمڻ

(روح رهاڻ جون ١٩٦٥ع)

 

        حميد  جي ” پيار جي ريکا“ وڻي. ريکا کي ڀلي کڻي بليڊ سان ڇلي ڇڏجي مگر ان جو مانسڪ اثر ڀلاڪيئن وسرندو.

ٽيڪچند مست

(روح رهاڻ، اپريل ١٩٦٥ع)

 

جهيڻي جو پارٽ ٿورو، پر مرڪزي  خيال سان  ٺهندو آهي.

---- ناز، ڪراچي

( روح رهاڻ، فيبروري...........)

 

 

اوهان جي ڪهاڻي ” ٽڪنڊو“  پڙهيم. خبر ناهي ڇو پڙهي خيالن جي منجهيل ڄارن ۾ ڦاسي پيم،  سوچن جا اڻکٽ سلسلا شروع ٿي ويا ۽ مان ڀٽڪندو، ٿڙندو ٿاٻڙندو،  اوهان  وٽ اچي نڪتو آهيان. توهان ئي ڏس ڏيو ڇا سچ پچ  فن جو ٻيو نالو اداسي ئي آهي؟اياز يڪتاري کي ڍانڍو ٿانءُ  ٿو ڀانئين، امر جليل نااميدي  ٿي نانگن ۽ بکين، گهٽين ۽ چرن، بوتلن جي ڍڪن سان کيڏندڙ ٻارن کي پنهنجو مستقبل  سمجهي،  ”مهراڻ“ کي  مستقبل ۾ ” سرواڻ“ ۾ تبديل  ٿيندو ٿو ڏسي ۽ ستل سنڌين کي مهن جي دڙي جوڏاند ٿو ڀائين. وري توهان؟  اوهان به  ته تاريڪين سان پر اداس وادين ۾ ٿا وڃي نڪرو. آخر اهو سڀ ڇا آهي؟ فن ته لازوال آ ۽ ادسي وقتي. پوءِ  به  انهن جي پاڻ ۾ ايڏي قربت سمجهه ۾  نه ٿي اچي. ان جو ڪوئي ته هل ڏسيو؟  ڪو ته جواب  ڏيو. اداسي ۽ فن............ فن ۽ اداسي؟

اڪبر چنو، لاڙڪاڻو

( روح رهاڻ، آڪٽوبر ١٩٦٦ع)

        حميد سنڌي جي ڪهاڻي، ڪهاڻي نما مضمون،  مضمون نما ڪهاڻي، آکاڻي ڪافي وقت کانپوءِ نظر آئي آهي، سا به روايتي ۽ کوکلي  انداز ۾. حميد صاحب شايد ميار لاهڻ لاءِ يا گٺل قلم کي چالو ڪرڻ لاءِ ڪا پراڻي ڪهاڻي هلائڻ  جي خيال کان موڪلي آهي. جنهن جو هن وقت جو ليکڪ تصوربه نٿو ڪري سگهي ۽ نه وري شايد ڪير پوري پڙهڻ به پسند ڪري. اها جيڪڏهن حميد صاحب جي ”نئين“ ڪهاڻي آهي ته پوءِ حيرت ڪرڻ بدران ايترو چئي سگهجي ٿو ته ان ”موٽ“ جو حشر اهو ئي ٿيو آهي، جهڙو پارس ۾ ڇپيل رشيد ڀٽيءَ جي ڪهاڻيءَ جو ٿيو  آهي. اسان وٽ ”حويلي“ جو تصور ائين  آهي، جيئن هڪ صحتمند جسم تي ناسور، طبقاتي ڪشمڪش جوبنياد ۽ وري لفظ ”دربان“! خبرناهي ته هن انهن مان ڇا ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي؟  جيڪڏهن ”دربان“ کي اتحاد جو اهڃاڻ ڪري ورتو ويو آهي ته پوءِ اهڙو اتحاد ”بورجوائي جو اتحاد“ ئي ٿي سگهي ٿو ۽ ڇاڪاڻ ته حويلي ۽ دربان ٻئي لفظ هڪ خاص بدبودار سماج جو تاثر پيش ڪن ٿا، تنهنڪري ڪهاڻي کي ترقي پسند فڪر جي دائري کان گهڻو پري سمجهي سگهجي.

--- نور گهلو، دادو

(”باک“ مورو)

        افسانوي ادب ۾ گهڻو ڪري ليکڪ پنهنجي ذاتي تجربي، اميدن، آسرن ۽ احساسن جي اپٽار ڪندا آهن. ليڪن سنڌي ڪهاڻيڪارن ۾ ڪي اهڙا به آهن جي ذاتي پيڙا کي ڇڏي سنڌ جي ماضيءَ  ۽ حال جي ويرانين ۽ تباهين کي پنهنجي ڪهاڻي ۾ چٽيندا آهن. ڳچ وقت اڳ نسيم کرل جو افسانو ”چوٽيهون در“ پڙهيو هئم ۽ وري اهڙي ئي هڪ ڪهاڻي باک ۾ ”دربان“  نالي سان پڙهيم. حميد سنڌيءَ سنڌ جي ثقافتي  تباهيءَ تي وقتائتو قلم کنيو آهي. شال هڪ سنڌي  ان طرف توجهه ڏين!

--- غلام علي باگاڻي، ڪراچي،

(باک  مورو)

        سنڌ جا قديم آثار جهڙوڪ بکر، حيدر آباد، عمر ڪوٽ جا قلعا، سنڌ جي سمن، ڪلهوڙن ۽ ميرن جا مقبرا ۽ قبا، توڙي ٻڌ ڌرم وارن جا يادگار مثلا برهمڻ آباد ۽ ڪاهوءَ جي دڙي وارا ڏيورا  ۽ ٺل مير رڪن وغيره جنهن تباهي ۽ برباديءَ واري دور مان گذري رهيا آهن، ان تي جيترو به ماتم ڪجي ٿورو آهي.  ”دربان“  کجيءَ جي روپ ۾ جنهن تباهي جي نشاندهي ڪئي وئي آهي. ساپڪ ئي پڪ سنڌ جي ثقافتي  ۽ قديم ورثي جي ويرانيءَ ڏي اشارو ڪري ٿي. اهڙي سٺي ڪهاڻي لاءِ حميد مبارڪباد جو مستحق آهي.

---- غلام محمد لاکو، دولتوپور صفن سنڌ

(باک مورو)

         ڀاءُ  نور گهلوءَ حميد سنڌي جي ڪهاڻي ” دربان“ تي جيڪا راءِ ڏني آهي، ان مان ته اهوئي اندازو  لڳائي سگهجي ٿو ته هو ڪهاڻي سمجهي ئي نه سگهيو آهي. ڪهاڻي موضوع، ڪردارن ۽ مقصد جي اعتبار کان مڪمل آهي ۽ ڀرپور تاثر ڇڏي ٿي.

--- آفاق سليم، حيدرآباد

(باک مورو)

        حميد سنڌي جي ڪهاڻين کي ڪيترائي ڀيرا پڙهيو اٿم، اسان وٽ سنڌيءَ ۾ اهڙيون ڪهاڻيون ٿوريون لکيون ويون آهن. هن جي قلم جي قوت آهي ۽ قلم اڃان سوڌو مستقبل جي آئيني ۾ سوراخ  ڪري ڪاغذ ٿي هلي رهيو اٿس. سنڌ جي معاشري ۽ فرسوده روايتن ۽ مسئلن تي ايڏي اونهائي سان لکي ٿو. هر ڪو لکي ٿو پيار، پيار، پيار ۽ اسان وٽ پيار جو ايڏو ڪو مسئلو نه آهي. اسان وٽ اهڙي کوکلي نفس پرستيءَ جي پيار جي ضرورت ناهي. ان پيار جي ضرورت آهي، جنهن ۾ انگ اگهاڙن ۽ پيٽ بکين جو احساس هجي، انهن لاءِ روڄ هجي، ماتم هجي. اسان وٽ اهو پيار هجي، جنهن ۾ ڏتڙيل ڌرتيءَ جي گونگن ٻوڙن لاءِ زبان هجي، ڪن هجن ۽ جدوجهد  هجي، جنهن ۾ قرباني ئي قرباني هجي.

        حميد جي لکيڻ ۾ اهي سڀ سنيها آهن . ڪيترين ئي ڪهاڻين ۾ ڪٿي ڪٿي مايوسين  ۽ ڏکن جا چٽا پٽا اهڃاڻ هن کي ظاهر ٿا ڪن. ان لاءِ هو ڪهاڻي جي ڪردار ۾ ڪٿي نه ڪٿي لڪل ضرور هوندو آهي: ڪٿي لياڪا پائيندو آهي ته ڪٿي صفا ظاهر آهي. ڪٿي ڳوڙها ڳاڙهيندو آهي. پر آءُ سمجهان ٿي ته هن جي ڪهاڻين جي مايوسي مايوسي  نه آهي، پر مسئلن سان منهن ڏيڻ،  ذميوارين سان  پيار، مايوسين، کي هٽائڻ، زندهه رهڻ ۽ ٻين کي جيارڻ لاءِ سوچن جا سلسلا اڻ کٽ ڊهندڙ ٺهندڙ فيصلا سڀني ڪهاڻين جي ڪردارن کي شيخصيت کي مضبوط بنائڻ لاءِ سرگردان آهن.ويريون جون سڀ ڪهاڻيون سنڌي ادب ۾ ڪهاڻي جي اوسر ۾ وڏي حيثيت ولارين ٿيون.

--- فهميده بلوچ، حيدر آباد

*

ويريون

 

 

        نورپور ڪنهن وقت ۾ ته ڳوٺڙو هو، پر جيئن جيئن رئيسن جي رئيسي اوج تي پهچندي وئي، نور پور به اوج تي پهچندو ويو. چڱا سکر مڙس اچي وسيا.  وڻج واپار  ته هونئن ئي رئيس جي  جي دم سان هو. سندن ٻنيون ٻارا ايترا ته جهجها هئا جو شهر جي چڱي ڀلي  ڀلاوڻي نيئومل جي وس جي ڳالهه نه هئي جو سمورو مال سودي وڃي. نيٺ رئيسن جي ڪڙ مان جوان نڪتان جن پاڻ سيٺڪي ڪئي ۽ سيٺين وانگر تر ۾ پنهنجو مال سودڻ لڳا. ماڻهو ساکائتا هئا، سندن وک وک مان ڏاهپ پئي بکي،  ترت ئي چڱا وڏا سيٺيون  بنجي ويا. سندن  وڻج واپار  بمبئي جي ڪوٺين تائين وڃي لڳو.  پر سندن خانداني لقب رئيس نه هيٺ ٿيو نه مٿي ٿيو. رئيسپائي  مان نڪري سيٺ پائي تي پهتا هيا، پر  ته به نه ته سندن ڪڙم جو نالو مٽيو نه وري سندن ڪي رک رکاءُ ۽ اٿي ويٺي ۾ فرق آيو. چڱو پهريندا هئا، سندن ڪڙم جو واڌارو  ڏسي سندن  وڏي رئيس گل محمد هڪ چڱي چوکي  حويلي ٺهرائي،  ڀرسان اوطاقون ۽ مال جون جايون ٺهرايون. سندس نگاهه  ڊگهي هئي.  سندس هٿ وڏا هئا، ڀر ۾  چڱا پٽ وٺي ڇڏيائين. رئيس گل محمد ڏاڍي تجربي وارو ۽ هوشيار ماڻهو هو. ساڻس عمر وفا نه ڪانه ڪئي ۽ سيگهه وڃي بر وسائين. سندن پونير چڱا سمجهو هئا پر  جيئن نه ڪو رئيس گل محمد ڀاڳ جي علامت هجي، سندس موڪلائڻ سان رئيسن جي راڄ جي به پڄاڻي ٿي. رئيس گل محمد جي نه رڳو واپار تي پر زمينداري ۽ راڄ تي  به نظر هئي. پونيرن جي وري نظر واپار  تي وڌيل هئي. سڀ ڪجهه وڪڻي به داءُ واپار  تي لڳايائون. ڪرڻي منهنجي مالڪ جي اهڙي  ٿي جو وڏي جنگ ۾ ڪروڙ پتين ڪرئي نه کنيون  ۽ وڃي پٽ پيا. اتي هي لکن ۾ مس هئا، سندن واپار ۾ هڙ جهڳو ناس ٿي ويو. اوسي پاسي جيڪي زمينون ۽ پٽ هئن سي وڪڻي وڃي جان ڇڏايائون. پر هو جو چوندا آهن ته نڪي نڪ کي مر لائبي نڪي ابي جي پر وڃائبي، ڪهڙي به حال ۾ هئا پر پنهنجي پر نه وڃايائون. اٿي ويٺي مهمان مڙي کي کارائڻ پيئارڻ، اهيئي اوطاقن جا ميڙا قائم رهيا.

        پر آخر ڪيستائين آهستي آهستي آڪهيون وڌيون، ڪن وڃي ٻاهر نوڪريون ڪيون، ڪن اتيئي ڌنڌي ڌاڙي کي ورتو. پر اهو اوج نصيب نه ٿين. هونئن به نيٺ ڪمال کي زوال آ. نورپور جو اوج به ڪو رئيسن جي دم سان هئو. آهستي آهستي، اهيئي ڀٽون ڀاڻا، اهيئي پن ۽ وٿاڻ جهڙي طرح وقت سان گڏ ماڻهن جي طبيعتن ۾ به هيٺ مٿانهون اچيو وڃن، اهڙي طرح رئيسن جي حالت ۽ گهرن جون رونقون لٽجي خزان جي صورت اختيار ڪري ويون.اڄ به نورپور جي شهر ۾ گهڙبو ته منهن ۾ وڏي  بازار پوندي جا نالي ماتر وڏي بازار وڃي رهي آهي. جنهن ۾ سواءِ چند دڪانن جي ڪي به ڪينهي. اهي دوڪان لتاڙي صابو گرن واري گهٽي ۾ پئبو ۽ جيئن وڏي مسيت کان هيٺين ميدان ۾ لهبو ته چڱي مٿانهين تي هڪ ڪوٽ نظر ايندو. جنهن جا ڪنگرا جهور، سندس وڏين ڊگهين ڀتين ۾ جهيرون، سندس پاڙو کٿل ۽ کاڌل. اها آهي رئيس گل محمد جي ٺهرايل حويلي جا اڄ به رئيسن جي حويلي جي نانءَ سان مشهور آهي.

        جيئين ئي حويلي  ڏانهن وڃبو ته هڪ چڱي چاڙهي چڙهي حويلي جي لنگهه وٽ پهچبو، چاڙهي جي هيٺيان رئيسن جي پونيرن جون منهين واريون  اوطاقون نظر چڙهنديون. انهن اوطاقن جو اوج اجڙيل آهي. سندس پونيرن مان ڪنهن به اهڙو اوج ڪو نه ڪيو. جي ڪيو به آهي ته  اهي ٻين شهرن ۾ نوڪرين يا ڌنڌي سانگي آهن.

        حويلي کي هڪ تمام وڏو در ۽ هڪ دري آهي جا اندر وڃي هڪ وڏي ميدان ۾ پوي ٿي. لنگهه شايد انڪري مختلف نه آهن جو سڀني جا پاسا ورهايل ۽ طرف کنيل آهن.

        ڪنهن وقت ۾ ته طرفن ۽ پاسن کي ڪنهن کنگهيو به نه ٿي جو وڏڙن جو قرب ڀريو ساهه به هڪ ئي نڪئون  کڄندو هو. گهرن ۾ نه ويڇا نه  ويريون، نه دوريون نه جدايون، بس پنهنجائي وارو ڪارخانو هو. رئيس گل محمد ڪي ناتا اهڙا اڻيا هئا جو ڪي ورهيه ته ڪارخانو ائين پئي هليو. گڏ جا گهر وڌ ۾ وڌ ڏاڏن جي نالي تي ڪمرا وراهيل پر نه ڪو ڪي ڌار ڀتيون نه ڪي ويريون.

        گڏ جو کائڻ، گڏ جو اٿڻ ويهڻ، لنگهه هڪڙو، ڪهڙي ڀاءُ کي ڪهڙي ڀاءُ کان جدا ڪري ڳڻائجي. بس سڏجي ته بابا رئيس گل محمد جو ڪڙم، رنگي جا رنگ آهن. ڪڙم جو ته وڃي هن دور ۾ هن رنگ ۾ نانءُ رهيو آهيو. هاڻي هر هنڌ ڪڙم جي نانءَ کان اڳ هر  ڪنهن جي پنهنجي حيثيت ، ڳڻپ ڌارئون ڌار آهي. اڳ رئيس گل محمد جي آڪهه، پوءِ ٿي رئيسن جي آڪهه. پوءِ ڇا،  چي ويڙهو، هيءُ محمد ابراهيم جو ويڙهو آهي، هي نظير احمد جو ويڙهو، هي ولي محمد جو ويڙهو، هي شمس الدين جو ويڙهو.  هيءُ سڀ هئا رئيس گل محمد جا  ڀائر، اڃا به اڳتي هلو ته شمن جو گهر، رسول بخش جو گهر. مٺڻ جو گهر، مولا بخش جو گهر ۽ اڄ بس گهر ۾ گهر، ڪنهنجو نانءُ وٺجي، اندر ويريون پئجي ويون، حويلي ڀاڱا ٿي ويئي. هيٺ اوطاقون ٽڪرا ٿي ويون، آڪهه وڌندي وئي، ڪٽنب ڇڄندا ويا. حويلي ۾ ٽڪرن ۽ ڀاڱن جو تعداد وڌي ويو پر جي ڇڄي ته ڏيڍي نه ڇڄي. جتان حويلي ۾ اندر داخل ٿبو هو ۽  اها پنهنجي ننڍڙي پر ڊگهي ڇٽ سان قائم دائم، لنگهندڙن کي گس ڏيندي رهي. ڏيڍيءَ کي پنهنجا ٻه در هئا، هڪ منهن ۾، هڪ آخر ۾. ڪير جي ٻن درن کي بند  ڪري ته ڄڻ ته صفحو ٿي ٿي پيو.  رئيس گل محمد جي آڪهه جو چڱو  مڙس محمد ابراهيم پراڻي کهي جو ماڻهو، پراڻن قدرن ۾ ايمان،  پر ليکي چوکي  ۾ ڏاڍو سخت ۽ ڏکي طبيعت جو ماڻهوهو. سندس شمس الدين وارن سان اصل ڪانه پوندي هئي، جو رئيسن جي ڏاڏنگ ۾ ڪو نه هو، هونءَ به ناناڻي پر زالون ۽ ٻار پاڙيندا آهن، باقي مڙداڻي پر اها آهي جو هميشه ڏاڏنگ پيا ساراهيندا. شمس الدين جو گهر ڏيڍي سان گڏ هو. شمس الدين  پورهيت ماڻهو هو، پر سندس نينگر پڙهي پيا. ان مان ڪو مليريا جو صاحب هو ته ڪو فيملي پلاننگ ۾ هو. نوڪرين سانگي ٻاهر. گهر ۾ پيرسن  شمس الدين ڏيڍي جي ڀت کي ٽيڪ  ڏيو، آرسين لوپن ۽ جاسوس بليڪ جا جاسوسي چڪر وارا ناول پڙهي وقت گذاريندو هو. سندس گهر جو خرچ نينگر کنيو ويٺا هئا، هن رازڪو ڪم گهڻا ڏينهن ڇڏي ڏنو هو.

        هڪ ڏينهن جيئن هو اکين تي عينڪ چاڙهيو ڪتاب کنيو ويٺو هو ۽ هو ڏسي رهيو هو ته ڪيئن جاسوس بليڪ، سمٿ کي دڙڪا  پيو ڏئي، ايميلي  ڪارٽر کي سمجهاڻي پيو ڏئي، سندس هٿ ڀت جي هڪ دز تي پيو،  هن جو هٿ بي اختيار هٿوراڙيون  ڏيندو رهيو ۽ هڪ هوشيار رازي وانگر ڀت کي ٽوڙيندو رهيو ۽ ائين هن ڪتاب رکي ڇڏيو. هن کٽ ريڙهي پري هٽائي ڇڏي، هٿ لائي ڏٺو ته ڀت چڱي کاڌ ڪري وئيي ۽ ڪافي هنڌن کان ڏري ڇڄي به پئي آهي. پراڻو ڪاريگر هو، قصي کي سمجهي ويو، صبح جو اٿڻ سان هڪڙو رازو  جو سندس يار به هو ۽ ٻه مزور وٺي اچي ڏيڍي ۾ بيٺو. ڏيڍي ۽ سندس ڪمري جي ڀت مڙيوئي هڪڙي ڀت، سو خيال پچائڻ لڳو ته  اهڙو ڪم ٿئي جو ڀت جي مرمت ٿئي نه ته سڄي ڏيڍي ڇت سوڌي هيٺ لاهڻي ٿي پئي.  شمس الدين ۽  سندس يار رازي گلڻ جا هٿ ڀت کي ٽوڙي رهيا هئا ته ائين محمد ابراهيم اچي لانگهائو ٿيو. پراڻي ٿلهن شيشن واري عينڪ مان نظر ڪرڙي ڪري شمس الدين کي ڏٺائين ۽ لڪڻ کي زمين تي ٽيڪي چيائين، ”اڙي ماما!  ڇا کي لڳو آهين ڀت ٿو ڊاهين ڇا!“ اڃا شمس الدين وراڻي ئي وراڻي ته مٿان ڦهڪايائينس: ڏس ماما ڀاڙين مٿان هڻي ڀت ڪانون ڪيرائي وڌي، ڪاٿي گلڻ پارا مٿان نه ڀت ڪيرائيني: شمس الدين کي خبر هئي ته محمد ابراهيم ڏکي طبيعت جو ماڻهو آهي، تنهنڪري سور پي چيائينس: ” ڀائوڏيڍي جي ڀت ڪمزور ٿي پئي آهي، جي ڪري پئي ته نه رڳو ڏيڍي ويندي پر مون واري ڪوٺي کي به کنيو ويندي. تنهنڪري گلڻ کي وٺي آيو آهيان ته ڪا صلاح بيهاريون ته ڪيئن ڏيڍي کي بچائجي.“ ۽ ائين محمد ابراهيم عينڪ لاهي هٿ ۾ ڪئي، تکي رڙ ڪري چيائينس: ” اڙي متان ڀت کي هٿ لاتو اٿئي، هي ڀت، هي سڄي ڏيڍي وچ جي ملڪيت آهي شما! جي تو ڪا به حرڪت ڪئي آهي ته سڀني کي سڏائي انهيءَ ڀت ۾ لنبائي ڇڏيندو سانءِ سمجهئيه!“

        ” پر به ڀائو، جي ڀت ڪري پئي ته مان ڪاڏي ويندس، چڱو ڀلا ايترو حق اٿم ته اندران پنهنجي ڀت کڻايان،  پوءِ ڀلي هيءَ ڪريو ته ڪريوَ توهان جي مرضي“.

        محمد ابراهيم جي ڪنن جو پاڙون ڳاڙهيون ٿي ويون، لڪڻ کي ڀت تي هڻندي چيائين: ” شما، مان سڀ سمجهان ٿو، انهي بهاني تون هيءَ ڀت ڪيرائڻ ٿو چاهين ته جيئن  ڏيڍي تي قبضو ڪرين. تون نه نئين ڀت ٺهرائيندين نه هن کي هٿ لائيندين. نه ته - ------ بس سمجهين ٿو.“

        محمد ابراهيم لڪڻ سان گڏ ڏند کڙڪائيندو هليو ويو. شمس الدين حويلي جي ٻاهران گلڻ ۽ مزورن سان گڏ ويهي رهيو. سند نظرون پاتال ڏي کتل هيون ، سندس نرڙ تي پگهر هو. هو سوچڻ لڳو ته هن کي ڪيڏو نه گهٽ ۽ ذليل سمجهيو پيو وڃي. هن انهي ذلت  کي انهيءَ نموني گهٽايو هو، جو نياڻيون ويهاري ڇڏيائين، پر رئيسن ۾ نه ڏنيون هئائين.  رئيسن جي آڪهه ۾ پنهنجي پيءُ جو اوج تڏهن ڏٺو هئائين، جڏهن رئيس گل محمد حيات هو. پرجيئن هو الله ڏي هليو ويو ته سندس ساڻ اها ڪار ڪيائون جو پهريائين حويلي اندر اڱڻ ۾ ويري وجهائڻ وارو سندس پيءُ هو. لنگهه به ايڏو ڏيڍي جي ويجهو رکيو هئائين جو شمس الدين  يا ٻيا گهڻو حويلي ڏانهن ويندا نه هئا.

        شمس الدين کي خبر هئي ته حويلي ۾ اڄ ڪنهن به گهر ۾ قرب جو نانءُ نيشان ڪونهي، سڀ انهن  ويرين جا قيدي هئا، جيڪا هنن پنهنجي انا جي تسڪينءَ  ڪوڙي ڀرم خاطر ٺهرايون هيون.  انهن ويرين جا بنياد به اونها ڪرايا هئائون.  جيئن ڪو به نسل انهن کي ڊاهرائي نه سگهي. هونءَ قرب ۽ پيار جا بنياد به اونها هوندا ئي آهن. پر جي نفرتن ۽ جداين جا بنياد کڻائبا ته وڌيڪ  اونها کڻائبا، ڇاڪاڻ ته پهرين محبت ۽ پيار جي بنياد کي لٽرائي نفرت جي ويري اونهي گهري کڻائبي  آهي، صرف انهيءَ لاءِ ته ڪٿي قرب ۽ پيار جي لٽيل ديوار  جا بنياد هن نفرتن جي بنيادن کي لوڏي نه وجهن.   شمس الدين  سوچيندو ويو. هو نيٺ ڏيڍي ٽپي اندر حويلي ۾ آيو.  اڱڻ ۾ کنيل ننڍيون پر اونهوين ويريون کيس نفرتن جي جداين جون ويريون نظر آيون. هو سوچڻ لڳو ته آخر انهن نفرتن  کيس ڏنو ڇا آهي. هو هڪ هڪ ويري جي ويجهو وڃي اندر نهارڻ لڳو. هر گهر انهي ڪوٽ جي اندر نڪتل ديوار  اندر، ديوار هيٺان ڪيئن نه ڏکي زندگي گذاري رهيو هو. شمس الدين کي ائين لڳو ته هيِءُ سڀ ڪوڙو ڀرم رکڻ لاءِ هيءُ جيون گهارين پيا. هو ويرين جي ڊگهي سلسلي ڏانهن هلندو ويو. سندس وکون هڪ هنڌ بيهي رهيون. سندس مائٽن مان ڪا مائي کنگهي رهي هئي. هن ڪنڌ مٿي ڪري ويري مٿان هيٺ اندر نهاريو. هنکي ڄاڻ هئي ته  هوءُ  ٽي بي جي مريض هئي.  پاسي ۾ سندس پوٽو ملي ۾ ورتل پيو هو.  هو وڌيڪ سوچي نه سگهيو ۽ پٺتي موٽيو. هاڻ  سامهون سندس گهر هو.  هو ويريءَ  جي لنگهه وٽ وڃي بيٺو.  هن پنهنجي گهر اندر ڏٺو. اڻپوري روشني، گهر ۾ گهر، حويلي ۾ ايڏي سوڙهه، هنجو هنيانءُ منجهڻ لڳو، هنن ڀتين به ته جاءِ والاري آهي. هو سوچڻ لڳو،  هنن ويرين ايتري سوڙهه ڇو ڪئي آهي.!  هو اندر  پهچندڙ جهڪي روشني ۾ پنهنجي وچين پٽ کي گيسيون پائيندو ڏسي سگهيو ٿي، جنهنجون ٽنگون پوليي سبب ختم ٿي چڪيونن هيون. سندس ٻه نياڻيون جن جا مٿا به اپا ٿيڻ لڳا  هئا، ڇڙيل ڇتن سان دورن ۾ مبتلا هيون. هن حويلي جون ديوارون ايڏيون ته ڊگهيون هيون جو ڌاريا  سڱ اندر اچي  نه ٿي سگهيا. حويلي اندر هيءُ ويريون ايڏيون ته گهڻيون ۽ مضبوط هيون، جو پنهنجا سڱ هڪ ٻئي جي ويرين کي ڊاهي نه  ٿي سگهيا. هن ڄاتو ته اهي ڪچين يا پڪين ڀتين واريون ڀتيون روڪه نه هيون، پر اهي دلين جون ويريون هيون، جن هڪ ٻئي کي ڌار رکيو هو.  هنکي اها به خبر هئي ته رئيسن جي کانئس انهيءَ ڪري نفرت هئي جو هو ناننگ ۾ هئن پر جي جيڪي هڪ ٻئي جي ڏاڏنگ ۾ هئا، انهن ۾ وري ڪهڙي محبت هئي، هو  ائين سوچ جي انبوهه مان سٽ ڏئي نڪتو ۽ ٻاهر ڀڳو.  کٽ تان گلو رازي جي تيشي کنيائين، ڊوڙندو اندر ويو، گلو گهڻو ئي ڏيڍي تائين ڀڳيس، پر هو کيس وٺي نه سگهيو ۽ ڪجهه سوچي هيٺ اوطاقن ڏانهن ڀڳو. شمس الدين ڏيڍي لتاڙي سڌو  اچي پنهنجي گهر واري ويريءَ وٽ بيٽو، سندس هٿ زور سان ڪم ڪرڻ لڳا. سندس ڀت پراڻي ۽ ڪچي هئي. چئن پنجن ڌڪن  سان هن ڀت جا ٻر گهل لاهي وڌا. سندس هٿ تيز هلي رهيا هئا. هو پنهنجي منهن سان ڳالهائي به رهيو هو. ” هي ويريون اسانجون دشمن آهن. ابراهيم هي تنهنجون به دشمن آهن. تو منهنجي گهر ۾ تڪيو آهي. توکي تنهنجي زال ۽ نياڻين کي به ته هيءُ ويريون کائي ويون آهن. ابراهيم هيءُ اڄ ڊهڻ کپن!“

        ائين هن ڪنڌ مٿي کنيو. ابراهيم ۽ ٻيا مٽ مائٽ ڀرسان اچي بيٺا هئس، هو يڪدم وڌي محمد ابراهيم وٽ آيو.

        ” رئيس محمد ابراهيم اچي هيءَ تيشي وٺ، اهي سڀ ويريون توڙي ڇڏ. گهٽ ۾ گهٽ پاڻ واري ويري ته ڊاهه، اڙي سڀ گهٽجي مري ويندئو. اڙي ٻوساٽجي ويندئو. اڙي دٻجي مري ويندئو.  اڙي ويريون ڊاهيو ته دليون صاف ٿين. دليون ڏوپنوَ. اڙي ڇو ٿا هڪ ٻئي کي گهٽي ٻوساٽي ماريو اڙي.!“

        هو زور سان رڙيون ڪرڻ لڳو. محمد ابراهيم سڄو ڏڪڻ لڳو هو.  هو هيڊو ٿي ويو هو. وڌيڪ ٻڌڻ جو روادار نه هو. هن ڀر ڪري شمس الدين کي چماٽ وهائي ڪڍي ۽ پاڻ ٿڙڪندو جهڪي ويهي رهيو ۽ شمس الدين رئندو، ڊوڙندو پنهنجي ڪوٺي ڏانهن هليو ويو، جنهن جو در هن هڪدم بند ڪري ڇڏيو. اها رات حويلي جي اداس ۽ تاريڪ کان تاريڪ تر رات هئي. انهيءَ رات ڏيڍي جي ڀت ڪري پئي ۽ شمس الدين انهيءَ ڀت ۽ پنهنجي ڪوٺي جي ڇت هيٺيان ڊٻجي ويو. جڏهن هن کي هڪ مٽيءَ جي ڍير مان ڪڍيو ويو، ته تيشي سندس هٿ ۾ هئي.  جڏهن شمس الدين کي هڪ مٽيءَ جي ڍير مان ڪڍي ٻئي مٽيءَ جي ڍير ڏانهن نيو ٿي ويو، تڏهن چوڻ وارن چيو ته سڄي رات شمس الدين ڪوٺي ۾ بند انهيءَ ڀت جو بنياد تيشيءَ سان کوٽيندو رهيو هو. هنجي لاءِ شايد اها ڏيڍي جي ڀت حويليءَ جي ڀت هئي. جنهن کي ڪيرائڻ سان شايد سڄي حويلي جو بنياد ڊهي  پئي ها، پر حويلي اڄ به  قائم آهي. سندس ڪنگرا ۽ ڪوٽ جهور ٿي چڪا آهن. اندر ويريون  ۽ دوريون اڃا قائم آهن. ڏيڍي هاڻي هڪ گهٽي ۾ تبديل ٿي چڪي آهي. ڪير ٺهرائي.  شمس الدين جي ڪوٺي انهيءَ ئي ڀڳل حالت ۾ آهي، ۽ انهيءَ ڀڳل حصي ۾ شمس الدين  جا ٻار ٻڪريون ٻڌندا آهن. باقي ايترو سو ضرور ٿيو آهي جو نورپور يا اوسي پاسي هاڻِ حويليون ڪونه ٺهنديون آهن، جي ٺهنديون آهن ته انهن ۾ ڏيڍيون ويريون نه هونديون آهن.

 

*

 

ڌوپار

 

        باشو اڃا ورانڊي ۾ ئي هيو ته سندس وڏي  ڀيڻ عائشا، جنهن مشين کي پئي ابتا سبتا ڦيرا ڏنا، ڪنڌ کي زور سان ڌوڻيندي  آهستي آهستي ” هش! هش“  ڪئي، هو اتي ئي ڄمي ويو. سمجهي ويو ته ڪمري ۾ سندس چاچو پادر پسائي ويٺو آهي.  هن لوڻو هڻي رخ ڦيرايو، سامهون ٽاڪ منجهند ٻي نٽهڻ اس، اڃ ۽ بک کيس اصل لوڏي وڌو هو. هو اڃان سوچي ئي رهيو هو ته کيس چاچي جي رڙ ٻڌڻ ۾ آئي: ” آيو آهين، نواب جا پٽ! رلي پني ڌڪا جهلي، هاڻي آيو آ ته ماني ڏيو، ڌوتل ڪپڙا ڏيو، اڙي پڻهين  ڪا ڌراوت ڇڏي ويو هو مان وٽ......... ڀيڻان ڏاري وجهندو سانءِ“ سٽ ڏيئي چاچي اچي ڳٿڙ کان جهليس.

        ”هاڻي ٻڌاءِ، اڙي اهو روز روز توهان گهٽي ۾ اٽي ڏڪر ٿا کيڏو ۽ شمعدان جا شيشا شرطن تي ٿا ڀڃو. اڄ نوٽيفائيڊ ايريا وارن جو ماڻهو به آيو هو، نقصان پڻين ڀريندو يا ماڻهين ڀريندي. سئو دفعا انهي ڳالهه تي پادر ٺوڪيا اٿمانءِ  پر ڪتي جو پڇ ڦڏو سو ڦڏو“  ڀيڻس ڪنڌ هيٺ ڪري مشين تي ويٺي هئي.  نيٺ چاچس اچي ڌڪن، بجن ۽ چماٽن سان ورتس. هڻي سيڪاتي وڌائينس ۽ پوءِ کٽ تي کڻي اڇلايائينس ۽ بڙ بڙ ڪندو ڪمري ۾ هليو ويو.

        ”ڀيڻان آئيندي جي ٻڌو اٿم ته اٽي ڏڪر کيڏي اٿو ته رتو ڇاڻ ڪري ڇڏيندو سانءِ“.

        باشو اتي ئي سڏڪندو رهيو. هن ڪنڌ کڻي مٿي نهاريو ته ماڻس رڌڻي مان ٻوڙ کڻي ورانڊي ۾ گهڙي.  هن اٿڻ چاهيو پر ماڻس ڏانهنس نهاريو به ڪو نه،  هوءَ سڌو ٻوڙ کڻي اندر ڪمري ۾ هلي وئي. جيئن ماڻس ڪمري ۾ گهڙي ته هن ڏٺو  ته چاچس جيڪو هاڻ پٽا اگهاڙا ڪيو پينگهي ۾ پي لڏيو ۽ پير سان پي لوڏو ڏنائين يڪدم اڀو ٿي ويو ۽ ماڻس کي ست سريون ٻڌائڻ لڳو.  ماڻس جو ڀڻڪو به نه هو. باشي جو  هاڻ  سڏڪڻ بند ٿي ويو. هو ڪا گهڙي خاموش پيو رهيو پوءِ الائي ڇا سوچي ٽپ ڏيئي ٻاهر نڪري ويو.  ڀيڻس آهستي سڏ ڪيس. پوءِ ڊوڙندي ڏيڍي تائين آيس،  ”باشا، باشا، ٻڌ ته! ماني گرهه ته کاءُ، نٽهڻ ۾ ڪاڏي ٿو وڃين. او باشا!  او باشا!“  پر هو خار ۾ ڏيڍي ٽپِي گهٽي ۾ نڪري آيو.

        هو ڪا گهڙي بيٺو رهيو. گهٽي ۾ ڪيربه نه هو. ٻه ڪتا ناليءَ  جي پاڻيءَ ۾ پاڻ پسايو سهڪي رهيا هئا.  ويجهو وڃي انهن جي ڀرسان ويهي رهيو. هن ڪتن کي سهڪندو ڏٺو ۽ يڪدم زبان ڪڍي پاڻ به سهڪڻ لڳو پر ڪتن نهاريس به ڪونه. هن کي اڪيلائي جو شديد احساس ٿيڻ لڳو. هو اوستي علڻ جي جاءِ جي اوٽ ۾ ويهي رهيو. ڇانوڙي هئي پر سامهون واري اس به نٽهڻ هئي. ٿوري دير ۾ واقعي هو سهڪڻ لڳو.  اڃ بک جو احساس آهستي آهستي  ڪر موڙيندو اڳيان آيس. هو جيئن اٿيو ته  کيس ياد آيو ته سندس اٽِي ڏڪر اتي ئي اوستي علڻ وارن جي سڪل ناليءَ ۾ لڪل هو. هن نئڙي اٽي ڏڪر ڪڍيو ۽ وڌي اچي اتي بيٺو جتي اٽي ڏڪر راند لاءِ هن ۽ سندس ساٿين گد کوٽي هئي. هو جهڪي گد مان مٽي ڪڍڻ لڳو. جيئن ئي هن ڪنڌ مٿي کنيو ته سندس نظر شمعدان تي پيئي. اهو  شمعدان سندس گهر جي ڀت جي آخر  ۾ مٿڀرو لڳل هو، جنهن ۾ روز ڀيو چمني ٻاري رکي ويندو هو. هن ڏٺو ته اڃ وري شمعدان جا چار ئي پاسا نون شيشن سان چمڪي رهيا هئا. هن کي خبر هئي ته اهي شيشا نه هجن ته انهن ۾ رکيل چمني هوا جي هڪ جهوٽي سان وسامي سگهي ٿي، پر الائجي هو جڏهن به شمن، گلڻ ۽ جمن وارن سان گهٽي  ۾ اٽي ڏڪر کيڏندو هو ته سندس هٿ ۾ خارش لڳندي هئي. پنهجي واري اچڻ تي يڪدم  چوندو هو ” شمن گڏي اچئي ٿي. ڌوپار!............ ۽  اٽي کي گد ۾ هڪ ڀيرو وري ڊل ٺاهي ڏڪر سان اٽيءَ کي ٿورو مٿي اٿاري وري جو زومائتو ڌڪ هڻندو هو ته اٽي شمعدان جا شيشا ٽوڙي پريان نڪري پٽ تي وڃي پوندو هئي. جڏهن ڪي ڏينهن شمعدان ٽٽل هوندو هيو ته گلڻ شمن وارا به اٽي ڌوپارڪرڻ جي ڪندا هيا. پر شيشن پوڻ کانپوءِ  اهو سندس ئي مرڪ هو ته شيشو ڀڃي اٽي ڌوپار ڪري. هن جو ڌڪ  به ڌڪ هوندو هو. قد جو ننڍو، ڦيري پائي اٽي کي اٿاري ڌڪ هڻندوهو ۽ ڏسڻ وارا يڪدم دانهن ڪري چوندا هيا: ” واهه ڙي باشا! باشا اصل نشانچي آن!“

        هونءَ به باشي جنهن پاسي هجي انهيءَ ڌر جي هارائڻ جو سوال نه  ٿي ٿيو. باشو جنهن ڏينهن شمعدان ڀڃندو هو ان ڏينهن الائي ڇو خوش ٿي ويندو هو. کيس خبر هئي ته گهر پهچندو ته پادر پيسا پيا هوندس. پر باشي لاءِ اها نئين ڳالهه نه هئي. ڇاڪاڻ ته هونءَ به گهر ۾ چاچو گارين  جو ۽ موچڙن جو زيپٽ لايو ويٺو هوندو هو.

        باشي جي پيءُ  جيئن مئو هو ۽ چاچي هن کي پاڻ سان لاچار رهايو هو.  هن ڪڏهن سک جو ساهه نه کنيو هو. ماڻس ۽ ڀيڻس ته ڄڻ ان جون نوڪرياڻيون هيون. باشو ڪڏهن به گهڙِي پلڪ  لاءِ چاچي مان قرب جي گهڙي ماڻي نه سگهيو هو. اسڪول ويندو هو ته ڪتابن يا ڪاپين نه هئڻ ڪري ماستر جا موچڙا، ڦاٽل ڪپڙن اڻڀي مٿي، ڇڳل چمپل سان هجڻ ڪري هميشه ڪلاس جا سيبتا، ماستر  جا پيار شاگرد  ڀرسان نه ويهاريندا هئس. هن  جي لڳندي هئي ته گلڻ شمن ۽ جمن سان، جيڪي  هن وانگر يتيم ته ڪونه هئا پر غريب جا ٻآر ضرور هئا ۽ پڙهائڻ واري حالت کان پري نه هيا. هنن جو ساٿ اسڪول ۾ گهٽ گهٽيءَ ۾ گهڻو هوندو هو.اٽي ڏڪر ته هنن لاءِ سڀ ڪجهه هيو.  باشو گهٽي ۾ گهڙندو هيو ته هو ڪار مچي ويندي هئي.  ” اچي ويو ڌوپار!“   ۽ جيئن ڌوپار جو نعرو لڳندو هو سندس آنٽ تپندي ويندو هئي ۽ ٽڙڪو ٿيندو هيو.  شمعدان جا شيشا پٽ تي هوندا هيا. ٻيا چار ڏينهن گذرندا هيا ته گھٽي وارا نوٽيفائيڊ ايريا وارن جو مٿو کائيندا هيا ۽ نوان شيشا لڳي ويندا هيا. جيئن ئي باشي جي نظِر شيشن تي پوندي هئي ته هٿ ۾ کيس خارش ٿيڻ لڳندي هئي ۽ هو دانهن ڪري سڏ ڪندو هو. ”شمن گڏي، گلڻ گاجي، جمن جتي، ڌوپار.“

        يارن جو ميڙو ٿيو ناهي ۽ ٽڙڪو ٿيو ناهي. ٽڙڪي تي ها هاڪار مچي ويندي هئي. ڪو گهٽيءَ جو چڱومڙس نڪرندو هو ته سڀ پاسيرا ٿي لڪي ويندا هيا. پر باشو اتي بيٺو ڏڪر ڦيرائيندو هو  ۽ ان بزرگ ڏانهن منهن ڪري چوندو هو ” چاچا، ڌوپار!“ ڪنڊن پاسن کان ” کي – کي ۽  هي- هي“ جو آواز ايندو هيو. يا نعرو لڳندو هيو” ڌوپار!“ ۽ بزرگ بڙ بڙ ڪندو هليو ويندو هو.   

        هينئر به باشي جون نظرون شمعدان ۾ کتل هيون ۽ نوان شيشا سندس اکين  ۾ تروار پيدا ڪري رهيا هئا. سندس هٿ  هر هر ڏڪر کي ڦيرائي رهيا هئا.  هن ڌوپار جو نعرو هڻن چاهيو ٿي، پر  سمجهيائين ته اڃا ٽيپهريءَ ۾ دير  آ. يار ڪو نه نڪرندا. هن خشڪ زبان چپن تي ڦيري. کيس اڃ لڳي هئي. هن ڪتن ڏي نهاريو، هنن جي سهڪڻ کي ڏسي هو وڌيڪ سهڪي نه سگهيو يڪدم اوستي علڻ جي گهر گهڙي ويو.  اوستي علڻ وارا سندس ناناڻي لڇ ۾ هيا ۽ هو ڪو به ڀئه ڀولو نه ڀانئي وڌي ويو.  اڱڻ ۾ ڪڪڙو ڪو لڳي ڏيئي هئي. سامهون نم جي ڇانو ۾ مٽ پيو هو. وڌي اچي مٽ تي بيٺوهيڏانهن هوڏانهن لوڻو هنيائين. هڪڙي چٻي جستي گلاس تي نظر پيس جيڪو منجيءَ تي پيو هو. هن سٽ يئي گلاس کنيو ۽ ڊوڙي وڃي مٽ ۾ وڌائين.  هن جي هٿ وڄي ترو کنيو.  ڪا گهڙي سوچي آهستگيءَ سان تري جي پاڻي کي ڏٺائين. هن هڪ دفعو  خشڪ چپن تي زبان ڦيري، الاجي ڇو کيس ناليءَ جو پاڻي ۽ سهڪندڙ ڪتا اين آڏو ڦري آيا. پر هن چپ چاپ گلاس چپن تي آندو. شايد هن جا چپ به آلا نه ٿيا هوندا ته هن آواز ٻڌو.

        ”اڙي باشا! اڙي باشا! پاڻي کپئي ته هيڏانهن اچي پيءُ  اهو ڪنو وٺين هاڻو پاڻي ڇو ٿو پين. ابا هيڏانهن ورانڊي ۾ ٿڌا دلا نه پيا آهن.“

        هن گلاس هٿن ۾ آندو ۽ چپ چاپ  ائين بيٺو رهيو. پوءِ  لوڻو ڦيرائي اوستي علڻ جي گهر واريءَ  ڏي ڏٺائين جا ورانڊي وٽ بيهي کيس سڏي رهي هئي. هو ڪا گهڙي ڏانهس نهاريندو رهيو.  پوءِ ڀريل گلاس اتي ئي اڇلي سٽ ائي ٻاهر نڪري ويو.

         ” عجيب ڇوڪرو آهي هن دروازي کان ٻاهر نڪرندي ٻڌو. هو ڪا گهڙي ٻاهر بيٺو ۽کيس پنهجي ورانڊي جا ٿڌا ٿڌا ۽  ڪورا دلا اکين آڏو ڦري ويا. هو تکو تکو گهر ڏانهن هليو. ڏيڍي ٽپي جيئن  اڱڻ  ۾ داخل ٿيو ته چاچي جي رڙ پي پئي.

        ”اڦٽ ماري ڇڏيندو مانءِ ڇوري ڪو پڻهين جو مال آهي ڇا جو ڀاڻين ڏي کنيون پئي وئينءَ. هلي آ ڀاءُ کي مال مليدا ۽ ڪٽيون کارائڻ مون سئو  دفعا چيو آهي ته انهي نڀاڳي ڇوري کي گرهه به نه ڏيو، ڀلي پيو بک مري.“

        ” پر چاچا هو سڄو ڏينهن.............“ ڀيڻس جو ڪمزور آواز سندس ڪن تائين پهتو.

        ”اڙي سئو ڏينهن بکيو رهي. مون ڪنهن جو ٺيڪو نه کنيو آهي. سئو دفعا چيو اٿم ته پاڻ ڪمايو پاڻ کائو. مشين باقي ڌوڙ جي ڏني اٿمانو ته رڳو ويهي ابتا ڦيرا ڏيو، ڪهڙو سيبو ڪري ڪمائي ڏنو اٿو جو مان سڄي آڪهه کارايان. مون کي ڏي  اها ماني،  هلي آ ڀاءُ جو ڀڀ ڀرڻ...!“ هاڻ ڀيڻس جو آواز ڪجهه چٽيرو هو.

        ”پر چاچا هيءَ مشين ته ابي اسان کي وٺي ڏني هئي. اسين جيڪو ڪمايون ٿيون سو سڀ چاچيءَ کي ڏيون ٿيون. ٻيو ته اسان جو بابو به ته سڀ ڪجهه ڇڏي ويو هو. سڃو ته ڪو نه هو.“

        زڙاب جو آواز ٿيو. چاچي چماٽ وهائي ڪڍي هيس. اوچتو ٻوڙ جي وٽي، ماني ۽ دٻڪيءَ اچي اڱڻ ۾ ٽڙڪو ڪيو. پوءِ باشي کي هئا رڳو سٽڪي ڪٽڪي جا آواز ٻڌڻا،  چاچو ڀيڻس کي ڪٽي رهيو هو. ”وات ٿي هڻين، جواب ٿي ڏين! پڻهين  جي ملڪيت هئي نه. ها سڀ ڇڏي ويو هو. مان ڳهي ويم، ائين نه.  سمجيهن ڇا ٿي ڙي، ٽڪي جي ڇوري هلي آ مون کي چور ڪرڻ، اڙي ڪتي جي ڌيءُ پڻهين  پليو منهنجي ٽڪرن تي. قرضي هومنهنجو سمجهيه! توهين سڄي عمر ڪمايو ته به قرض لاهي نه سگهو.“

        باشي جي ڪنن جون پاپڙيون ڳاڙهيون ٿي ويون هيون. هن جي زبان ٺوٺ ٿي وئي هئي. هو وڌيو، سندس نظر اڱڻ ۾ مانيءَ تي پئي. هوبيهي رهيو.  سامهون کيس ٿڌا دلا نظر پئي آيا.  هن جي ڪنن ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو هو. هو ڪا گهڙي ماني ڏانهن،  ٻوڙڏانهن  ۽ دلن ڏانهن گهوريندو رهيو. ايتري تائين جو سندس اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو. شايد هڪ هنڌ ڏسڻ جي ڪري. هن ڀيڻ جون رڙيون دانهو نٿي ٻڌيون.  هوچپ چاپ پٺتي هٽيو، وري وڌيو پوءِوري هٽيو ۽ ٻاهر نڪري آيو. هاڻ هو وري گهٽيءَ  ۾ هو. سندس اکيون شمعدان ۾ هيون.  هو شمعدان کي تڪي رهيو هو. خشڪ نڙيءَ  کي ٿڪ سان آلو ڪري وري ٿڪ ٿي ڦٽي ڪيائين. هو گد جي چوڌاري ڦري رهيو هو ۽ چپن  ۾ هر هر چئي رهيو هو ”ڌوپار........ ڌوپار!“

        هن ڏاڍي پاٻوهه سان اٽي گد ۾ اڀاري رکي، کيس نه وڻي، وري اٽي کي ٺاهيائين. هو هر هر اٽي ٺاهي ڊاهي رهيو  هو.  ڪنهن مهل ڏڪر زور سان ڀت سان ٿي هنيائين. سندس منهن ڳاڙهو هو. ڪنن جو پاپڙيون وڌيڪ ڳاڙهون ٿي ويون هيس. لوندڙين جون رڳون ظاهر ٿي آيون هيس. ڪنهن ويل ڊل ٺاهي گد  جي چوڌاري ڦيريون  ٿي پاتائين. ڪا مهل  هو ڀڻڪندو رهيو ”ڌوپار.! ڌوپار! ڦيريون پائيندو رهيو. اٽي کي ٺاهيندو  ڊاهيندو رهيو. هن کي  ڪنهن ويل آرام نه هو. ڪا گهڙي شمعدان کي ٿي ڏٺائين وري نظرون اٽي ۾ ٿي هنيائين.  ائين سندس چاچي گهران بدڪي کاڌي. چاچس کيس نه ڏٺو ۽ گهٽي لتاڙي بازار ڏانهن وڃڻ لڳو.  باشو ڪا گهڙي کيس تڪيندو رهيو ۽ جڏهن  هو شمعدان هيٺان پهتو ته باشي جي اکين ۾ ترورا جاڳيا. هن زور سان ڏڪر ڦيرايو ۽ دانهن ڪئي.

        ”شمن گڏي، گلڻ گاجي، جمن جتي اچي ٿي ڌوپار!“ چاچي يڪدم لوڻو هڻي پٺيان ڏٺو.  يڪدم مٿان نهاريائين ته شيشا ڀڳل ته نه آهن ۽ جوان شيشا ڏسي هن يڪدم دانهن ڪئي: ” باشا نه . اڙي نه. شمعدان نه ڀڃجانءِ، ڀيڻا ڪتي جا پڇ نه ڀڃجانءِ”

         باشي به يڪدم دانهن ڪئي.

        چاچا ڌوپار ! چاچا ڌوپار!

        هن ڌڪ هنيو.  باشو ڌڪ هڻي ۽ نشاني تي نه لڳي. اٽيءَ وڃي چاچي جو دون ورتو. پهرين ڌڪ ۾ چاچو بولاٽي کائي ڪريو، رت ٺينڍيون ڪري وهڻ لڳس ۽ سندس رڙ مٿان رڙ پي پئي.

        باشي چاچي ڏانهن گهور تڪيو. هن جو ڪنڌ مٿي هو. هن کي ائين پئي لڳو ته هو قد جو ڊگهو ٿي ويو آهي. رڙين تي اوستو علڻ ٻاهر نڪتو باشي کڙڪي تي ڪنڌ موڙي ڏانهس، گهوري نهاريو ۽ ڏڪر تي هن جي مٺ وڌيڪ ڀڪوڙجي وئي.

         

*

       

روشن اوندهه

 

        انهيءَ رات وڏڦڙو پي وسيو، مان به ڀڄي ڀت ٿي علي خان جي اوطاق تي پهتس. علي خان جي همراهن اچي اسان کان گهوڙا ورتا. علي خان جو ٻڌو، بس مينهن ۾ پوتڙو مٿي تي، حويلي مان نڪري آيو.

        ”ابا عليم، ڀلي آيا، جي آيا، خير؟“

        ” ها چاچا مڙئي خير، هئي تنهنجي مهماني کائڻي، سو نه ڏٺي سون مهل، نه وقت، اجهو ڦهڪو اچي ڪيو اٿئون“

        علي خان ڀلي آيا جي آيا چوندو وڃي انتظام ۾ لڳو. مان به آلا ڪپڙا مٽائي، تازو نوبنو ٿي کٽ تي چڙهي ويٺس، انهي انتظار ۾ ته وڏيرو علي خان اچي ته حالي احوالي  ٿيون.

          وڏيرو علي خان جيتوڻيڪ تر جو ڪو  تمام وڏو زميندار ڪو نه هو پر سندس هاڪ ۽ رعب  ملڪان ملڪ ٻڌبوهو.  ٻانهن کڻڻ ۽ موٽائڻ ۾ هن جو مَٽُ نه هو. ٻانهن وئي ناهي ۽ ڀاڳيا اچي علي خان جو در وٺندا. بس پوءِ هو منٽ ڪري وٺندو هو. ٻانهن کڻائڻي هجي ته علي کي اشارو ڏيو.  پوءِ ويٺا رنگ  ڏسو. علي خان پاڻ به ڏاڍو  شوقين هو.  سندس سونهين وارو بنگلو ڀريو پيو هوندو. ٻه پراڻيون ڪڍندو هو ته ٻه نيون آڻيندو هو.

        سندس رهائي ۽ اثر رسوخ جو اهو عالم هو جو تپيدار کان ڊپٽي ڪمشنر تائين، سپاهي  کان وٺي ايس پي تائين. سندس  سلامي هوندا هئا. هو سڀني سان پير به وڏا ڀريندو هو. سندس  فراخ دلي ۽ مهمان نوازي هوندي هئي اڳيئي مشهور، سو ڪو به سندس در تان مايوس نه ويندو هو.

        علي خان جيتوڻيڪ هو پراڻي زماني جو ماڻهو، پر وقت جو لحاظ کائنس جيڪر ڪير سکي. هو وقت جو سلامي هو. ماڊرن دور ۾ هو ماڊرن رنگ ۾ رنڱيل هوندو هو. سندس اوطاق به ڪافي ماڊرن ۽ سهڻي هئي.

         علي خان کي اسين چاچو ڪري سڏيندا هئاسين. هن جا اسان جي وڏن سان ڏاڍا گهاٽا ۽ پختا ناتا هئا.

        اسان جي زمينداري ڪافي وڏي هئي، پر  اثر رسوخ ۾ اسين علي خان جا محتاج هوندا هئاسين.  علي خان بابي سائين جو پڳ مٽ يار هو.  منهنجي زمين سنڀالڻ کانپوءِ ته اصل منهنجو سنگتي ٿي پيو. سندس گهڻين رنگين ڪچهرين ۾  مان  ضرور شريڪ ٿيندو هوس.  بس ائين ڪڏ کڻندو هو.  ڌو علي خان  جي اوطاق تي. بس پوءِ علي خان ويچارو ڏاڍو بندوبست ڪندو هو. مان به هئس ڇڙو ڇانڊ، علي خان شوقين ماڻهو، بس پوءِ راتيون لنگهي وينديون هيون، هوش نه رهندو هو.

        علي خان جي گهر سان اسان جو وڏو رستو هو، علي خان جي وڏي زال مون کي ڏاڍو ڀائيندي هئي.  مان علي خان جي ڳوٺ ويندو هوس ته هو مونکي گهرائيندي هئي. علي خان کي ڪل نڪاح ٻڌيون  ٽي زالون هيون.  اولاد ٽنهي زالن مان ٻه ٻه  نياڻيون هيس، پٽ جو اولاد ڪونه ٿيس. سندس چار نياڻيون سامايل هيون. جن جي شادي بقول علي خان انهيءَ ڪري نه ٿي سگهي هئي. جو علي خان کي اهي چار نياڻيون ڏاڍيون پياريون هيون. هو چوندو هو ته انهن جي جيڪڏهن شادي ڪرائيندس ته مان انڌو ٿي پوندس.  سندس ٻه وڏيون ڌيون ته هاڻِي کائي چڙهيون هيون. سندس شڪلين مان ائين لڳندو هو ڄڻ سندس رت به سڙي ويو آهي. پر حقيقت ۾ علي خان کي پنهنجي عيش ۽ ڪڌن ڪمن کان فرصت ڪا نه هئي جو ان طرف توجه ڏئي. علي خان جي دلچسپي هئي. ٻانهن ۽  سا به نو ورني ٻانهن.

        ٻانهن جي ڳالهه تي مون کي ياد آيو ته علي خان سان اڄ  انهي ٻانهن جي باري ۾ ڳالهائبو، جنهن مهيني کن کان وٺي منهنجو ننڊون حرام ڪري ڇڏيون هيون. انهي رات به دراصل  مان نوري سان ديري جي ڇن ۾ ملڻ ويو هوس. هوڏانهن مينهن ۽ طوفان هيڏانهن نوريءَ جو  گسائڻ بس اصل تڙپي اٿيس. انهي مهل گهوڙي تي چڙهي سڌو علي خان وٽ آيس.

        نوريءَ کي کڻڻ ڪو سٿرو  ڪو نه هو، ڇاڪاڻ جو هوءَ گنبي ڌاڙيل جي ڌيءُ هئي. اهو به چڱو ٿيو جو گنبو ان وقت جيل ۾ هو ۽ منهنجا نوريءَ تي وڃي هٿ کتا. نوري قابو هئي. پر سندس نازن نخرن تڙپائي ڇڏيو هو. سندس سونهن لاءِ مان ڇا چوان، شايد زندگي ڀراهڙي نينگري  مونکي نه ملي ها. ڇا ته سندس بت جي بيهڪ ان تي سنهڙي ڳچي ڀريل  منهن، جنهن ۾ ٻوانجهڙيون وڏيون ڪاريون اکيون. کليل  ٿلهڙا چپ، جاڙا ڀرون. بس هر طرح سان هوءَ هڪ مڪمل سونهن جو سو پچو تصور هئي.

        مان نوري جي خيال ۾ گم هئس ته  چاچي ٺڪاءُ ڪيو. چاچي جي پياري نوڪر جاڙي ٽيبل تي پي بوتلون رکيون.

        سوڍائون کوليائين پي ته مون جهليومانس.

        ”چاچا اڄ نه“

        ” ڇو خير؟“

        ” خير آ پر طبيعت نه ٿي چوي“

        ” طبيعت ڇو نه ٿي چوي.  اڙي جاڙا پيٽ گلاس ۾،  مان سڀ سمجهان  ٿو، تنهنجو حال احوال وٺان ٿو. مونکي سڀ خبر پئي آهي ته اڄڪلهه تو ڪهڙي رولڙي ۾ آهين.“

         مون آهستي ڦڪي مرڪ مرڪي ۽ گلاس ۾ هٿ وڌم. ” پر ترس يار، چاچهين پي چيو ته مون ڏي موڪلينس. تون گهران ٿي اچ پوءِ شغل ٿا ڪريون. ها اچي جاڙا هيءُ تون پيءُ“

        مان ٽپ ڏئي اٿيس. مون چاچي جي نوڪر جاڙي ڏانهن نهاريو، جوڏاڍي ڌيرج ۽ پختائي سان سفيد جن پي  رهيو هو. الائجي ڇو مون کي ان مهل جاڙي جي منهن ۾ ڏاڍي مڻيا ۽ سونهن نظر آئي، مون ڏانهن کلي چيو:

        ”اڙي جاڙا ڏاڍي رعب ۾ آهين“

        ” بس سائين، ڀوتار جون مهربانيون آهن“

        مان گهچڪ گهچڪ ڪندو، گپ ۾ ٿاڦوڙا هڻندوحويلي ۾ پهتس. مان اڃان حويلي جي ڏيڍي  ٽپي اندر ٿيس ته سامهون چاچي جي وڏي نياڻي سٻاجهي منهن پئجي ويم.  نالو ته افروز هئس، پر جيئن ننڍي هوندي کان سٻاجهي سڏيندا هئس. تيئين سڏيندا اچنس. هوءَ هڏ ڪاٽ ۾ پڪي ۽ ڪافي وڏي عمر جي هئي. سندس منهن جا هڏا ٻاهر نڪتل، رنگ سانورو، منهن تي  مرڪ بنهه ڪانه ۽ اکين ۾ اداسي، بس جيئرو ساهه هو ٻيو ڪجهه به نه.

        مون مرڪي کانئس طبيعت پڇي.  چاچيءَ  جو پڇيم. هن ڳالهائڻ چاهيو پر ڳالهائي نه سگهي. گلو ڀرجي آيس، مان تڪڙو وڌي ويجهو ٿيس.

        سٻاجهي، سٻاجهي ڇو، امان ڳالهايو اٿئي، چري روئبو آهي. چري آهين ڪا!“

        ۽ هوءَ اوڇنگار  ڏئي منهنجي ڪلهي تي ڪري پئي.

        ”ادا، ادا“

        ” چئه نه، ڪنهن ماريو اٿئي، بس بابا، ايڏو روئبو آهي، ڏاهي ڏيءُ آهين نه.“

        مون سندس ڳوڙها اگهيا ٿي، پر ڏٺم ته اکين جي ڍنڍ ۾ ڪنول تريو تريو ٿي آيا. مان به ڪجهه ڏکوئجي ويس. کيس وٺي وراندي ۾ آيس. سامهون چاچي جي ٻيو نمبر ڌيءَ سٻاجهي جي سڳي ڀيڻ ريشان بيٺي هئي. هوءِ مرڪي وڌي. ريشان تون ته ڏاهي آهين چڱو، ڀيڻين کي پرچاءِ ڳالهه به نه ٿي ٻڌائي، وڙهيون آهيو ڇا؟

        ” ريشان ڪا گهڙي ماٺ هئي. پوءِ چيائين“

        ” نه نه اسين ڇو وڙهون، سٻاجهي، ادي، بس ڪر رو نه. مون کي ڏس مان به تنهنجي ڀيڻ آهيان.  مان به ڪو نه ٿي رئان سٻاجهي.،“

        مان ڪجهه حيران ريشان کي ڏسي رهيو هوس. جنهن جي وڻندڙ ٻهڪندڙ چهري تي پختائي، کڙائي ۽ زندهه رهڻ جي امنگ هئي. هن سٻاجهي کي ڳراٽڙيون  پي پاتيون.

         مان ٻنهي کي پيار سان آهستي ڌڪ هنيا. ” چريون ڏاهيون، ڇوڪريون.“

        مان رنڌڻي ۾ ويس، چاچي جي وڏي زال ريشان ۽ سٻاجهي جي  سڳي ماءُ  ويٺي هئي. ساڻس گڏ  چاچي علي خان جي ننڍي زال گلان مهاڻي به ويٺي هئي، جا لالٽين جي روشني ۾ ڏاڍو وڻي پئي.  عمر ۾ ريشان کان به ننڍي پئي لڳي. مان ويس ٻنهي کيڪاريون ۽ پوءِ ننڍي مائي ته اٿي وئي. چاچيءَ پهرين ڪڍي دٻ ته تون هئڙو، تون هئڙو،  توکي چاچهن کاري ٻهر ڪري ڇڏيو آهي.  مون ماٺ ڪري ويٺي تنبيهون ٻڌيون. پوءِ  ته اچي پئي پنهنجن روئڻن ۾:

        ” عليم،  تون ئي سمجهائينس، اهي عيش هاڻي سندس اڇي ڏاڙهي تي ڪو نه ٿا پونس.  سندس اولاد وهي اڪاري هليو آ. آهي کيس ڪو مرم حياءُ ته نياڻيون  اٿاريان. وڏيءَ لاءِ ڊاڪٽر چيو آهي ته کيس سلهه آهي. سندس ترت علاج نه ٿيو ته هوءِ مري ويندي.“

        منهنجي اکين آڏو ڪنول تري آيا.

        ”ننڍي بس تو کي ڇا چوان.  ڇا ٻڌايان، مان به ته ماءُ آهيان عليم، اولاد مون کان کسبو پاڻ ڇو ٿو انڌو ٿئي. هيءُ  بار مون کان کنيو نه ٿو ٿئي ابا. يا ته مون کي زهر ڏئي ماري يا ڇڏين ته ڇوريون.........“

        لالٽين جي جهڪي ڳاڙهي روشني تي چاچيءَ جا ميندي رتا ڳاڙها وار  چمڪيا پي. سندس اڇي منهن تي نڪ جي ڦلي جرڪا پي ڏنا. هوءِ رکي رکي وڏا ساهه کڻي رهي هئي.

        ” ابا جيئڻ آ ڪو،  هوڏانهن ٻڌ ته اڄ فلاڻي رن کنيائين، اڄ فلاڻي ٻانهن ورايائين، ۽ ڀاڳين کي ڏيڻ بجاءِ پاڻ وٽ ويهاريائين. اڙي تون سوچ ته سهين تنهنجو هيڏو جوان اولاد ڇا سوچيندو.  ڇا ڪندو. اڙي اولاد جو  حياءُ  نه ٿيو پويئي ته اسان جن اڇن مٿن جو ته خيال ڪر.“

         پوءِ هوءِ  آهستي چوڻ لڳي.

        ” ابا آهي ڪو جو توکي سجهي ته مان وڏي نه ننڍي اٿاريان. نه ته اها به ائين جلي سڙي ويندي.  هان ابا!“

        مان ڪي گهڙيون چپ ۾ رهيس. مون کي ائين محسوس ٿيو ته ڪير سڏڪا ڀري پيو روئي. مون ٻاهر نهاريو، ات ڪير به نه هو. پوءِ ٿڌو ساهه  ڀريندي وراڻيو مانس.

        ” چاچي تون ڳڻتي نه ڪر،  الله چڱي ڪندو. مان ڪوشش ڪندس ته سٻاجهي لاءِ به سڱ ملي، ريشان لاءِ ته جام.“

        پوڙهي ٻهڪي پئي. اصل گهور پئي وڃي. مان اٿيس ته ريشان پليٽ ۾ ڀڳل حلوو کڻي آئي.

        ”کائو..“

        سندس اکين ۾ عجيب چمڪ هئي ۽ چهرو ٻهڪيو پي.   ڏاڍي ٺهي ۽ وڻي پي. الائجي ڇو مون کيس نوري سمجهيو. ساڳيون وڏيون اکيون. ڊگهو نڪ، ٿلهڙا چپ، ڊگهي ڳچي ۽ روشن کليل منهن مان سندس چهري جي  اونهائين ۾ گم ٿي ويس. مان  چئي نه ٿو سگهان ته هن کائڻ لاءِ جا آڇ ڪئي هئي ان ۾ ڇا هو ۽ مان ڇو ايڏو ٻڏي ويس. ريشان شرمائجي  مٿي تي کڻي رئو  وڌو.

         ”کائو نه!“

         هن وري چيو ۽ مون حلوو کڻي وات تي رکيو. ڏٺم  ته چاچي رنڌڻي ۾ نه هئي مون وٽ سوچ موٽي آئي: ” ائين ته نه جو  هن مون کي ريشان لاءِ اشارو ڏيڻ لاءِ گهرايو هو.“  مون ريشان ڏي ڏٺو، سندس اڇا ڏند چپڙن مان مرڪي رهيا ها.

         ” ريشان ۽ مان!“

         مان ريشان ڏانهن ٿورو جهڪيس ته ڏٺم ته هن اکين ۾ ايتري ته خودسپردگي هئي،  جو مان سوچي نه سگهيس  ته  ڇا ڪريان.  سندس چپ ڦڙڪي رهيا هئا، مون کي ائين لڳو ته هوءَ پياسي به نه آهي، هوءَ ته پاڻ ڀريل ڪڪري آهي جا ڪنهن پوٺي مٿان وسڻ ٿي چاهي.  مون کيس گهوري نهاريو هوءَ مون کينوريءَ کان گهڻو مختلف لڳي. مان  تکوتکو ٻاهر نڪري آيس.  مون چاچيءَ  کان موڪلايو به نه. مان ڏيڍي وٽ پهتس مس ته مون رڌڻي مان پليٽ ڇڄڻ جو آواز ٻڌو.

        مان ڏيڍي ٽپي جيسين اوطاق ۾ آيس تيسين عجيب ويچارن ۾ هئس.  اچڻ سان مون پاڻ مرادو سوڍا کولي ۽ يڪساهي ڏوڪي ڇڏيم.  مون ڏٺو ته چاچو علي خان مون کي گهوري رهيو هو. هو ڪجهه سنجيدو ۽ اڳين چاچي کان مختلف پي لڳو. مان ماٺ ڪري ويهي رهيس. ماحول ڏاڍو خاموش ۽ ٻسو ٻسو پي لڳو. اچانڪ بوتل ۽ سوڍائن جي کولڻ جو کڙڪو ٿيو.

        ” هان وٺ عليم!“

        ” ڪجهه ڳالهاءِ ته سهين“

        علي خان ماحول جي سنجيدگي کي تيلي ڏيڻ چاهيو.

        ” ڀلا نوريءَ جي ئي ڳالهه ڪري.........“

        مان نوريءَ جي نالي تي ڪجهه دلچسپي ڏيکاري، پر پوءِ به چار ڦڪيون ڳالهيون ڪري ماٺ ۾ ڪنڌ لاڙي  پئجي رهيس.  علي خان ڪي سمجهيو ۽ ڪي نه سمجهڻ جي ڪوشش ڪري ڦڪا ٽهڪ ڏئي، اٿي کڙو ٿيو. جاڙو کيس ڏيڍي تائين ڇڏڻ  ويس.

         مان نشي ۾ هوندي سمهي نه سگهيس. خيالن ۾ سٻاجهي ريشان  ۽ نوريءَ کي عجيب خوابن جي عجيب ماحول ۾ پسيم، مان من جي پيڙا ڀوڳي رهيو هوس ۽ مون پاڻ ڇڏاڻ لاءِ هنڌ تان ٽپ ڏنو.

         منهنجي سامهون علي خان بيٺو هو. سندس هٿ ۾ بندوق ۽ پيٽي ڪارتوس جي هئي، جا هوءَ ڳچي ۾ وجهي رهيو هو. مون جهڪو ٿيل لالٽين کنيون ۽ علي خان مون ڏي نهاريو. سندس اکين ۾ عجيب وحشت ۽ ديوانگي هئي.

        ”چاچا خير!“

        هو ڪي گهڙيون بندوق کي هٿ تي توريندو رهيو.

        ” ها خير آ، ٻانهن ورائڻي آهي.“

        سندس آواز ڳرو ۽ گونج وارو هو. علي خان کي ته اهي معرڪا ۽ مهمون در ڪرڻيون هونديون هيون سو مون کلي چيومانس:

        ” ته پوءِ چئه  نه ته شوق جي شيل شڪار تي ٿو وڃان ايڏو ڪاوڙيل ۽ ڊپائتو پيو لڳين؟ ڀانئجي ٿو ته چورن ڪنهن وڏي گهر کي کاٽ هنيو آ. ڪا ڳري ٻانهن ٿي ڏسجي، ڪيئن؟“ مون ٽهڪ ڏنو.

         علي خان اڳتي وڌي ويو. ڪنڌ ورائي مون تي هڪ نگاهه وڌائين. سندس انهيءَ  نگاهه ۾ علي خان  جي پوري قوت  ۽ طاقت هئي.

         مان ماٺ ڪري کٽ تي ويٺس. الائجي ڇو مون کي خيال ٿيو ته اڄ مان به هنن سان وڃان ها ۽ جيڪر ڏسان ها ته علي خان ٻانهن ڪيئن ٿو ورائي. مون ٽپ ڏئي بوٽ پاتو ۽ ٽارچ هٿ ۾ کنيم. لوئي ڳچي ۾ ويڙهيم.  هيءُ فيصلو ڪجهه عجيب ۽ وڻندڙ لڳم. ڊڪي آيس. ڏٺم ته سامهون اوندهه ۾ پنج سوار گم ٿي رهيا هئا. مان سٽ پائي ڪڙهه مان گهوڙو آندو ۽ ڪچي دڳ تي کڻي ڇڏيم.

        ٽيڙو اڃا اڀا هئا. چوڌاري  چيڪي مٽي، گاهه ۽ وڻن  جو ٿڌڙو هٻڪار هو. هلڪو ٿڌڪار وڻيو پي. مون لوئي کولي ٻٽ کڻي ٻڌي  گهوڙي کي اڙي هنيم.

         مون علي خان  وارن کي اڀري ديهه وٽان هيٺ ڀڏي ۾ لهندي ڏٺو. ڀڏي ۾ ڪافي گهاٽو جهنگ هو.

        هو ڪافي تيز وڃي رهيا هئا ۽ مان ڌپي تي هلندو رهيس.

        الائجي ڇو مان آرام ۽ فرحت محسوس ڪري رهيو هوس. مون کي ائين لڳو ته چوڌاري هڪ اندهه آهي، جنهن ۾ زندگي  جي تلاش جاري آهي. مان به زندگي ڳولڻ ٿو وڃان. مان به پيار جي ڪنهن سلسلي جي هڪ ڪڙي آهيان. ٻي ڪڙي ڳولي زنجير بنائڻ جو سعيو ٿو ڪيان. اها زنجير  جا انهيءَ زندگي کي پابند ڪري. مان ائين ڀانئڻ لڳس تي مان نوريءَ جي ڳولا ۾ آهيان ۽ کيس کڻڻ پيو وڃان. اها نوري جنهن جو نڪ ڊگهو، چپ ٿلهڙا، کليل روشن وڏيون ٻوانجهڙيون اکيون هيون. مون خيال ئي خيال ۾ کيس ڳولي ورتو،  کيس پيار ڪيو ۽ ڀاڪر ۾ ڀري گهوڙي تي چاڙهيو، مون ڀڻڪيو: ” نوري منهنجي نوري!“ هوائن جي سر سر منهجي ڪنن ۾ سرٻاٽ ڪيو.  ” عليم،  مٺا عليم!“ ۽ مون  گهوڙي کي اڙي هنئين.  ائين ڄڻ مان نوريءَ کي کنيو، پناهه لاءِ ڍوري واري جهنگ ۾ وڃان پيو.  مان ڏاڍي امنگن ۽ چاهت جي چاهه سان نوري کنيو جهنگ اڪاري رهيو هوس.

         اچانڪ مون ڀرسان ئي، چند وکن تي آواز ٻڌا.

        ” نه ويندين، چوانءِ ٿو نه بيهه، چوانءِ ٿو.!“

         آواز سڃاتل  هو ۽ پوءِ بندوق جي ٺڪائن جو ڌوڌٽ هو. اڀ ڏاريندڙ ان سان گڏ  هڪ هڪ درد ڀريل چيخ ٻڌم“

        مون کي ائين لڳو ته منهنجي نوري گهوڙي  تان رڙ ڪري، زخمي ٿي، ڪري پئي آهي. مون هيٺ نهاريو، منهنجو  تصور ڦٿڪي ڦٿڪي دم ڏئي رهو هو. منهنجي نوري منهنجي آڏو مرندي، مان سوچي به نه ٿي سگهيس. مان منهنجو گهوڙو هڪ هنڌ ڄمي وياسين. خيالن مونکي عجيب ماحول بخشو.

        ”ٻانهون ائين  کڄنديون  آهين“

         ”ٻانهون ائين ڪاريون ٿينديون آهن“

         ” سندن ڪنوارن جذبن جو رت ائين جهنگ جي ٻوٽن کي پيارو ويندو آهي“

        ”  پيار جو قتل ڏاڍو سولو ۽ ڏانوَ وٽان آهي.“

        ” جي ٻانهن زنده سلامت وري ته به ڇا. سندس هر عضوو جلايووڃي.“

        ” ٻانهن – پيار -  جيئرو ساهه.“

        ” نوري -  مان – ٻانهن – جهنگ –گوليون!“

        ” هئي، عذاب، زندگي جو زندگي سان عجيب مذاق آهي.“

        ” انسان وحشي آهي. مان وحشي آهيان. پر مان انسان به ته ناهيان“

        مون گهوڙي کي اڙي هنئين   ۽ عجيب  جنوني ڪيفيت ۾ رڙ ڪئي:

”علي خان-  اڙي علي خان، اهڙو ظالم نه ٿي، علي خان!“

        جواب آيو: ”ڪهڙو؟ اتي بيهه!،

        ” مون ٽارچ ٻاري، منهنجي سامهون علي خان ڪنڌ جهڪايو بيٺو هو. هو سڄو پگهر ۾ وهتل هو.  سندس وڏيون مڇون هيٺ لڙڪيل هيون. سندس چار ساٿي بندوقون اڀيون ڪيو بيٺا هيا.

         ” عليم خان،  اتي بيهه!  هڪ همراهه ڪجهه سڃاڻي چيو.

        پر مان آهستي آهستي وڌندو رهيس ۽ سندن آڏو وڃي بيٺس. مون ٽارچ جي روشني سامهون اڇلي ، جيڪا وڻن جون چوٽيون روشن ڪندي هيٺ پاڙن ۾ پهتي. سامهون ڪارا ور ڦهليل هئا ۽ گورو گورو روشن  منهن.  ڀرسان ئي ڪجهه جوان اونڌو پيو هو. مون کي ائين لڳو ڄڻ منهجي ٽارچ جي روشني انهن پاڙن  جي پاتار  ۾ پهچي ويئي  آهي. مان گهوڙي تان ٽپ ڏئي لٿس ۽ تکو تکو لاش ڏانهن وڌيس، مون اڃان  چار وکون مس کنيون ته پٺيان سيفٽي  ڪيچ جو آواز ٻڌم، ائين لڳم  ته مان ڪنهن بندوق  جي سڌ ۾ آهيان. قدم ڪجهه ڳرا محسوس ڪيم. باقي چار وکون ميل ٿي لڳم، پر پوءِ من ۾ اڌما، تن ۾ باهه،  نظريا ڦريل، ماحول تکو ۽  ڪڙو، وک  پاڻمرادو تيز ٿي ويم.  مان لاشن جي مٿان پهچي چڪو هوس. مون ٽارچ لاشن جي مٿان هنئي. مان ڪجهه سڃاڻن جي ڪوشش ڪري رهيو هوس ته پٺيان آواز ٻڌم:

        ” سنڀالجانءِ عليم خان، ڪمدار جانڻ هو.“

 نه – جانڻ-  نه – علي خان جو ڳرو ۽ ڳنڀير آواز آيو. اچانڪ مون جسم ۾ چوچڙيون محسوس ڪيون. منهنجي اکين مان گرمائش پوءِ پاڻي نڪرڻ لڳو هٿ ڏڪڻ لڳم،  منهنجي سامهون، روشن جاڙن ڀرن، ٻوانجهڙين وڏين اکين، ڊگهي نڪ ۽ ٿلهڙن چپن وارو منهن هو. مون کان بي اختيار نڪتو:

        ” اڙي هيءُ ته – هيءَ ته -  هيءَ ته ريشان آهي. منهنجي ريشان، منهنجي نوري، منهنجي!“

        هوءَ ريشان هئي، علي خان جي ڌيءَ ۽ منهنجي خيالن جي راڻي نوري، ڄڻ ته هن ۾ سمائجي وئي هئي. منهنجي ذهن کيس ريشان مڃڻ کان انڪار ڪيو.  مون کي لڳو ڄڻ نوري پنهنجا وار کولي، تصور جي رعناين سان پر، هيٺ  زمين تي وڇائجي وئي  آهي.  زمين  سندس جسم ۽ حسن آهي. سندس ٿلهڙن چپن  تي ڦهليل رت جون لارون سندس امنگون ۽ جذبا آهن. ريشان، نوري بڻجي مون ۾ سمائجي وئي.

         ٽارچ ڏڪندڙ هٿن ۾ گهڻو وقت روشن رهي نه سگهي. ڪرندڙ ٽارچ جي جهڪي روشنيءَ  ۾ مون مڙد سڃاتو،  اهو چاچي جو نوڪر جاڙو هو.

        منهنجي چوڌاري اها ازلي اوندهه هئي.  جنهن مان مون جنم ورتو. جنهن ۾ اڄ ريشان دفن هئي.  اوندهه، روشن اوندهه، جنهن  ۾ مان علي خان جو جهڪيل ۽ جهيرون پيل منهن ڏسي رهيو هوس. وڏي ڳالهه ته مان پنهنجي نوري کي ڏسي رهيو هوس ۽ مون محسوس ڪيو ته مان پاڻ کي ڏسي رهيو آهيان. هن روشن تاريڪين جو روشن پر اونداهو پاسو.

 

 

*

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com